سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-094-4
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     7283   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻولي ۽ حيدر بخش جتوئي


انساني تاريخ ۾ جڏهن سماج جڙيو ته اُن کي هڪ ٻئي سماج سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لاءِ يا ساڳئي سماج ۾ ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هڪ وسيلي يا ذريعي جي ضرورت پئي ۽ انهيءَ ذريعي کي ’ٻولي‘ چئجي ٿو. مطلب ته ٻولي انساني تاريخ جي سڀ کان اهم ترين پيداوار آهي. ٻوليءَ ذريعي ئي سماج کي ڏاهپ سان ڀرپور بنائي سگهجي ٿو. انسان پنهنجي انهيءَ ٻوليءَ ذريعي پنهنجن سماجن ۾ تبديلي آندي ۽ انهيءَ وسيلي ئي تعليمي، علمي، ادبي، سماجي، سائنسي ۽ اقتصادي ترقي ڪئي. اڄ به جيئن ٻولي ترقي ڪري ٿي ته سماج ۾ به ترقيءَ جا انيڪ ڏاڪا چڙهي مٿڀرو ٿئي ٿو. اسان جي سماج جي فردن جو اِهو فرض آهي ته اهي پنهنجي ٻوليءَ کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ ۽ پنهنجي معاشري کي هر طرح سان اڳيان وڌائڻ جي ڪوشش ڪن، ڇو ته ٻولي ئي ڪنهن قوم جي مڪمل روان دوان ثقافتي ۽ نفساني نظم جو ذريعو آهي.

اسان جي سنڌي ٻولي به هڪ انتهائي قديم ٻولي آهي، جيڪا آهستي آهستي ڏاڪي به ڏاڪي ترقي ڪندي هيستائين پهتي آهي. پر اسان جي سنڌي ٻوليءَ سان ڪافي ويڌن به ٿيا آهن. سنڌي ٻوليءَ سان مختلف دؤرن ۾ جيڪي ويساهه گهاتيون ٿيون آهن، انهن جون شاهديون موجود آهن، جي اسان کي ٻڌائين ٿيون ته سنڌي ماڻهو پنهنجي محبت سان ٻوليءَ کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهن، پر اُهي ڌاريا، جن سنڌ تي ڪاهون ڪيون، تن اِهو پئي چاهيو ته ڌرتيءَ جي اصل ٻولي ختم ڪري، سندن ڌارين آندل ٻولي رائج ڪجي ته جيئن سندن حڪومتون مضبوط ٿين ۽ کين هر قسم جو فائدو حاصل ٿئي.

عربن جي دؤر ۾ عربيءَ کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌي ماڻهن پنهنجي سنڌي ٻولي هٿ مان نه ڇڏي. عربن کان پوءِ سمن ۽ سومرن جي دؤر ۾ سنڌي زبان وڌيڪ ويجهي ۽ وڌي. ان بعد وري ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ سنڌي زبان کي زوريءَ تڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان جي جاءِ تي فارسي زبان کي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڪنهن حد تائين انهن حڪمرانن کي ڪاميابي به حاصل ٿي، پر سنڌ جي عالمن، شاعرن ۽ عوام انتهائي حوصلي ۽ همت سان پنهنجي ٻوليءَ کي بچايو.

انگريز فاتح وري ٻيو رُخ اختيار ڪيو. هنن سنڌي زبان جي قدامت ۽ اهميت کي محسوس ڪري، ان جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ ان جي الف- ب کي وڌيڪ بهتر بنايو. ان بعد هنن لغتون ۽ گرامر لکايا، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾، سنڌيءَ کي ذريعه تعليم طور لاڳو ڪيو. ايتري قدر جو هنن پنهنجن آفيسرن لاءِ به سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪرڻ لازمي قرار ڏنو. اهڙيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ کي زور وٺرايائون. هتي اِهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته سنڌي الف- ب جي نئين جوڙجڪ ۽ سنڌي ڪتابن جي تصنيف ۾ ساڻن اسان جا ڪيترائي سنڌي عالم گڏ هئا، جيڪي اڳي ئي سنڌي ٻوليءَ جا ڄاڻو ۽ دانشور هئا ۽ هر طرح سان سندن دسترس سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ گرامر تي به هئي.

1947ع ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ نتيجي ۾ هندستان ۽ پاڪستان ٻه جدا جدا ملڪ ڏکڻ ايشيا جي نقشي تي نمودار ٿيا.

سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پاڪستان جو حصو ٿيا، ۽ سنڌ هڪ ”آزاد“ ملڪ جو صوبو بنجي وئي. ابتدا ۾ ئي اِهي واعدا ڪيا ويا هئا ته پاڪستان ۾ شامل ٿيل وحدتون، رياستون هونديون، جيڪي پنهنجي ڪم ڪار جي لحاظ کان آزاد ۽ خودمختيار هونديون ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن به مذهب جي ماڻهن سان ڪابه هٿ چراند نه ڪئي ويندي ۽ هو پنهنجن صوبن ۾ خود اختياريءَ سان ڪم هلائيندا ۽ سندن ٻولين کي تحفظ حاصل هوندو.

ٻوليءَ سان ناانصافي ٿيندي ڏسندي، اسان جي سنڌ جو هڪ بهادر سياستدان، سدور انسان، هاري رهمنا محترم حيدربخش جتوئي سمجهي ويو ۽ هڪ دم سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي تي قدم کنيائين ۽ هڪ مختصر پر اهم پمفليٽ لکي، اي. پي. اي حليم ۽ حڪومت جا وکا پڌرا ڪيائين ۽ انهن جي سازشن کي بي نقاب ڪيائين. جتوئي صاحب اِهو پمفليٽ انگريزيءَ ۾ لکيو، جنهن جو عنوان هو “Shall Sindhi Language Stay in Karachi or not” يعني ”ڇا سنڌي ٻولي ڪراچي ۾ رهندي يا نه؟“ هن پمفليٽ جو مضمون انتهائي ڀرپور ۽ زوردار هو. سندس انهيءَ مضمون ڇپجڻ کان پوءِ سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن تي تمام گهڻو اثر ٿيو ۽ حڪومت جي نمائندن جون ڏندين آڱريون اچي ويون ته جتوئي صاحب هن قسم جي انگريزيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ حڪومت تي وڏو وار ڪيو آهي. حقيقت ته اِها آهي ته ڌرتيءَ جا حلالي پٽ هميشه ائين ئي ويڙهه وڙهندا آهن، جيئن جتوئي صاحب وڙهيو هو.

جتوئي صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکن ٿا:

”ڪراچي هڪ معروضي حقيقت طور، جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جو اٽوٽ حصو رهي آهي. 1948ع تائين اِها سياسي، تعليمي، واپاري ۽ ثقافتي لحاظ کان سنڌ جو حصو هئي، سنڌ يونيورسٽيءَ جا هيڊڪوارٽر ڪراچيءَ ۾ هئا، جنهن ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن جو انتظام پئي هلايو. 1948ع ۾، پاڪستان جو وفاقي حڪومت  اِهو فيصلو ڪيو ته ڪراچي هاڻي کان اڳتي سنڌ جو حصو نه رهڻ گهرجي، 1955ع جي (هڪ ٻئي) سڀاڳي سال ۾ وري اختيارين اِهو فيصلو ڪيو ته سنڌ جو هاڻي کان اڳتي (صوبي طور) وجود نه رکڻ گهرجي. ان (جي وجود) کي ميسارڻ لاءِ ون يونٽ مڙهيو ويو. اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي ڀاڳ جي ڀاڱي ۾ آيو. قديم ۽ فراخدل سنڌ کي پاڪستان جي قيام جا اهڙا ٿورا پلئه پيا.

”جڏهن پاڪستاني نقشي مان ”سنڌ“ جو نالو ڪٽيو وڃي ٿو، ته پوءِ منطقي طرح سنڌي زبان کي پڻ گم ٿي وڃڻ گهرجي. پاڪستان جي اسلامي جمهوريه کي مليل اختيارين جي اها ئي سوچ ۽ خيال هوندو هو. سنڌ ۽ ان جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جي تقدير بحران ۾ آيل آهي.

ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سدائين لاءِ ميسارجي وڃي. اهو به ممڪن آهي ته اهي پاڻ خلاف شروع ٿيل جنگ جو ڌڪ پچائي بچي به وڃن. ٿي سگهي ٿو ته اِهي مٽجي ۽ ميسارجي به وڃن، پر امڪان آهي ته اُهي (سنڌ ۽ سنڌي ٻولي) وڏي ڏکيائيءَ سان ئي مرندا.“

جتوئي صاحب پنهنجي هن تفصيلي ۽ اهم مضمون ۾ مختلف ملڪن ۾ ٻولين جي اهميت ۽ اتان جي ماڻهن جي جدوجهد جا ڪيترائي مثال ڏنا آهن ۽ لکيو ته ”سنڌي ٻوليءَ سان اِهو سلوڪ نه ڌاريو وڃي، جيڪو نه اڳي سامراجين ڪيو ۽ نه هندن ڪيو، پر اسان جي ٻوليءَ جي خلاف اِها ويڙهه اسان جي مسلمان ڀائرن شروع ڪئي آهي، جيڪي ٿورو اڳ يعني ڪالهه ئي اسان جا مهمان ٿي آيا هئا.“

جتوئي صاحب پنهنجي پمفليٽ/مضمون ۾ وڌيڪ هن ريت لکيو آهي:

”ڪراچي يونيورسٽيءَ هاڻي فيصلو ڪيو آهي ته اِها يونيورسٽي جيڪا سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڄائي آهي، هاڻي کان اڳتي يونيورسٽيءَ جي امتحاني پيپرن م سنڌي ٻوليءَ ۾ جواب ڏيڻ وارو ذريعو (medium) ٿي استعمال ۾ نه ايندي. اهڙو اعزاز رڳو انگريزي، اردو ۽ بنگالي ٻولين کي حاصل هوندو. سنڌي ٻولي جنهن کي هيل تائين اهڙو درجو مليل هو. اُهو ختم ڪيو پيو وڃي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اهڙي فيصلي، ڪراچيءَ ۽ ڪراچيءَ کان ٻاهر رهندڙ سنڌي عوام ۾ هڪ سگهاري  مخالفت (۽ احتجاج) کي اُڀاريو ۽ ڀڙڪايو. هي کليو کلايو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف دشمناڻون عمل آهي ۽ انهيءَ جي سڀني ملڪ دوستن کي (گڏيل نموني) مخالفت (پڻ) ڪرڻ گهرجي.“

حيدربخش جتوئي صاحب پنهنجي هن پمفليٽ ۾ پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ جي 22 مئي 1948ع جي اجلاس جي ڪارروائيءَ مان، لياقت علي خان، خواجه شهاب الدين، پروفيسر راج ڪمار چڪرورتي، الحاج محمد هاشم گزدر، ملڪ محمد فيروز خان، نون، محترم محمد ايوب کهڙي، محترم سراج السلام ۽ ٻين ميمبرن جون مختلف زاوين کان تقريرون به ڏنيون آهن. ڪن سنڌ جي خدشن کي دُور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇو ته سنڌ کي جيڪي آسرا ڏنا ويا هئا ۽ وعدا ڪيا ويا هئا، انهن جو پورائو ڪونه پئي ٿيو: ڇو ته پاڪستان ٺهڻ سان ئي سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ جي سازش ڪئي وئي، جيئن کين جتوئي صاحب بيان ڪيو.

انهيءَ اجلاس دوران جناب لياقت عيل خان ۽ خواجه شهاب الدين سنڌ سان ناانصافيون نه ٿيڻ /ڪرڻ جا وعدا ڪيا هئا، پر پوءِ به اهي وفا نه ٿيا.

حيدر بخش جتوئيءَ پنهنجي عقلمندي، همت ۽ بهادريءَ سان انهن سڀني تقريرن جو ڇيد ڪيو آهي ۽ انهن سڀني جي وعدن جي عمل ۾ نه اچڻ تي پنهنجي ڀرپور خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

جتوئي صاحب فرمائي ٿو ته: ”انهيءَ اجلاس کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان چڱا ويل وهايا ويا آهن. هيٺ خواجه شهاب الدين جي تقرير جو هڪ مختصر ٽڪرو ڏجي ٿو.

”سائين! جيستائين انهن ادارن (يونيورسٽي وغيره) جو تعلق آهي ته اسين سنڌ حڪومت جو آڌرڀاءُ ڪنداسين ته اُها انهن جو انتظام هلائي ۽ انهن کي ترقي وٺرائي ۽ جيستائين انهن ادارن جو تعلق آهي ته اسان انهن ۾ ڪابه مداخلت نه ڪنداسين.“

اتي ئي جناب لياقت علي خان صاحب جي تقرير جو هڪ مختصر ٽڪرو پيش آهي:

”پاڪستاني حڪومت جي اِها خواهش ڪڏهن به نه رهي آهي، نه آهي ۽ آءٌ اميد ٿو ڪريان ته ڪڏهن به نه هوندي ته ڪو سنڌي عوام کي نقصان پهچائي يا کين ڪو گهاءُ رسائجي. اسين اِهو خيال رکنداسين ته سندن مفاد تي ڪوبه تعصب رکيو نه وڃي.“

بقول جتوئي صاحب ته انهن وعدن جي باوجود ڇا ٿيو. سنڌي ٻوليءَ سان زيادتيون ٿينديون رهيون ۽ جتوئي صاحب جا سڀ خدشا صحيح ثابت ٿيا.

جتوئي صاحب لکن ٿا ته:

”محترم حليم صاحب پنهنجي سنڌي ٻولي مخالف مهم ۾ ڪامياب ٿيو ۽ اُها مهم هن هلندڙ ڪلچرل (تعليمي سال 58-1957ع) تائين ايندي ايندي يونيورسٽيءَ جي امتحانن لاءِ پيپرن جا جواب سنڌيءَ ۾ ڏيڻ جي ذريعي (medium) واري سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت جي خاتمي جي نتيجي تائين وڃي پهتي آهي.... اها ڳالهه هر ڪنهن تي روشن آهي ته سنڌي ڄاڻندڙ شاگرد، اردوءَ ۾ ائين لياقت ۽ اهليت سان پيپرن جو جواب نٿو ڏئي سگهي، جيئن ڪو اردو ڳالهائيندڙ شاگرد. اردو ڄاڻندڙ شاگرد جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڄاڻندڙ شاگرد لاءِ نقصان گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو مارڪون آهن (يعني اهو فيصلو پڻ ڪيو ويو هو ته اردو ڄاڻندڙ شاگرد تي امتحاني پرچن ۾ پنهنجين کنيل مارڪن سان گڏ 20 سيڪڙو رعايتي مارڪون به ڏنيون وينديون.

”اهڙا مثال ڏٺا/جاچيا ويا آهن ته جتي به مقابلي جي امتحان جي سنڌي اُميدوار مٿي ڄاڻايل نقصان هوندي، غير سنڌي اميدوار کان لکت وارن پرچن ۾ وڌيڪ مارڪون کنيون آهن، اُتي کيس امتحانن ۾ گهٽ مارڪون ڏنيون ويون آهن ۽ سندس (اڳتي وڌڻ جا) امڪان وکيريا/ختم ڪيا ويا آهن.

اهڙيءَ ريت اِهو طريقڪار آهي ڪراچي يونيورسٽيءَ جو. سنڌي ٻوليءَ جي امتحاني پرچن جا جواب ڏيڻ جي ذريعي (medium) واري حيثيت ختم ٿيڻ وارو معاملو، سنڌين تي مقابلي (جي امتحانن) جا در بند ٿيڻ ۽ اردو ڄاڻندڙ شاگردن کي نه رڳو برتري، پر عملي هڪ هٽي بخشڻ تائين وڌي آيو آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جو هي طريقي ڪار سنڌي شاگردن کي ان نياپي ڏيڻ تائين وڌي وڃي ٿو.

”ڪراچي ڇڏي سنڌ وڃو، جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪرڻ گهرو ٿا، ڪراچي اوهان جي ناهي.“

جتوئي صاحب هڪ انتهائي مدلل طريقي سان سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس وڙهيو آهي ۽ آئين جي شقن ذريعي پاڻ حڪومت پاڪستان طرفا ڪيل وعدا ۽ ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ طرفان ڪيل ڪلور واضح طور ظاهر ڪيا آهن.

حقيقت ۾ ان وقت ڪراچي جي آدمشماري 15 لک هئي ۽ انهيءَ آباديءَ مان 5 لک ماڻهو سنڌي مادري  زبان ڳالهائيندڙ هئا، تن کان اِهو حق کسيو ويو. سنڌي ميڊيم ۾ هلندڙ 500 کن اسڪول بند ڪيا ويا. آئين جي فقري 19 تحت ”شهرين جي ڪنهن به گروهه کي، جيڪي الڳ ٻولي، لپي ۽ ثقافت رکن ٿا، انهن شين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.“ (صفحو 25)

حقيقت ۾ مادري زبان کي دنيا جي هر اصول مطابق هر سطح تائين سکڻ ۽ تعليم پرائڻ جو حق آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ جيڪو اسان جو ثقافتي، سماجي ۽ تعليمي شهر آهي، سنڌي زبان سان اِها روش هڪ زيادتي آهي.

ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر صاحب جو چوڻ هو ته سنڌي هاڻي علائقائي ٻولي ٿي رهجي وئي آهي. ۽ سنڌيءَ ۾ امتحان ڏيڻ لاءِ سنڌي شاگردن جو انگ تمام گهٽ آهي ۽ جيڪڏهن جدا امتحان وٺبا ته يونيورسٽيءَ جو تمام گهڻو خرچ ٿيندو.

جتوئي صاحب اُن حوالي سان انهيءَ دور ۾ تحقيق ڪئي ۽ ان نتيجي تي پهتو ته سنڌي شاگردن جو انگ امتحاني مقصدن لاءِ ٻه هزار هو، جيڪو هڪ چڱو خاصو انگ هو، چاهي هونئن 5 لکن جي آباديءَ جي حساب سان کڻي گهٽ هو، پرجيڪي شاگرد سنڌي پڙهيا آهن، ۽ سنڌيءَ ۾ پڙهيا آهن، انهن جي لاءِ سنڌيءَ ۾ امتحان ڏيڻ ضروري هو. حقيقت ۾ انهيءَ کي ٿورو انگ ڄاڻائڻ سنڌي مخالف پاليسين جي هڪ اهم ڪڙي هئي.

حليم صاحب اهو به چيو ته ڇو ته پنجابي ۽ پختون اردو استعمال ڪن ٿا ته پوءِ سنڌيءَ وارا  ڇو ٿا زور ڪن ته سنڌي امتحاني ذريعي جي هڪ ٻولي تسليم ڪئي وڃي، جا اهل ناهي.

جتوئي صاحب وڌيڪ لکن ٿا ته:

”،..... ۽ سنڌيءَ خلاف اهڙو فيصلو رڳو يونيورسٽيءَ جي سينيٽ طرفان نه، پر ان جي انتظاميه سئنڊيڪيٽ جي مُٺ جيترن 9 ماڻهن پاران پڻ ڪيو ويو آهي، جن مان ٽن اُن جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. باقي ڇهن ڄڻن مان ٻه جج عدليه مان به هئا. سئنڊيڪيٽ جو اِهو فرض هو ته اها سينيٽ کان اهڙي فيصلي جي تصديق ڪري ها، جيڪا يونيورسٽيءَ جي سڀ کان وڏي باڊي آهي، پر ان اهو ڪجهه ناهي ڪيو، جيڪڏهن وائيس چانسلر ۽ سينڊيڪٽ مامرن کي انهن جي منطقي نتيجن پٽاندڙ وٺڻ گهرن ٿا. اهو ائين ٿيڻ گهرجي. ساڳئي وقت اسٽيٽس ڪو (Statusquo) ضرور برقرار رکڻ کپي.

اسان جي عدليه سان لاڳاپيل شخصيتن لاءِ سٺو آهي ته اُهي متضاد مسئلن ۾ پوڻ کان پاسو ڪن. سندن عهدا تقاضا ڪن ٿا ته عدالتي هلت چلت کان ٻاهر سندن عمومي رويو مثالي ۽ اُتساهيندڙ هجي. (ص28).

جتوئي صاحب پنهنجي هن مدلل اپيل ذريعي حڪومت، سينيٽ جي ميمبرن، صدر پاڪستان (جيڪو ان وقت اسڪندر مرزا هو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو چانسلر پڻ) کي چيو هو ته هو هن معاملي ۾ مداخلت ڪري سنڌيءَ کي پنهنجو حق ڏئي، ڇو ته سنڌي هڪ ترقي يافته ۽ صديون پراڻي ٻولي آهي ۽ ڪراچي سنڌ جو هڪ اهم حصو آهي ۽ اُتان سنڌي ٻوليءَ جي نيڪالي هڪ حرڪت هوندي ۽ سنڌي ماڻهن جي خلاف سازش. هونئن ته سنڌي ماڻهن هميشه تعليم پنهنجي ٻوليءَ ۾ پرائي آهي. جيڪڏهن ڪا ٻي قوم اردوءَ ۾ تعليم وٺي ٿي ته اُها سندس مرضي آهي، ڇو ته اُهي زبانون اڃا ان ليول تائين ترقي نه ڪري سگهيون آهن.

جتوئي صاحب اڳيان هلي لکن ٿا:

”آءٌ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينٽ جي ميمبرن کي اپيل ٿو ڪريان ته اِهي تُرت ئي معاملا درست نموني رکن. هيءُ هڪ اهڙو مسئلو آهي، جنهن جو فيصلو اڪثريتي ووٽنگ ذريعي نه ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۽ سنڌي اهڙي دعويٰ رکن ٿا، جيڪا دليل بازي ۽ مقدمي بازيءَ کان مٿانهين آهي. سينيٽ کي انهيءَ مقصد لاءِ خاص گڏجاڻي ڪرائڻ گهرجي ۽ سنڌين جي ڪاوڙيل ذهنن کي سانتيڪو ڪرڻ گهرجي. آءٌ سئنڊيڪيٽ جي ميمبرن کي پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪرڻ ۽ هڪ قديم ۽ مهمان نواز قوم لاءِ وڏي حد جي احترام رکڻ لاءِ اپيل ٿو ڪريان. آءٌ ڪراچيءَ جي عوام، اُتان جي وچولي طبقي، ساڃهه وندن ۽ عام ماڻهن کي اپيل ٿو ڪريان ته اُهي پنهنجي ساٿي شهرين جي هن مسئلي بابت پنهنجو پاڻ کي تعلق ۾ آڻين ۽ ان نموني ڪردار ادا ڪن، جو ڪراچي يونيورسٽي حقيقي طرح (سڀن لاءِ) روشني ۽ سکيا جو مرڪز بڻجي پوي، جتي نه رڳو سنڌي، پر پاڪستان جون ٻيون علائقائي ٻوليون پڻ ترقيءَ ۾ وڌڻ ويجهڻ لاءِ موقعا ڳولي سگهن. سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ ضرور رهڻ گهرجي.“ (ص 30-92)

مٿئين مضمون/پمفليٽ مان جتوئي صاحب جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت ۽ لڳاءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هو هڪ بهادر ۽ سچو ماڻهو هو. هن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ سان نا انصافي ڏسندي پنهنجي علم جي آڌار تي قلم کنيو ۽ هڪ انتهائي بهترين، مدلل، وزندار ۽ شاندار مضمون لکي، ٻوليءَ جو ڪيس حڪومت ۽ عوام آڏو رکيو. جتوئي صاحب پنهنجي مارو ماڻهن جي حقن لاءِ هميشه انگن اکرن سان ويڙهه ڪئي ۽ هر شئي ثابت ڪري ڏيکاري. هن مضمون ۾ به ڪيترائي انگ اکر ڏنل آهن ۽ انتهائي سهڻن دليلن سان پنهنجي ٻوليءَ جي حق بابت مضبوط راءِ رکي آهي.

جتوئي صاحب نه صرف سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڙهيو، پر هو ون يونٽ خلاف هو ۽  ان لاءِ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو انتهائي وڏو محاذ ٺاهيائين. سنڌي هارين جي لاءِ هاري ’حقدار اخبار‘ جاري ڪيائين. هارين جي حقن لاءِ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪيائين. جتوئي صاحب سنڌ جي ڪيترن ئي مسئلن تي قلم کنيو ۽ ننڍا ننڍا پمفليٽ لکيائين. هو هڪ بهترين سياستدان هو. ان سان گڏ  هڪ بهترين شاعر پڻ هو.

سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس ڪيل اپيل، هڪ جاندار اپيل هئي. اسان جي حڪمرانن ڪڏهن به اهڙين شين تي ڌيان ڪونه ڏنو ۽ ماڻهن جا مسئلا حل نه ڪيا.

اسان جي نوجوانن کي جتوئي صاحب جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪري سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.