سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-094-4
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     7358   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ


]هي مضمون 1964ع ۾ لکيو ويو، جيڪو انهيءَ سال گورنمينٽ ڪاليج دادو جي مخزن ”منڇر“ ۾ ڇپيو ۽ بعد ۾ 1968ع ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ رسالي ”بادل“ ۾ پڻ ڇپيو. هتي ٿورين درستين ۽ واڌارن سان پيش ڪري رهيو آهيان.[

ٻوليءَ جي سالميت ۽ صحيح استعمال جو مسئلو هر دؤر ۽ هر ٻوليءَ سان درپيش رهيو آهي. پر زندهه، سجاڳ، ترقي ڪندڙ قومون پنهنجين ٻولين کي ڌارين ٻولين جي سياسي ۽ سماجي غلبي سبب ايندڙ  اُٿلن پٿلن ۽ گرمين سردين جي منفي اثرن کي حڪمت ۽ دانائيءَ ۽ سمجهه ۽ سليقي سان حل ڪنديون آهن. ان سلسلي ۾ تعليمي نظام، تدريسي سرشتو ۽ تعليمي ۽ علمي ادبي ادارا سندن ڌيان جو خاص مرڪز بڻبا آهن ۽ اهي ٻوليءَ جي درست استعمال لاءِ پنهنجون ڪاوشون ۽ توانائيون خرچ ڪندا آهن. پر اسان ڌارين ٻولين جي اثر کان بچاءَ ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سڌاري خاطر ڪابه اجتماعي رٿابندي ڪرڻ بدران، مورڳو اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اسان سنڌي خود پنهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تباهيءَ لاءِ هٿ ڌوئي ان جي پٺيان پيا آهيون. تنهنڪري خدشو آهي ته اجها ڪي اجها هي اسان جي ٻولي ۽ ادب وڏي نقصان هيٺ ايندا. سچ پچ اسان سنڌين لاءِ اها ڳالهه افسوس جوڳي آهي. اڄ اسان جي ادب جا عالم ۽ رهنما خود پنهنجي ٻولي ۽ ادب کي غلط استعمال ڪن ٿا. منهنجي نظر ۾ اسان جي ٻولي ايتري ته وسيع آهي، جو ان ۾ هر هڪ شئي ملي سگهي ٿي. ان ۾ هر هڪ ڏکيو يا سولو لفظ ڪم آڻيون ٿا. اهڙي قسم جا مثال اسان جي زندگي ۾ روزمره عام ملندا، البت ايترو آهي ته اسان جي ٻوليءَ ۾ اهي لفظ نٿا ملن ته پوءِ ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان اوڌري طور وٺي ڪتب آڻي سگهجن ٿا. انهيءَ نموني جا ڪي مثال مان توهان صاحبن جي اڳيان پيش ڪريان ٿو:

  1. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي ڪنهن اسڪول جي جلسي ۾ وڃي ويٺس ته هڪ ماستر صاحب ”گونجاري“ لائوڊ اسپيڪر (لفظ لائوڊ اسپيڪر لاءِ محترم علي نواز جتوئي صدر شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي ”گونجاري“ جو فني اصطلاح ايجاد ڪيو هو، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته انهي لفظ کي ڪم آڻي عام ڪيون) تي ڳالهائيندي هيئن چوڻ فرمايو: ”منهنجو هن اسڪول جي old boys کي request آهي ته هو هڪدم stage تي پهچي وڃن“. هن جملي ۾ اهي لفظ جيڪي انگريزي ۾ ڪم آندا ويا آهن، تن جا سنڌي لفظ موجود آهن، البت لفظ stage سنڌيءَ ۾ مروج طور ڪم آندو ويندو آهي.
  2. هڪ دفعي ٻه دوست پاڻ ۾ هن طرح ڪچهري ڪري رهيا هئا:

شجاع: Hello اعجاز، واهه جون تون رات منهنجي dinner تي آئين!

اعجاز: Dear excuse me، رات جو مون سان ڪجهه اهڙا Circumstances ٿيا، جو مان تنهنجي dinner attend نه ڪري سگهيس.

انهيءَ کان سواءِ اڄڪلهه اسان جا ڪجهه معزز استاد صاحب ڪلاس ۾ پڙهائيندي ۽ ڳالهائيندي خود اهي لفظ ڪتب آڻين ٿا. جيئن ته هڪ استاد ڪلاس ۾ پڙهائڻ وقت هيئن چئي رهيو هو:

”الله تعاليٰ جيڪي به توهان کي Facilities عطا ڪيون آهن، تن کي توهان ضرور use ڪندا ڪيو.“ انهيءَ ۾ انگريزيءَ کانسواءِ ڪيترين ٻين ٻولين جا لفظ پڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا. خاص ڪري اسان جا مصنف حضرات، ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ڪن ٿا، تن ۾ گهڻي قدر هندي ٻولي ڪم آندل هوندي آهي. هنديءَ کان سواءِ اردو، عربي، فارسي وغيره به آهن. لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ٻيون استعمال ڪندي هڪ قسم جو فخر محسوس ڪن ٿا. ڪن ٻولين بابت مثال هيٺ ڏجن ٿا. جوش و خروش، آب و هوا، رسم و رواج، انهن سڀني لفظن ۾ ”و“ اچي ٿو ۽ ”و“ لفظ جي معنيٰ آهي ”۽“، ته پوءِ انهن لفظن ۾ ”و“ (واو) ڇو ڪم آندو وڃي ٿو، جڏهن سنڌي حرف جملو موجود آهي. ڪيترن صاحبن اکرن جي جمع ۽ واحدن ۾ اردو جو طريقو اختيار ڪيو آهي.

جيئن حالات، اقوام، الفاظ وغيرهه. هاڻي ڏسبو ته انهن لفظن لاءِ نج سنڌي لفظ موجود آهن. حالتون، قومون، لفظ ته پوءِ ڇو اسان هي لفظ هروڀرو استعمال ڪري سنڌي ٻوليءَ کي بگاڙي ڇڏيون. انهن ڳالهين کان سواءِ اسان جا ڪيترا لکندڙ حضرات مورڳو لفظن جي صورتخطي ئي بدلائي ٻيءَ ٻوليءَ ۾ آڻي ڇڏين ٿا. جهڙوڪ پاڪستان، حڪومت پاڪ شڪل وغيره. حقيقت تي ک ۽ ڪ ۾ اسان جي سنڌي صورتخطيءَ ۾ عام طرح گهڻو فرق آهي. هنن ڳالهين مان اهو ثابت ٿي چڪو ته اسان سنڌي خود پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ جي پٺيان پيا آهيون ته جيئن اها تباهه ٿئي. مان اوهان کي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته جيڪڏهن اسان لاهي پاهي انهيءَ نموني سان  ٻوليءَ کي انهيءَ نموني استعمال ڪيو وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري منهنجو سنڌي ٻولي جي عالمن، اديبن، تعليمي عملدارن، استادن، گهڻگهرن، لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي هي عرض آهي ته عام ڳالهه ٻولهه توڙي تدريسي اُپائن وسيلي پنهنجي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي شڪار ٿيڻ کان بچائين ۽ غلط استعمال نه ڪن. هن کي صحيح استعمال ڪرڻ سان اسان پنهنجي ٻولي، ادب ۽ وڏڙن جي ڏنل ورثي کي بچائي سگهون ٿا ۽ دنيا کي اهو ثابت ڪري ڏيکارينداسون ته ”سنڌي“ اها قوم آهي، جا هن دنيا جي تختي تي پنهنجي هڪ فخر جوڳي ۽ پياري ٻوليءَ سميت موجود آهي. تنهن ڪري آخر ۾ آئون وري اهو عرض ڪندس ته ٻوليءَ کي صحيح استعمال ڪرڻ ڏانهن خاص ڌيان ڏنو وڃي.