سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-094-4
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     6915   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻولي: ماضي، حال ۽ مستقبل


تاريخ جي هر مخصوص ڏاڪي تي موجوده نسل جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجي سماج جي ترقي، جيڪا هزار سالن تي ڦهليل سوَن نسلن جي پورهييءَ جي پيداوار آهي، ان کي اڃا به وڌيڪ سگهارو، وڌيڪ بهتر، وڌيڪ انصاف ڀريو بنائڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ زندگيءَ جون بهتر حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ۽ انهن مڙني ڳالهين لاءِ ٻين سڀن کان سواءِ ٻوليءَ جي بچاءَ، واڌاري، ٻين تبديلين ۽ ترقيءَ جي پاڻ ۾ سمجهڻ جي سگهه پيدا ڪري.

اڄ جي سڄي انسان ذات جي ترقي، انساني سماج جي جڙڻ جي پيداوار آهي، سماج جي ترقي ٻوليءَ کي به وڌيڪ ترقي يافته بنائي ٿي ۽ موٽَ ۾ ٻوليءَ جي ترقي به سماج جي ترقيءَ تي گهرو اثر ڇڏي ٿي. خاص ڪري قومي ثقافتي شعور جي واڌاري تي.

ٻولي قوم جو مڪمل روان دوان ثقافتي، نفسياتي نظام آهي، جيڪو اُن جي حاصلاتن، ڏاهپ، جذبن، خوابن، خواهشن ۽ اُمنگن سان ڀرپور رهي ٿو، تنهن ڪري جيڪڏهن تاريخ جي ڪنهن به مخصوص ڏاڪي تي ڪو به موجود نسل پنهنجيءَ زبان جو بچاءُ ۽ واڌاري ۾ ناڪام وڃي ٿو ته هو پاڻ کان اڳ جي ۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ نسلن جو جوابدار ۽ ڏوهي بنجي ٿو. انهيءَ ڳالهه کي ٻوليءَ جي ماهرن (Linguistics) لاءِ ڇڏيندي ته هو ٻوليءَ جو بڻ بنياد ڳولي لهن، جيڪو ڪم تاريخي مواد جي کوٽ سببان اڃا انوماني (Hypothetical) ڏاڪي تي آهي، سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڪي ڳالهيون يقين سان چئي سگهجن ٿيون.

ظاهر آهي ته دنيا جو هيءُ حصو پنهنجي قدرتي وسيلن سان مالا مال هئڻ ڪري، انساني وسندين سان ڀرپور رهيو آهي. انهيءَ جا مثال دنيا جي وڏي ۾ وڏي (Stone Age Site) روهڙي، موهن جو دڙو ۽ ٻين انيڪ Archeological Sites آهن ۽ انهيءَ ۾ ان وقت به ماڻهو ڪانه ڪاٻولي ڳالهائيندا هئا.

اها ٻولي اڄ جي ٻوليءَ کان لازمي طور تي مختلف هوندي، پر جيئن ته ٻوليءَ جي ترقي هڪ لڳاتار ۽ بنا وقفي عمل آهي، تنهن ڪري اهو سمجهڻ ته سنڌ جي ماڻهن اوچتو ئي اوچتو ڪا ٻي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪئي هوندي، يا ڪنهن وقت سنڌ ۾ رهندڙ ڪو هڪ نسل مڪمل طور فنا ٿي ويو هجي ۽ ڪنهن ٻئي نسل اچي ڪا بلڪل ئي ٻي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪئي هجي، سو ممڪن نه ٿو لڳي، تنهن ڪري اسان اها ڳالهه سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اڄ جي سنڌي ٻولي لازمي طرح ان ٻوليءَ جي ترقي يافته شڪل آهي، جا اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ (7000) ست هزار سال اڳ ڌرتيءَ جي  هن خطي تي ڳالهائي ويندي هئي. مثال طور، موهن جي دڙي مان ڏاند گاڏي ملي آهي، ان جو مطلب ته لفظ ”ڏاند“، ”گاڏي“، ”ڦيٿو“ ۽ ڏاند گاڏيءَ سان لاڳاپيل ٻين اوزارن جا نالا ضرور هوندا. ڀلي اِهي اُهي نه هجن، جيڪي اڄوڪي دور ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. ان کانسواءِ موهن جي دڙي جي ڀرپاسي درياهه جي پاڻيءَ تي مڪمل زراعت ٿيندي هئي، لازمي طور ان وقت زراعت جي پوري مقامي ٽرمنالاجي موجود هئڻ کپي. ظاهر ڳالهه آهي ته ماڻهو گونگا ته نه هئا. ان سلسلي ۾ اهو به چئجي ته موهن جي دڙي مان ناچڻيءَ جو مجسمو مليو آهي، جنهن مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته موهن جي دڙي جي ديس ۾ ٻولي ايتري ته ترقي يافته ٿي چڪي هئي، جو ان ۾ راڳ ۽ رقص ٿي سگهندو هو. سوچڻ اهو گهرجي ته ناچڻي ائين پنهنجو پاڻ ته نه نچندي هوندي ۽ ان جهڙا ٻيا ڪيترائي گمان اهو ٻُڌائين ٿا ته سنڌي ٻولي صدين کان هلندي پئي اچي. جيئن ڪاڪي ڀيرومل اُن کي پراڪرت جي ڌيءَ ڄاڻايو آهي ۽ ياد رهي ته پراڪرت وري سنسڪرت ٻوليءَ جي لاءِ ٻوليدانن جو اهو چوڻ اهي ته اها ٻاهران ايندڙ آرين جي ٻولي هئي. اتان ئي اندازو لڳائجي ته آرين جي آمد کان اڳ موهن جو دڙو آباد هو، جتي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. هڪ اعليٰ تهذيب پنهنجي پوري روح سان روان دوان هئي، گهر هئا، گهرن ۾ روشنيون هيون، گهٽيون هيون ۽ انهن ۾ هلندڙ ڦرندڙ ماڻهو هئا. ميڙو ڪرڻ جي لاءِ هنڌ ۽ ٿاڪ هئا. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ٻوليءَ جي موجودگيءَ کانسواءِ ڪيئن ٿي سگهي ٿو، ان ڪري آءٌ پنهنجي ان راءِ تي واپس ٿو اچان ته سنڌي ٻولي آرين جي اڳ واري زماني جي آهي ۽ اها ڪنهن ٻي زبان مان ڦٽي نه نڪتي آهي. پر ائين ضرور ٿي سگهي ٿو ته وقت گذرڻ سان گڏ ٻين ٻولين جو اُن جي مٿان اثر ٿيو هجي ۽ لازمي طور ٻولين جو ٻولين مٿان اثر ٿيندو آهي. اسان جي ڪجهه ٻوليدانن کي تاريخي شعور نه هئڻ ڪري ڪجهه غلط فهميون آهن. جيڪڏهن هو حقيقي بنيادن تي سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪن ته اها آرسي ته اڳيان ئي پئي آهي، جنهن ۾ چٽا پٽا عڪس ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.

ٻولي هڪ تمام وسيع، ڀرپور ۽ هر ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ سائنسي واڌاري کي اظهار جو روپ ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي. منهنجو بنيادي مقصد صرف هيءُ آهي ته آءٌ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۾ ٿيندڙ رڪاوٽن، پابندين ۽ سڀاڻي جي سنڌ ۾  سنڌي ٻوليءَ کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ان جي لاءِ تياريءَ لاءِ ڪي امڪاني ڳالهيون لکان.

دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا مثال تمام ٿورا ملندا، جن ۾ سنڌيءَ جهڙي ڪنهن ترقي يافته ٻوليءَ سان ڪي اهڙا ڪلور ٿيا هجن، جن جي ٻُڌڻ سان لڱ ڪانڊارجيو وڃن. آءٌ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي مختلف دؤرن ۾ ورهائيندس ۽ گڏوگڏ انهيءَ جي سنڌي سماج تي ٿيل اثرن ۽ سنڌي سماج جي موٽَ ۾ ڪيل جدوجهد (Resistance Offered) جو ذڪر ڪندس.

عربن کان پوءِ سنڌ ۾ هتي جي اصلي/مقامي ماڻهن، سومرن ۽ سمن جون حڪومتون قائم ٿيون، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي سماج جي پنهنجين حالتن پٽاندر واڌاري ۾ مددگار ثابت ٿيون، پر اُن کان پوءِ ايندڙ حاڪمن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ سنڌ ۾ درٻاري زبان جو اختيار فارسيءَ کي حاصل ٿيو ۽ پوءِ جي ايندڙ حڪمرانن به پاڻ ۽ عوام ۾ ويڇي کي قائم رکڻ لاءِ فارسي زبان کي فضيلت بخشي ۽ ائين فارسي ڳالهائڻ ڄڻ ڏاهپ ۽ دانشمنديءَ جي نشاني بڻجي ويئي، نه صرف ايترو،  پر سماجي مرتبي ۽ عهدي لاءِ به فارسيءَ کي ذريعو بنايو ويو، تنهن ڪري اهو پهاڪو جُڙيو: ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“.

پر سنڌ جي مُحب وطن ماڻهن پنهنجن شعرن ۽ پهاڪن ذريعي انهيءَ بالادستيءَ خلاف نفرت جو اظهار ڪيو، جيئن لطيف سائينءَ جا هي بيت:

جي تون فارسي پڙهيو، تان گولو تون غلام

اُڃيو تان آب گهري، بُکيو تان طعام

ايءُ عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.

پَيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻُجهن

آءٌ سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسيون پُڇن

مون پڻ ملا تن، سرتيون سور پرايو

گڏوگڏ سنڌ جي ڏاهن هڪ لمحي لاءِ به سنڌي زبان جي زندگيءَ سان ڀرپور درياهه کي سُڪڻ نه ڏنو. اڄ اسان وٽ اسان جو جيڪو قديم (اڄ به ترقي پسند ۽ جديد) ادب موجود آهي. سو ان دور جي پيداوار آهي، جو اڄ به اسان جي روح کي گرمائي ٿو، اڄ به اسان کي پنهنجن مارن، ماڻهن، پنهنجي وطن پنهنجن اباڻن پٽن سان محبت جو پيغام ڏئي ٿو.

اڄ اسان ۾ هڪ قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي قومي ورثي ۽ ثقافت تي فخر ڪرڻ جو تمام ڀرپور جذبو موجود آهي، سو اُن ادبي ورثي جي پيداوار آهي ۽ اهو ورثو واين، ڪافين، بيتن، پهاڪن، چوڻين، ڏندڪٿائن، دوهن، قصن، نثري ۽ نصابي، تاريخي ۽ مذهبي ادب جي سوَن جلدن تي مشتمل آهي. انهيءَ دور ۾ جن ماڻهن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ثقافت جي واڌاري لاءِ اچرج ۾ وجهڻ جهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا، تن ۾ شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ وارو، لطيف سائين، ميون شاهه عنات، سچل، سامي، بيدل، بيڪس ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا، ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا.

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ٻيو دؤر انگريزن جو هتي اچڻ وارو آهي. انگريزن هتي اچڻ سان پنهنجين اقتصادي ضرورتن جي تحت سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو ڪيو ۽ انهيءَ مڙني انگريز عالمن جن سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو ڪيو، تن کي سنڌي ٻوليءَ جي گهرائي، پختگيءَ ۽ وسعت اچرج ۾ وجهي ڇڏيو.

ڊاڪٽر سورلي چوي ٿو ته: ”عام طور هر ٻولي اُن جي ڳالهائڻ وارن کي سمجهڻ جو هڪ وسيلو هوندي آهي. سنڌي ٻولي به موزون اظهار جو هڪ اهڙو ئي سهڻو ۽ سوَلو وسيلو آهي، جنهن کي انهن تهذيب لاءِ ڪم آندو ٿو وڃي، جن لاءِ اها ٺهي راس ٿي آهي، اها تهذيب، زرعي، امن پسند ۽ ڳوٺاڻي ڪلچر تي ٻڌل تهذيب آهي، جنهن کي اُتان جي محنتي ۽ سانتيڪن ماڻهن وڌيڪ ترقي ڏني آهي.“

اهڙي طرح انگري دور جو مشهور عالم ڪيپٽن جارج اسٽئڪ جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر تي اهم ڪم ڪيو آهي، جي ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڀرپور عظمت جو اظهار ٿئي ٿو.

ساڳيءَ طرح جڳ مشهور جرمن عالم ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، جنهن سڀ کان اول ”شاهه جو رسالو“ جرمنيءَ ۾ ڇپرايو، پنهنجي هڪ املهه ڪتاب ”سنڌي گرامر“ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

سنڌي زبان جي دنيا جي قديم ترين ۽ سڀني کان شاهوڪار زبان هئڻ جو فيصلو دنيا جون تاريخون ڏيئي چڪيون آهن.

اهو فيصلو ڪنهن ٻئي جو نه، پر دنيا جي مڃيل ۽ تسليم شده تاريخ دانن پروفيسر ٽوئن بي ۽ ڊاڪٽر ول ڊيورانٽ جو آهي. سنڌ کي انگريزن جي دور ۾ سياسي طور ممبئي سان ملايو ويو. ٻين لفظن ۾ ممبئي يونيورسٽي تنهن زماني ۾ سنڌ جي واحد يونيورسٽي هئي. پر اها سنڌي ٻوليءَ کي نصابي ڪم (سبجيڪٽ) طور مڃڻ لاءِ تيار نه هئي.

1921ع ۾ انهيءَ دور جي ڊي. جي ڪاليج جي پروفيسر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هڪ رپورٽ ممبئي يونيورسٽيءَ کي پيش ڪئي، جنهن جو عنوان هو “A brief survey of Sindhi Literature” جيڪا ايڏي ته وزندار ۽ زبردست هئي، جو ممبئي يونيورسٽيءَ جون اختياريون ان کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيون ۽ 1940ع ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ B.A. تائين آرٽس جي امتحانن لاءِ سنڌيءَ کي جواب ڏيڻ جي وسيلي طور قبول ڪيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي اها وڏي خدمت هئي جا هميشه ياد رکي ويندي.

انهيءَ پوءِ بامبي (ممبئي) يونيورسٽيءَجي ذريعي سنڌي ماڻهن پنهنجي تعليم پرائي ۽ ڊگريون حاصل ڪيون. ڪيترن ماڻهن اڳيان هلي ايم. اي ۽ پي. ايڇ. ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون. برطانوي دور جي سڄي راڄ دوران سنڌي ٻولي ترقي ڪندي ۽ وڌندي رهي. هتي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر طرفان سنڌيءَ کي سرڪاري ٻولي بنائڻ وارو حڪم نامو پيش ڪجي ٿو. برطانوي دور کان پوءِ پاڪستان ٺهيو ۽ پوءِ ٻوليءَ سان جيڪو حال ڪيو ويو، تنهن جو سربستو احوال ٻين مضمونن ۾ ڏنو ويو آهي. موجوده وقت ۾ سنڌ جا اديب ۽ دانشور ۽ سڀ تنظيمون سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر حڪومتن، مرڪزي توڙي صوبائيءَ طرفان باوجود تفصيلي ڪيس پيش ڪرڻ جي ڪو به خاطرخواه رويو نظر نه پيو اچي. سنڌي ٻولي موجوده وقت ۾ ته ڪمپيوٽر جي ٻولي ٿي چُڪي آهي. سنڌي ماڻهن کي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻي آهي. هتي آءٌ 1972ع وارو سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ٿيل ٻولي ائڪٽ جو تفصيل ۽ اُن کان اڳ ۾ گورنر سنڌ طرفان جاري ڪيل آرڊيننس پڙهندڙن لاءِ ڏيان ٿو:

 

قانون کاتو حڪومتِ سنڌ.

نوٽيفڪيشن

ڪراچي، 22 جولاءِ 1972ع

نمبر ايس (ليجس) 1 (11) 72،، سنڌ جي گورنر جو جاري ڪيل هيٺ ڏنل آرڊيننس، عام پڌرائي لاءِ شايع ڪجي ٿو:-

سنڌ (سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ايڪٽ (اطلاق) آرڊيننس 1972.

مهاڳ: جيئن ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي عبوري دستور جي آرٽيڪل 267 جي فقره (2) ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ صوبائي، مقننه، قانون جي ذريعي قومي ٻوليءَ سان گڏ، هڪ صوبائي ٻولي جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال لاءِ اُپاءَ تجويز ڪري سگهي ٿي.

۽ جيئن ته اردو هڪ قومي ٻولي آهي ۽ ان کي ڳالهائڻ وارا ڪافي ماڻهو موجود آهن.

۽ جيئن ته بغرض وضاحت ۽ گمانن کي دور ڪرڻ لاءِ اهو  ضروري تصور پي ڪيو وڃي ته سنڌ (سنڌي ٻولي جي سکيا ۽ واڌارو ۽ استعمال) ايڪٽ 1972 (ايڪٽ ٻيو بابت سال 1972ع)، جنهن جو حوالو هن بعد مذڪوره ايڪٽ جي طور تي ڏنو ويندو، تنهن جي اطلاق جي سلسلي ۾ ڪجهه فقره واضح ڪيا وڃن؛

۽ جيئن ته هن وقت صوبائي اسيمبلي سنڌ جو اجلاس ڪون ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ جي گورنر کي انهيءَ ڳالهه جو اطمينان آهي ته اهڙيون حالتون موجود آهن، جن سببان تُرت قدم کڻڻ ضروري آهي؛

هاڻي، تنهن ڪري، انهن اختيارن کي، جيڪي کيس اسلامي جمهوريه پاڪستان جي عبوري دستور جي آرٽيڪل 135 جي فقره (1) هيٺ حاصل آهن، استعمال ڪندي سنڌ جو گورنر هيٺيون آرڊيننس نافذ ڪري رهيو آهي:-

  • (1) مختصر عنوان، شروعات ۽ حد: هن آرڊيننس کي سنڌ (سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ايڪٽ (اطلاق) آرڊيننس، 1972ع چيو ويندو.

(2) هي سنڌ جي سڄي صوبي سان لاڳو ٿيندو.

(3) هي هڪدم عمل ۾ ايندو.

2- زبان جي بنيادن تي ڪنهن فرق جو نه هجڻ: مذڪوره ايڪٽ جي فقرن جي باوجود هن آرڊيننس جي شروعات کان ٻارهن سالن جي عرصي تائين:/

(الف) ڪنهن به شخص سان، جيڪو ٻي صورت ۾ سول ۾ نوڪري، يا سنڌ صوبي جي معاملن جي بجاآوري سان متعلق ڪنهن سول آساميءَ تي تقرر يا ترقي جو اهل هوندو، فقط ان ڪري فرق نه رکيو ويندو، جو هن کي سنڌي يا اردو ٻولي جي ڄاڻ ڪونهي؛

(ب) ڪنهن به شخص کي، جيڪو هن آرڊيننس جي نافذ ٿيڻ کان هڪدم اڳ، سول نوڪري ڪري رهيو هو يا سنڌ صوبي جي معاملن جي بجا آوري سان متعلق ڪنهن سول آساميءَ تي ڪم ڪري رهيو هو، فقط ان ڪري نوڪريءَ مان نه ڪڍيو ويندو جو هن کي سنڌي يا اردو ٻولي جي ڄاڻ ڪونهي.

3- اردو جي خلاف فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ ايڪٽ جو اطلاق: مذڪوره ايڪٽ کي اهڙيءَ ريت عمل ۾ آندو ويندو، جي اردوءَ جيئن استعمال کي ڪوئي نقصان نه پهچي.

مير رسول بخش خان ٽالپر

گونر سنڌ

16 جولاءِ، 1972ع

 

بي- جي- اين- قاضي

سيڪريٽري قانون کاتو،

حڪومتِ سنڌ.

 

’سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972‘

صوبائي اسيمبلي سنڌ

نوٽيفڪيشن

ڪراچي، 17 جولاءِ 1972ع

نمبر 2، الف س/ق-ب- 13/72 سنڌ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال) بل سال 1972ع جيڪو 7 جولاءِ 1972ع تي صوبائي اسيمبلي سنڌ طرفان منظور ڪيو ويو ۽ جنهن جي بحالي سنڌ جي گورنر 16 جولاءِ 1972ع تي ڪئي، تنهن کي سنڌ جي صوبائي قانون ساز مجلس جي ايڪٽ جي طور تي ڇاپيو پيو وڃي:

سنڌ (سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال )ايڪٽ 1972ع.

سنڌ ايڪٽ نمبر 2 بابت سال 1972ع

(سنڌ جي گورنر جي بحاليءَ بعد، پهريائين سنڌ سرڪار جي غير معمولي گزيٽ ۾ تاريخ 17 جولاءِ 1972ع تي ڇپيو).

سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال لاءِ اُپاءُ تجويز ڪرڻ لاءِ هڪ ايڪٽ.

مهاڳ:

جيئن ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي عبوري دستور جي آرٽيڪل 267 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قومي زبان جي حيثيت کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ صوبائي مقننه، قانون جي ذريعي، هڪ قومي ٻولي سان گڏ، هڪ صوبائي ٻولي جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال لاءِ اُپاءُ تجويز ڪري سگهي ٿي.

۽ جيئن ته سنڌي ٻولي سرڪاري کاتن ۽ آفيسن ۾ استعمال ٿي رهي آهي:

۽ جيئن ته سنڌي ٻولي تعليمي ادارن ۾ پڙهائيءَ لاءِ لازمي مضمون هئي، پر اُن کي مارشلا اختياريءَ وارن جي زباني حڪم تي ختم ڪيو ويو هو:

۽ جيئن ته اها سنڌ صوبي جي دفتري آرزو ۽ خواهش آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ۽ استعمال کي ترقي ڏني وڃي، تنهن ڪري هيٺيون قانون ٺاهيو پيو وڃي:

  • مختصر عنوان، شروعات ۽ حد: هن ايڪٽ کي (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال) ايڪٽ 1972ع چيو ويندو.
  • اهو هڪدم عمل ۾ ايندو ۽ پوري سنڌ صوبي سان لاڳو ٿيندو.
  • تشريح: هن ايڪٽ ۾، جيستائين ڪوئي ٻيو مطلب نه نڪرندو هجي، هيٺين لفظن جي اها ئي معنيٰ سمجهي ويندي، جيڪا هر هڪ لاءِ ڄاڻائي وئي آهي:

(الف) ”اسيمبليءَ“ معنيٰ صوبائي اسيمبلي سنڌ.

(ب) ”حڪومت، معنيٰ سنڌ جي حڪومت

(ج) ”حڪومت جو کاتو“ معنيٰ حڪومت جو ڪوئي کاتو ۽ انهيءَ ۾ ڪوئي خود مختيار ادارو، لوڪل ڪائونسل يا لوڪل اٿارٽي به شامل سمجهيا ويندا.

(د) ”ادارو“ معنيٰ اسڪول، ڪاليجي، يونيورسٽي يا ڪوئي ٻيو تعليمي ادارو.

(3) صوبائي ٻولي: سنڌيءَ کي سنڌ صوبي جي صوبائي ٻولي جي طور تي استعمال ڪيو ويندو.

  1. (1) سنڌي جي سکيا: اهڙن سڀني ادارن ۾ جن ۾ چوٿين کان ٻارهين ڪلاس تائين تعليم ڏني پيئي وڃي، سنڌي ۽ اردوءَ کي لازمي مضمونن جي حيثيت هوندي.

(2) لازمي مضمون جي حيثيت ۾ سنڌيءَ جي شروعات هيٺين سطح يعني چوٿين ڪلاس کان عمل ۾ آندي ويندي ۽ درجه بدرجه جيئن مقرر ڪيو وڃي، مٿين درجن ۽ ٻارهين ڪلاس تائين رائج ڪئي ويندي.

(5) سنڌي ءَجواواڌارو: سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ثقافتي ترقيءَ لاءِ حڪومت اڪيڊميون ۽ بورڊ ٺاهي سگهي ٿي.

(6) سنڌي جو استعمال: حڪومت آئين جي فقرن جي دائري اندر رهندي آفيسن ۽ سرڪاري کاتن ۾، جن ۾ عدالتون ۽ اسيمبلي شامل آهن، سنڌي ٻوليءَ جي درجه بدرجه استعمال لاءِ انتظام ڪري سگهي ٿي.

7- (1) قاعدن ٺاهڻ جو اختيار: هن ايڪٽ جي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت قاعدا ٺاهي سگهي ٿي.

(2) مٿين عام اختيارن کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ اهڙا قاعدا خاص طرح سان هيٺين مقصدن لاءِ ٺاهي سگهجن ٿا:

(الف) سنڌي ٻوليءَ کي درجه، بدرجه پڙهائيءَ لاءِ لازمي مضمون جي طور تي رائج ڪرڻ.

(ب) اڪيڊمين ۽ بورڊن جو ٺاهڻ ۽ انهن جو عمل ۾ آڻڻ ۽ انهن جي اختيارن ۽ ڪمن جي وضاحت ڪرڻ.

(ج) آفيسن ۽ سرڪاري کاتن، اسيمبلي، عدالتن ۽ ادارن وغيره ۾ سنڌي زبان جو درجه بدرجه استعمال.

 

بحڪم

اسپيڪر

صوبائي اسيمبلي سنڌ

جمال الدين ابڙو،

سيڪريٽري

صوبائي اسيمبلي، سنڌ.

 

[1]  هي مقالو شاهه عبداللطيف ڪلچر سوسائٽي طرفان ڪراچي ۾ منعقد ڪيل سنڌي ٻولي ۽ ادبي ڪانفرنس   1984ع ۾ پڙهيو ويو.