سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-094-4
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     6922   ڀيرا پڙهيو ويو

پيش لفظ


ٻولي رڳو ڳالهه ٻولهه جو ذريعو ئي ناهي پر اهو عمل فردن جي انفرادي ۽ اجتماعي تشخص ، رهڻي ڪهڻي، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي جوڙجڪ، تعمير ۽ ترقي ۾ نهايت اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. اهڙِ ريت انساني سماج ٻين بنيادي جزن وانگر ٻولي پڻ صدين تي ٻڌل ارتقا ۽ اوسر جي فطري مرحلن مان گذرندي ٺهندي آهي ۽ اڳتي وڌندي رهندي آهي. تنهن ڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته ٻولي ۽ سماج جي آزادانه ترقي داخلي توڙي خارجي ميدانن ۾ انساني صلاحيتن جي استعمال، جاکوڙ کوجنا ۽ قربانين جي هڪ تسلسل سان مشروط آهي.

اسان جي سنڌ جي ڌرتي پڻ دنيا جي ٻين خطن وانگر تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ ۽ ان جي اقتصادي ۽ سياسي سالميت سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ بچاءَ واسطي پڻ ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه جي صورتحال سان منهن ڏئي رهي آهي . ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي ٻين شعبن سان گڏ سنڌي ٻولي جي سالميت ۽ بقا کي پڻ خطرا لاڳو ٿيندا رهيا آهن ۽ اهڙي صورتحال ڪنهن حد تائين اڃا به آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي تدريسي انتظامي، دفتري حيثيت ۽ واهپي جي صورتحال اسان سڀني سنڌين لاءِ سوچ ويچار ۽ فڪر جوڳو سوال ڪالهه به هيو ۽ اڄ به آهي ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان سنڌي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي ابتڙ انتظامي ۽ سياسي سطح تي ڌارين جي ناانصافين سان گڏ پنهنجن جون به ڪي نه ڪي ڪوتاهيون ۽ خاميون پڻ مشاهدي ۾ پئي آئيون آهن ، جن جي ازالي لاءِ سنڌ جي گھڻ گھرن، عالمن اديبن، ڏاهن، استادن، شاگردن سميت سموري عوام وقت به وقت پئي آواز اٿاريو آهي. ان لاءِ مختلف وقتن تي تحريڪون هلايون ويون، ون يونٽ دور ۾ اهو مسئلو خاص طور اڀري آيو. ان دور ۾ هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ مون کي پڻ ان تحريڪ ۾ ڪجھه قدر حصو وٺڻ جو موقعو مليو. اهڙي ريت ان بعد مختلف موقعن تي سنڌي ٻوليءَ بابت منعقد ٿيندڙ ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ مقالن پڙهڻ جو موقعو ملندو رهيو اهي سڀ لکڻيون گڏ ٿينديون رهيون، مون کي پنهنجي دوستن ان لاءِ همٿايو ته انهن تحريرن کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آندو وڃي. مون سندن تجويز تي ان ڪتاب جي ترتيب ۽ سهيڙ بعد ڇپائيءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھه ۽ ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ اداري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سان رابطو ڪيو، جن نه رڳو منهنجي گذارش کي مانُ ڏنو پر اهو پڻ چيو ته جيئن ته اهي مقالا ۽ مضمون مختلف وقتن تي لکيل آهن تنهن ڪري انهن کي اپڊيٽ پڻ ڪيو وڃي. مون سندن حڪم تي انهن تي نظر ثاني ڪئي. ان باوجود به مان سمجھان ٿو ته منهنجي ان ڪاوش ۾ ڪي ڪوتاهيون رهجي ويون هونديون جيڪي پڙهندڙن جي صلاح سان ايندڙ ايڊيشن ۾ دور  ڪيون وينديون.

مان پنهنجي دوستن محترم علي آڪاش ۽ محترم ثناءُ الله سومرو جو بيحيد شڪر گذار آهيان، جن هن ڪتاب جي مسودي جي ترتيب ۽ سهيڙ ۾ منهنجي هر وک تي مدد ڪئي ان سان گڏ مان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمين محترم ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ صاحب جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ بيحد دلچسپي ورتي ۽ ان کي اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پروفيسر اعجاز قريشي

ڪراچي سنڌ

1 جون 2017ع