سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-094-4
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     6910   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ۽ ترقي


اسين جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي زوال بابت سوچيون ٿا ته نه چاهيندي به اسان جو ڌيان هن ملڪ جي ٺهڻ وقت پيدا ٿيل سياسي حالتن ڏانهن ڇڪجيو وڃي ٿو. مون پنهنجي مضمون ”سنڌي ٻولي: ماضي، حال ۽ مستقبل“ ۾ هيئن لکيو آهي ته: ڪنهن به سماج جو وچيون طبقو ان جي علمي ۽ ادبي زندگيءَ لاءِ ڪرنگهي برابر ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ رڪاوٽ جو مکيه دؤر، ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿيو، ان زماني ۾ بدقسمتيءَ سان سنڌ جي وچئينءَ طبقي جو وڏو حصو هتان لڏي هندستان روانو ٿيو. اهي شهر، جيڪي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي واڌاري جا مرڪز هئا، جتان هزارين ڪتاب مختلف موضوعن تي نڪرندا هئا، اهي اوچتو ئي اوچتو اوپرا ٿي ويا. اسان پنهنجي روايتي مهمان نوازيءَ کان ڪم وٺندي، آيلن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، پر 1948ع ۾ لياقت علي خان جي حڪم تي هڪ ئي ڌڪ ذريعي ڪراچيءَ جي 1300 سنڌي ميڊيم پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي بند ڪرائي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو گناهه ڪيو ويو. ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ سنڌي استادن جو تعداد گهٽايو ويو، انهيءَ تباهه ڪن وقت گذرڻ کان پوءِ ان جا اثر وڌيڪ گهرا ٿيندا پيا وڃن. ڪراچيءَ ۾ هزارين سالن کان رهندڙ سنڌي ماڻهن پنهنجو پاڻ کي ٻين ماڻهن جي گهيري ۾ ڏٺو. صرف هڪ وسيلو هو، جنهن ذريعي هو پاڻ کي سنڌي ثقافت ۽ سماج سان ڳنڍي سگهيا ٿي، اهو هو سنڌي ٻولي، جنهن کي پڻ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نتيجي ۾ ڪراچيءَ جا سنڌي ماڻهو هڪ عجيب ويڳاڻپ (Alienation) جو شڪار ٿي، پنهنجي چؤطرف گهيريل بستين ۾ محدود ٿي ويا ۽ سندن ثقافتي، روحاني ۽ ذهني ترقيءَ تي جمود ڇائنجي ويو.“

ان پسمنظر جي روشنيءَ ۾ آءٌ هن اجلاس کي بيحد اهم سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان جي قومي وحدت جو ٿنڀو هن وقت فقط ئي فقط ٻوليءَ تي بيٺل آهي. جڏهن اسين پنهنجي چؤڦير نظر ڦيرايون ٿا ته اسان کي اهو نظر ايندو ته اسين ثقافتي ۽ اقتصادي طور ڪيترو نه پوئتي رهجي ويا آهيون. هڪ پاسي اهو ڏسي اسين مايوس ۽ ڪجهه اٻاڻڪا ضرور ٿيون ٿا، پر ٻئي پاسي پنهنجي ساهه سيباڻي، پياري، سدا سُهڻي ۽ ٻاٻاڻي ٻوليءَ جي هزار مصيبتن کان پوءِ به پاڙ پختي ڏسيو ٺريو پئون ٿا. اسان جي اها خوشنصيبي آهي جو سنڌي ٻوليءَ کي هڪ لپي آهي. اها اڃا تائين اسڪولن ۾ لکي ۽ پاڙهي وڃي ٿي. ان کانسواءِ سنڌ مان ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا جاري ٿيندا پئي رهيا آهن ۽ ان کان وڌيڪ اسان جي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي خوشنصيبي اها به آهي ته هينئر اها باقاعده سئٽلائيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي اچي وئي آهي.

اسان وٽ ڪجهه ماڻهن اهو تاثر پکيڙڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ته جيستائين سنڌي ٻولي رومن لپيءَ ۾ نٿي لکجي، تيستائين اسان ترقي نه ڪري سگهنداسين. پر آءٌ سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اسين سنڌي ٻوليءَ جي موجوده لپيءَ کي مٽائي رومن لپي اختيار ڪريون ٿا ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه ڪم عقلي نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اسين هڪ اهڙي دور مان گذري رهيا آهيون جنهن ۾ انيڪ ٻيا به مسئلا آهن، جن سان سنڌي قوم مهاڏو اٽڪائي رهي آهي. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن اسين سنڌي ٻوليءَ سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند ڪنداسين ته اها هڪ وڏي تاريخي غلطي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته جيئن اسين مٿي چئي آيا آهيون ته سنڌ جي قومي وحدت جي عمارت فقط سنڌي ٻوليءَ جي بنياد تي بيٺل آهي. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن اسين ٻوليءَ سان هٿ چراند ڪري ان کي بگاڙڻ يا هيٺ مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي سزا هوندي، جيڪا پنهنجي قوم جي لاءِ تجويز ڪجي.

جيستائين سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جو سوال آهي ته ان کي فقط لپيءَ جي تبديليءَ سان نه ڳنڍجي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، منهنجي نظر ۾، اها ئي آهي ته اها سنڌ ۾ رهڻ وارو هر هڪ فرد پنهنجي گهر ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي ۽ لکي پڙهي ۽ محفوظ ڪري ۽ پنهنجي ٻارن کي پڙهائي، ان کانسواءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، ان ڪري اهو ضروري آهي ته ان جي لپي تبديل ڪئي وڃي ته جيئن سنڌي ٻولي هڪ ئي وقت سڄي دنيا ۾ ڦهلجي وڃي. اُن لاءِ آءٌ عرض ڪريان ٿو ته توهين ڀلي پنهنجي ٻولي رومن لپيءَ ۾ لکو، پر ان کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ وارا وري به سنڌي ئي هوندا، ان ڪري اهو سمجهڻ ته رومن لپيءَ ۾ ٻولي کي لکڻ سان اسين سڄي دنيا سان ڳنڍجي وينداسون، هڪ خوش فهميءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

ان کانسواءِ هن وقت سنڌ هڪ ڇڪتاڻ واري دؤر مان گذري رهي آهي، سنڌي ماڻهو بيروزگار آهن، مهانگائي وڌي وئي آهي، غربت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو آهي. زراعت تباهه ٿي رهي آهي، پاڻي گهٽ هجڻ جي ڪري اسان جي ڳوٺن جي سونهن ختم ٿي رهي آهي. تعليم بلڪل تباهه ٿي رهي آهي، ان کانسواءِ ڪارو ڪاري، خودڪشِ ۽ انهن جهڙا ڪيترائي ٻيا به مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. اڳ ۾ ته اسان سڀني سوچيندڙ جي مٿان اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اسين پنهجيءَ قوم جون ترجيحون ڪيئن ترتيب ڏيون ۽ ان نقطي تي به بلڪل چٽا ٿي بيهون ته اسان کي سڀ کان اول ڪهڙي شئي هٿ ۾ کڻڻ گهرجي. ان جي لاءِ آءٌ سمجهان ٿو ته سنڌي ٻولي جيتوڻيڪ ترقيءَ ڏانهن نه به وڃي رهي آهي ته ايترو پوئتي به نه آهي، اهو ته فقط اسان جي ذهن جو اختراج آهي ۽ اسان جي هڪ اجائي خواهش آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ کي تبديل ڪري،  ان کي سڄي دنيا سان هم آهنگ ڪيو وڃي. اهڙي خواهش ڪرڻ وقت اسين پنهنجو پاڻ کي جاچڻ جي ڪوشش نٿا ڪريون، ته ڇا اسين اهڙو ڪم پوري ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيون به يا نه؟ ڇا سنڌ پئسي، وسيلن ۽ سهوليتن جي حساب سان ايترو پاڻ ڀري آهي، جو اها ايتري وسيع پئماني، تي اهڙو ڪم پنهنجن هٿن ۾ کڻي سگهي. ان ڪري آءٌ سمجهان ٿو ته موجوده لپي اُن ڪري تبديل نه ڪئي وڃي، جو ان ۾ اسان جو ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي سرمايو محفوظ آهي. جنهن کي رومن لپيءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا ادارا انتهائي فاضل ۽ عالم ماڻهو، بي انداز پئسو ۽ اڻ ڳڻيون سهوليتون گهرجن ٿيون. تڏهن به آءٌ سمجهان ٿو ته اسين سؤ سيڪڙو گهربل نتيجا نه وٺي سگهنداسون. اڄ جنهن ٻاراڻي ۽ انتهائي خسيس انداز سان سنڌي ٻوليءَ تي ڳالهايو وڃي ٿو، سچ پچ ته اهڙو رويو سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڏسي اسان جو هانءُ هڄيو وڃي ۽ دڄيو پوي ۽ اهو سوچڻ تي مجبور ٿيون ٿا ته ڪٿي اسين ڪا اهڙي غلطي نه ڪري وجهون، جيڪا اسان لاءِ صدين جو ناسور بنجي وڃي.

هونئن به اسين جڏهن دنيا تي نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته قومن جي ترقيءَ ۽ تبديلي جو سوال هروڀرو به ٻوليءَ جي لپيءَ سان لاڳاپيل ناهي. اڄ به دنيا ۾ ڪيترائي ترقي يافته ملڪ آهن، جن جي ٻولي رومن لپيءَ ۾ ناهي. پر اهي دنيا ۾ سوڀارا ۽ ترقي ڪيل آهن. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اسان کي جيڪڏهن حقيقي طور سوچڻو آهي ته ان لاءِ اسان کي سنڌي ماڻهوءَ جي ترقيءَ لاءِ سوچڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ئي اهو لاڪر آهي، جتي سنڌي ٻوليءَ جو ڳهه محفوظ رهي سگهي ٿو. ان ڪري جيستائين سنڌي ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار کي مٿي نٿو ڪجي، جيستائين انهن کي پنهنجن پيرن تي نٿو بيهارجي، جيستائين سنڌ ۾ غربت جو خاتمو نٿو ٿئي، تيستائين ٻوليءَ جي ترقي به هڪ خواب رهندي. ڇاڪاڻ ته اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته سنڌي ماڻهو هوندو ته سنڌي ٻولي به هوندي ۽ ٻوليءَ ترقي وٺرائڻ وارا ادارا، شعبا، اسڪول ۽ يونيورسٽيون به هوندا. ان ڪري اچو ته سڀ گڏجي پهريان سنڌي ماڻهوءَ جي ترقيءَ لاءِ سوچيون ۽ اهو ئي طريقو آهي، جنهن سان اسين سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي ايندڙ نسلن ڏانهن صحيح سلامت موڪلي سگهون ٿا. پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن اسين سنڌي ٻوليءَ سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته سنڌ اڳ ئي هزار مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. اها هڪ وڌيڪ مرڻ ۽ جيئڻ واري مسئلي ۾ مبتلا ٿي ويندي. مختصر طور تي ته اڄوڪي دنيا جي ترقيءَ جو ماپو اقتصادي ترقي آهي، جن به قومن وٽ مارڪيٽ آهي، اهي ٻين قومن تي فوقيت رکن ٿيون. اسان کي جيڪڏهن سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ جو  مان مٿانهون ڪرڻو آهي ته سڀ کان پهريان سنڌي ماڻهوءَ کي پاڻ ڀرو ڪرڻو پوندو. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ٻوليءَ جي ترقي ڪا مادي شئي نه آهي. پر ان جو اظهار ڪنهن سماج ۽ قوم جي گڏيل ڪم ۽ عمل مان ٿيندو آهي. اُن ڪري اسين اهو چئي سگهون ٿا ته ٻولي جي ترقي ڪنهن به سماج جي اقتصادي ترقيءَ سان لاڳاپيل آهي ۽ اسين ڏسون ٿا ته اڄ اهي ئي ٻوليون شاهوڪار آهن، جن جا ڳالهائيندڙ شاهوڪار آهن ۽ اهي ئي ٻوليون غريب آهن، جن جا ڳالهائيندڙ غريب آهن.