سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-094-4
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     6911   ڀيرا پڙهيو ويو

ون يونٽ دؤر ۾ سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم


علم، سياسيات ۽ سماجيات جي روشني ۾ ٻولي، ادب ۽ تعليم قومن جي وجود جي بقا ۽ سڃاڻپ جو سڀ کان اهم وسيلو هجن ٿا، تنهنڪري ئي سنڌ پنهنجي ٻولي (سنڌي) ۽ علم ادب جي حوالي سان ننڍي کنڊ جي ٻين پرڳڻن کان قديم دؤر کان وٺي منفرد ۽ ممتاز حيثيت جي مالڪ پئي رهي آهي. موهن جي دڙي جهڙي اوائلي تهذيبي مرڪز مان مليل مهرون، قرآن مجيد جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو ٿيڻ، قاضي قادن کان وٺي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تائين  سرجيل شاهڪار شاعري، ٺٽي، نصرپور، روهڙي، شڪارپور ۽ ٻين شهرن جو تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ تعليمي ۽ علمي ادبي مرڪز هجڻ ان ڳالهه جا پڌرا ثبوت آهن. تاريخ جا ورق ان ڳالهه جي شاهدين سان ڀريا پيا آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي ان تاريخي قدامت، علمي، ادبي ۽ تعليمي ۽ تدريسي حيثيت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي انگريزي ان جي لپي (script) کي سهيڙي، سموهي ۽ اپ ڊيٽ ڪري نه رڳو ان جو هڪ مربوط تعليمي ۽ تدريسي سرشتو جوڙيو، پر ان کي دفتري ۽ سرڪاري زبان جو درجو پڻ ڏنو، جيڪا ان جي شايانِ شان مڃتا هئي. پر انگريزن جي وڃڻ ۽ 1947ع جي ورهاڱي بعد ان جي حيثيت کي گهٽائڻ جي سازشن جي شروعات ٿي ۽ اهڙا قدم کنيا ويا، جيڪي سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم لاءِ ڪاپاري ۽ هاڃيڪار هئا. جهڙوڪ:

(1) پاڪستان جي وفاق ۾ شامل قومن جي زبانن کي قومي زبانن جو درجو ڏيڻ بدران 1948ع ۾ اردوءَ کي ئي قومي زبان جو درجو ڏنو ويو.

(2) سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ کي انتظامي طور سنڌ کان ڌار ڪري اُتي قائم ٿيل سوين پرائمري، مڊل، هاير (گرلز ۽ بوائز) اسڪولن ۽ ڪاليجن مان اڪثر کي يا ته بند ڪيو ويو يا انهن کي اردو ميڊيم ۾ بدلايو ويو.

(3) انگريز دؤر ۾ سائين جي. ايم. سيد، ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه دائود پوٽي، پير الاهي بخش ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ ٻين سنڌي اڳواڻن جي ڪوششن سان سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل سنڌ يونيورسٽيءَ تي قبضو ڪري ان کي ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ جو نالو ڏيئي سنڌ يونيورسٽيءَ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

(4) 1955ع ۾ ون يونٽ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان جي آئين يعني 1956ع واري آئين ۾ پاڪستان جي ٻين قومن جي ٻولين سان سنڌي ٻوليءَ تي پڻ حملو ڪيو ويو، جنهن جو اظهار ان جي هيٺين شق سان ٿئي ٿو:-

حصو ٻيو (بنيادي حق) آرٽيڪل 19 پاڪستان يا ان جي ڪنهن به حصي ۾ رهندڙ شهرين جو اهڙو گروهه، جنهن کي پنهنجي الڳ زبان، رسم الخط يا ثقافت آهي، ان جو بچاءُ سندن حق آهي.

حصو ٽيون (تجويز ڪيل عام اُپاءَ General Provision)

آرٽيڪل-122

  1. اسلامي مملڪت پاڪستان جي سرڪاري زبان اردو ۽ بنگالي هوندي پر انگريزي آئيني طور اڄ ڏينهن کان بلڪل اهڙي ئي نموني سڀني سرڪاري ڪمن لاءِ ايندڙ 20 سالن تائين استعمال ٿيندي، جهڙي نموني هن آئين کان اڳ ۾ پاڪستان ۾ استعمال ٿيندي هئي. انهيءَ مدت گذرڻ بعد پارليامينٽ قانون ذريعي انگريزيءَ جي استعمال جي ڪن مقصدن لاءِ جنهن جو ذڪر ان قانون ۾ ڪيل هوندو، اجازت ڏيئي سگهي ٿي.

ڏهن سالن گذرڻ بعد صدر هڪ ڪميشن مقرر ڪندو، جيڪا انگريزيءَ کي هٽائڻ (Replacement) متعلق سفارشون پيش ڪندي.

  1. هي آرٽيڪل ڪنهن به صوبائي حڪومت کي انهيءَ مدت جي خاتمي کان اڳ به انگريزيءَ کي هٽائي ڪنهن سرڪاري زبان کي لاڳو ڪرڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿيندو.
  2. انهيءَ آئين ۾ سنڌي، بلوچي ۽ پشتو کي انهيءَ لائق نه سمجهيو ويو، جو انهن جو اشاري طور ذڪر ڪجي. اهڙي نموني ون يونٽ جي 1956ع واري آئين ۾ ٻن پرڏيهي ٻولين (اردو ۽ انگريزي) کي ته اهم ڄاڻايو ويو، پر هن ملڪ ۾ رهندڙ قومن جي تاريخي ورثي يعني سندن ٻولين کي ذڪر جوڳو نه سمجهيو ويو ته جيئن اُهي سرڪاري، نصابي ۽ ميڊيا مان بيدخل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي موت پاڻ مري وڃن.
  3. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ باوجود ڪراچيءَ جي اڪثريتي آبادي جيئن ته سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ هئي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن جو چڱو خاصو تعداد موجود هيو، پر پوءِ به يونيورسٽيءَ جي متعصب انتظاميه ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبو قائم نه ڪيو، نه رڳو اِهو، پر 1956ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي امحتان جي ذريعي واري حيثيت کان پڻ محروم ڪرڻ جا احڪام جاري ڪيا ويا. ان فيصلي خلاف ڪراچيءَ جي سڀني شاگردن (جيڪي ڪراچي يونيورسٽي، ايس. ايم. ڪاليج، ڊي. جي سائنس ڪاليج، اين. اِي. ڊي انجينئرنگ ڪاليج، گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۽ ايس. ايم. لا ڪاليج سان لاڳاپيل هئا) زبردست احتجاج ڪيو. ۽ پنهنجن مطالبن ۾ ڄاڻايو ته:

”چيو وڃي ٿو ته سنڌي زبان اڃا انهيءَ لائق نه ٿي آهي، جو اُن کي يونيورسٽي امتحانن ۾ جوابن لکڻ جو ڪامياب وسيلو سڏي سگهجي. سوال ٿو اُٿي ته سنڌي زبان جي انهيءَ لياقت يا عدم لياقت جو فيصلو ڪيئن ڪري سگهبو؟ جيستائين ڪراچيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي موجود هئي ته تيستائين ته اسان جي زبان جي خلاف ڪڏهن به اهڙي قسم جو اعتراض ڪنهن به ڪونه اُٿاريو. انهيءَ (سنڌ) يونيورسٽيءَ کي اڄ به اسان جي زبان جي انهن لياقتن ۾ پورو پوور ڀروسو آهي. ڪراچي يونيورسٽي پاڻ به شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين (1956ع تائين)، سنڌي زبان کي امتحاني زبان جي حيثيت ۾ قائم رکندي پئي آئي آهي.

بهرحال اسان سنڌي شاگرد، جن جو ان ڳالهه سان سنئون سڌو واسطو آهي، سي ته امتحانن ۾ پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ سنڌي زبان جي صلاحيت ۾ ڪنهن به قسم جو شبهو ڪونه ٿا  رکون. عين ممڪن آهي ته اسان جا اهي غير سنڌي ممتحن ئي هجن، جن کي اسان جي زبان، يونيورسٽي امتحانن لاءِ، اڻپوري ۽ اڻسڌريل نظر آئي هجي. انهيءَ خيال ۾ هو واقعي حق بجانب ٿي سگهن ٿا، ڇو ته هر ڪا زبان، هر انهيءَ شخص کي، جو اُن زبان ۾ لکي پڙهي نٿو سگهي، ائين ئي نظر ايندي.

اسان هن ڳالهه تي به احتجاج کان ڪنهن به صورت ۾ پاڻ کي روڪي نٿا سگهون ته پاڪستان جي دستور ۾ اسان جي زبان جو ٺلهو نالو به داخل نه ڪيو ويو آهي. انهيءَ ظاهر ظهور زورآوريءَ خلاف، ۽ سنڌي زبان کي آئيني طور مغربي پاڪستان جي هڪ سرڪاري زبان تسليم ڪرائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي، ڪراچيءَ ۽ سنڌ ۾ هڪ زوردار عوامي هلچل هلي رهي آهي، ۽ صحيحن جي دستاويز تي لکن جي تعداد ۾ صحيحون به ملي چڪيون آهن (2). سنڌ جي سڀني ميونسپالٽين، لوڪل ڪائونسلن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٻين پبلڪ ادارن ۽ سنڌ جي سڀني اخبارن، اُن مطالبي جي پرزور حمايت ڪئي آهي، ۽ اسان کي فخر آهي ته اسان ڪراچيءَ جا سنڌي شاگرد به ان عوامي تحريڪ جا دليون جانيون حمايتي آهيون. ساڳئي وقت پاڪستان جي دستور ۾ سنڌي زبان کي سرڪاري حيثيت نه ملڻ جي اها ته معنيٰ نه آهي ته ڪي شخص توڙي يونيورسٽيءَ جهڙا پبلڪ جي پئسن تي هلندڙ  ادارا، ڄاڻي واڻي، اُن کي نڌڻڪو سمجهي، هيسائي ۽ ٻُوساٽي مارڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪن.

ڪراچي شهر ۾ اڳ ۾ ئي سنڌي پرائمري اسڪول بند ڪري، سنڌي ڳالهائيندڙ رهاڪن کي هر ممڪن طريقي سان پنهنجن ٻارن کي اردو پرائمري اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ تي مجبور پيو ڪيو وڃي. ”ڪراچي سيڪنڊري بورڊ“ وارن پڻ پنهنجي دائري اندر اسڪولن جي تعليمي نصاب ۾ اردو ته سڀني شاگردن لاءِ لازمي ڪري ڇڏي آهي، پر سنڌي رڳو سنڌين لاءِ به لازمي قرار نه ڏني اٿن.“ (سه ماهي ”مهراڻ“ جلد 2- 1956ع)

(4) جنوري 1957ع ۾ محترم سائين جي. ايم. سيد جو ”مغربي پاڪستان جي وحدت تي هڪ سربستي نظر“ جي عنوان سان هڪ مضمون نئين سنڌ“ اخبار ۾ ڇپيو، جنهن ۾سائين ڄاڻايو ته: ”ون يونٽ ٿيڻ شرط سنڌ جي تعليم کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ 500 اسڪولن کولڻ جي تجويز آهي، پر سنڌ ۾ صرف 30 اسڪولن کولڻ جي سوال تي غور ٿي رهيو آهي. سنڌ سرڪار جو (ون يونٽ کان اڳ) پروگرام هو ته هر سال هر ضلعي جي هڪ تعلقي ۾ هاءِ اسڪول کوليو ويندو. اهڙيءَ طرح هر ضلعي ۾ هڪ هڪ ڪاليج کولڻ جي تجويز هئي. يونيورسٽي ٽائون ٺاهڻ لاءِ پڻ ضروري رقم ملڻ واري هئي. هڪ اعليٰ لائيبرري حيدرآباد ۾ کولي ان جون شاخون هر تعلقي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ کولڻيون هيون. پرائمري سڀ اسڪيمون خاڪ ۾ ملي ويون. (چونڊ سياسي مضمون ۽ تقريرون- جي. ايم. سيد، ص. 140-139)

(5) آڪٽوبر 1958ع ۾ ملڪ ۾ فوجي حڪومت جي شروعات ٿي، جيڪا سنڌ لاءِ هڪ ڪاري دؤر جي شروعات هئي. محترم الانا صاحب ڄاڻايو آهي ته: ”سنڌ يونيورسٽي جنهن ۾ غير سنڌي دان شاگردن کي سنڌي زبان جو هڪ پيپر لازمي طور پڙهڻو پوندو هو، حيدرآباد سنڌ جي ڊپٽي مارشل لاءِ ائڊمنسٽريٽر جنرل ٽڪا خان جي حڪم تي ختم ڪيو ويو. انهيءَ حڪم نامي تي اعتراض ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني. (غلام علي الانا- سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا- ص 370)

ياد رهي ته هيءَ اهو ئي جنرل ٽڪاخان هو، جيڪو بعد ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي عهديدارن ۾ شامل رهيو.

الانا صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: ”ايوب خان جي تعليمي ڪميشن جي رپورٽ موجب انهن ٻارن لاءِ به سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ختم ڪئي وئي، جن جي مادري زبان سنڌي هئي. انهيءَ قدم تي سڄي سنڌ ۾ گوڙ شروع ٿي ويو، هر هنڌان آواز اُٿيو. سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ ”سنڌي زبان سوسائٽي“ ٺهي. (حوالو ساڳيو- ص 370).

(6) مٿي ڄاڻايل مسئلن سبب سڄي سنڌ صدا ۽ احتجاج بڻيل هئي، پر فيل مست سرڪار انهن ظلمن جي خاتمي بدران محمد شريف نالي هڪ ڪاموري (تڏهوڪي سيڪريٽري تعليم) جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ڪميشن مقرر ڪئي وئي ته اُها تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري خاطر سفارشون تيار ڪري. ان ڪميشن جيڪي سفارشون پيش ڪيون انهن تي تبصرو ڪندي محمد ابراهيم جويي صاحب، سليم احمد جي هڪ فرضي نالي سان پمفليٽ لکيو، جنهن ۾ لکيائين ته:

”1959 ۾ قومي تعليمي ڪميشن، پنهنجي مشهور معروف رپورٽ تيار ڪئي، جنهن ۾ سواءِ ڪنهن رک رکاءَ جي، بنهه کُلو کلايو سفارش ڪئي وئي ته سنڌي ٻوليءَ کي آهستي آهستي اهڙيءَ طرح نيست ۽ ناڪام بنايو وڃي، جو اها ڍُرڪي ڍُرڪي، وڃي رڳو پنجين پرائمري ڪلاس تائين تعليمي ذريعو رهي، ۽ ٿيندي ٿيندي نوبت ايستائين وڃي پهچي، جو ڳالهائڻ جي ٻولي پڻ، سنڌي جي بدران بدلجي اردو ٿي پوي، ۽ بقول ڪميشن رپورٽ جي، انهيءَ نموني آخر اردو وڃي، هن ايراضيءَ جي عام مقبول ٻولي ٿيندي.“

(سليم احمد ”اولهه پاڪستان جي ٻولين جو مسئلو“ ، حيدرآباد، مئي 1967ع- ص 1)

ايوبي تعليمي ڪميشن جي انهن هاڃيڪار سفارشن خلاف باوجود مارشل لا ۽ فوجي حڪومت جي سنڌ جي تعليمي ماهرن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن شديد احتجاج ڪيو. سنڌي ادبي سنگت ان سلسلي ۾ تمام گهڻي سرگرم رهي. سنڌي اخبارن نهايت زوردار ايڊيٽوريل لکيا. سنڌي زبان سوسائٽي، جيڪا سنڌي عالمن ۽ اديبن 1959ع ۾ ٺاهي وئي هئي، ان جي پليٽ فارم تان هڪ عرضداشت پڻ مرتب ڪئي وئي، جيڪا تڏهوڪي وزير ذوالفقار علي ڀٽي معرف جنرل ايوب خان کي پيش ڪئي وئي. سوسائٽيءَ جو هڪ وفد مرڪزي وزير تعليم حبيب الرحمان سان پڻ حيدرآباد ۾ مليو. سنڌي زبان سوسائٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ماڻهن کان صحيحون وٺڻ جي مهم پڻ هلائي وئي. آخرڪار حڪومت ڪنڌ جهڪايو ۽ 3 آڪٽوبر 1962ع تي مرڪزي حڪومت هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌي زبان کي ٻارهين تائين ذريعه تعليم طور قبول ڪيو ويو.

(7) 1962ع ۾ مغربي پاڪستان صوبي جي پنجاب ۽ سرحد جي علائقن جي ڪامورن کي وڏي پئماني تي سنڌ ۾ بدلي ڪري آندو ويو ۽ سنڌي ڪامورن کي پنجاب ۽ سرحد ڏانهن بدلي ڪيو ويو، جنهن جا اُگرا اثر سنڌ جي ٻين شعبن سان گڏو گڏ تعليمي ادارن تي به پيا، جنهن ڪري حيدرآباد جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن لاءِ داخلا جا دروازا بند ٿي ويا. فني ڪاليجن ۾ اولهه پاڪستان اوپن مئرٽ جي بنياد تي داخلا شروع ڪئي وئي، جنهن ڪري سنڌ جا شاگرد پنجاب جي شاگردن سان مئرٽ تي مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ اهڙيءَ طرح لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ به سنڌي شاگردن جي داخلا جا دروازا بند ٿي ويا. (الانا صاحب- حوالو ساڳيو- ص. 376-375)

(8) 1966ع) ۾ ون يونٽ سرڪار سنڌي زبان کي هميشه هميشه ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڳي کان به وڌيڪ هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ  سان قدم کنيا،  ان وقت سنڌ ۾ ٽي جامع (comprehensive) هاءِ اسڪول کوليا ويا. انهن اسڪولن ۾ فققط اردو کي ذريعه تعليم بنايو ويو. انهن اسڪولن ۾ اهي شاگرد جن جي مادري زبان سنڌي هئي، تن لاءِ اردو زبان کي ذريعه تعليم طور لازمي مقرر ڪيو ويو. (الانا صاحب، حوالو ساڳيو. ص 376)

(9) 1967ع  ۾ حيدرآباد جي تڏهوڪي متعصب اردو ڳالهائيندڙ ڪمشنر مسرور حسن خان پاران سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظامي ڪمن ۾ دخل اندازاي ڪرڻ ڪري سنڌ يونيورسٽي جي تڏهوڪي وائيس چانسلر پروفيسر حسن علي عبدالرحمان سان سندس اختلاف ٿي پيا، جنهن ڪري وي سيءَ کي نه رڳو هٽايو ويو، پر کيس پوليس جي پهري ۾ يونيورسٽيءَ کان پري ٺٽي پهچائي ڪراچيءَ روانو ڪيو ويو، جنهن ڪري شاگردن ۾ ڪمشنر خلاف سخت تاءُ پکڙيل هو.

(10) 4 مارچ 1967ع تي هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن سڄيءَ سنڌ جي شاگردن جي جذبن کي جهنجهوڙي ڇڏيو. ان ڏينهن حيدرآباد کان ڄامشوري ويندڙ روڊ تي هاڻوڪي راجپوتانه اسپتال (جيڪا ان وقت ڪونه هئي) وٽ ڄامشوري کان ايندڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بسن کي پوليس جي مدد سان اهڙي هنڌ زوريءَ روڪيو ويو، جتي ٻنهي پاسن کان پاڻي بيٺل هو. پوليس طرفان شاگردن تي لاٺي چارج ڪرڻ لاءِ کيس بسن مان بندوقن جي ڪنداڪن ۽ لٺين سان زوريءَ لاٿو ويو. بسن ۾ جيڪي ماڻهو ويٺل هئا، تن سڀني کي گرفتار ڪيو ويو. انهن ۾ ڪي اُستاد به هئا، ته ڪي پرڏيهي شاگرد به هئا. اٽڪل چار سؤ کن شاگرد حيدرآباد واري سينٽرل جيل ۾ بند ڪيا ويا. يونيورسٽي ۾ SPR بيهاري ويئي. هن عمل جو ردعمل اهو ٿيو جو سنڌ جا شاگرد توڙي عام ماڻهو جيلن جون سختيون سهڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ان واقعي سڄي سنڌ کي لوڏي ڇڏيو. اخبارن پنهنجا ڪالم ڀري ڇڏيا ۽ رسالن خاص نمبر ڪڍيا. اڄ تائين ان واقعي کي ياد ڪيو وڃي ٿو.

(11) 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نواب يوسف ٽالپر شاگرد يونين جو صدر چونڊجي آيو. يونين جي افتتاح واري تقريب ۾ نواب يوسف ٽالپر پنهنجي آجياڻي واري تقرير ۾ اسٽيج تي ويٺل تڏهوڪي وزير تعليم محمد علي هوتيءَ کي گذارش ڪئي ته سنڌ جي جامع اسڪولن ۾ اردوءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي به ذريعه تعليم بنايو وڃي. پنهنجي جوابي تقرير ۾ هوتي صاحب اهڙو واعدو پڻ ڪيو، پر جنرل ايوب جي دور حڪومت تائين ان واعدي تي ڪوبه عمل نه ٿيو. (حوالو ساڳيو- ص 387-386)

محترم غلام علي الانا صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو:

(ث) (i) ساڳئي سال 1968ع ۾، ايوب شاهيءَ جي خلاف سنڌ جا شاگرد ميدان ۾ نڪري پيا. ڄام ساقي، نواب يوسف ٽالپر، يوسف لغاري، مسعود نوراني، ڪامل راڄپر، مهر حسين شاهه، مير ٿيٻو، لالا قادر، حسين شاهه بخاري ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي شاگرد ليڊر جيل موڪليا ويا. ساڳئي وقت سنڌي رسالن-سهڻي، رهبر، سارنگ ۽ پارس وغيره جي اشاعت تي بندش وڌي وئي. ’روح رهاڻ‘ کي ضمانت رکڻ جو نوٽيس ڏنو ويو. سنڌي اخبارن کي اشتهار ڏيڻ بند ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح سچ ڊائجيسٽ، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، جديد سياست جا نورتن ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي مغربي پاڪستان حڪومت طرفان بندش وڌي وئي. سماهي مهراڻ ۾ شعر ۽ افسانن جي اشاعت کي روڪيو ويو. سرڪاري رسالي ”نئين زندگي“ جي مواد تي به ڪڙي نظر رکي وئي.

(ii) پر سنڌ جا نوجوان هاڻ هيسجڻ ۽ ڊڄڻ وارا نه هئا. جيل مان نڪرندي ئي ڄام ساقيءَ ريلوي کاتي وارن کي نوٽيس ڏنو ته جيڪڏهن 24 نومبر، 1968ع تائين، سنڌ جي سڀني ريلوي اسٽيشنن جا نالا، سنڌي رسم الخط ۾ نه لکيا ويا ته 24 نومبر، 1968ع تي سڄيءَ سنڌ ۾ نئشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا شاگرد، پنهنجن هٿن سان اردوءَ ۾ لکيل بورڊ مٽائي، اهي بورڊ سنڌيءَ ۾ لکندا. ريلوي اختياريءَ وارن سمجهيو هو ته اهو مڙئي هڪ قسم جو دڙڪو آهي، پر ڄام ساقيءَ ۽ سندس ساٿي شاگردن، سڄيءَ سنڌ ۾، شاگردن، اسٽيشنن جا نالا سنڌي رسم الخط ۾ به لکيا.

حاصل مطلب ته سنڌ جي شاگردن جو حوصلو وڌيل هو. هر ڳوٺ ۽ هر شهر ۾، انجمنون قائم ٿيون، جتان ٺهراءَ پاس ڪرايائون ته:

  • سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃي.
  • سنڌي ٻوليءَ کي هر سطح تي ذريعه تعليم بنايو وڃي.
  • ون يونٽ ٽوڙيو وڃي.

(ج) هن ڏس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ فيصلو ڪيو ته آئينده آرٽس جي مضمونن ۾، هر مضمون ۾ محقق کي پنهنجي Ph.D جي ڊگريءَ لاءِ ٿيسز، انگريزيءَ کانسواءِ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ به لکڻ جي اجازت ڏجي ٿي.

(الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“- ص 287).

(14) 26 مارچ 1969ع تي جنرل ايوب خان حڪومت تان دست بردار ٿيو ۽ جنرل يحيٰ خان ٽئين مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ حڪومت جون واڳون سنڀاليون. هن حڪومت ٻين پاليسين سان گڏ 4 جولاءِ 1969ع تي نئين تعليمي پاليسي پيش ڪئي، جنهن ۾ علائقائي ٻولين بابت خاموشي اختيار ڪيل هئي، جنهن مان ائين پئي سمجهيو ويو ته سنڌ ۾ ابتدائي تعليم کان وٺي اردوءَ کي تعليم جو ذريعو مسلط ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي. ان سلسلي ۾ ’آزاد اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن‘ جي صدر لالا قادر هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ گهر ڪئي ويئي ته ”سنڌي ٻوليءَ کي اعليٰ سطح تائين ذريعه تعليم تسليم ڪيو وڃي ۽ سنڌي زبان کي انتظامي ۽ عدليه جي به ٻولي تسليم ڪيو وڃي.“ ان کان پوءِ سنڌ ۾ استادن، دانشورن ۽ اديبن پڻ اهڙو ٺهراءَ پاس ڪيا.

(15) جنرل يحيٰ خان جولاءِ 1969ع ۾ اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ جلدي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ووٽرن جو لسٽون ٺهرايون وينديون، جيڪي فقط اردو ۽ بنگاليءَ ۾ هونديون.

سنڌ جي غيور نوجوانن، عالمن، اديبن ۽ صحافين اهڙي فيصلي خلاف سخت احتجاج ڪيو. اخبارن ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيا. مسلسل ٻن مهينن جي ڪوششن باوجود چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي ڳالهه تان ڪونه مڙيون، جنهن ڪري ’سنڌ آزاد اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن‘ جي صدر محترم لالا قادر حڪومت کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ووٽر لسٽون سنڌي زبان ۾ ٺاهڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو ته هو هڪ هفتي کان پوءِ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪندو. حڪومت ان تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو، جنهن ڪري آخرڪار 7 نومبر 1969ع تي جمعي نماز کان پوءِ محترم لالا قادر پنهنجي جيجل جي ٻوليءَ جي جياپي خاطر هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ مختلف رستن کان گشت ڪندو سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس پهتو ۽ بک هڙتال تي ويٺو. بک هڙتال جو آغاز ”جيئي سنڌ – سدا جيئي“ جي نعرن سان ٿيو. هزارين شاگرد اچي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پراڻي ڪئمپس ۾ گڏ ٿيا. لالا قادر وٽ بک هڙتال جي خاتمي لاءِ مختلف حڪومتي عملدار ايندا رهيا، پر لالا قادر پنهنجي مؤقف تي اٽل رهيو. پهرئين ڏينهن لالا قادر اڪيلو هو، ٻئي ڏينهن لالا جي حق ۾ شاگردن امتحانن ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪاپيون ڦاڙي امتحان هال کان ٻاهر نڪري آيا. شاگردن ۽ سياسي رهنمائن بيان جاري ڪيا. ساڳئي وقت سنڌ جي سجاڳ عوام اردوءَ ۾ ووٽرن جي فارمن ڀرڻ کان انڪار ڪيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ ٻيا ٻه شاگرد گورنمينٽ ڪاليج دادوءَ جو پير بخش پنهور ۽ ٽنڊو ڄام زرعي ڪاليج جو شبير احمد سيال پڻ بک هڙتال ۾ شامل ٿي ويا. شاگردن جي تحريڪ ۾ اضافو ٿيندو رهيو. لاڙڪاڻي، نوابشاهه، ٽنڊي ڄام، جيڪب آباد ۽ خيرپور ۾ علامتي بک هڙتالون شروع ٿين.

16 نومبر 1969ع تي سنڌ جو جهونو خدمتگار ۽ سنڌي زبان جو فدائي محترم قاضي فيض محمد پڻ لالا قادر ۽ سندس ساٿين سان بک هڙتال ۾ شامل ٿي ويو. ٻئي ڏينهن محترم ڪامريڊ غلام محمد لغاري پڻ ساڻن گڏجي ويو. سڄي سنڌ ۾ علامتي بُک هڙتالون پڻ جاري رهيون. آخر آمريت پنهنجي آمرانه ڪاوڙ جو اظهار ان طرح ڪيو جو 17 نومبر 1969ع جي رات سُتل هڙتالين کي پوليس گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد کڻي وئي. ٻئي ڏينهن يعني 18 نومبر تي سنڌ ائگريڪلچر ڪاليج ٽنڊي ڄام جا 48 شآگرد بک هڙتال تي ويٺا. شام تائين انهن کي به گرفتار ڪيو ويو. ان ڏينهن شام جو هڪ تاريخ ساز واقعو پيش آيو. سنڌ جي فخر لائق نياڻي محترمه اختر بلوچ سماج جي ريتن رسمن جي پرواهه ڪرڻ بنا آمر جي رهائش گاهه جي ٻاهرئين گيٽ جي سامهون مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال جو اعلان ڪري اچي ويٺي. رات جو ڏهين وڳي کيس به گرفتار ڪيو ويو.

آخرڪار حڪومت کي جهڪڻو پيو ۽ ووٽرن جون لسٽون سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

مطلب ته ون يونٽ جو دؤر سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تعليم لاءِ تاريخ جو هڪ اونداهو دور ثابت ٿيو. ڪيترن ئي سنڌي اديبن ۽ شاگردن جي تحريرن ۽ تقريرن تي بندش وڌي وئي. ڪيترائي رسالا ۽ ڪتاب ضبط ڪيا ويا. ڪيترن ئي سنڌي اديبن، شاعرن، صحافين، سياستدان، شاگردن ۽ استادن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ڪري ان جي رد عمل ۾ تاريخ جو هڪ نهايت وڏو مزاحمتي ادب تخليق ٿيو، جنهن سنڌي سماج ۾ هڪ وڏي اُٿل پٿل آندي..