جي ليلائي مَ لَهين، تَه پُڻ ليلائيج،
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.
|
ليلائي: |
منٿ ڪري |
|
آسَر: |
آسرو، اُميد |
|
لهين: |
حاصل ڪرين، پائين |
|
سَڄَڻ: |
دوست، خيرخواهه |
|
ليلائيج: |
منٿ ڪج |
|
ٻاجهيندڙ: |
ٻاجهه ڪندڙ، ٻاجهارو، رحم وارو |
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي ”سُر ليلان چنيسر“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائين فرمائي ٿو ته: اي ليلان توکي پنهنجي مڙس جي رضامنديءَ لاءِ عاجزيءَ سان هيٺانئين وٺي ٻاڏائڻ ۽ منٿ ڪرڻ گهرجي ۽ الله مان آسرو نه لاهڻ گهرجي، ڇو ته اهو رحم ڪرڻ وارو آهي. هن ڳالهه مان اسان کي اهو سبق ٿو ملي ته انسان کي پنهنجي رب آڏو هميشه ۽ هر هر ٻاڏائڻ ۽ منٿ ڪرڻ گهرجي. الله تعاليٰ مان ڪڏهن به آسرو لاهڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ ڏاڍو ٻاجهه ڪندڙ ۽ رحم وارو آهي. نيٺ ته بندي جو عرض اگهائيندو.
- ●●