سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-094-4
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     7359   ڀيرا پڙهيو ويو

ثقافت جو ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي


هن سال سنڌ ۾ ايڪتا جا ٻه ڏهاڙا ملهايا پيا وڃن. هونئن زنده قومن پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي کي زنده رکڻ لاءِ ڪيترا به ثقافتي يا ايڪتا جا ڏينهن ملهائين ته ان ۾ ڪا به خرابي نه آهي. پر سڀ کان سٺي ڳالهه آهي ته سڀ سنڌي سال ۾ هڪڙي ڏينهن تي گڏ ٿي اهو ڏينهن ملهائين. گذريل سال اِهو ڏينهن 6 ڊسمبر تي ملهايو ويو. هيل ان جو سڏ 5 ڊسمبر جو آهي، پر سنڌ حڪومت، ۽ پيپلز پارٽي ۽ ڪجهه ٻين ادارن پاران 4 ڊسمبر جو سڏ ڏنو ويو آهي ۽ ائين سنڌ جا سڀ ماڻهو لاڳيتو ٻه ڏينهن اهو ڏينهن ملهائين پيا. ان جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. ننڍا توڙي وڏا، عورتون توڙي مرد، ٻار توڙي ٻڍا سڀ اُن ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هن قسم جا ميلا ۽ محفلون هميشه سمجهدار ۽ خوددار قومون ملهائينديون آهن ۽ سنڌي قوم به انهن مان هڪ آهي.

ان قسم جا ڏڻ اسان جي ننڍي کنڊ جي انهن ملڪن ۾ ملهايا وڃن ٿا، جيڪي تازو آزاد ٿيا آهن. آزادي ءَکان پوءِ انهن ملڪن ۾ شامل اڪاين کي پنهنجا پورا حق نه مليا آهن ۽ جن لاءِ هو جدوجهد به ڪري رهيون آهن. سنڌ پاڪستان جي هڪ زنده جاويد اڪائي (صوبو) يا قوم آهي، جنهن سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ويا آهن. سنڌ اقتصادي، سماجي طور تي هڪ سڌريل ۽ وزندار قوم ۽ تهذيب آهي. خود ”رگ ويد“ جيڪو انتهائي مقدس ۽ پهرين آڳاٽي تاريخ جو لکيل دستاويز آهي، تنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي اقتصادي وسيلن، سڌريل سماج، سندن ٻَڌي، امن ۽ ڀائيچاري واري سوچ، سندن بهادري ۽ سندن شاهوڪاري جو شاندار لفظن ۾ ذڪر ڪيل آهي. ان کان پوءِ جون تاريخون پڻ اهڙن ذڪرن سان ڀريل آهن. ان ۾ سنڌو تهذيب جي خاص طور تي موهن جو دڙو، آمري، ڪوٽڏيجيءَجو ذڪر زور شور سان ڪيل آهي.

صوفي، سنڌ جيڪا همٿ، بهادري ۽ امن جي پيغام سان ڀريل آهي، سا سچ ته سڄي پاڪستان، ننڍي کنڊ ۽ سڄي دنيا لاءِ هڪ روشنيءَ جي لاٽ ٻاري بيٺي آهي. 1947ع کان پوءِ سنڌ جي اقتصادي، سماجي ۽ سياسي طور ڪافي خراب رهي آهي، جنهن جا اثر ان جي ماڻهن تي پئجي رهيا آهن.

تازو (2007،، 2006ع) ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊويلپمينٽ بئنڪ جي سهڪار سان گڏيل رپورٽ سنڌ بابت شايع ٿي آهي، تنهن ۾ 1947ع ۾ سنڌ کي هندستان جي گهڻن صوبن کان خاص طور تي پاڪستان جي چئن صوبن کان وڌيڪ امير ۽ شاهوڪار ڏيکاري وئي آهي. پر ان رپورٽ ۾ اهو افسوس سان ذڪر ڪيو ويو آهي ته جنهن صوبي جو اقتصادي واڌارو (Economic Growth Rate) انهن سڀني صوبن کان 55 سيڪڙو مٿانهون هو، سو هاڻي گهٽجي وڃي 14 کان 15 سيڪڙو تي بيٺو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ت جيڪڏهن ان قسم جي حڪمراني هلندي رهي ته سنڌ تمام پٺيان رهجي ويندي ۽ غربت جي تمام هيٺين ليڪ ڏانهن ڌڪجي ويندي. رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته يورپ، اوڀر ايشيا ۽ ڏور اوڀر ايشيا جي وچ ۾ عربي سمنڊ ۽ هنڌي سمنڊ (Arabic Sea and Indian Ocean) ۾ اها (سنڌ) هڪ انتهائي بهترين ۽ سرسبز علائقو آهي، پر ان جي حڪمراني جو انداز، جاگيراداري نظام، پاڻيءَ جي کوٽ جي سببن ذريعي هن صوبي جي اقتصادي حالت، خراب ٿي رهي آهي ۽ نتيجي ۾ هن صوبي ۾ سماجي اڻ برابري ۽ غربت وڌندڙ آهي، جيڪڏهن ان کي نه سڌاريو ويو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون وينديون.

اهڙي نموني اسان ڏسون ٿا ته اسان جي پياري ٻوليءَ سان به ڪهڙو ورتاءُ ٿي رهيو آهي. سنڌي ٻولي هڪ انتهائي ترقي يافته ۽ سُڌريل ٻولي آهي. اسان جي ماهرن ان تي ڪافي ڪم ڪري ان کي وڌايو ۽ ويجهايو آهي. هڪڙي ڪاٿي مطابق سنڌي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ روزانه هڪ ڪتاب ۽ رسالو ڇپجي شايع ٿئي ٿو ۽ سنڌي ماڻهو ان کي پڙهن ٿا. اهي ئي ڪنهن قوم جي سڄاڻ هجڻ جا قدر يا ماپا ليکيا وڃن ٿا.

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ هتان جي قومي ٻولين سان تمام وڏي ويڌن ٿي. شامل اڪاين جي ٻولين کي پوئتي رکيو ويو ۽ هڪ ٻاهران آيل ٻوليءَ کي ملڪ جي قومي ۽ سرڪاري زبان بنايو ويو. ان جو نتيجو اِهو ٿيو ته بنگالين يعني اوڀر پاڪستان جي ماڻهن پنهنجي ٻوليءَ سان انهيءَ ناانصافيءَ تي تمام زبردست احتجاج ڪيو، جنهن ۾ اُتان جا ڪجهه نوجوان شهيد ٿيا ۽ بعد ۾ هلي بنگاليءَ کي قومي ۽ سرڪاري درجي جي حيثيت ڏني وئي. حقيقت ۾ بنگالي ملڪ ۾ اڪثريت ۾ هئا، پر انهن جي ٻوليءَ کي شروع ۾ ڪابه اهميت نه ملي.

اهڙي نموني سنڌي ٻوليءَ سان به ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو. ايوب خان پنهنجي مارشل لائي دور ۾ هڪ ڊڪٽيٽر جي حيثيت سان هڪ تعليمي ڪميشن ٺاهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي، هيٺانهون رکيو ويو ۽  اردوءَ کي مٿانهون. سنڌي ٻار کي اردو لازمي پڙهڻي پئي ۽ اردو ٻار، جيڪي سنڌي پڙهندا هئا، تن کي سنڌيءَ جي تعليم کان آجو قرار ڏنو ويو. ان زماني جي سيڪريٽري تعليم محمد شريف جي نالي ۾ اِها ڪميشن قائم ٿي، جيڪا پوءِ ”شريف ڪميشن“ جي نالي سان مشهور ٿي. انهيءَ ڪميشن جي سفارش جي سنڌ ۾ سخت مخالفت ڪئي وئي ۽ پوءِ مجبوراً ايوب خان کي ”شريف ڪميشن“ جون سفارشون واپس وٺڻيون پيون. ان کان سواءِ هن سڄي دور ۾ سنڌي زبان جي ڀلائي لاءِ ڪنهن به حڪومت ڪو به قدم نه کنيو. باوجود سنڌي ماڻهن جي دانهن، ڪوڪن ۽ جدوجهد جي 1972ع ۾ ٻوليءَ جو آخري بل پاس ڪري سنڌ کي ٻه زباني (Bi-lingual) صوبو قرار ڏنو ويو، باوجود انهيءَ جي ته اردو اڳ ۾ ئي ملڪ جي قومي زبان قرار ڏنل هئي ۽ انهيءَ ذريعي اها پنهنجو حق اڳ ئي ڄمائي رهي هئي. بلڪ ڄمائي چُڪي هئي. باوجود ان بل جي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪي به ڳالهيون ڪيل آهن، انهن تي ڪنهن به قسم جو عمل ڪونه پيو ٿئي. نه روڊن رستن تي سنڌي ۾ نالا لکجن ٿا، نه ريلوي اسٽيشن تي  ۽ جي ڪٿي لکيل آهن ته اهي به  غلط لکيل آهن، سڀني خانگي وڏن اسڪولن ۾ سنڌي نالي ماتر آهي، انهن ۾ صرف انگريزي ۽ اردو رائج آهي. ظاهر آهي ته انهن وڏن اسڪولن تي ڌارين جو قبضو آهي.

ٿورا ڏينهن اڳ ملڪ جي آئين جي، حوالي سان ترميمون ڪرڻيون هيون، جنهن کي 18هين ترميم جو نالو ڏنو ويو آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت هر اها گهر ڪئي ته ارڙهين آئيني ترميم ۾ سنڌي سميت پنجابي، بلوچي ۽ پشتو کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. تنهن کان سواءِ ڪجهه سُڄاڻ رهبرن ۽ دوستن سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو، محترم سائين محمد ابراهيم جويي جي سربراهي ۾ ڪجهه ماهرن جي هڪ ڪاميٽي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي معرفت جوڙي، جنهن هڪ وزندار ميمورينڊم ٺاهي حڪومت کي ڏنو ويو ۽ سسئي پليجو صاحبه اهو پنهنجي نوٽ سان آئيني ڪميٽيءَ ڏانهن موڪليو، پر اُهو اُن وقت بنا ڪنهن اهميت ڏيڻ جي رد ڪري ڇڏيو ويو ۽ اسان ائين جو ائين هڪ ٻئي جا مُنهن ڏسندا رهياسين.

هتي هڪ ڳالهه ڪري ڇڏجي ته هندستان ۾ سڀني رهندڙ قومن جون ٻوليون، قومي ۽ سرڪاري ٻوليون مڃيل آهن ۽ انهن کي آئيني حيثيت حاصل آهي. اُتي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو ڪو به صوبو ناهي، پر انهيءَ آباديءَ جو خيال رکندي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ڄاڻندي سنڌي کي قومي ۽سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ ان لاءِ ڌار ادارا ۽ اڪيڊميون  پڻ جوڙيون  ويون آهن ۽ اُتي پڻ ڪافي ڪتاب ڇپجي رهيا آهن.

هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي:

پيپلز پارٽي سنڌي ماڻهوءَ جي وڏي مينڊيٽ سان چونڊجي آئي آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ سندس حڪومت آهي ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ پڻ. ٿورو وقت اڳ جڏهن پيپلز پارٽي مخالفت ۾ هئي ته سنڌ جي ٻين اشوز جي حق ۾ سندن بيان ۽ جدوجهد شامل هئي، جنهن ۾ خاص ڪري اين. ايف. سي، جمهوريت جي بحالي، آئين جي ترميم، ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت، سنڌي ٻوليءَ کي اصلي حيثيت ڏيارڻ جا وچن ڪيل هئا. اڄ اها اقتدار ۾ آهي ۽ سنڌي ماڻهن سان گڏ ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان پڻ ڪري چڪا آهن. اسان جي اِها گذارش آهي ته پارٽيءَ جي حڪومت ان ڏينهن تي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو اعلان ڪري ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجو کسيل حق ڏئي. ساڳئي وقت جيڪو 1972ع ۾ ٻولي ايڪٽ يا بل پاس ٿيل آهي، ان تحت سنڌي ٻوليءَ جي قاعدي ۾ سڀني فقرن کي عمل ۾ آڻي، جنهن ۾ وڏن اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ، سڄي سنڌ، خاص طور تي ڪراچي ۽ وڏن شهرن ۾ روڊن، رستن، آفيسن ۽ دڪانن تي سنڌيءَ ۾ نالا لکڻ ۽ ٻيا سڀ عمل، جيڪي ٻوليءَ جي حق ۾ آهن، کي عمل ۾ آڻڻ آهي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌي ماڻهوءَ جو موجوده پ پ حڪومت تي اهو حق آهي ۽ حڪومت جو اِهو فرض آهي ته هو سنڌي ماڻهن جي آواز کي مانُ ڏئي. ايئن ڪرڻ سان سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪندي، سنڌي ٻار پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم پرائيندو، جيڪو هڪ بين الاقوامي اصول آهي ۽ گڏيل قومن جو فيصلو پڻ آهي. پيپلز پارٽيءَ جي هيءَ حڪومت سنڌي ماڻهن کان موٽ ۾ هڪ جس ۽ مبارڪ حاصل ڪندي.

حقيقت ۾ هن ڏينهن جو اِهو هڪ اهم قديم ۽ اهم پيغام هوندو. ڇو ته سنڌي قوم پنهنجي اڳيان وڌڻ ۽ ٻڌي ڪرڻ لاءِ جيڪو ثقافت جو ڏڻ ملهائي رهي آهي، اُن جو هڪ اهم مقصد پورو ٿيندو ۽ سنڌي قوم اڳيان وڌڻ لاءِ ڪي سُٺا دڳ ڳولي لهندي ۽ منجهس ٻين جي ڀيٽ ۾ هڪ ذميداري جو احساس ٿيندو.