سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-094-4
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     6921   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌ ۾ ٻولي ۽ سياست: سنڌي ٻوليءَ جو مقدمو


 

تت:

سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي تمام ترقي يافته ٻولي آهي. انگريزن جي دور ۾ صوبي ۾ انهيءَ کي مڪمل طور سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت ڏني وئي. سنڌي ٻولي واپاري ۽ عدالتي ٻولي طور به استعمال ٿيندي هئي.

ورهاڱي کان پوءِ وفاقي حڪومت ۽ انهيءَ جي ادارن پاران سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو ويو، ڪراچي مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني وئي (ڪراچي وفاقي گاديءَ جو هنڌ ٿي چڪو هو). ڪيترائي سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا، جڏهن ته هزارين شاگرد سنڌيءَ ۾ امتحان ڏيئي رهيا هئا.

هڪ وڏي پئماني تي سنڌ ۾ اهڙو ته ماحول پيدا ڪيو ويو جو سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ وچ ۾ گهرو جنگ ڇڙي وئي، جنهن سنڌ جي معيشيت، سماجي ۽ ثقافتي ترقي کي ڌڪ رسايو. 1972ع ۾ سنڌ کي ٻه ٻوليائي صوبو قرار ڏنو ويو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏو نقصان هو.

 

مقالو:

مادري ٻوليءَ وسيلي قومون ۽ ماڻهو پنهنجن اهم ترين خيالن جو اظهار ڪن ٿا. اهو هڪ اوزار يا هٿيار آهي، جيڪو اسان جي زندگيءَ لاءِ نهايت اهم آهي. مادري ٻولي ماڻهوءَ جي بنيادي تخليقي، صلاحيت، تبديلي ۽ ابلاغ جي فن جي سڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

ٻوليءَ جي پيدا ٿيڻ سان سماجي ترقي ۽ سماجي جياپو پهرين کان وڌيڪ سولو ٿي ويو. (1)

”مادري ٻوليون ثقافتي سڃاڻپ جي تشريح جو اهم ذريعو آهن.“ (2)

تعليم ۾ ٻولي تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. بيشڪ اها ماڻهوءَ کي پنهنجي باري ۾ سمجهه ڏئي ٿي، ٻولي فقط خيالن ۽ روين جي رابطي جو ذريعو ناهي. بلڪ اسان جي ثقافتي سڃاڻپ جو اهم حصو آهي. اها اسان کي ٺاهي ٿي ۽ خيال، قدر، رويا ۽ بهتر اخلاق فراهم ڪري ٿي. جيڪو اسان کي ٻين برادرين کان مختلف بنائي ٿو. (3)

اُها ٻولي ئي هئي، جنهن ذريعي آسمان ۽ زمين وچ ۾ انسان هر نظر ايندڙ يا بي شڪل شين کي نالا ڏنا. اهڙي نموني انفراديت جو خيال اُڀريو ۽ تاريخ جي ترقي ۽ هر حوالي سان هر شئيِ کي زنده رکيو. (4)

سنڌو تهذيب پڻ آڳاٽي ۽ اهم ترين تهذيبن مان آهي ۽ ڪجهه پهلوئن ۾ اها نمايان ۽ مختلف آهي. اها پهرين تهذيب هئي، جنهن کي لکت ۽ ڳالهائڻ جي صورت ۾ ٻولي هئي. انهيءَ حوالي سان موئن جو دڙو نهايت بهترين مثال آهي، جتي لکت واري ٻولي، واپار سميت هر شئي لاءِ استعمال ٿيندي هئي. (5)

سنڌي ٻوليءَ جي ابتدا بابت ماهرن جا مختلف مؤقف آهن. پر ٿوري گهڻي تي سڀئي انهيءَ تي متفق آهن ته سنڌي پروٽو دراوڙي ٻولين مان هڪ آهي ۽ انهيءَ جون پاڙون موئن جي دڙي جي تهذيب سان ملن ٿيون. (6)

ٻوليءَ جي سياست، تهذيب جيتري ئي پراڻي آهي. ڏکڻ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جي حوالي سان اسان ڪافي مسئلا ڏٺا آهن. ڀارت ۾ هندي، اردو، مراٺي بابت مختلف مثال ڏنا ويا آهن. هتي پاڪستان جي حوالي سان اهم ڪيس پيش ڪبو.

 23 مارچ 1940ع ڌاري لاهور ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ جي نتيجي ۾ 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. انهيءَ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اردو کي فقط ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو. اردوءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو. اردوءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيندڙ محمد علي جناح صاحب هو، جيڪو پاڪستان کي ٺاهيندڙ اهم ماڻهو هو ۽ ملڪ جو پهريون گورنر جنرل هو. اردو جي قومي ٻولي ٿيڻ سان اوڀر پاڪستان ۾ بنگالي ڪاوڙجي پيا. بنگالين اُها گهر ڪئي ته هو سموري پاڪستان ۾ وڏي اڪثريت ۾ آهن، تنهن ڪري فقط بنگالي کي ئي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي، جيڪڏهن نه ته اردو سان گڏ بنگاليءَ کي به قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي.

اردو، پاڪستان جي ڪنهن به علائقي سان تعلق نه پئي رکي. اها انهن ماڻهن جي ٻولي آهي، جيڪي ڀارت مان لڏ پلاڻ ڪري آيا آهن.بنگالين جي حمايت ۾ ٻين صوبن به آواز اُٿاريو ۽ سڀئي انهيءَ راءِ جا هئا ته اردوءَ کي رابطي جي ٻولي بنايو وڃي، جنهن کي پاڪستان جا سڀ ماڻهو آرام سان قبول ڪندا. انهيءَ راءِ کي محمد علي جناح صاحب سميت پاڪستاني حڪومت قبول نه ڪيو. بنگالين جي هلچل 1948ع ۾ شروع ٿي ۽ ڪجهه فساد به ٿيا. انهيءَ ئي سال محمد علي جناح صاحب اوڀر پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ بنگالين کي ماٺ ڪرڻ لاءِ چيو ته اُهي چڱي ريت ورتاءُ ڪن ۽ اردو ئي فقط پاڪستان جي قومي ٻولي رهندي.

”آئون توهان کي واضح ٻڌائي ڇڏيان ته اهو سچ آهي ته جيستائين توهان جي بنگالي ٻوليءَ جو تعلق آهي ته توهان جي زندگي اردوءَ جي ڪري متاثر نه ٿيندي. پر نيٺ اهو توهان تي ۽ هن صوبي جي ماڻهن تي ڇڏيل آهي ته فيصلو ڪن ته توهان جي صوبي جي ڪهڙي ٻولي هوندي، پر مون کي اهو واضح ڪرڻ ڏيو ته پاڪستان جي سرڪاري ٻولي اردو هوندي، انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به نه، جيڪڏهن ڪو توهان کي غلط ٿو ٻڌائي ته اهو واقعي به پاڪستان جو دشمن آهي. هڪ ٻوليءَ کانسواءِ ڪابه قوم گڏجي رهي ڪم نٿي ڪري سگهي.“ (7)

قائد اعظم جي تقرير کي بنگالين پسند نه ڪيو ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ زور ڏيندا رهيا.

ڪيترن ئي ورهين تائين حالتون خراب رهيو. 1952ع ۾ بنگالي ٻوليءَ جي بحاليءَ واري تحريڪ اوج تي پهچي وئي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا ۽ انهن جي قربانين سان نيٺ بنگاليءَ کي پڻ 1952ع ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو. محمد علي جناح صاحب گذاري چڪو هو ۽ انهي سموري معاملي ۾ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان اردو ٻوليءَ جي حمايت ڪئي.

جڏهن پاڪستان اسيمبليءَ جي هندو ميمبر ڌويندرناٿ دتا اهو سوال اُٿاريو ته بنگالي کي اردو ۽ انگريزي سان گڏ استعمال ڪيو وڃي ته انهي تي وزيراعظم لياقت علي خان جواب ڏنو ته: ”پاڪستان ننڍي کنڊ جي هزارين ۽ لکين مسلمانن جي گهُر تي وجود ۾ آيو ۽ انهن لکين مسلمانن جي ٻولي اردو آهي.“ (8)

انهيءَ عرصي دوران هڪ اسلامي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيم، جنهن جو نالو ’تمدن مجلس‘ هو، تنهن مطالبا ڪيا ۽ چيو ته بنگالي ٻوليءَ کي تعليم جو ذريعو، عدليه، انتظاميه صحافت جي ٻولي بنگالي کي بنايو وڃي. ساڳئي ئي وقت ’ڊيمو ڪريٽڪ يوٿ ليگ‘ اوڀر پاڪستان پڻ اها گهُر ڪئي ته بنگاليءَ کي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي. انهيءَ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي سول سوسائٽي جون تنظيمون هيون، جن ساڳيا مطالبا ڪيا. ابو المنصور احمد پنهنجي آرٽيڪل جيڪو ’تمدن مجلس‘ جي ڪتابڙي ۾ ڇپيو انهيءَ نشاندهي ڪئي ته ”اردو کي اسان جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو ته اوڀر پاڪستان جو پڙهيو لکيو ماڻهو رات وچ ۾ اڻ پڙهيو ٿي ويندو ۽ اهو سرڪاري نوڪري لاءِ پڻ نا اهل ٿي ويندو.“ (9)

1948ع کان 1958ع تائين ڪيترائي دفعا بنگالي ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ ٺهراءَ پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ موڪليا ويا، پر اهو ٺهراءُ منظور نه ٿي سگهيو ۽ 1952ع ۾ تڏهن منظور  ٿيو، جڏهن پاڻي مٿي کان چڙهي چڪو هو.

انهيءَ تحريڪ ٻين صوبن جي ٻولين تي اثر ڇڏيو ته انهن کي به قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي. تنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ذڪر اهم آهي، جيڪا ڪيترين ئي صدين کان سُڌريل شڪل ۾ هئي، پر خاص طور تي برطانوي دور ۾، جنهن سنڌ تي سؤ سالن کان وڌيڪ  عرصو حڪومت ڪئي.

جيئن ئي پاڪستان جو قيام ٿيو ته ڪراچي کي انهيءَ جو گادي جو شهر بنايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽي، جيڪا ڪراچي ۾ هئي، تنهن کي حيدرآباد لڏايو ويو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي. مليل معلومات ۽ انگن اکرن موجب سنڌي شعبو جيڪو ڪراچي يونيورسٽي جو حصو هو، ان کي انهيءَ ڪري بند ڪيو ويو ته جيئن سنڌي ۾ امتحان لاءِ وڏو خرچ ايندو، ان ڪري بهتر آهي ته انهي کي حيدرآباد موڪليو وڃي. پاڪستاني حڪومت سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ميڊيم اسڪولن جو ڪوبه خيال نه ڪيو ۽ اهي بند ٿي ويا، جيڪي سَوَن جي تعداد ۾ هئا. حالانڪ مرڪزي حڪومت اِهو وعدو ڪيو هو ته سنڌ جي تعليم کي ڪوبه نقصان رسڻ نه ڏيندي.

سنڌي ٻولي جي بدقسمتي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿي. ورهاڱي جي ڪري سنڌ جي واپاري برادري ۽ سنڌي وچيون طبقو هندستان لڏي ويو، جيڪو واپاري ٻولي لاءِ وڏو نقصان هو. انهيءَ برادري جي جاءِ هندستان مان آيل هڪ نئين برادريءَ والاري، جنهن جي ٻولي ئي الڳ هئي. سا هئي اردو. سنڌي ٻولي حڪومت، واپار ۽ ڪاروبار ۾ پنهنجي جاءِ وڃائي ڇڏي. ڪيترين ئي پاڪستاني حڪومتن جي پاليسين سنڌي ٻولي سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اهو ثقافت، روايتن، رسمن، سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي ڪاليجن، اسڪولن ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پوئتي ڌڪڻ لاءِ هو. پاڪستان ٺهڻ جي شروعاتي ورهين ۾ هڪ ئي ڌڪ سان ڪراچي جي 500 اسڪولن کي بند ڪيو ويو. يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي تعليم ختم ڪئي وئي. هڪ بين الاقوامي شهر ۽ سنڌ جي گادي واري شهر جي حيثيت ۾ اهو سنڌ ۽ سنڌين جي ترقي ۾ مدد ڪري پئي سگهيو. (10)

پاڪستاني حڪومت جي ٻولين ۽ صوبن جي ثقافت ڏانهن رويي کي ڏسندي سڀني صوبن ۾ تحريڪ شروع ٿي. سنڌ انهيءَ ۾ هر حوالي سان اڳڀري هئي. انهن سوچيو ته سندن سنڌي ٻولي سنڌين جي اهم سڃاڻپ آهي، انهي سان گڏ سندن ثقافتي ورثي جو اهم حصو آهي. (11)

حقيقت ۾ جيڪڏهن ڪو تاريخ کي ڏسي ته انگريز دور ۾ انگريزن جو مقامي ٻولي ۽ ثقافت کي همٿائڻ ۽ هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. انهن پاڻمرادو سنڌي ٻوليءَ کي همٿايو. انهن لپي ٺاهي، اُن جو معيار مقرر ڪيو ۽ انهن سنڌيءَ ۾ گرامر به لکيا.

انهيءَ سلسلي ۾ جن ماڻهن جا نالا اهم آهن، تن ۾ سر رچرڊ بارٽن، مسٽر آر. ڪي. پرنگل، سر جارج رسل ڪلرڪ، سر بارٽل فريئر، سر جارج اسٽئڪ، سر بي. ايڇ. ايلس، ڪئپٽن ايسٽ وِڪ ۽ ٻيا به ڪيترائي نالا آهن. انهن سنڌيءَ کي ڪافي سڌاريو، جيئن مٿي ڄاڻايل آهي. گهڻا برطانوي آفيسر سنڌي کي سرڪاري ٻولي طور استعمال ڪندا هئا. ڪجهه انگريز آفيسرن جا فيصلا هيٺ ڏجن ٿا:

سر جارج ڪلرڪ 24 اپريل 1848 تي لکيو:

”اسان کي سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري رابطي طور متعارف ڪرائڻ گهرجي. مون کي نٿو لڳي ته اسان ريونيو ۽ جوڊيشل آفيسر پنهنجي آفيس ۾ ۽ عدالت ۾ بهتر نموني ڪنهن رابطي جي لاءِ ڌارين ٻولين جهڙوڪ فارسي ۽ انگريزي ۾ اثرائتي نموني ڪم ڪري سگهنداسين.“ (12)

ممبئي حڪومت نيٺ سرڪيولر نمبر 1825 سيپٽمبر 1810ع تي جاري ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ته سمورا آفيسر هڪ امتحان ڏيندا.

”اهي سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي ڄاڻ ۽ مهارت جو امتحان ڏيندا.“ (13)

پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ڪميشنون ۽ ائڪٽ تعليمي پاليسين کي سُڌارڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا، پر ڌرتيءَ جي اصلوڪي ٻوليءَ کي پاڪستان جي ٻين ٻولين جيان نظر انداز ڪيو ويو ۽ فقط اردوءَ کي ملڪ جي سرڪاري ۽ قومي ٻولي قرار ڏنو ويو.

سنڌي جيڪا علائقي جي تمام ترقي يافته ۽ بهتر ٻولي هئي، اها نه رڳو وڌيڪ ترقي يافته نه ٿي سگهي، پر مورڳو انهيءَ جي حق کان ئي انڪار ڪيو ويو ۽ آهستي هڪ نظام تحت انهيءَ جي سرڪاري ۽ ڪاروباري اهميت کي ختم ڪيو ويو. ڪجهه ئي ڏهاڪن ۾ سائين بورڊ ۽ فارم جيڪي ورهاڱي کان اڳ سنڌيءَ ۾ لکيا ويندا هئا، سي وري نظر نه آيا. انهيءَ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو. اهو رويو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. نجي شعبو سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪافي ڪم ڪري پيو، جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا شامل آهي. نجي شعبي لاءِ پڻ انهيءَ جي ترقي لاءِ حڪومت وٽ ويچار هيٺ ناهي. جڏهن ته ٻولي ۽ ادب جي ترقي لاءِ ڪيترائي پبلڪ سيڪٽر ۽ ادارا ٺاهيا ويا آهن. ٻن فوجي آمرن جنرل ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جي دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ تمام وڏو نقصان ڀوڳيو. انهن سنڌي ماڻهن، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت جي کُلي مخالفت ڪئي. ضياءُ الحق جي دور ۾ ڪيترائي سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا.

انهيءَ دوران سنڌ ۾ ڪيترائي انگريزي ميڊيم اسڪول کوليا ويا، جتي فقط انگريزي ۽ اردو پڙهائي ويندي هئي. سنڌي ٻوليءَ کي شعوري طور پوئتي ڌڪيو ويو، ساڳي طرح مشرف دور ۾ به سنڌي ٻولي کي وڏو نقصان رسيو. هن جو دور سنڌي ٻوليءَ لاءِ ۽ نفرت انگيز رهيو.

فوجي آمريتون هڪٻئي جو تسلسل آهن ۽ اهي ماڻهن جي ترقيءَ جو خيال نه رکي سگهنديون آهن. ترقي مان منهنجو مطلب مجموعي ترقي آهي. ڀلي اها معاشي، سماجي، ثقاتي، ٻولي جي ۽ ڪا ٻي ترقي هجي.

جيئن ته پهرين بيان ڪيو ويو آهي ته اهو سڀ ڪجهه نئون ملڪ ٺهڻ سان ئي ٿيو، پوءِ اسان بنگالين جو رويو ڏٺو ۽ جيڪو انهن سان ٿيو، اهو به ڏٺو. آءٌ سمجهان ٿو ته سنڌين ۽ ٻين ننڍن صوبن سان بدترين رويو رکيو ويو. هڪ ٻولي خاص ڪري مادري ٻوليءَ کي ۽ ماڻهن کي ديوار سان لڳائڻ، اهو ڄڻ ته مختلف حڪومتن پاران ثقافتي قتلام هجي. خاص طور تي فوجي حڪومتن مٿين حالت کي ڏسندي ۽ وري ڪراچي جو صوبي کان ڌار ٿيڻ. ون يونٽ مڙهڻ کوڙ سارين مارشلائن جي ڪري ۽ پاڪستاني حڪومت پاران هڪ ٻوليءَ کي مڙهڻ ۽ ماڻهن جي ٻين ٻولين جو خيال نه رکڻ تمام خطرناڪ ثابت ٿيو. ماڻهن جي نفرت ڪراچي جي ڌار ٿيڻ وقت ئي شروع ٿي وئي هئي. سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ جي ميمبرن اسيمبليءَ ۾ وڏي واڪي ڳالهايو. اهو قدم نه فقط سنڌ کي معاشي ۽ سياسي طرح معذور ڪندو پر اها آل انڊيا مسلم ليگ پاران 1940ع واري قرارداد جي خلاف ورزي هوندي، جيڪا خودمختيار ۽ آزاد وحدتن تي زور ڏئي ٿي. (14).

انهيءَ عرصي دوران ڪافي ٻيون شيون به ٿيون. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جيڪو عظيم هاري اڳواڻ هو، تنهن پنهنجن ويچارن کي هيئن اظهاريو: ”اها سڀن کي چڱي ريت خبر آهي ته سنڌي ڄاڻندڙ شاگرد پيپر جو جواب اردوءَ ۾ بهتر نموني نه ڏئي سگهندو ۽ اهو اردو ۾ جواب ڏيندڙ شاگرد لاءِ به ساڳيو آهي. سنڌي ڄاڻندڙ شاگرد کي اردو ڄاڻندڙ شاگرد جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو مارڪن جو نقصان آهي. هو انهيءَ آرڊر ذريعي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شاگردن لاءِ چتاءُ ڏنو ته ڪراچي ڇڏي وڃو ۽ جيڪڏهن سنڌي کي برقرار رکڻ ٿا چاهيو ته سنڌ هليا وڃو. ڪراچي اوهان جو ناهي.“ (15)

پيپلز پارٽيءَ جي پهرين حڪومت دوران ذوالفقار علي ڀُٽي کي سنڌي کي اهو درجو ڏيڻو هو. ممتاز علي ڀٽو، جيڪو پوءِ سنڌ جو وزير اعليٰ ٿيو، سنڌيءَ کي صوبي جي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل آندو، بل پاس ٿيڻ کان پوءِ اردو برادري انهيءَ کي قبول نه ڪيو ۽ نتيجي ۾ سنڌ ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا. ڪافي ماڻهو ماريا ويا. ذوالفقار علي ڀُٽي مخالف ڪئي ۽ هڪ ٻيو بل متعارف ڪرايو، جنهن ۾ سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو کي سرڪاري ٻولين جو درجو ڏنو ويو. اردو پهرين ئي قومي ٻولي جو درجو حاصل ڪري چُڪي هئي. سنڌ کي ٻه ٻوليائي صوبو قرار ڏنو ويو. اهو هندستان مان آيل اقليت جي ڪري ٿيو. بل جي منظور ٿيڻ سان وڳوڙن جي ڪري سنڌ  جي ۽ سنڌي ماڻهن جي معيشت کي شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ وڏو  نقصان پهتو.

سنڌ جي دانشورن، اديبن ۽ سول سوسائٽيءَ جي ماڻهن ڀٽو حڪومت پاران صوبي کي ٻه ٻوليائي صوبو قرار ڏيڻ واري فيصلي جي مذمت ڪئي. جنرل يحيٰ انهيءَ پروپوزل سان آيو ته سموري ملڪ ۾ ٻه ٻوليون اردو ۽ بنگالي هونديون. سنڌ ۾ پڻ فقط اردو هوندي. انهيءَ فيصلي جي سنڌ سختي سان مذمت ڪئي ۽ ساڳيو فيصلو کين واپس وٺڻو پيو. . انهيءَ دوران سنڌي شاگردن، اديبن، ادبي ۽ ثقافتي تنظيم سنڌي ادبي سنگت اڳڀري رهي. سنڌ نوجوان محاذ پڻ پنهنجو گهربل ڪردار نڀايو. مهراڻ اخبار سميت سڀئي سنڌي اخبارن سخت ايڊيٽوريل لکيا.

سموري جدوجهد ۾ محترم جي. ايم. سيد ۽ ٻين اڳواڻن سنڌيءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ آواز اٿاريو، پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو.

هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ سان ئي ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڇو ڪيو ويو؟

هن مختصر مقالي وسيلي ڪافي سوال اُٿاري سگهجن ٿا. ڇو ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌيءَ سان ئي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو! ڇو ٻولي کي ڪراچي کان ٻاهر ڌڪيو ويو؟ 1972ع ۾ ڀٽو حڪومت پاران منظور ڪيل سنڌي ٻوليءَ جي بل سان ڪهڙي گڙٻڙ ٿي؟ فوجي حڪومت ۽ لياقت علي خان جي حڪومت جا ڪهڙا مفاد هئا، جو انهن سنڌي ٻولي کي ديوار سان لڳايو؟ 1947ع کان 2008ع تائين ملڪ ۾ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون ويون، جو ماڻهو پنهنجي ترقي جيڪا سٺي معيشت، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي آزاديءَ تي ٻڌل هجي، ڪجهه به حاصل ڪري سگهيا.

ون يونٽ دوران جنرل ايوب هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته هاڻي کان سنڌ کي ”اڳوڻي سنڌ“ لکيو ويندو ۽ ٽپال واري پتي تي به سنڌ لکڻ منع ڪيو ويو. بورڊ ۽ ريلوي اسٽيشنن جا نالا سنڌيءَ بدران اردوءَ ۾ لکيا ويا. انهيءَ عمل جي ڪري نالن جو اصل مطلب وڃائجي ويو.

اصل مقصد پاڪستان جي امير صوبي طرفان ٻين صوبن کي معاشي طور زوال پذير ڪرڻ ۽ ان جي وسيلن تي قابض ٿيڻ آهي. مختلف حڪومتن جون ڪيتريون ئي پاليسيون اهڙيون رهيون آهن ته ننڍن صوبن کي پاڻ ۾ ۽ ٻين نسلي ٽولن کي سنڌ جي اصولوڪن ماڻهن سان ويڙهائڻ لاءِ اُڀارجي ته جيئن نفرت هميشه رهي. ڪيترن ئي ورهين کان موجود سنڌ صوبي مان ئي هڪ مهاجر يا اردو صوبو ٺاهڻ لاءِ آواز اٿاريو پيو وڃي. ڇا انهيءَ منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ٻين ٻولين خاص ڪري سنڌي کي پٺتي ڌڪيو پيو وڃي.

ملڪ ۾ ٻوليءَ جي تحريڪ جي حوالي سان مٿين حالتن جو جائزو وٺندي خاص طور تي سنڌ ۾ جنهن ۾ ٻولي کي معقول جاءِ ناهي ملي سگهي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ سماجي معاشي ۽ ثقافتي ترقيءَ کي نقصان ٿي رهيو آهي. تحقيق جي اعليٰ اداري وسيلي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ قدم کنيا وڃن. حڪومت تي انهيءَ ڳالهه تي زور رکيو وڃي ته اها سنڌي ٻولي کي ترقي يافته ٻوليءَ طور ڏسي ۽ اها بلوچي، پشتو، سرائيڪي ۽ پنجابيءَ سميت انهن کي سرڪاري ٻوليون قرار ڏنو وڃي. سنڌي ٻولي اڄ به پاڻ کي قومي ٻولي طور مڃرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.

]هي مضمون يونيورسٽي فئڪلٽي آف آرٽس طرفان منعقد ڪيل ٻئين شيخ اياز ٻولي ۽ ادب ڪانفرنس ۾ نوبر 2008ع ۾ پڙهيو ويو.[

 

 

 

 

 

 

حوالا:

  • اعجاز قريشي، سنڌي ٻولي بحيثيت ڪاروباري ٻولي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس مئنيجمنٽ ڪراچي، 2008، صفحو 1.
  • احمد سليم، It is my Mother’s Face، سانجهه، لاهور، 2005، ص. 11
  • طارق رحمان، Language and Education (Selected Documents-1780-2003)، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان اسٽڊيز، قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد، ص VIII
  • اعجاز قريشي، مٿي ڏنل حوالو، ص 1
  • اعجاز قريشي، مٿي ڏنل حوالو، ص 2
  • اعجاز قريشي، مٿي ڏنل حوالو، ص 2
  • قائداعظم محمد علي جناح، ڍاڪا جي ريس ڪورس ميدان ۾ ڪيل تقرير جو حصو، 21 مارچ 1940.
  • پاڪستان جي قانونساز اسيمبلي جي ڪارروائي (ڊبيٽ) 25 فيبروري 1948، ص 16
  • تمدن مجلس 1947، هلال رسالي تان کنيل، 1985، ص 182
  • اعجاز قريشي، مٿي ڏنل حوالو، ص 8
  • جي. ايم. سيد، 1990، طارق الرحمان واري ڪتاب ۾ ڏنل، ص 103
  • سر جارج ڪلارڪ، بي. ايڇ ايلس اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ طرفان کيس ڏنل رپورٽ، 1848، پيرا 68
  • بي ايڇ ايلس، اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ تي لکيل رپورٽ، 1856، پيرا 35
  • محمد هاشم گزدر، سنڌ قانونساز اسيمبلي جون ڪارروايون، فيبروري 10، 1948.
  • حيدر بخش جتوئي، ڇا سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه؟ 1957، ص 13