سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-094-4
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     6917   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻولي ۽ سماج


ٻولي انساني سماج جي ڪاروهنوار ۽ سڃاڻپ جو اهڙو جزو آهي، جيڪو ڪنهن به سماج توڙي قوم جي نه رڳو اندروني ميل ميلاپ جي فرضن کي ڀليءَ ڀت نباهي ٿو، پر ان سان گڏ ان سماج/قوم کي ٻين کان منفرد ۽ ممتاز پڻ بنائي ٿو.

سنڌي سماج جي مطالعي تي وڏي دسترس رکندڙ عالم، محترم محمد ابراهيم جويي بلڪل درست فرمايو آهي ته:

”زبان، آواز-دانهَن ۽ دانهَن جو جواب- ٻوليءَ جا لفظ- ٻوليءَ جون ڳالهيون- زندگيءَ جي وڏي وٿُ آهن، ۽ اُن لاءِ وڏو آٿٿ آهن. بلڪَ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهن.“ (1)

هڪ روسي اديب، تزگنيف (1818ع کان 1883ع)، جنهن پنهنجيءَ عمر جو لڳ ڀڳ اڌ حصو بي وطنيءَ واريءَ حالت ۾ گذاريو هو، تنهن هڪ موقعي تي پنهنجي روسي زبان جي باري ۾ جيڪي ڪجهه فرمايو،  تنهن جو حوالو ڏيندي جويو صاحب لکي ٿو:.

”جڏهن مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي ملڪ تي ويچاريندي منهنجو من لرزجي ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري، سچار، آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏئينءَ ٿي، ۽ مون کي بچائين ٿي. جي تون نه هجين ته پڪ ئي پڪ جو ڪجهه منهنجي وطن تي وهي رهيو آهي، اُن کي ڏسي آءٌ هوند ڊهي بنهه پٽ اچي پوان ها، پر ڪو آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي، عظيم قوم کان گهٽ، ڪنهن قوم کي مليل هوندي.“ (2)

سنڌ جو ناميارو اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو:

”ڪنهن به سماج ۽ اُن سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي روزمره جي زندگي، سندن تهذيب ۽ تمدن، نشست ۽ برخاست، لباس، کاڌي خوراڪ ۽ اهڙن ٻين نقطن جو سڀ کان اعليٰ رڪارڊ ۽ انمول خزانو هر دور ۾ اُن سماج يا قوم جي ٻولي ئي رهي آهي. جيئن جيئن ڪنهن قوم جي تهذيب ۽ تمدن توڙي سماجي قدرن ۾ فرق ايندو رهيو آهي، تيئن تيئن انسان ذات جي اُٿڻيءَ ويهڻيءَ ۽ روزاني زندگيءَ ۾ تبديليون اينديون رهيون آهن ۽ انهن تبديلين ۽ ترقيءَ جو اثر، اُن قوم ۽ اُن قوم جي ٻوليءَ تي به ٿيدو رهندو آهي.

علم اللسان جو، علم الانسان سان هميشه واسطو رهيو آهي. اُن لحاظ کان ڪنهن زبان جو مطالعو، اُن قوم، اُن قوم جي معاشري، تهذيب ۽ تمدن، ۽ اُن قوم ۽ ملڪ جي ثقافت جو مطالعو سمجهيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي ته هر ڪا ٻولي، انساني عمل جي پيداوار آهي. ٻوليون مرده انسانن جي لاش، مري ويل ماڻهن جي هڏين مان نٿيون جُڙن، پر اُهي (ٻوليون) زندهه انسانن جي رومزره جي زندگيءَ مان اُڀرن ۽ اُسرن ٿيون، ۽ ترقي ڪن ٿيون؛ لهاذا اهو چئي سگهجي ٿو ته ٻوليون زندهه قومن جي زندگيءَ، سندن جيوت، سندن تهذيب ۽ تمدن ۽ سندن ثقافت جون آئينه دار هونديون آهن. انهيءَ دليل جي آڌار تي، چئي سگهجي ٿو ته ٻولين جي تاريخ ۾ قومن جي زندگي ۽ زندگيءَ جي تاريخ لڪل يا سمايل هوندي آهي. يعني زبان جي تاريخ ۾ قوم جي زندگيءَ جي تاريخ سمايل هوندي آهي.“ (3)

ٻوليون ۽ زبانون صدين جي فطري سماجي عمل جي نتيجي ۾ ٺهنديون، جُڙنديون ۽ جڙي راس ٿينديون آهن- اُهي ڪنهن مصنوعي ۽ هٿراڌو ٽڪساٽ جو نتيجو نه هونديون آهن.

سنڌ جو ناميارو اسڪالر ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو:

”انساني ٻولي عوام جي پيداوار آهي. اُها نه ڪن عالمن جي جوڙِيل آهي ۽ نه وري ڪن اُستادن جي، عالم ۽ اُستاد ٻوليءَ کي شاهوڪار ضرور بنائين ٿا، اُن کي سينگاري سنواري ٺاهي جوڙي، ادبي ٻوليءَ جي حُسن جو گُل ضرور بنائين ٿا، پر ٻوليءَ جون اهم ترين مُکڙيون دراصل انهيءَ ٽاريءَ تي پيدا ٿيون ٿيون، جيڪا پنهنجو پاڻ اُڀري ۽ اُسري آهي. وڌي ۽ ويجهي آهي، ۽ اُن جون پاڙون زمين ۾ کُتل آهن: يعني ٻوليءَ جو اُسرڻ ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي محنت جو نتيجو نه آهي. اُها زمين ئي آهي، جنهن مان ٻوليءَ کي پنهنجي تازگي ۽ غذا ملي ٿي.“ (4)

ان سان گڏوگڏ ٻولين جي ارتقا ۽ اؤسر ۾ سماجن ۽ قومن جي طبعي لاڙن کي پڻ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

اهڙيءَ ريت اسان کي سنڌ جي سرزمين جي قديم آثارن ۽ سماجي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ جي اِڀياس مان اها پروڙ پوي ٿي ته سنڌي سماج/قوم پنهنجي قديم دؤر کان ٻولي، علم، ادب ۽ فنون لطيفه ڏانهن غير معمولي دلچسپيءَ جا لاڙا رکندڙ هو، جنهن ڪري ئي سنڌ جي سرزمين جُڳن کان علم، ادب، آرٽ ۽ تصوف جو گهوارو رهندي پئي اچي. موهن جو دڙو، رني ڪوٽ ۽ ٻيا ڪيترائي آثار سنڌي سماج جي فني ۽ فڪري اوجر کي ظاهر ڪن ٿا.

سنڌي سماج جي انهن ئي فڪري لاڙن اڳتي هلي ارتقا ۽ اؤسر جا فطري مرحلا طئي ڪرڻ بعد هڪ شاندار ٻوليءَ جو روپ ورتو ۽ اڄوڪي سنڌي ٻولي ٺهي جُڙي راس ٿي.

سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ خوبين کي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هيٺين لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

”سنڌي هڪ زنده جاويد زبان آهي، جنهن جو وجود هڪ اهڙيءَ ته ترقي پذير زبان وانگر آهي، جيڪا ڪنهن به ٻيءَ زبان جي لفظن کي پنهنجي وجود ۾ شامل ڪري، انهن کي هضم ڪرڻ جي قوت ۽ صلاحيت رکندي آهي. جتي هزارين عربي ۽ فارسي ٻولين جا لفظ سنڌي ٻوليءَ جي لغات جو حصو بڻجي ويا آهن، اُتي ٻنهي تهذيبن (عربي ۽ سنڌي تهذيب) جي ميل جول ڪري ڪيترائي روزمره جي استعمال وارا سنڌي ٻوليءَ جا لفظ عربي لغات جو به حصو بڻيا. عرب سياحن، محققن، جاگرافيدانن ۽ مؤرخن، سنڌ ۾ پنهنجي سفر دوران، سنڌي ٻوليءَ جو وجود ۽ اُن جي وسعت جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي.“ (5)

جيتوڻيڪ اُها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته انگريزن جي دور ۾ 1848ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي موجوده لپيءَ کي معياري الفابيٽ قرار ڏيئي، ان کي سنڌ جي دفتري ۽ تدريسي زبان جو درجو ڏنو ويو، پر دراصل اهو قدم سنڌي سماج جي اوسر جي فطري تقاضا جي تڪميل هيو.

الفابيٽ ٺهڻ، تعليمي، تدريسي ۽ دفتري درجو حاصل ڪرڻ بعد، سنڌي ٻولي جيئن جيئن سنڌي سماج جي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي ترقيءَ جي آڌار قومي ۽ بين الاقوامي کيتر ۾ روان دوان هئي ته 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي سياسي فضا ۾ اهڙيو اُٿلون پُٿلون رونمان ٿيون، جن سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ اوسر کي شديد هاڃو رسايو، اُهي هن ريت هيون:

  • 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو عمل ۾ آيو، جنهن ڪري سنڌ جي معاشي ۽ سياسي سگهه يعني مڊل ڪلاس، جيڪو هندو واپارين، صنعت ڪارن ۽ هنرمندن، عالمن ۽ اديبن تي مشتمل هيو، اُهو لڏي هندستان هليو ويو.
  • 1948ع ۾ سنڌ جي اهم معاشي ۽ ڪاروباري مرڪز ۽ گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪيو ويو.
  • 1948ع ۾ ڪراچيءَ جي 1300 سنڌي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي ختم ڪيو ويو.
  • 1954ع ۾ مغربي پاڪستان جي صوبن کي ملائي ”ون يونٽ“ ٺاهيو ويو، جنهن ڪري سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ کي شديد هاڃو رسيو. سنڌ کي سُڃاڻپ جي خاتمي سان گڏ شديد معاشي ۽ سياسي استحصال کي منهن ڏيڻو پيو.
  • 1956ع ۾ ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ طرفان سنڌي ٻوليءَ کي ”امتحاني ذريعي واري حيثيت“ کان محروم ڪرڻ جا احڪام جاري ڪيا ويا، جنهن ڪري ڪراچي ۽ ڀرپاسي جي قديم سنڌي آبادي قومي تشخص جي احساس کان محروميءَ ڏانهن ڌڪجي وئي.
  • 1958ع ۾ مارشل لاءِ لڳائي ون يونٽ جي ايجنڊا (جيڪا سنڌ جي معاشي ۽ سياسي غلاميءَ جي سنگهرن کي مضبوط بنائڻ هئي) کي پايهء تڪميل تائين پهچائڻ جي مڪمل تياري ڪئي وئي.
  • 1959ع ۾ ايوب خان پاران ويهاريل تعليمي ڪميشن جيڪا ”شريف ڪميشن“ سڏجڻ ۾ آئي هڪ رپورٽ پڌري ڪئي، جنهن ۾ سفارش ڪئي وئي ته سنڌي ٻوليءَ کي آهستي آهستي اهڙيءَ طرح ناڪام بنايو وڃي جو اُها فقط پنجين درجي تائين تعليمي ذريعو وڃي رهي، ان خلاف سنڌي عوام تمام گهڻي مزاحمت ڪئي. دانشورن طرفان ”سنڌي زبان سوسائٽي“ قائم ڪئي وئي، ان ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي پليٽ فارم تحت تمام گهڻو احتجاج ڪيو ويو. نيٺ حڪومت ڪنڌ جهڪايو ۽ 13-آڪٽوبر 1962ع تي مرڪزي حڪومت هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌي زبان کي انٽر تائين ذريعه تعليم طور قبول ڪيو.
  • 1966ع ۾ ون يونٽ سرڪار طرفان سنڌ ۾ ٽي ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول کوليا، جن ۾ فقط اردو کي ذريعه تعليم بنايو ويو. انهن اسڪولن ۾ اُهي شاگرد، جن جي مادري زبان سنڌي هئي، انهن لاءِ به اردوءَ کي ذريعه تعليم طور لازمي قرار ڏنو ويو.
  • ون يونٽ دوران نه رڳو ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج جون لکين ايڪڙ زرخيز زمينون ڌارين فوجي ۽ سول آفيسرن کي ”مالِ غنيمت“ طور ڏنيون ويون، پر ان سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخي حيثيت کي پڻ گهٽائڻ لاءِ سازشون ڪري مختلف هاڃيڪار قدم کنيا ويا. اُن صورتحال خلاف سنڌي عوام تاريخي جدوجهد ڪئي، جنهن ڪري آخرڪار يحيٰ خان حڪومت جولاءِ 1970ع ۾ باضابطه طور ون يونٽ کي ٽوڙي اڳوڻا صوبا بحال ڪيا ۽ ووٽر لسٽن کي سنڌيءَ ۾ لکڻ جا پروانا جاري ڪيا.
  • جولاءِ 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ٻولي بل پاس ڪري سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت جي بحاليءَ ڏانهن هڪ اهم قدم اڳتي وڌايو، جنهن مطابق اردوءَ سان گڏ سنڌي پڻ سنڌ جي دفتري زبان رهندي ۽ ان کي ذريعه تعليم جو درجو پڻ حاصل رهندو. پر اهڙي فيصلي اڳيان هلي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڪافي نقصان ڏنو ۽ سنڌ ٻه ٻوليائي صوبو ٿي ويو.

 

سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي سماج جو مستقبل:

انساني سماج جي تاريخ شاهد آهي ته سماج جي ترقي ۽ ٻولي، ادب ۽ آرٽ جي ترقي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. سنڌي سماج جي اڄوڪي پست حالت جو پس منظر ۽ پيش منظر ڪجهه هيٺينءَ ريت آهي:

انگريز دؤر ۾ سکر بئراج ٺهڻ بعد سنڌي سماج جي ترقيءَ جا اُمڪان پيدا ٿيا، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي حوالي سان جيڪي به قدم کنيا ويا، انهن جا سنڌ جي معاشي ۽ سماجي حالتن تي انتهائي ناڪاري اثر پيا آهن. ڪنهن اهڙي منظم پارٽي جو نه هجڻ، جيڪا سنڌي عوام جي بنيادي مسئلن کي ڏاهپ ۽ دانائيءَ سان حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون وٺي. جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي جي رياستي پٺڀرائيءَ سبب زراعت ترقي نه ڪري سگهي آهي. ٻهراڙين ۾ جديد صنعتن جو ڄار وڇائڻ جا منصوبا شروع ڪرڻ ته پري رهيو، سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ”ڪراچي“ جي صنعتن جي لاڀ حاصل ڪرڻ ۽ روزگار جي موقعن کان پڻ سنڌي عوام محروم آهي. تيل، گيس ۽ ڪوئلي جي پئداوار جي لاڀَ کان عام سنڌي ماڻهو وانجهيل آهي.

جيئن ته سنڌي سماج اڃا سوڌو صنعتي ترقيءَ جي دور ۾ داخل ٿي نه سگهيو آهي. واپار تي ڌارين جي غلبي سبب اُن ميدان ۾ پڻ چٽاڀيٽيءَ جي پوزيشن ۾ اچي نه سگهيو آهي. ان صورتحال جو اثر لازمي طور تي سنڌي ٻوليءَ جي بيهڪ تي پوڻو آهي، جنهن جا ڪجهه منظر هيٺينءَ ريت آهن:

  • خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ذريعه تعليم هجڻ، سنڌي ٻوليءَ جو آئيني ۽ قانوني حق آهي، پر ان تي عمل درآمد ڪرائڻ کان سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اسيمبلي به معذور، مجبور ۽ بيوس نظر پئي اچي.
  • سائن بورڊن، پبلسٽي ۽ ميڊيا تي ڌارين ٻولين جو اثر ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ڪي به اثرائتا اُپاءَ نه پيا ورتا وڃن.
  • سنڌ جي تعليمي ۽ تدريسي نظام ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا بابت جيڪو آڳاٽو مفيد ۽ لاڀائتو طريقو رائج هو، جهڙوڪ: گرامر ۽ صورتخطيءَ تي خاص ڌيان ڏيڻ وغيره، انهن طريقن تي عمل جيئن پوءِ تيئن گهٽبو پيو وڃي، جنهن ڪري شاگردن مان سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي ڄاڻ گهٽجي رهي آهي.
  • تعليمي ۽ تدريسي نظام ۾ نقصن ۽ خامين جو دائرو ڏينهون ڏينهن وسيع ٿيندو پيو وڃي، جهڙوڪ: ڪاپي ڪلچر ۾ واڌ، تعليمي ادارن ۽ تدريسي عمل جي کوٽ، اُستادن ۽ شاگردن جي تدريسي عمل سان عدم دلچسپي، سياسي پارٽين جو تعليمي ادارن ۾ منفي ڪردار، انتظامي ڪرپشن وغيره، جنهن ڪري نوجوانن جي تعليمي اهليت ۽ قابليت شدت سان متاثر ٿي رهي آهي ۽ اُن جا مستقبل جي سنڌي سماج تي نهايت ئي اُگرا ۽ تباهه ڪندڙ اثر پوندا.

مٿي ڄاڻايل صورتحال اهو ظاهر ڪري ٿي ته سنڌي سماج ۽ سنڌي ٻولي ورهاڱي کان اڳ جيڪا بيهڪ رکي پئي، سا ورهاڱي کان پوءِ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ معاشي وسيلن جي گهڻائيءَ هوندي به، جيئن پوءِ تيئن پستيءَ ڏانهن روان دوان آهي. انهيءَ انتهائي افسوس جوڳي صورتحال مان نڪرڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته:

  • سنڌي جي تعليمي ادارن جي بهتري ۽ ترقيءَ واسطي سوچڻ ۽ وِک وڌائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي.
  • اسان کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪجهه ٻين شهر ۾ غير سنڌين جي غلبي کان مرعوب ٿيڻ ۽ احساس ڪمتريءَ ۾ اچي ڌارين ٻولين کي اختيار ڪرڻ بدران خوداعتمادي ۽ فخر سان صدين جي قدامت رکندڙ پنهنجي پياري سنڌي ٻوليءَ جي نه رڳو واهپي ۽ استعمال کي هٿي وٺرائڻ گهرجي، پر پنهنجي ٻارن ۽ گهر ڀاتين جي سنڌي ۾ تعليمي قابليت تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي.
  • سنڌي سماج جي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي ته اسين زراعت، صنعت، واپار ۽ تعليم جي شعبن ۾ نه رڳو اڳتي وڌون، پر پنهنجي نئين نسل ۾ انهن شعبن سان لاڳاپيل قابليت ۽ اهليت پڻ پيدا ڪريون.
  • ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ ۽ ٻين غير سنڌي آبادين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جا مرڪز قائم ڪيا وڃن ۽ کين سنڌي ثقافت ۽ ڪلچر کان روشناس ڪرائڻ لاءِ سرگرميون ڪرڻ گهرجن.
  • سنڌي ٻوليءَ کي ڪاروباري ۽ مارڪيٽ جي ٻولي بنائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ٻولي ۾ ڪم ڪار ڪن ۽ ائين ئي ٻوليءَ جي بين الاقوامي سطح تي ترقي ٿي سگهندي.

 

حوالا:

  1. جويو، محمد ابراهيم: مقدمو ”سندي ذات هنجن“، حيدرآباد، 1983ع، ص. 8
  2. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، سنڌي ٻولي جي ارتقا، ص 3
  3. الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1978ع ص: 48
  4. الانا، غلام علي ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2006ع، ص 78.