سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-094-4
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     7357   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻولي بحيثيت ڪاروباري ٻولي


سنڌ جي تهذيب دنيا جي آڳاٽين ۽ اهم تهذيبن مان هڪ آهي ۽ ڪن حوالن ۽ اُهڃاڻن موجب اها ٻين تهذيبن کان منفرد ۽ مختلف آهي. هن تهذيب کي ڳالهائڻ ۽ لکت ٻنهي صورتن ۾ ٻولي هئي. ان ڏس ۾ موهن جي دڙي جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، جتي سنڌ جي ٻولي، لکت ۽ واپار سميت هر شئي ۽ عمل لاءِ استعمال ٿيندي هئي.

سنڌي ٻوليءَ جي شروعات بابت ماهرن جا مختلف رايا آهن، پر سڀ ان ڳالهه تي اتفاق ڪن ٿا ته سنڌي ٻولي هن خطي جي اوائلي ٻولي آهي ۽ ان جون پاڙون مُوهن جي دڙي جي تهذيب ۾ کُتل آهن.

سنڌ جي تجارتي مهم جوئي به ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب قديم آهي. سنڌ ۽ ان جي واپار متعلق دستاويز، آڳاٽي تاريخ ۾ نظر اچن ٿا.اين. ايم. بي وريا، انهيءَ راءِ جو آهي ته رگ ويد ۾ جيڪي ”پڻي“ لوڪ ٻڌايل آهن، اهي سنڌ سان لاڳاپو رکن ٿا. اها هڪ غور لائق شاهدي آهي ته ويدن واري دور ۾ سنڌ سامونڊي مهم جوئيءَ ۽ واپار جي ڪري سڃاتي ويندي هئي. هڪ اهم شاهدي ملي ٿي ته سنڌ 3000 ق.م. ۽ ان کان به اڳ انهن ڪجهه واپاري مرڪزن مان هڪ هئي، جتي مختلف ملڪن جا ٻيڙا اچي بيهندا هئا. سنڌ جي هڪ وڏي آرڪيالاجسٽ ۽ اسڪالر تاج صحرائيءَ پنهنجيءَ تحقيق ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته ”پڻي سنڌ سان تعلق رکن ٿا ۽ سندن وڻج واپار سان واسطو هو“. ميجر جنرل هئگ لکي ٿو ته ”ڊيلٽا وارو علائقو (سنڌ) ٻاهرين واپارين لاءِ پُرڪشش علائقو رهيو آهي. اهو قدرتي آمدرفت جي ڇيهه واري رستي تي آهي. جتان وچ ايشيا کان ٿيندي ڀارت جي ميدانن ڏانهن وڃي ٿو“. ساڳيو ليکڪ لکي ٿو ته ”سنڌوءَ جو ڊيلٽا، پينسلا جي ويجهن هنڌن تي هو. عظيم ميسوپوٽيمي ندين ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪنارن کي به ويجهو هو. جتي واپاري رجحان شروعاتي دور کان ئي ڪافي سرگرم هئا ۽ سامونڊي واپار ۽ مهم جوئي به جاري هئي“. پروفيسر چيتن ماڙيوالا انهيءَ خيال جو آهي ته سنڌ، درياهه جي منڍ ۾ سامونڊي سفر ڪندڙن کي ويجهي ماضيءَ ۾ ايراني نار ۾ ڳاڙهي سمنڊ کان ويجهي منزل فراهم ڪئي، جڏهن ته ان کي پنهنجا ٻيڙا سدائين خشڪيءَ واري پاسي رکڻا پوندا هئا. ڊاڪٽر بريسٽيڊ انهيءَ خيال جو آهي ته ٻن درياهن جي ماٿري ميسوپوٽيميا ۽ ان جا واپاري لاڳاپا ق. م. جيسٽين- جڳ ۾ ڪيترن ئي ملڪن سان هئا. هو چوي ٿو ته بنا شڪ اها شاهدي ملي ٿي ته اهو ڪاروباري اوڀر طرف سنڌو درياهه جي لاڙ تائين پکڙيو. ڊاڪٽر آر. ڪي لکي ٿو: ”هاڻي اهو يقين ڪيو وڃي ٿو ته مصري پنهنجيون مميون سنڌي ڪپڙن ۾ ويڙهيندا هئا، ته جيئن سنڌ ۽ مصر جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا ڊگهي ماضيءَ تائين قائم رهن. بولان لڪ کان قافلن وچ ايشيا ۽ سنڌوماٿريءَ جي وچ ۾ صدين تائين لاڳاپن کي جاري رکيو“. اها هڪ حقيقت آهي، جنهن لاءِ ڪنهن ثبوت جي ضرورت نه آهي.

شروعاتي دور ۾ ٻاهرينءَ دنيا سان سنڌ جا واپاري لاڳاپا هڪ ڊگهي عرصي تائين برقرار رهيا. اهو سنڌ جو وسيع ڪاروبار ئي هو، جو سنڌ، ايراني بادشاهه Arives جي اثر هيٺ پهرين صدي ق.م . ۾ رهي ۽ هن سنڌ تي ڪاهه ڪري اُن کي فتح ڪيو.

ڪئپٽن مڪمروڊ انهيءَ راءِ جو آهي ته: ”ملڪ کي قدرتي طور تي واپار جي واڌاري لاءِ پسند ڪيو ويو ۽ ائين ئي ٿيو، هندو حڪومت ان جو بهترين ثبوت آهي.“ ڊاڪٽر مڪمروڊ جي وڌيڪ چوي ٿو ته اها سنڌين ۽ پاڙيسري گجراتين جي واپاري ڏي وٺ هئي، جنهن پندرهين صدي عيسويءَ ۾ جاوا کي بيٺڪيت بنايو.

مٿين مختصر پر سگهاري شاهدي ثابت ڪري ٿي ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڻج واپار جا مرڪز کليل هئا، جن کي ”ڪوئسي“ چيو وڃي ٿو. انهن ۾ ڏور اوڀر چين، سنگاپور، هانگ ڪانگ، آمريڪا، پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊن جا ڪيترا ٻيٽ اچي وڃن ٿا.

واپار جي واڌاري کي ڏسندي، واپاري برادرين هڪ ”واپاري ٻوليءَ“ کي جنم ڏنو، جيڪا انهن جي استعمال ۾ لاڳيتو رهي. هيٺينءَ سطح تي ماپ ۽ تور لاءِ به ٻولي ٺاهي وئي، مثال طور تولو، رتي، ماسو، ٽويو، چتي، پراڙ، ڪاسو، وال وغيره اهڙا اصطلاح آهن، جيڪي نمايان طور واپار لاءِ استعمال ٿيندا هئا. اڄڪلهه انگريزي ماپ ۽ تور وارو نظام ڪتب اچي ٿو ۽ سڄي دنيا ۾  ڳولا ڪيو ويو آهي، پر سنڌ کي اهو اعزاز آهي ته انهيءَ کي ماپ ۽ تور جو پنهنجو نظام رهيو آهي، جيڪو ورهاڱي کان اڳ تائين عام جام هلندو هو ۽ هاڻي به ٻهراڙين ۾ استعمال ٿئي ٿو.

عرب دور کان وٺي ڪلهوڙا دور تائين سنڌ واپار جو اعليٰ مرڪز رهي آهي. عربن، سنڌين ۽ يورپين جي وچ ۾ رابطو سنڌيءَ ۾ نه هو، پر واپاري ٻولي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن لهه وچڙ ٿي سگهي. ڪجهه ماڻهو عربي ڄاڻندا هئا ۽ شعوري ڪوشش سان سڀني عربن کي سنڌي سيکاري وئي، ۽ ڪجهه وقت لاءِ واپاري ضرورتن کي پورو ڪيو ويو. يورپي، جن ۾ انگريز، پورچوگيز، ۽ فرينچ شامل هئا، تن کي سنڌي سيکاري وئي ته جيئن واپار ٿي سگهي. عرب وڏا واپاري هئا. ان وقت ٺٽو وڏو واپاري بندر هو، جتان اُهي مالا بار ۽ گلف (نار) طرف واپار ڪندا هئا. عرب ڪاٺ، ڪپڙي کاڌي پيتي جي شين ۽ مسالن جو واپار ڪندا هئا.

سنڌي واپاري جن کي ”سنڌ ورڪي“ سڏيو ويندوهو، تن جو واپار سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل هو. سنڌي پنهنجي دڪان سان يقيني طور مهذب دنيا جي ڏوراهين علائقن ۾ ملي ٿو. سندن موجودگي هر هنڌ ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندي هئي. هنن جي واپار جي تجسس ڀري طبيعت ڪيترائي سوال اُن ڌرتيءَ بابت اُٿاريندي هئي، جتان هو ايندو هو ۽ ان ريت سنڌي سموريءَ دنيا ۾ سڃاڻپ بنيو هو.

جڏهن سماج ٻوليءَ سان مالا مال ٿئي ٿو ته انهيءَ جي جذب ڪرڻ واري صلاحيت ۾ واڌ اچي ٿي. تڏهن ماڻهو هر ميدان ۾ انهيءَ کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي محسوس نٿا ڪن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صدين کان سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ٻوليءَ کي مڪل شڪل ڏني. پراڻي دور ۾ سنڌي سماج پاڻ کي واپار ۽ (ڪامرس) ۾ مصروف رکيو. واپاري ٻوليءَ جي گهرج موجب انهن ڪي نوان اصطلاح پيدا ڪيا، جيڪي عام ماڻهو سولائيءَ سان سمجهي ٿي سگهيا. اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته واپاري برادري جيڪڏهن ڪو اصطلاح استعمال ڪري ٿي، جيڪو ڪنهن مقصد جي پورائيءَ لاءِ معمولي آهي ته اهو مونجهاري ۽ پريشانيءَ سان گڏ تضاد جو ڪارڻ بنبو آهي، ان ڪري واپار ۽ حساب جي حوالي سان ڪجهه ضميما/واڌارا Annexure به شامل ڪيا ويندا هئا، جيڪي اهو ثابت ڪندا هئا ته سڄي دنيا جي واپاري مرڪزن سان جيڪا ڏي وٺ ٿيندي هئي، اها ساڳي سنڌي طريقي سان ٿيندي هئي، جنهن کي سڄيءَ دنيا ۾ واپاري اصطلاح هئا. 16 ۽ 17 صدي عيسويءَ دوران ۽ ان کان پوءِ ”هُنڊيون“ استعمال ٿينديون هُيون. هُنڊي گشتي بئنڪ جو پهريون ۽ مناسب اقتصادي نمونو هو، جيڪو سنڌي سرمائيدار ايجاد ڪيو هو. اهو هاڻي جديد بئنڪ جي صورت ۾ عالمي طور اهم ۽ اثرائتو ذريعو آهي. هُنڊيءَ ذريعي ايجنٽ يا دلال ملڪ اندر يا ملڪ کان ٻاهر جي حساب ڪتاب کي منهن ڏيندو هو. پئسي جي مَٽا سَٽا لاءِ ضروري تفصيل واضح طور هُنڊيءَ ۾ لکيل هوندا هئا. هُنڊيءَ جو مارڪيٽ قدر (market value) هوندو هو، جن جي قيمت هُنڊيءَ ۾ لکيل رپين برابر هوندي هئي. عام ماڻهو سدائين هُنڊيءَ جي طريقي ڪار کي ترجيح ڏيندو هو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان کين ٻين طريقن جي ڀيٽ ۾ پئسا موڪلڻ ۾ تمام گهٽ لاڳت لڳندي هئي.

اهو پئسي جي ليتي ڏيتيءَ جو نظام ڄڻ ته واپار جي ’ڪرنگهي جي هڏي‘ هو. هنڊيءَ جا ٻه قسم هئا؛ هڪ ’درساڻي‘ ۽ ٻيو ’مُدي‘ واري. درساڻي هنڊي اهڙو قسم هو، جنهن کي ڏيکارڻ کان پوءِ دلال کان پئسا ورتا ويندا هئا. مدي واري هُنڊي بئنڪ ۾ وياج تي پئسا جمع ڪرائڻ جهڙي هئي، جنهن موجب، رقم ڏيندڙ سيٺ لکت ۾ هڪ ڪاغذ ڏيندو هو، جنهن ۾ لکيل هوندو ته ڪير ڪيترا پئسا، ڪيتري وقت لاءِ ۽ ڪيتري وياج تي رکائي ٿو.

جديد دور ۾ بئنڪن ۾ رقم وياج تي رکي ويندي آهي، جنهن موجب هڪ ماڻهو هڪ وقت مقرر وقت تائين رقم معاهدي هيٺ واپس وٺي ٿو، پر سيٺ مدي واري هنڊيءَ ۾ اڳ ۾ وياج ڏيندو هو. مثال طور ڪنهن پنج سؤ روپيا جمع ڪرايا ۽ اُن تي وياج اٺ آنا في سؤ هئا، ته ان موجب وياج پنجن سون تي اڍائي رپيا ٿيندو هو. پئسا جمع ڪرائڻ وقت سيٺ 495 رپيا جمع ڪندو هو ۽ ان تي رپيا اڳواٽ ڏئي ڇڏيندو هو. اهو ڏاڍو دلچسپ طريقو هو، جيڪي پئسا سيٺ وٽ جمع ڪرايا ويندا هئا، تن جو عام نالو ”ڌراوت“ هو. اهڙيءَ ريت ماضيءَ ۾ سنڌي ٻولي واپار جي حوالي سان ناقابل يقين ۽ مالدار هئي ۽ ان جا ڪيترائي اصطلاح استعمال ٿيندا هئا ۽ اڄ تائين ڪم اچن ٿا.

انهيءَ عمل دراصل ڪاروبار ۽ واپار جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ کي سگهارو ڪيو. ڪاروبار جي حوالي سان لفظ ”ڏيوالو“ عام ڪتب ايندو آهي. اهڙو واپاري، جيڪو اهڙيءَ حالت ۾ ڦاسي پوي، جو پنهنجو قرض نه ادا ڪري سگهي، انهيءَ کي ’ڏيوالو نڪتل واپاري‘ چئبو آهي. انهيءَ حالت ۾ عدالت هڪ عملدار رکندي هئي، جيڪو سيٺ جي ملڪيت، اثاثن ۽ واپار جي جانچ ڪندو هو. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ بعد هُو نيلاميءَ جو بندوبست ڪندو هو. جڏهن سموري ملڪيت وڪامجي ويندي هئي ته حاصل ٿيل رقم عهديدارن ۾ ورهائي ويندي هئي، انهيءَ ورهاست کي ”سڌمي“ چئبو هو.

ورهاڱي کان اڳ ۾ سنڌ ۾ ڪاروبار رڪارڊ تمام چڱيءَ ريت رکيو ويندو هو. انهيءَ وقت ماڻهو واپار ۾ مڪمل طور مصروف ۽ واپاري انتظام جي اوچاين تي پهتل هئا. مثال طور هر قسم جي رڪارڊ لاءِ مقامي ٻوليءَ جو اصطلاحن تي مشتمل ڪتاب هوندو هو، جنهن ۾ هڪ ”آڳت جو کوڙو“ هو، اهو اهڙو ڪتاب هو، جنهن ۾ واپاري مختلف شين جا تفصيل رکندا هئا، جيڪي هو وڏن واپارين کان خريد ڪندا هئا، ان ۾ اهو ڄاڻايل هوندو هو ته ڪهڙي شيءِ ڪنهن کان خريد ڪئي وئي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ رڪارڊ رکڻ جي وڏي اهميت هئي. جڏهن ڪو به انهيءَ جو مطالعو ڪندو هو ته سنڌي واپاريءَ جي عقل جي ساراهه کان نه ڍاپندو. هڪ ٻيو ڪتاب جنهن کي ”افائيت جو کوڙو“ چئبو هو. اهو اهڙو ڪتاب هو، جنهن ۾ وڪري ٿيل شين جا تفصيل ڏبا هئا، جيڪي قرض تي ڏنيون وينديون هيون. ان ۾ قرضيءَ جو نالو به ڄاڻايل هوندو هو.

”نقد“ پئسي کي واپار ۾ وڏي اهميت آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي نقصان ۽ فائدي جو فيصلو ڪري ٿو، انهيءَ ڪري واپاري روزانو دڪان بند ڪرڻ کان پهرين پئسا ڳڻيندو آهي. اهو روزمره جو معاملو آهي. انهيءَ لاءِ هڪ ٻيو ڪتاب رکيو ويندو هو، جنهن کي مقامي طور روزميل/روڪڙو چئبو هو. واپار جي شين جي خريد، سامان خريد ۽ روڪڙ رقم ڪيتري آئي ۽ وئي، انهي سڀني جو کاتو رکيو ويندو هو. اهو رڪارڊ واپاريءَ کي ٻڌائيندو هو ته هن ڇا ڪيو، ڪنهن ۽ ڪيترو انهن ذريعن مان ڪمايو. اها واپاري عشق ”ليکي پيڙهه“ سڏبي هئي. اهو ڪتاب مٿي بيان ڪيل ڪتابن ”آڳت جو کوڙو“، ”نائين جو کوڙو“، ”روزميل“ مان تيار ڪبو هو، جنهن کي تفصيلي ڪتاب ”ليکي پيڙهه“ جو ڪتاب چئبوهو.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته وياج جو تصور به سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻو پراڻو آهي. خاص طور جڏهن اسين هاڻوڪي وقت ۾ سنڌي واڻين (وڻج ڪندڙ، واپارين) جو رڪارڊ ڏسون ٿا ته خبر پوي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ وياج جي حساب ڪتاب جو به واهپو هو. انهيءَ لاءِ انگريزيءَ بدران عربي (سنڌي) انگ استعمال ڪيا ويندا هئا واپاري ڪوٺين جي رابطي لاءِ مختلف چارٽ استعمال ٿيندا هئا، ان زماني ۾ شڪارپور، ٺٽي کان پوءِ اهم واپاري ۽ ڪاروباري مرڪز هو. ڪيترن ئي سنڌين پنهنجا واپاري مرڪز ۽ بئنڪون سنڌ ۽ پوري هندستان ۾ کوليون، جتي تربيت يافته ماڻهو موجوده هوندا هئا، جن کي ”منشي“ چيو ويندو هو. اُهي اقتصادي ۽ مالياتي واپار جي رڪارڊ کي ڏسندا هئا. آهستي آهستي سنڌي واپاري مشهور ٿي ويا ۽ انهن مان ڪيترا روس ۽ بلقان رياستن جي مدد ۽ رهنمائيءَ لاءِ ويا ته جيئن روسي بينڪر پنهنجو واپاري ۽ ڪاروباري نظام تيار ڪري سگهن. انهن روسي رياست جي وڏي خدمت ڪئي. انهن مان ڪيترا اُتي ترسي پيا ۽ ڪجهه واپاري ۽ ڪاروباري جرمني، آسٽريليا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ سنڌي خانه بدوشن جي صورت ۾ سڃاتا وڃن ٿا. اها سنڌ جي ترقي، سندن واپار، ڪاروبار، ماليات، ڪاروباري ذهنيت، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ انهيءَ جي استعمال جي نشاني آهي.

سنڌ تمام ڏکيو وقت به ڏٺو. عرب ۽ برطانوي دور ۾ سنڌ سان ظلم عام هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو پئسو ۽ وسيلا هتان انهن دورن ۾ کڄي ٻاهر ويندا هئا. سنڌ وسيلن جي حوالي سان ڪافي امير ملڪ رهيو آهي. ڪلهوڙا دور سنڌي سماج ۾ تمام سٺو ضابطه اخلاق پيدا ڪيو. انهيءَ دور ۾ پاڻيءَ جا وسيلا ڪئنالن جي صورت ۾ اُسريا ۽ ٻيا گهربل آبپاشي چينل به ٺهيا، جن زراعت ۾ ڪافي مدد ڪئي. تعليم ۽ ٻوليءَ لاءِ به اهو سونهري دور هو. باغ ۽ قلعا تعمير ڪيا ويا. انگريزي ڪارخانن جي پهرين شاخ به ڪلهوڙا دور ۾ ٺٽي ۾ ٺاهي وئي.

ڪلهوڙا دور جي سؤ سالن کان پوءِ ٽالپر قبيلي جي سنڌ تي سؤ سال حڪومت رهي. ان دور ۾ به واپار هلندو رهيو ۽ ترقي يافته سنڌي ٻولي ماضيءَ جيان هلندي رهي. ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن فارسي ٻوليءَ جو استعمال به ڪيو. جڏهن ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اصل ٻولي رهي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن تقريباً ٻن صدين تائين حڪومت ڪئي. انهيءَ دور ۾ به سنڌي ٻوليءَ پنهنجي سُڃاڻپ برقرار رکي. واپارين، رابطي ذريعي پوريءَ دنيا ۾ اقتصادي اصول ۽ بئنڪنگ ذريعي ڪاروبار ۽ واپار کي جاري رکيو. سڀئي ”چئا، کندا“ ۽ ”هنڊيون“ خاص فارميٽ ذريعي انهيءَ مقصد لاءِ تيار ٿيون.

سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهو سٺو سنؤڻ هو ته برطانوي راڄ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. برطانيا 1843ع ۾ سنڌ کي فتح ڪيو ۽ انهيءَ جي ذميوار منتظمن، ماڻهن جي زندگيءَ جي هر شعبي تي ڌيان ڏنو. ٻولي تمام اهم سڃاڻپ ۽ ضرورت هئي، جنهن کي برطانوي سامراج سُٺي مدد ڪئي. سر بارٽل فريئر ۽ سر ايلس بيرو ۽ پوءِ سنڌ جي ٻين ڪمشنرن، سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو. انهن ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جو معيار مقرر ڪيو ۽ عربيءَ لپيءَ جي چونڊ ڪئي. انهيءَ ڳالهه واپارين لاءِ وڌيڪ آساني پيدا ڪئي ۽ هو سڄيءَ دنيا سان سڌريل سنڌي ٻوليءَ وسيلي رابطو ڪرڻ لڳا. هتي اهو به ٻڌائڻ اهم آهي ته سنڌي واپاري، جيڪي سموريءَ دنيا ۾ پکڙيل هئا، اهي پاڻ ۾ سنڌيءَ جي ديوناگري لپيءَ ۾ رابطو ڪندا هئا. سر بارٽل فريئر برطانوي آفيسرن لاءِ سنڌ ۾ ملازمت دوران سنڌي سکڻ ۽ خاص امتحان پاس ڪرڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو. جيڪي اهو امتحان پاس ڪندا هئا، تن کي ترقيون ملنديون هيون ۽ سنڌ ۾ خاص انتظامي حوالي سان اهم جايون ڏنيون وينديون هيون. اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري ڪئپٽن جارج اسٽئڪ سنڌي انگريزي ۽ انگريزي سنڌي ڊڪشنريون ۽ گرامر تيار ڪيو. ان کان سواءِ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمن اسڪالر برطانوي تنظيمن سان ملي، سنڌي ٻوليءَ جو گرامر تيار ڪيو. ان ڏس ۾ سربارٽل فريئر جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي.

شاهدين جي دستيابيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته جيتوڻيڪ انهيءَ وقت ٻوليءَ کي جديد ڪرڻ لاءِ طريقا (Techniques) دستياب نه هئا، پوءِ به انهن پنهنجو ڪردار نڀايو ۽ ”واپاري برادريءَ“ جي ضرورتن کي پورو ڪيو.

پراڻن واپارين، جن 1930ع ۽ 1940ع ڌاري واپار ۾ حصو ورتو، تن جي انٽرويوئن ۽ ساروڻين مان خبر پوي ٿي ته سموريءَ سنڌ ۾ واپار جي ڏيتي ليتي سنڌيءَ ۾ ٿيندي هئي ۽ سڄو پراڻو رڪارڊ ۽ رجسٽر سنڌيءَ ۾ هئا، جيڪي ڪجهه اڄ به ڪٿي ڪٿي موجود آهن.

جيئن مٿي بيان ٿي چڪو ته برطانوي راڄ سنڌ لاءِ خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيو. بمبئي حڪومت ابتدا ۾ ٻوليءَ جي اوسر لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون، جنهن ۾ واپار جو فارميٽ به شامل هو.

ان ريت سنڌي ٻولي، ڪاروباري ٻوليءَ طور بهترين نموني اُسري. 1928ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻيءَ جي درخواست تي سنڌيءَ کي گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن لاءِ قبول ڪيو، جنهن تي اسڪالر خوش ٿيا. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سنڌي ٻولي جي اهميت تي زور ڏنو، ڇو ته هن ترقي ڪندڙ ٻوليءَ ۾ ميٿاميٽيڪل سائنس جي ڪتابن جي ضرورت هئي. اهي سنڌي، جيڪي انگريزي پڙهي نه ٿي سگهيا، تن کي سنڌيءَ ۾ مختلف امتحان پاس ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ اهڙيءَ طرح اهي نوڪرين وٺڻ جي قابل ٿيا. هڪ اميد اها به پيدا ٿي ته ٻولي واپار جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هي اهو وقت هو، جڏهن سنڌ ۾ ”هٽڪي سنڌي“ (واڻڪا اکر) استعمال ٿيندي هئي.

سنڌي ٻوليءَ جي بدقسمتي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿي. ورهاڱي جي نتيجي ۾ سنڌي واپاري ۽ سنڌي وچيون طبقو وڏي تعداد ۾ هندستان لڏي ويو. جنهن سان واپار/ڪاروبار ۽ ٻوليءَ کي وڏو ڌڪ رسيو. انهيءَ برادريءَ جي جاءِ هندستان مان آيل اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ برادرين والاري، جنهن مان اڪثر سنڌ ۾ رهيا، ۽ انهن جي ٻولي سنڌي ڪانه هئي.

پاڪستاني حڪومتن جي اڪثر پاليسين سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ برقرار رکيو، جنهنڪري سنڌي ثقافت کي نقصان ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جي ڪاليجن، اسڪولن ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ تدريس کي ڌڪ رسيو. پاڪستان جي شروعاتي دور ۾ ڪراچيءَ جي 500 سنڌي اسڪولن کي هڪ ڌڪ سان بند ڪيو ويو. يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي پڙهائي ختم ڪئي وئي. ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو شهر هو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي اوسر لاءِ مدد ڪري پئي سگهيو. پاڪستان سرڪار ڪيترا ايڪٽ ۽ ڪميشنون تعليمي پاليسيءَ جي سڌاري لاءِ مقرر ڪيو، پر سنڌي، سنڌ ڌرتيءَ جي ٻولي هوندي به پاڪستان جي ٻين مادري ٻولين وانگر نظر انداز ڪئي وئي ۽ فقط اردوءَ کي سرڪاري ۽ قومي ٻولي قرار ڏنو ويو. ڪجهه ئي ڏهاڪن کان پوءِ جيڪي ميل جا پٿر، بورڊ ۽ روڊن رستن، اسٽيشنن جا نالا وغيره، ورهاڱي کان اڳ سنڌيءَ ۾ لکيل ڏسبا هئا، انهن جي جاءِ تي اردوءَ کي ڪم آندو ويو. اهو ٻوليءَ لاءِ ڪاپاري ڌڪ هو ۽ اهو رويو اڃا تائين جاري آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ اها خاصيت آهي ته اها جديد دور جي هڪ جديد واپاري ٻولي ٿي سگهي ٿي. اهو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن وقت جي سرڪار مڪمل سهڪار ۽ دلچسپيءَ سان واپاري سرگرمين سميت سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ تي ڌيان ڏئي. اڄ جي جديد ڪمپيوٽر، اِي ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ سنڌيءَ ۾ اڳ ئي 1988ع کان ڪمپيوٽر موجود آهي. سنڌي ان تي هلي ٿي. اي ميل ويب سائيٽون ۽ انٽرنيٽ جا ٻيا ڄاڻ جا ذريعا موجود آهن. سموريون سنڌي اخبارون اِي ٽيڪنالاجيءَ وسيلي ڪمپيوٽر تي نڪرن ٿيون. سنڌي عدالت جي ٻولي به آهي. ٽي آر سومرو ۽ جي القمري، جڪي يو. اي اِي ۾ ٽيڪنالاجيءَ جا مرڪز آهن، انهن جو خيال آهي ته انٽرنيٽ زندگيءَ جو طريقڪار تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان جا رابطا ۽ واپاري ذريعا تبديل ٿي چڪا آهن. سڄي دنيا سان براڊڪاسٽنگ سيڪٽر ۾ يا معلومات ۽ ماڻهن جي وچ ۾ رابطو هاڻ بنا ڪن جاگرافيائي فاصلن جي ٿي رهيو آهي. جڏهن ته انهيءَ ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي گهڻائي، انگريزي نه ڳالهائيندڙ پنهنجي مقامي سائيٽن تي ۽ اي. ميل ذريعي پنهنجي ٻوليءَ جو عام استعمال ٿا ڪن. اهڙي ڪوشش اڳواٽ ئي چينين، جاپانين، ڪورين، عربي ۽ ٻين ٻولين لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي. انٽرنيٽ تي ٻولين لاءِ برابريءَ وارو رويو آندو وڃي ۽ انگريزي نه ڳالهائيندڙ کي اهو حق آهي ته هو پنهنجين ٻولين ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪن.

سنڌي اڳ ۾ ئي IDNS انٽرنيشنلائيز ڊومين سسٽم تي آهي، ۽ اها فرينچ، انگريزي، اردو ۽ عربيءَ وانگر ٽاپ ليول ڊومين تي آڻي سگهجي ٿي. انهيءَ ڪري صوبي ۾ واپار ۽ ڪاروبار کي وسعت ڏيڻ ۾ مدد ملندي ۽ ملڪ ۾ جتي به سنڌي واپاري برادري آهي، انهيءَ کي هڪ نئون گس ملندو. تازو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪري واپار جا مختلف اشتهار سنڌيءَ ۾ اچڻ شروع ٿيا آهن، پر انهيءَ کي وڌيڪ اثرائتو ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ سرڪار طرفان هدايتون جاري ٿيڻ گهرجن.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آيه ته ٻولي، واپار ۽ ڪاروبار لاءِ تڏهن ئي استعمال ٿيندي، جڏهن ان ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ڪاروبار ۽ واپار ۾ هوندا ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندا. لفظ اصطلاح، محاورا وغيره تڏهن ٺهندا آهن، جڏهن انهن جي ضرورت هوندي آهي. سنڌي ڪاروباري ۽ واپاري لفظن جي تياري، اُن وقت تائين نه ٿي سگهندي، جيستائين سنڌيءَ کي تعليمي ذريعي طور وسيع نٿو ڪيو وڃي. سنڌي درس ۽ تدريس ورهاڱي کان پوءِ متاثر ٿيو آهي. جيستائين سنڌي تدريس اثرائتي ۽ ڀرپور نٿي ٿئي، ان وقت تائين باقي ڪوششون گهٽ حاصلات ڏينديون ، ڪي اثرائتا نتيجا نه ملي سگهندا.

مٿين ڳالهين جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مستقبل ۾ ’هڪ واپاري ٻولي‘ بنائڻ لاءِ ڪجهه مشورا هيٺ ڏجن ٿا.

  1. پاڪستان سرڪار کي سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ طور تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ سرڪار، سنڌي ٻوليءَ جي دفترن ۽ تعليمي تدريسي استعمال لاءِ ،مؤثر قدم کڻي.
  2. سنڌ ۾ رهندڙن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لازمي قرار ڏني وڃي.
  3. سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ ۾ هڪ تحقيقي ۽ امپليمينٽيشن سيل ٺاهيو وڃي، جيڪو اهو ڏسي ته سنڌي ٻوليءَ کي واپاري ٻولي بنائڻ لاءِ مڪمل ڪوششون ورتيون وڃن ٿيون يا نه. ان ڏس ۾ ورڪ پلان ۽ پراجيڪٽ تيار ڪيا وڃن، اڪثر فنڊ انهيءَ مقصد لاءِ ڏنا وڃن. اهو پراجيڪٽ 10 سالن لاءِ هجي.
  4. ٻوليءَ جي ماهرن کي واپاري ڄاڻن سان گڏجي سنڌي ٻوليءَ ۾ واپار ۽ ڪاروبار لاءِ لفظن جا ذخيرا تيار ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
  5. ”سنڌي واپاري ٿيسارس“ تيار ڪئي وڃي.
  6. سنڌي ٻوليءَ کي واپاري ٻولي ڪرڻ لاءِ ماهرن جي مدد سان لغت تيار ڪئي وڃي، جنهن جو نالو ”سنڌي واپاري لغت“ هجي، جنهن ۾ ڪاروبار جا سمورا اصطلاح ڏنا وڃن.
  7. اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ پرائيويٽ شعبي ۾ ٻوليءَ جي واپار ۽ ڪاروباري استعمال لاءِ اهڙن ماهرن جي ڪميٽي جوڙي وڃي، جن ۾ ٻوليءَ  ۽ واپار جا ڄاڻو موجود هجي.
  8. واپار ۽ ڪاروبار جا سنڌيءَ ۾ مضمون متعارف ڪرايا وڃن. ياد رهي ته اڳ ۾ اها ڳالهه عام هئي ته شاگرد پرائمري پاس ڪندو هو ته کيس اهڙو سرٽيفڪيٽ لازمي حاصل ڪرڻو پوندو هو. واپار ۽ ڪاروبار ۽ ضرورت کي سڄي ملڪ ۾ ترقي وٺرائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن، جنهن سان واپاري برادرين ۾ ميل جول وڌندو ۽نتيجي طور سنڌي ٻوليءَ ۾ واپاري لفظ ۽ اصطلاح وڌندا.
  9. جديد مارڪيٽ/واپاري اصطلاح سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرائي ڇپرايا وڃن.
  10. 1972ع جي ٻوليءَ واري ائڪٽ ۾ ترميم ڪري، حڪومت سنڌي ٻوليءَ کي مقامي سطح تي واپاري ٻوليءَ طور به استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي.
  11. واپار ۽ ڪاروبار بابت سنڌيءَ ۾ ڪتاب ڇاپيا وڃن، پوءِ ڀلي اهي ترجمي يا طبعزاد صورت ۾ هجن.
  12. ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي واپار جي اصطلاحن  جو هڪ سنڌي سافٽ ويئر تيار ڪيو وڃي ته جيئن واپاري برادري ملڪ کان ٻاهر به هڪٻئي سان رابطو ڪري سگهي.
  13. حڪومت سنڌ، اطلاعات کاتي سنڌ کي هدايتون ڏئي ته اهو اشتهار ٽينڊر، ٻيا ڪاروباري/واپاري/صنعتي اعلان، مواد ۽ نوٽيس سنڌيءَ ۾ شايع ڪرائي.
  14. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ کي سرڪاري مدد ڏني وڃي ته جيئن هيٽويز، چئن بلن ۽ فنانشل انٽرمينٽ سنڌيءَ ۾ ڇپائي.
  15. واپاري حسابي ڄاڻ جو مضمون پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين متعارف ڪرايو وڃي.
  16. حڪومت کي صنعت ۽ واپار کي جٽادار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ صنعت لاءِ تعميري ماحول جوڙڻ گهرجي.

مددي ڪتاب

  1. L. Mariwala History of Commerce of Sindhi from Early Times to 1526 A.D. Institute of Sindhology. University of Sindh, Pakistan 1981.
  2. T. Thakur: Sindhi Culture, University of Bombay- India Sociology Series No. 9. 1959.
  3. Zulfiqar Halepoto; Sindhi: Politics, People and Development, Sindhica Academy, B_24 National Auto Plaza Marston Road, Karachi, Pakistan, 2008.
  4. Wazira Fazila Yaqoob Ali Zamindar, The Long Partition and the Making of Modern South Asia REFUGEES_ Boundaries, Histories, Oxford University Press, Karachi, 2008.
  5. Dr. Ghulam Ali Allana; The Origin and Growth of Sindhi Language, Institute of Sindhology, Allama. I. I. Kazi, University of Sindh, Jamshoro, Sindh Pakistan, 2008.
  6. Aslam Abbasi Mian Ghulam Shah Kalhoro (Sindh jo Shahjahan), Abbasi Kalhora Ittehad, Hyderabad, Sindh, Pakistan, 2002.
  7. H.T. Sorley (CSI_CIE_D. litt_FRSA_ICS_RTO); The Gazetteer of West Pakistan. The Former Province fo Sindh, (Including Khairpur State). Under the authority of West Pakistan.
  8. Alexander Burnes; Travel to Bookhara Extracts Relating to Sindh 1931, Vol_1.
  9. K. Jetley, Sindhi Saahat Ji Jhalak (Tehqiqi ain Tanqeedi Mazmoon), Akhil Bhartiya Sindhi Sahitya,_ Vidvet Parshad D_127 Vievek Vihar Dehli_11095.
  10. Riaz Siddiqui Shikarpur Aur Hyderabad Ke Taajir (1750_1947), Fiction House_18, Mzding Road Lahore, 2004.
  11. Hyder Bux Jatoi; Statement of Accused, Baba-e-Sindh Hyderabad Bux Jatoi Academy Hyder Mehfil, Hyderabad, Sindh Pakistan 1997.
  12. Parmanand Mewaram; A New English_Sindhi Dictionary, Sahtiya Academy, New Dehli, India.
  13. Kalyan Addvani; Shah jo Risalo, Fiction House, Lahore, Pakistan
  14. S. P. Chablanj; Economic History of Sindh (1592_1884), Sindhi Adabi Board, Jamshoro, Sindh Pakistan, 1995.
  15. Ram Bukhshani; ‘Aakkera Aakass Men’, Sindhi Academy. Dehli, India, 2005
  16. Anwar Figar Hakro ‘Sindh ji Tareekhi Sheran ji Tawareekh’, Roshini Publication Kandiaro_2005.
  17. Rahim Dad Khan Molai Shedai; ‘Jant-ul-Sindh’, Sindica Academy, B-24, National Auto Plazza, Mareston Road, Karachi.
  18. Buddha Prakash; Rgveda and The Indus Valley Civilization, Dev Datta Shastri at the V. VJLI. Press Hoshiapur, India. 1966.
  19. Lakshman Khoobchandani; ‘Sindhi Samaaj ain Bhaash Viggian’, Vishal Enterprises, Ulhasnagar, 4210032001
  20. 1_Dia Ram Wassanmal Mirchandani (BA) 2_ Laila Ram Premchand Wadhwani (BA); Bombay Ilaike jo Sarkari Taaleem Khaato (Dehi Hisaab), Mohan Lal Pokardas Publisher & Book Seller Hyderabad Sindh. 1939.
  21. Mubarak Ali; A Scoial and Cultural History of Sindh, Fiction House_18 Mozang Road Lahore.
  22. Tariq Rehman: Language and Politics in Pakistan, Oxford Unviersity Press Karachi, 1996.
  23. Hamida Khuhro ‘Sindh throught the ceenturies’; Oxford University Press Oxford_New York Dehli, 1981.
  24. Fahmida Hussain, Sindh Past, Present and Future, Shah Abdul Latif Bhittai Chair University of Karachi Institute of Sindhology Univeristy of Sindh Jamshoro, 2006.
  25. Hatim Jatoi; BABA-E-SINDH. Hyder Bux Jatoi Introduction and Excepts from his writings, Allied Printing Corporation, Gari Khata Hyderabad Sindh Pakistan 1996.
  26. Habibullah Siddiqui Education in Sindh, past and Present Institute of Sindhology, Jamshoro.
  27. Ghulam Mohammad Lakho; Dr.
  28. سنڌ جي تاريخي ۽ تحقيقي جاءِ، مارئي سماجي سنگت عمر مارئي، ڳوٺ ملير/ڪراچي، 1997.
  29. سمپادڪ ڪيرت ٻاٻاڻي, Printed by Kaushal Printing Press, Dayannad Market Bombay 1986.
  30. ڏيارام وسڻ مل مير چنداڻي ۽ ليلارام پريم چند وڌواڻي، ڏيهي حساب 1939ع، مدن لعل پوڪرداس، پبلشر ۽ بڪ سيلر، حيدرآباد.