سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون
ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-094-4
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     6909   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي مادري ٻوليءَ جي تعليم: تاريخ ۽ پسمنظر


 

ٻولي ڪنهن به قوم جي قومي ۽ ثقافتي تشخص ۽ ان جي سڃاڻپ جو بنهه اهم ۽ سگهارو وسيلو هوندي آهي. جڏهن ته ٻولي مادري ٻوليءَ جي حيثيت ۾ دنيا جي ٻارن کي پنهنجي قومي سڃاڻپ توڙي انهن جي ذهني ۽ مادري اوسر ۾ هڪ مددگار سگهه طور ڪردار ادا ڪندي آهي. ان ريت تعليم جي ذريعي جي حيثيت ۾ اها هڪ قوم تي اظهار جا نوان در سدائين لاءِ کولي رکندي آهي. اها ٻولي ئي آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن قوم/سماج جي ثقافت پرهه جون باکون ٿي، سدا جوان ۽ سدا ملوڪ سٽاءَ ۾ پختي رهي ٿي. جن قومن وٽ پنهنجي ٻولي آهي، اُهي پاڻ ۾ سهڪار جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هونديون آهن. اڄ هيءَ ڳالهه علمي ۽ سائنسي طرح ثابت ٿي چڪي آهي ته جن قومن پنهنجين ٻولين جو بچاءُ ڪيو آهي ۽ اُن جي واڌ ويجهه جي سنڀال ۽ پوئواري ڪئي آهي، اهي قومون چڱيءَ حد تائين ترقي ماڻي سگهيون آهن.

اسان جي سنڌي ٻولي جيڪا اسان جي مادري ٻولي آهي، اها وقت گذرڻ سان گڏ ڪيترائي اوسر جا مرحلا پار ڪندي رهي آهي. هن ٻوليءَ کي ٺهڻ  ۽ اڳيان وڌڻ ۾ هزارين سال لڳا آهن ۽ تاريخي طرح، اهڙي ارتقا موهن جي دڙي کان ٿي. انهيءَ تهذيب دنيا کي اهو ٻڌايو ته سنڌ هڪ وڏو تهذيبي خطو آهي، جنهن وٽ بنياد کان وٺي پنهنجي ٻولي آهي، ۽ هي خطو ڪنهن ٻيءَ ٻولي ۽ ثقافت جو محتاج نه رهيو آهي. صرف اسان لطيف سائينءَ تي ئي نظر ڦيرايون ته اسان پنهنجو پاڻ کي خوشنصيب محسوس ڪريون ٿا.

اوهين ٻولين جي اوسر جي سفر کي هڪ طرح هيئن به سمجهي سگهو ٿا ته سنڌي ٻوليءَ کي بهتر مقامي- ماحول هوندي به گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ورهيه اُن کي ٺهي راس ٿيڻ ۾ لڳا آهن. هن ٻوليءَ جي اوسر ۽ ترقي هڪ اهڙي خطي ۾ ٿي، جيڪو اقتصادي لحاظ کان پاڻڀرو هو ۽ هتي جي زندگيءَ جي گهرجون خود هتي جي اُپايل ۽ موجود شين مان پئي پوريون ٿيون. مثال طور دنيا جا ڪي ڀاڱا ڪپهه پيدا ڪن ٿا، ڪي چانور پيدا ڪن ٿا ته ڪي ڪڻڪ اُپائين ٿا، پر سنڌ جي زرخيز زمين اهي سڀئي جنسون اُپائي ٿي. انهيءَ ڪري قديم وقت کان وٺي اقتصادي طور سنڌ پنهنجو پاڻ ۾ مڪمل ۽ خود ڪفيل ڀاڱو ٿي رهي آهي.

تقريباً پوڻا ٻه سؤ سال اڳ، سنڌي ٻولي توڙي سنڌ واسي، پنهنجي سماجي اوسر ۾ مختلف علمي شعبن جي نسبت ۾، شاعر، عالم، گرامر جا ماهر ۽ لغت نويس ٿي اُڀريا ۽ انهن وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. هيءُ رُڳو پوين سٺ ٽيهٺ ورهين جو واقعو آهي، جو سنڌي ٻولي، مخصوص رياستي سٽاءَ جي صليب تي ٽنگجي، پنهنجي اڳوڻي اوج ۽ حيثيت لاءِ آسروند رهي آهي. هاڻي اهو اسان جي همت ۽ حوصلي  تي ڇڏيل آهي ته اسين سنڌ جي زندگيءَ ۽ اجتماعي خوبين کي وري نئين سر جياريون ۽ پنهنجي قومي زندگيءَ ۾ فڪر، عمل ۽ مقصد جي وحدت ۽ يگانگي پيدا ڪريون، ڇو ته انهيءَ وحدت ۽ يگانگيءَ کان سواءِ ڪنهن به قوم يا ٻوليءَ جو اُسرڻ ڏکيرو مامرو هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيرڻ اسان کي، هڪ قوم طور ڪنهن به نموني نه جُڳائي ۽ نه سونهي. سنڌي ٻولي فقط ايستائين زنده رهي سگهي ٿي، جيستائين سنڌي ماڻهو زنده آهن، ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهن. سنڌ واسين، حقيقت ۾ پنهنجي تاريخي ثقافتي ۽ قومي اوسر ۾ جيڪي اهم ۽ سوڀاريون وکون ماضيءَ ۾ کنيون، سنڌ انهن جي نيڪين سببان ئي تڳي رهي آهي. جڏهن ڪا قوم شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ ڇڏي ڏيندي ۽ پنهنجي فڪر ۽ تخليقي قوتن ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ بدران رڳو جامد جسم بڻجي ويندي، تڏهن فطرت جي قانون پٽاندڙ، اها پنهنجي وجود جي بچاءَ جي  ڇڪتاڻ جي ور چڙهي ويندي.

تاريخ ۾ جيئندڙ هر ڪنهن پيڙهيءَ جو اهو فرض آهي ته اها پنهنجي سماج جي ترقيءَ کي جيڪا هزارن سالن  تي ڦهليل ۽ سون پيڙهين جي پورهيي جي پيداوار آهي، اڃا به وڌيڪ سگهاري، وڌيڪ بهتر، وڌيڪ لاڀائتو بنائڻ لاءِ منظم جاکوڙ ڪري ۽ شعوري ڪوششون وٺي؛ ۽ انهن مڙني ڳالهين لاءِ ٻين سڀني سان گڏجي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ هم خيال، سهمتي، سنجيديون ۽ سهڪاري وکون کڻي.

اڄ جي سڄي انسانذات جو مهذب پڻو، انساني سماج جي جڙڻ جي پيداوار آهي. اهڙيءَ ريت سماج جي ترقي، ٻوليءَ کي به وڌيڪ ترقي يافته بنائي ٿي. ۽ موٽ ۾ ٻوليءَ جي ترقي به سماج جي ترقيءَ تي گهرو اثر ڇڏي ٿي.

ٻولي هڪ قوم جو متحرڪ ثقافتي شعبو آهي، جيڪو ان جي حاصلاتن، ڏاهپ، جذبن، خوابن، خواهشن ۽ امنگن جي حفاظت ڪري ٿو. تنهنڪري جيڪڏهن تاريخ ۾ جيئرو ڪوبه نسل پنهنجيءَ زبان جي بچاءَ ۽ واڌاري ۾ ناڪام وڃي ٿو ته اُهو پاڻ کان اڳ جي ۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ نسلن جو جوابدار ۽ ڏوهي بنجي ٿو.

مادري ٻولين جو تعليمي سرشتن ۾ لاڳو ٿيڻ هڪ جديد تصور آهي، جنهن جو سڌيءَ ريت تعلق جديد علمن جي آبياريءَ سان آهي. گذريل ٻن ٽن سون ورهين اندر جديد تعليم جا ڍانچا ٺاهيا ويا ۽ انهن کي سڄيءَ دنيا ۾ لاڳو ڪيو ويو. مادري زبان جي سلسلي ۾ اهو طئي ڪيو ويوته اها تعليم جي شروع ۾ ئي ٻارڙن جي تعليم جو ذريعو بڻائي وڃي. اهڙي ضرورت ان ڪري پيش آئي، جو اهو سمجهيو ويو ته مادري ٻوليءَ جي ٻارن جي نفسيات توڙي انهن جي ذهني اوسر سان ويجهو لاڳاپو آهي. اهو ئي اڪيلو طريقو آهي، جنهن وسيلي ٻارن کي تعليم ڏئي، انهن تي مٿين درجن/ ڪلاسن جا در چڱي نموني کولي سگهجن ٿا ۽ هڪ قوم جي بنيادن کي پختو رکي سگهجي ٿو. اسين اهو ڏسون ٿا ته فرينچ انقلاب کان پوءِ دنيا۾ قومن جو واضح تصور اُڀريو ۽ هڪ قوم هجڻ جون بنيادي خصوصيتون پڻ مقرر ڪيون ويون . انهن خصوصيتن مان هڪ قوم جي بنيادي خصوصيت ٻوليءَ کي پڻ ڄاڻايو ويو ۽ اهڙي ريت هڪ قوم جي ذهني، فڪري ۽ شعوري توڙي ثقافتي پختگيءَ لاءِ ٻوليءَ کي بنيادي حيثيت ڏني وئي. ان ريت اهو ڄاڻايو ويو ته هر ڪنهن قوم جي ٻارن جو اهو بنيادي حق آهي ته اهي پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۾ تعليم پرائين. عالمي سطح تي ٻولين جي اهڙي نئين اُڀار ۽ ڦهلاءَ جا اثر سڄي دنيا تي پيا ۽ جتي ڪٿي تعليمي نظام ۾ مادري ٻولين جي اهميت کي مڃيو ويو. جيڪڏهن اسين عالمي ادارن، ليگ آف نيشنس ۽ پوءِ گڏيل قومن جي اداري جي بنيادي اصولن تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي اهو چڱي ريت معلوم ٿئي ٿو ته انهن ادارن پنهنجن مول متن ۾ ٻولين واري معاملي کي پڻ ترجيح تي رکيو آهي. ۽ خاص طرح مادري ٻولين جي اهيمت کي سمجهندي، اُن کي شروعاتي تعليم لاءِ ضروري قرار ڏنو آهي. انهيءَ ڏس ۾ 1951ع ۾ گڏيل قومن جي اداري سڄي دنيا جي ناميارن ٻوليدانن جي هڪ عالمي سطح جي ڪانفرنس فرانس جي شهر پيرس ۾ گهرائي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ بنيادي تعليم جي حوالي سان هڪ پيرائتي رپورٽ تيار ڪئي وئي ۽ اُن جي لاءِ ڪي بنيادي اصول طئي ڪيا ويا. انهن جو بيان هيٺ پيش ڪجي ٿو:

  1. انهيءَ رپورٽ ۾ چيو ويو ته مادري ٻولي هر ڪنهن ماڻهوءَ جي خيالن جي اظهار کي وڏيءَ حد تائين سگهه بخشيندي آهي. وڌيڪ اهو به چيو ويو ته ڪنهن به سماج/قوم سان تعلق رکندڙ ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ جيڪي به بنيادي ضرورتون هونديون آهن، ٻولي/مادري ٻولي انهن مان هڪ بنيادي ضرورت جي حيثيت رکي ٿي.
  2. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دنيا جي هر ڪنهن ٻوليءَ جي جوڙجڪ ۾ ڪابه اُن قسم جي کوٽ/اڻاٺ يا اظهار جي لحاظ کان ڪمزوري موجود نه آهي، جيڪا ڪنهن قوم سان لاڳاپيل ماڻهن کي علم ۽ فن جي وسيلي بڻجڻ کان روڪي.
  3. انهيءَ رپورٽ ۾ اهو پڻ اظهار ڪيو ويو ته هر ڪنهن شاگرد جي تعليم ۽ تدريس جي عمل لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته اهو سندس مادري زبان ۾ ئي موجود ڪري ڏنو وڃي.
  4. هيءُ به انهيءَ رپورٽ ۾ واضح نموني چيو ويو آهي ته مادري ٻوليءَ جي جاءِ ٻي ڪابه قومي يا بين الاقوامي ٻولي نه ٿي والاري سگهي. اهو ضروري آهي ته اها ئي ٻولي ٻار کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ کان پوءِ پاڙهي وڃي، جيڪا اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ سندس ٻولي آهي.

انهن اصولن کي جڏهن سامهون رکون ٿا ته اها ڳالهه بنهه چٽي ٿي پوي ٿي ته اسان جي جديد دنيا ۾ مادري ٻولين جي اهميت، افاديت ۽ حيثيت کي چڱيءَ ريت مڃيو ويو آهي. نه رڳو ايترو،  پر انهيءَ سان گڏ عالمي سطح جي ادارن پاران مادري ٻولين جي بچاءَ لاءِ مختلف وقتن تي مختلف اُپاءَ پڻ ڄاڻايا ويا آهن، جن هيٺ اهو چيو ويو آهي ته دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ کي اهو حق نه ٿو ڏئي سگهجي ته اها ٻين ٻولين کي ڳڙڪائي وڃي يا اها پنهنجين سرحدن کان هلي ٻين ٻولين جي سرحدن ۾ گهڙي وڃي ۽ اتي وڃي هڪ حملي آور ٻوليءَ طور ڪنهن ٻي ٻوليءَ کي نقصان رسائي يا مرڳوئي انهيءَ تي قابض ٿي ويهي رهي.

جيستائين سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي سرشتي ۾ لاڳو ٿيڻ جي تاريخ واري مامري جو تعلق آهي ته انهيءَ ڏس ۾ اسان کي تاريخ سان رجوع ڪرڻو پوي ٿو. مٿي هيءَ ڳالهه چڱي طرح ڄاڻائي وئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو هاڻوڪو روپ انهيءَ ٻوليءَ جي سڌريل شڪل آهي، جيڪا موهن جي دڙي ۾ ڳالهائي ويندي هئي. هيءَ اسان جي وڏي بدنصيبي چئبي جو تاريخ ۾ ڪي به اهڙا ماخذ موجود نه ڏٺا ويا آهن، جيڪي اهڙو ڏس ڏين ته ڪي هزار يا ٻه هزار ورهيه اڳي سنڌ ۾ سنڌي ٻولي تعليم جي ذريعي خود موجود هئي. نه ئي اسان کي گهڻو معلوم ٿي سگهيو آهي ته سنڌ ۾ باقاعدي ڪو تعليمي سرشتو موجود هو. جڏهن اسين چچ نامي کي پڙهون ٿا ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته چچ برهمڻ کي راجا راءِ سهاسي پنهنجي درٻار ۾ ان ڪري مقرر ڪيو هو، جو هن جا هٿ اکر سٺا هئا  ۽ انهيءَ ڪري جيڪو به سرڪاري رڪارڊ هو، اهو سولي ۽ سهڻي نموني محفوظ رکي سگهبو هو. انهيءَ هوندي به ڪو به اهڙو رڪارڊ نٿو ملي ته اهو سرڪاري رڪارڊ ڪهڙِ ٻوليءَ ۾ رکيو ويندو هو يا اهو ته راءِ سهاسي جي وقت ۾ سنڌ ۾ دفتري/سرڪاري لکپڙهه لاءِ ڪهڙي ٻولي استعمال ڪئي ويندي هئي. چچ جي زماني  ۾ پڻ اهڙيون شاهديون موجود ڪونه آهن. جيئن ته چچ، برهمڻ هو، انهيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ سنسڪرت ٻوليءَ کي دفتري لکپڙهه لاءِ رائج ڪيو هجي. اهي سڀ امڪان آهن، جن جي باري ۾ ڪابه ڳالهه خاطري سان نٿي ڪري سگهجي.

پر اڳتي هلي  ڏسون ٿا ته عربن جي هندستان ۾ اچڻ ۽ پاڻ هندستان منجهه مختلف مذهبي ۽ سماجي سڌارن جي تحريڪن جي اُڀرڻ، مقامي ٻوليءَ جي اهميت کي پڻ اُڀاريو. انهيءَ معاملي کي ٻن رخن ۾ ڏسي سگهجي ٿو: پهريون رخ هيءُ آهي ته جڏهن هندستان ۾ ڀڳتي تحريڪ جي شروعات ٿي ته انهيءَ سان لاڳاپيل مڙني سنتن ۽ ڀڳتن، سنسڪرت ۽ عربيءَ جي جاءِ تي مقامي ٻولين کي اهميت ڏئي پنهنجي پرچار جو ذريعو بڻايو ۽ ماڻهن سان انهيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، جيڪا اهي چڱيءَ ريت سمجهي سگهيا ٿي. جڏهن ته ٻئي پاسي اسان کي اهي آثار پڻ ملن ٿا ته لڳ ڀڳ ڏهين صدي عيسوي ۽ يارهين صدي عسيويءَ جي شروع ۾ ڪيترائي مذهبي پرچارڪ هندستان ۾ آيا، انهن پڻ مقامي ٻولين کي پنهنجي پرچار جو ذريعو بڻايو. سنڌ ۾ پڻ انيڪ معلم ۽ مذهبي پرچارڪ آيا ۽ انهن سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي پرچار جو ذريعو بڻايو. انهن  معلمن ۽ مذهبي پرچارڪن ٿي سگهي ٿو ته لکت ۾ پڻ پنهنجا مذهبي اصول ۽ مول متا توڙي سمجهاڻيون ۽ مختلف معاملن جون وضاحتون پيش ڪيون هجن ۽ اهي پڻ مقامي ٻولين ۾ هجن. پر انهيءَ هوندي ڪابه ڳالهه خاطريءَ سان چئي نٿي سگهجي. جيڪڏهن ڪابه ڳالهه دستاويزي ثبوت طور پيش ڪري سگهجي ٿي ته اها هيءَ آهي ته مغل ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ لڳ ڀڳ 1700ع ۾ سنڌي ٻولي ڪنهن نه ڪنهن طرح تعليم جي ذريعي طور استعمال هيٺ آئي. انهيءَ ڏس ۾ جڏهن اسين مخدوم ابو الحسن جي تعليمات سان رجوع ڪريون ٿا ته خبر پوي ٿي ته ان باقاعدي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي ئي ٺاهيل لپيءَ ۾ لکي پنهنجي مذهبي خيالن جي ڦهلاءَ لاءِ استعمال ڪيو هو. انهيءَ ڏس ۾ اسان کي سندس قلمي نسخو ”مقدمه الصلوات“ ملي ٿو. انهيءَ کان سواءِ ’شاهه لطف الله‘ جو رسالو پڻ هڪ اهم ڪڙيءَ طور پيش ڪري سگهجي ٿو.

هتي هيءَ ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ کي تعليمي سرشتي ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان جي ڪا طئي ٿيل لپي موجود هجي. جيستائين ڪنهن ٻوليءَ کي ڪابه لپي ميسر ناهي، ان وقت تائين ان جي تعليمي حيثيت لاءِ ڪابه ڳالهه نٿي ڪري سگهجي. سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي معاملي ۾ اسين اها ڳالهه پڪ سان ڪرڻ جهڙا آهيون ته انگريزن جي وقت ۾ طئي ڪيل رسم الخط کان اڳ اها مختلف لپين ۾ لکي ويندي هئي ۽ اها لکت جي لحاظ کان مختلف هئي. هيءَ 1848ع جي زماني جي ڳالهه آهي. جڏهن انگريزن هڪ حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ انهن سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بڻايو.

“We should introduce the language as the medium of official intercourse. I do not see in what way our revenue and judicial officers (however their offices and courts may be continued) can work effectually through a foreign medium of communication such as Persian and English. A period of 18 months should therefore, be allowed to the officers in civil employ to qualify themselves for an examination in the Sindhee language. I believe their doing so will be facilitated by the publication of the dictionary and grammar proposed by Leiutenant Stack should be allowed to have printed.

The recommendation of the Commissioner that “early measure, to education, as in our other provinces, is no doubt judicious, but it where premature to take any measure for farming educational establishment before ourt own European administration have obtained a complete knowledge of the country and before we trained up persons, fitted to impart knowledge in vernacular tongue.

                                  (James C. Melvile, 1848, 15)

مٿيون حڪم نامو جاري ڪيو ويو. انهيءَ کان پوءِ 29 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر هڪ سرڪيولر جاري ڪيو هو، جنهن ۾ سرڪاري عملدارن کي اهڙي هدايت ڪئي هئي ته انهن لاءِ اها ڳالهه لازم آهي ته اهي سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان پاس ڪن. انهيءَ سرڪيولر ۾ هيٺيون اهم ڳالهيون ڪيون ويون هيون:

هينئر کان اڳتي سموري سرڪار لکپڙهه سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي وڃي.

سنڌ ۾ جيڪي به يورپ ۽ ٻين خطن سان واسطيدار عملدار  آهن، اهي لازمي طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان پاس ڪن ته جيئن هو چڱيءَ طرح سنڌ جي مقامي ماڻهن سان پنهنجي طور تي حال احوال ڪري سگهن، جيڪا به لکپڙهه انهن سان ڪئي وڃي ٿي، اها سمجهي سگهن ۽ موٽ ۾ ضروري ڪارروائي به ڪري سگهن.

سنڌي اسڪول قائم ڪيا وڃن.

انهيءَ کان سواءِ اسان جڏهن انگريز سرڪار جو رڪارڊ جانچيون ٿا ته اسان کي اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ انگريز سرڪار باقاعدي تعليمي رٿابندي پڻ وضح ڪئي هئي ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني هئي. جنهن هيٺ چيو ويو هو ته مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي. سرڪاري دفترن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکپڙهه جو سرشتو رائج ڪيو وڃي. سرڪاري آفيسرن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ تمام ضروري آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جا ترجما ٿيڻ کپن. سنڌ ۾ تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ تعليم کاتو قائم ڪيو وڃي ۽ نصاب پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ سڌاري لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي. سنڌ ۾ ڇاپخانا قائم ڪيا وڃن. گرامر ۽ لغتون تيار ڪيون وڃن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اخبارون پڻ جاري ڪيون وڃن.

جيتوڻيڪ انگريز دور ۾ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ رسم الخط ڏنو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ۽ سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. جنهن جا فائدا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي پيا. پر هيءَ حقيقت آهي ته تعليم جو اهڙو مقامي سرشتو قائم ڪرڻ پويان انگريز سرڪار جا پنهنجا انتظامي ۽ سياسي مقصد هئا، جن کي سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي هڪ مضمون ”سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جو تعليمي سرشتو“ ۾ هڪ هنڌ هن طرح ڄاڻايو آهي:

”(انگريز) اسان جي ٻوليءَ کي هڪ ”ورنيڪولر“ يعني هڪ ”غلامن جي ٻولي“ سڏيندا رهيا: جنهن جو مطلب هيءُ هو ته سندن سامهون اسان جي ٻولي هڪ اڻ سڌريل، ۽ علمي شان کان ڪريل ٻولي هئي. اهو ئي سبب هو جو ملڪ جي تعليمي سرشتي ۾ هنن پنهنجي ”شاهانه ٻوليءَ“ جي ڀيٽ ۾ اسان جي ٻوليءَ کي اها غير اهم جڳهه ڏني، جو اُها خاص طرح علمي ۽ ادبي دائري ۾ اسان لاءِ ڪنهن ڪم جي نه رهي ۽ نتيجو هيءُ نڪتو جو اسان جي ٻولي خود اسان جي نظرن ۾ ڪري پيئي. پرائمري اسڪولن ۾  پنهنجي مادري زبان معرفت، اسان جا ٻار اڌوگابرو انگ اکر سکي سگهيا ٿي، باقي سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ”محڪوم“ (سنڌي) ٻولي ڪو شانائتو پير پائي، اها ڳالهه ”حاڪمانه“ (انگريزي) ٻوليءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيئن پئي مممڪن ٿي سگهي؟ جنهن کان سواءِ حاڪمن جو بنيادي مقصد ته فقط پنهنجي حڪومت کي قائم رکڻ جو هوندو آهي؛ تنهنڪري انگريزن کي فقط هڪ محدود تعداد ”تعليم يافته“ غلامن جو گهربل هو، جن جي هٿان هو پنهنجي حڪومت جو چرخو ڪاميابيءَ سان هلائي سگهن. انهيءَ لاءِ پڻ لازمي هو ته تعليم جو سرشتو اهڙو تجويز ڪيو وڃي، جو هڪ ته اهي ”تعليم يافته“ غلام ڪٿي به گهرج کان وڌيڪ نه پيدا ٿي وڃن، ۽ ٻيو ته کين تعليم فقط اها ئي حاصل ٿئي، جا کين ”غلاميءَ“ لاءِ تيار ڪري ۽ ان جو هيراڪ بنائي.“

انهيءَ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته انگريز سنڌ ۾ تعليم جو جيڪو سرشتو قائم ڪيو هو. انهيءَ هيٺ فقط سنڌي سماج جي خاص مراعت يافتا طبقي جا ماڻهو اعليٰ تعليم پرائي ٿي سگهيا. باقي عام خلق سنڌي فائينل ئي پاس ڪري ٿي سگهي ۽ اهڙي ريت اها رڳو پرائمري ماسترين ۽ ڪلارڪين لاءِ حقدار پي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي انگريز سرڪار جيڪا به ٿوري گهڻي آزادي ڏني هئي، انهيءَ کي ماڻڻ جي راهه ۾ سنڌ جو ممبئيءَ سان الحاق رڪاوٽ بڻيل هو. سنڌ کان انگريزن جي دور ۾ سياسي طور ممبئيءَ سان ملايو ويو. ممبئي يونيورسٽي تنهن زماني ۾ واحد يونيورسٽي هئي، پر اها سنڌي ٻوليءَ کي نصابي مضمون(سبجيڪٽ) طور مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. جيئن اڳ ۾ هڪ مضمون ۾ چيو ويو آهي:

”1921ع ۾ انهيءَ دور جي ڊي. جي ڪاليج جي پروفيسر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هڪ رپورٽ ممبئي يونيورسٽيءَ کي پيش ڪئي، جنهن جو عنوان هو: ”A Brief Survey of Sindhi Literature“، جيڪا ايڏي ته وزندار ۽ زبردست هئي، جو ممبئي يونيورسٽيءَ جون اختياريون اُن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيون ۽ 1940ع ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ B.A تائين آرٽس جي امتحانن لاءِ سنڌيءَ کي جواب ڏيڻ جي وسيلي طور قبول ڪيو.“

اسان اڳ ۾  پنهنجي هڪ مضمون ۾ اهو ذڪر ڪيو آهي.  ته، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ رڪاوٽ جو مُک دور ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿيو. ان زماني ۾ بدقسمتيءَ سان وچيئن طبقي وارن سنڌين جو وڏو حصو ورهاڱي کان پوءِ هتان لڏي هندستان روانو ٿيو.

1948ع ۾ هڪ حڪم ذريعي اردوءَ کي سڄي ملڪ جي واحد سرڪاري ۽ قومي ٻولي قرار ڏنو ويو. انهيءَ تي بنگال ۾ لڳاتار پنج سال گوڙ هليو، جنهن ۾ وڏي خون خرابي کان پوءِ آخر 1954ع ۾ ون يونٽ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾موجوده پاڪستان جي ٻين قومن جي ٻين ڳالهين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ تي به شديد حملو ڪيو ويو، جنهن جو اظهار 1956ع جي آئين، جنهن ۾ ون يونٽ کي آئيني شڪل ڏني رئي هئي، ان جي هيٺين شق مان ٿئي ٿو:

حصو ٻيو (بنيادي حق) آرٽيڪل 19، پاڪستان يا ان جي ڪنهن به حصي ۾ رهندڙ شهرين جو اهڙو گروهه جنهن کي پنهنجي الڳ زبان ، رسم الخط يا ثقافت آهي، ان جو بچاءُ سندن حق آهي.

حصو ٽيون (تجويز ڪيل عام قدم General Provision) آرٽيڪل- 122:

  1. اسلامي مملڪت پاڪستان جي سرڪار زبان اردو ۽ بنگالي هوندي، پر انگريزي آئيني طور اڄ ڏينهن کان بلڪ اهڙي ئي نموني سڀني سرڪاري ڪمن لاءِ ايندڙ 20 سالن تائين استعمال ٿيندي، جهڙي نموني هن آئين کان اڳ ۾ پاڪستان ۾ استعمال ٿيندي هئي. انهيءَ مدت گذرڻ بعد پاليامينٽ قانون ذريعي انگريزيءَ جي استعمال جي ڪن مقصدن لاءِ، جنهن جو ذڪر ان قانون ۾ ڪيل هوندو اجازت ڏئي سگهي ٿي.
  2. ڏهن سالن گذرڻ کان پوءِ صدر هڪ ڪميشن مقرر ڪندو ، جيڪا انگريزيءَ کي مٽائي (replacement) متعلق سفارشون پيش ڪندي.
  3. هي آرٽيڪل ڪنهن به صوبائي حڪومت کي انهيءَ مدت جي خاتمي کان اڳ به انگريزيءَ کي مٽائي ڪنهن سرڪاري زبان کي نافذ ڪرڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿيندي.

انهيءَ آئين ۾ سنڌي، بلوچي ۽ پشتو کي انهيءَ لائق نه سمجهيو ويو، جو انهيءَ جو اشاري طور به ذڪر ڪجي. سنڌي اديبن، سياسي ڪارڪنن، دانشورن ۽ اخبارن سنڌي ٻوليءَ کي حقن، ان جي وسعت، عظمت ۽ اهميت تي گهڻائي ليک ۽ ڪتاب لکيا، پروريو ڪجهه به ڪونه. سنڌي ادبي سنگت، جيڪا سنڌي اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ دانشورن جي تنظيم آهي- جي ڪراچيءَ جي شاخ پنهنجي تاريخي جوابداري محسوس ڪندي هڪ ياداشت، هيٺين عنوان سان:

“Declare Sindhi as an Official Language of Pakistan”

پاڪستان جي عوام ۽ اختياريءَ وارن آڏو پيش ڪئي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ سان انهيءَ ظاهر ظهور ناانصافيءَ تي ٻڌل مؤقف خلاف بيان ڪيل هو. انهيءَ ڪتابڙي ۾ مٿين آئيني فقرن مان هيٺيان نتيجا  اخذ ڪيا ويا، جيڪي ڏاڍا سچا آهن ۽ انهيءَ  ناانصافيءَ کي پڌري پٽ وائکو ڪن ٿا.

  1. سرڪاري زبان ۽ قومي زبان ٻه الڳ شيون آهن. قومي زبان هڪ ٿي سگهي ٿي، پر سرڪاري زبانون هڪ کان وڌيڪ ٿي سگهن ٿيون.
  2. پاڪستان ۾ ٻه سرڪاري زبانون ٿينديون، هڪ اردو ۽ ٻي بنگالي.
  3. پاڪستان ۾ هن وقت ڪابه قومي ٻولي نه آهي، پر ايندڙ وقت ۾ انهن ٻنهي مان ڪابه هڪ اهو رتبو حاصل ڪندي. ڪهڙي ٻولي اهو خوش قسمتيءَ جو مقام حاصل ڪندي، سا ڳالهه انهن ٻولين جا معتبر طرفدار طئي ڪندا.
  4. انگريزي 20 (ويهن) سالن تائين ۽ ايتري وقت تائين سرڪاري زبان رهندي، جيستائين پارليامينٽ انهيءَ لاءِ طئي ڪري.
  5. ڏهن سالن کان پوءِ هڪ بنا ذڪر ڪيل قانون واري ڪميشن قائم ڪئي ويندي، جيڪا انگريزي کي هٽائڻ لاءِ سفارش ڪندي.
  6. انهن 20 سالن گذرڻ کان اڳ ۾ به اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جا صوبا انگريزيءَ کي ترتيبوار اردو ۽ بنگالي سان بدلائي سگهن ٿا.
  7. ٻيون غيرسرڪاري يا پرائيويٽ زبانون Country of Official جيڪي سرڪاري ٻوليءَ سان گڏ ملڪ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، بنا ڪنهن اعتراض جي ان جا ڳالهائيندڙ انهن کي محفوظ رکي سگهن ٿا. سرڪار (مرڪز ۽ صوبن) کي اهڙين غيرسرڪاري زبانن کي قائم رکڻ ۾ خوشي محسوس ٿيندي.

اهڙي نموني 1956ع جي آئين ۾ ڄڻ ته اهڙين غيرسرڪاري ۽ پرائيويٽ زبانن جي زنده رهڻ لاءِ ته ڪوبه اعتراض نه هو، جيڪي سرڪاري، نصابي ۽ ميڊيا (ريڊيو ٽيليوزن ۽ اخبارن) سان بيدخل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو موت پاڻ مري وڃن.

1951ع ۾ جڏهن ڪراچي يونيورسٽي قائم ٿي، تڏهن کان ئي سنڌيءَ کي بيدخل ڪرڻ جون سفارشون ٿيون، پر 1956ع ۾ انهيءَ آئين جي بنياد تي ڪراچي يونيورسٽي سينڊيڪٽ هڪ چڙ ڏياريندڙ عمل ڪندي، سنڌي ٻوليءَ کي امتحانن ۾ جواب ڏيڻ جي ميڊيم طور رکڻ کان خارج ڪيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ کي بيدخل ڪرڻ تان سڄي ءَ سنڌ ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ جي سنڌي آباديءَ ۾ سخت تاءُ پيدا ٿيو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ انهيءَ صورتحال تي هڪ ڪتابچو: “Shall Sindhi Language in Karachi or not” لکيو، جنهن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران سنڌي زبان کي بيدخل ڪرڻ لاءِ بنياد بنايل بهانن کي وائکو ڪيو ويو، جنهن جو تت هيٺ ڏجي ٿو:

  1. مسٽر اي. بي. اي حليم کي پير الاهي بخش عليڳڙهه مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي عهدي سنڀالڻ لاءِ وٺي آيو هو، جيڪو ڪراچي يونيورسٽي ٺهڻ تي ان جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو.
  2. اها ڳالهه ڪرڻ ته سنڌي شاگردن جو تعداد گهٽ آهي، نسورو ڪوڙ آهي، ڇاڪاڻ جو ان وقت به صرف ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ ٻن هزارن کان مٿي سنڌيءَ ۾ جواب ڏيندڙ شاگرد موجود هئا ۽ اڄ اهو تعداد گهٽ ۾ گهٽ پنجوڻون هجي ها، جي ڪراچيءَ ۾ 1948ع ۾ سنڌي ميڊيم پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول بند نه ڪيا وڃن ها.
  3. اهي مڙئي حرڪتون، پاڪستان جي اڳواڻن طرفان ڪرايل يقين دهانين ۽ آئين جي يڪسر خلاف هيون، جنهن تحت مقامي ماڻهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي بچاءَ جو هر حق حاصل هو. ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ مظاهرا ٿيا. جلسا جلوس ٿيا. ڳالهه هاءِ ڪورٽ تائين پهتي، هاءِ ڪورٽ Stay Order جاري ڪيو، پر اهو هڪ عارضي فائدو ثابت ٿيو ۽ سڌي ٻولي جيئن ڪراچيءَ مان نڪتي آهي ته هيل تائين اُتي پنهنجا پير پختا نه ڪري سگهي آهي.

ون يونٽ کان پوءِ 1948ع جي انهيءَ قانون کي ته ’سنڌي ٻار ٽئين درجي کان اردو هڪ لازمي سبجيڪٽ طور پڙهن‘، پر اردو ڳالهائيندڙ ٻارن کي انهيءَ پابنديءَ کان آجو ڪيو ويو ته هو وري سنڌي پڙهن، جڏهن ته اتي سنڌي پڙهندڙ ٻارن لاءِ اها پابندي يڪ طرفه طور تي برقرار رهي.

1958ع ۾ مارشل لا نافذ ٿي، جنهن حيدرآباد ريجن جي اردو ڳالهائيندڙ ٻارن کي به انهيءَ پابنديءَ کان آجو قرار ڏنو.

1959ع ۾ هڪ قومي تعليمي ڪميشن مقرر ڪئي وئي ته ملڪ ۾ تعليمي سرشتي کي بهتر بنائڻ لاءِ اها پنهنجون رٿون پيش ڪري. انهيءَ ڪميشن تي ڪوبه سنڌي ماڻهو نه کنيو ويو. ڪميشن جي هڪ سفارش جيڪا 283 ۽ 284 صفحي جي پئرا ۾ ڏنل اهي، سا هن ريت آهي:

”ٻين ملڪن ۾ ڪيل باضابطه تجربا سيکارين ٿا ته جتي گهڻيون زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، اتي بهترين تعليمي نتيجا ۽ قومي زبان جو مڪمل فهم تڏهن ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن شاگرد جي مادري زبان پنجين درجي تائين تعليمي ذريعو ۽ قومي زبان ٽئين درجي کان هڪ اِڀياسي مضمون ۽ ڇهين درجي ۾ قومي زبان مادري زبان جي جاءِ ڀريندي ته تعليمي ذريعو بنجندي. اسين انهيءَ نظريي سان اتفاق ڪريون ٿا. ان جو مطلب هيءُ ٿيندو ته پشاور ۾ پهرين پنجن درجن تائين تعليمي ذريعو پشتو رهندي، پر هڪ اڀياسي مضمن طور ٽئين درجي کان اردو زبان متعارف ڪرائي ويندي ساڳي طرح سنڌي جيئن هينئر آهي تعليمي ذريعو رهندي، پر ٽئين درجي کان هڪ لازمي اڀياسي مضمون طور اردو متعارف ڪرائي ويندي. ٽئين درجي کان ڇهين درجي تائين اردوءَ جي سکيا لاءِ ٽائيم ۾ اردوءَ کان ڪافي وقت ڏنو وڃي ته جيئن ان کي ڇهين درجي کان اثرائتي نموني تعليم جو ذريعو بنائي سگهجي.

انهيءَ سفارش جا نتيجا هن ريت ٿي وڃي بيٺا:

  1. سنڌي زبان صرف پنجين درجي تائين تعليمي ذريعو ٿيندي.
  2. ٽئين درجي کان ٻارن کي اردو پڙهڻي پوندي
  3. ڇهين درجي کان ٻارن جو تعليمي ذريعو ۽ امتحانن ۾ جواب ڏيڻ جو ذريعو اردو يا انگريزي هوندي.
  4. سنڌي فائينل امتحان ختم ڪيو ويو.
  5. اردو ڳالهائيندڙ ٻارن لاءِ لازمي سنڌي مضمون کي اختياري مضمون بنايو ويو.

سنڌي ماڻهن وڏي اچرج، ڏک، ڪاوڙ ۽ پريشانيءَ سان انهن تعليمي سڌاري جي نام نهاد سفارشن کي ڏسڻ لڳا، جيڪي دراصل کين ذهني، تعليمي ۽ ثقافتي تباهيءَ جي اهڙي اونهي کاهيءَ ۾ اڇلڻ لاءِ ٺاهيون ويون هيون، جتان اهي ڪڏهن به نڪري نه سگهن. انهن نام نهاد سفارشن خلاف ڪيترائي پمفليٽ، سوين، ليک ۽ يادداشتون، ايڊيٽوريل نوٽ، سنڌي ماڻهن جي صحيحن سان عرضداشتون، سنڌي ماڻهن جي هر طبقي ۾ هر نقطه نظر جي ماڻهن ۽ تنظيمن طرفان پيش ڪيون ويون.  جن جو ذڪر هن ريت آهي:

  1. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو بيان.
  2. سڀني سنڌي اخبارن ۾ قسطوار ڇپيل ۽ بعد ۾ گڏي ڇپايل ”سنڌي زبان جي حيثيت ۽ ان جي مستقبل بابت مضمون ۽ ڪتاب“.
  3. صدر مملڪت فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي خدمت م سنڌي ٻارن جي مائٽن جي اپيل.
  4. مختلف شاگرد تنظيمن ۽ اسٽوڊنٽس جا بيان.
  5. هزارها سنڌي ماڻهن جي صحيحن سان پيش ٿيل ياداشتون، ڪارڊ وغيره.
  6. انهن سڀني سفارشن ۾ سنڌي ٻوليءَ تي پوندڙ نتيجن جو جيڪو بحث ڪيل هو، ان جو تت ڪجهه هن ريت بيهي ٿو:

سنڌي زبان گذريل اڍائي سؤ سالن کان هيٺين درجي لاءِ عملي طرح نوي سالن ۽ سرڪاري طرح گذريل چويهه سالن کان هاءِ اسڪول لاءِ ، بي اي لاءِ گذريل ويهن سالن کان ايم. اي لاءِ ۽ پي. ايڇ ڊي لاءِ تقريباً ڏهن سالن کان امتحانن ۾ جواب ڏيڻ جو ذريعو رهي آهي. ان کي صرف پنجين درجي  تائين محدود ڪرڻ تاريخ کي پٺتي موٽائڻ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي عوام لاءِ وڏو هاڃو ثابت ٿيندو.

ان دستخطي مهم لاءِ پيش ڪيل مضمون ۾ ظاهر ڪيو ويو ته اُن نام نهاد ڪميشن جي ڪيل سفارشن کي قبول ڪرڻ سان پاڪستان ٺهڻ وقت مڃيل جماعتن پاران ٺاهيل تعليمي معيارن، اخلاقي  قدرن ۽ يونيسڪو طرفان بين الاقوامي طور تي طئي ٿيل اصولن، (جن کي پاڪستان به تسليم ٿو ڪري) جي خلاف ورزي ٿيندي.

1951ع ڌاري پئرس ۾ تعليم ۾ مقامي زبانن جي استعمال تي ويچار ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا جي ماهرن جو وڏو ميڙ ڪٺو ٿيو هو، جنهن ۾ وڏي غور ويچار ۽ بحث مباحثي کان پوءِ جيڪا راءِ قائم ڪئي وئي سا هيٺئين طرح هئي:

”هيءَ هڪ واضح حقيقت آهي ته ٻار کي سيکارڻ جو بهترين ذريعو سندس مادري زبان آهي. نفسياتي طور اهو هڪ پرمعنيٰ اشارن جو نظام آهي، جيڪو سمجهڻ ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ هن جي دماغ ۾ پاڻمرادو ڪم ڪرڻ لڳي ٿو. سماجي طرح جنهن طبقي ۾ رهي ٿو، تنهن جي سڃاڻپ جو اهو مادري زبان هڪ ذريعو آهي. تعليمي نقطه نگاهه کان ٻار پنهنجي مادري زبان ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان سکي ٿو. بنسبت اهڙي زبان جي، جنهن سان هو مانوس نه آهي.“

انهيءَ جي پڄاڻي هن ريت ٿيل آهي:

”اسين ظاهر ڪري چڪا آهيون ته تعليم بهترين نموني سان مادري زبان ذريعي ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. پوءِ ڀلي شاگرد ٻار هجي يا ڪو بالغ.“

انهن مڙني ڳالهين جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي صرف پنجين درجي تائين محدود ڪرڻ سان جيڪي اگرا نتيجا نڪرندا، اهي ٿلهي ليکي هن ريت آهن:

  1. سنڌ جا اهي نسل، جيڪي پنجين درجي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل نه ڪندا، سي سنڌي ۾ ڪوبه ادب تخليق نه ڪري سگهندا، تنهن ڪري ادب جو واڌارو نا ممڪن ٿي پوندو.
  2. اهڙيءَ پاليسيءَ سببان سنڌي ٻولي پٺتي گهلجي گهلجي، تان جو وڃي مرڻ ڪنڌيءَ تائين پهچندي.
  3. ٽئين درجي کان وٺي ٻارن کي اردو ٻولي پاڙهڻ- جڏهن ته سندس ٻوليءَ جا ترڪيبي بنياد خود سندس ذهن ۾ ڪچا هجن- ضرورت کان وڌيڪ بوجهه وجهي سندن ذهن کي هيڻو ڪرڻ برابر ٿيندو.
  4. اهي ٻار جيڪي هيٺين درجن ۾ پوري ساري نموني اردو پڙهيا هوندا، تن کان ڇهين کان پوءِ سڄو نصاب اردوءَ ۾ پاڙهڻ سندن تخليقي صلاحيتن کي مڪمل ختم ڪرڻ برابر ٿيندو ۽ اهي ٻار ڪڏهن به ذهني ۽ تخليقي طور انهن ٻارن سان بَرميچي نه سگهندا، جن جي مادري زبان اردو آهي، يا اهي جي شروع کان ئي اردو ۾ پڙهيا آهن.
  5. سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ٻوليءَ جي ۽ خود پنهنجي خلاف انهيءَ موت جي پرواني (Death Warrant) (تعليمي ڪميشن جي رپورٽ) خلاف وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪئي، جن ۾ سنڌ جي هارين، نارين، شاگردن، استادن، اديبن، شاعرن، صحافين، دانشورن، تعليمي ماهرن حصو ورتو ۽ حڪومت کي انهيءَ سفارش کي واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو. پر اڻ سڌيءَ طور ۽ انتظامي قدمن ذريعي ان کان پوءِ به هر ممڪن نموني سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون. سنڌي اخبارن، ڪتابن، ادبي ۽ فني شهپارن تي پابنديون مڙهيون ويون.

1957ع ۾ وڏين رقمن سان قائم ڪيل جديد ترين ڪمريهينسو هاءِ اسڪولن، تعليمي ذريعي طور 1962ع جي مڃتا ماڻڻ باوجود اردوءَ کي پنهنجايو.

1969ع ۾ ايوب خان جي جاءِ تي جنرل يحيٰ خان حڪومت جون واڳون سنڀاليون. 1969ع ۾ ئي انهيءَ گورنمينٽ نئين تعليمي پاليسيءَ جو اعلان ڪيو، جنهن تحت اردوءَ کي تعليم جي مڙني ڏاڪن تي تعليمي ذريعي بنائڻ ۽ سڀني سرڪاري ڪمن ڪارين لاءِ رائج ڪرڻ جي سفارش ڪيل هئي. سنڌ ۾ انهيءَ خلاف هڪ طوفان کڙو ٿيو ۽ هڪ دفعو وري سنڌي قوم جا فرد پنهنجي قومي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ نڪري نروار ٿيا. انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي نقطه نظر جي بچاءَ لاءِ مختلف ذريعن طرفان هيٺيان پمفليٽ ۽ ياداشتون شايع ٿيون ۽ جدوجهدون ٿيون:

سنڌ جي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ تعليمي ماهرن جو وزارت تعليم ڏانهن خط.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو 26 جولاءِ 1959ع وارو  خط.

جيئي سنڌ نوجوان محاذ طرفان نئين تعليمي پاليسيءَ لاءِ تجويزون ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي ۽ سرڪاري درجي متعلق يادداشتون جنهن تي 25000 ماڻهن صحيحون ڪيون هيون.

1959ع  ۾ ووٽرن جون لسٽون سنڌي زبان ۾ ڇپرائڻ جي حق ۾ ڪيل بک هڙتالون.

سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ ٿيل مظاهرا ۽ هڙتالون وغيره.

1971ع ۾ حيدرآباد ۽ ،ڪراچيءَ ۾ سنڌين طرفان ڪوٺايل ”سنڌي ٻولي ڪنوينشن“، جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ جي اديبن، دانشورن، شاعرن، سياستدانن، اسيمبلي ميمبرن ۽ سنڌ جي ماڻهن شرڪت ڪئي. انهيءَ ۾ سموري جدوجهد ۽ جاکوڙ ۾ لکڻين جو تت هن نموني ڪڇي سگهجي ٿو.

1959ع واري تعليمي پاليسي غير منصفاڻي ۽ صرف انگريزي ۽ اردوءَ جو مسئلو حل ڪرڻ کي بنياد بنائي اڳتي وڌڻ تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ ڪوبه سنڌي ماڻهو شامل نه هو، جيڪا اُن وقت جي اولهه پاڪستان ۾ ڳالهائجندڙ ٻين مادري زبانن کان بنهه لاتعلق ۽ صرف هڪ ٻوليءَ کي نافذ ڪرڻ تي بضد هئي ۽ اهڙي نموني سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي ثقافتي ورثي جي خاتمي ۽ اُتي جي ماڻهن جي پٺتي پوڻ جو سبب ٿي بڻي. سنڌي ماڻهن جي جدوجهد سببان اها پاليسي نافذ ٿي نه سگهي. 1971ع ۾ پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي حڪومت سنڀالي، عبوري آئين جي آرٽيڪل 267 تحت هيءَ فيصلو ٻڌايو ويو:

قومي زبان جي حيثيت کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ صوبائي مقننه  (اسيمبلي) قانون ذريعي، هڪ قومي ٻوليءَ سان گڏ هڪ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال لاءِ اُپاءَ تجويز ڪري سگهي ٿي.

سنڌ اسيمبلي جولاءِ 1972ع تي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ، واڌاري ۽ استعمال جو ائڪٽ تمام وڏي اڪثريت سان پاس ڪيو. ان آئيني بل جا مقصد ٿلهي ليکي هي هئا:

  1. سنڌي ٻوليءَ کي ڏاڪي به ڏاڪي پڙهائيءَ لاءِ لازمي مضمون طور رائج ڪرڻ.
  2. سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ اڪيڊميون ۽ بورڊ ٺاهڻ. آفيسن ۽ سرڪاري کاتن، اسيمبلين ۽ عدالتن ۽ ادارن وغيره ۾ اهو آئيني بل سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ڏاڍاين جي ٿوري گهڻي تلافيءَ جي برابر هو، پر نام نهاد قوتن کان سَٺو نه ٿيو، سڄيءَ سنڌ ۾ ٻوليءَ جا فساد ٿيا، جنهن ۾ سوين ماڻهو ماريا ويا ۽ ڪروڙها روپين جون ملڪيتون تباهه ٿيون. اسيمبليءَ کي سڏائڻ کانسواءِ سنڌ جي گورنر هنگامي اختيارن کي استعمال ڪندي، سنڌ کي ٻه زباني Bi-Lingual صوبو قرار ڏنو ۽ بل جي متن ۾ بنيادي ترميمون ڪيون. انهيءَ دو ر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ۽ بدخواهن جي چُرچ تي هڪ ئي ڌڪ ۾ سنڌ جي 42 رسالن، ڪتابن ۽ پبليڪيشنن تي پابندي مڙهي وئي.

موجوده دور ۾ سنڌي ٻولي اڃا تائين عوام کي سکيا ڏيندڙ تمام طاقتور وسيلي ابلاغ عامه (ميڊيا) Media ريڊيو، ٽيليوزن ۽ اخبارن کان بيدخل آهي. سنڌي ڇپيندڙ/ڇپائيندڙ ادارا اڃا تائين ڪسمپرسيءَ ۽ ڊپ جو شڪار آهن.

1981 ۾ سنڌي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن هڪ اپيل موجوده حڪومت کي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جي سلسلي ۾ پيش ڪئي، پر ان سلسلي ۾ ماٺ ڇانيل رهي ۽ ڪابه پيش رفت نه ٿي. مطلب ته سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ هڪ مسلسل ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ سختين سهڻ جي تاريخ آهي. اها انهيءَ زبان جي ڪماليت ۽ طاقت آهي، جو ايڏين پابندين ۽ رڪاوٽن جي باوجود به وڌندي ۽ نکرندي رهي آهي. پر اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ سان جيڪڏهن اهي ڪلور نه ٿين ها ته سنڌي ٻولي اڄ ڏهوڻ تي وڌيڪ ترقي يافته هجي ها. سنڌي ٻوليءَ تي پابنديءَ جو اثر هڪ حد تائين سنڌ جي تعليمي پسماندگيءَ جي شڪل ۾ نڪتو آهي، جتي ٻهراڙيءَ جي آباديءَ (گهڻو ڪري سنڌي) ۾ پڙهيلن جو سيڪڙو 16 ۽ شهري آبادي (گهڻو تڻو غير سنڌي) 51 سيڪڙو آهي.

اڄ جي دنيا سائنس ۽ ٽئڪنالاجيءَ جي فن ۽ علم جي تيز ترين ترقيءَ جي دنيا آهي. پنهنجي ٻوليءَ کي صرف عظيم ۽ قديم چوڻ ۽ ان سان پيار ۽ لڳاءَ جو اظهار ڪرڻ ڪافي نه آهي ۽ اهو به ڪافي نه آهي ته ڪا ٻولي ايم. اي، بي. اي ۽ پي. ايڇ. ڊي تائين پڙهڻ جو ۽ تحقيق جو موضوع هجي.

ضرورت ته هن ڳالهه جي آهي ته سڀاڻي جيڪڏهن سنڌي معاشري جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي ڪردار ادا ڪرڻو آهي ته سنڌ جا اهي سڀ ماڻهو جيڪي اهڙي مقصد کي پنهنجو نصب العين سمجهن ٿا، سي سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار عملي طرح ادا ڪن. سنڌي ٻوليءَ کي اڄ به Computer ۽ Space دور جي علمي ۽ ادبي ضرورتن جي اهل بنائڻو آهي. سنڌي ٻوليءَ تي لڳاتار پابندي ڄاڻي واڻي رکڻ جا اثر اڃا تائين موجود آهن. انهن کي ختم ڪرڻ ۽ کيس جوابدارين جي پورائيءَ جو اهل بنائڻ، ڪنهن هڪ ٻن يا ڏهن فردن جي وس جي ڳالهه نه آهي. صرف فعال ۽ منظم ادارا ئي اهڙو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. انهيءَ ڪري ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ“ جي هن سيمينار اڳيان هيٺيون رٿون بحث لاءِ رکان ٿو:

  1. سنڌي ٻوليءَ لاءِ ”لٽريچر فائونڊيشن“ (Literature Foundation) قائم ڪئي وڃي، جيڪا پيشي وراڻن (Professionals) بنيادن تي سڄيءَ دنيا جي بهترين ادب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پيش ڪري.
  2. سنڌي جي سڀني تعلمي ماهرن ۽ سائنسدانن جي هڪ تنظيم ٺاهي وڃي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي مضمونن کي اظهار ڏيڻ جي سگهه ۾ اضافو ڪري، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ سائنسي موضوعن تي ڪتاب لکي ۽ لکرائي، قدرتي ۽ سماجي اصطلاحن جا تز سنڌي نعم البدل ڳولڻ جي جاکوڙ ڪري ۽ سائنس کي تمام آسان ۽ عام فهم ڪري سنڌ جي عام ماڻهوءَ تائين پهچائي.
  3. سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور ۽ فنڪار جيڪي پسماندگيءَ جوشڪار آهن، تن کي همٿائڻ ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ تنظيم جو قيام.
  4. سنڌي ڪتابن جي ڇپرائڻ ۽ انهن جي ورهاست جو جوڳو انتظام ڪرڻ.
  5. سرڪار تازو ئي سال 2009ع لاءِ تعليمي پاليسي جوڙي آهي، جنهن ۾ پرائمري ۽ نرسريءَ سطح کان مادري ٻولين سان انگريزيءَ کي به لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اهڙي سفارش تي نظر ثاني ڪري ٻآرڙن جو مادري ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جو حق بحال رکيو وڃي.
  6. سنڌ ۾ موجود خانگي انگريزي، ميڊيم اسڪولن کي سنڌيءَ جو مضمون پاڙهڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ سنڌ سرڪار هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن تي ستت ئي عمل ڪرايو ويندو.
  7. سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ سميت سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۾ سرڪاري توڻي غير سرڪاري سائن بورڊ اردوءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ لکيا وڃن، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ سڀ کان پهريون حق سنڌي ٻوليءَ جو آهي.
  8. ان کان سواءِ سنڌ ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين کي، جيڪي ڪاروباري سرگرمين ۾ رڌل آهن، گهرجي ته پنهنجا سائين بورڊ توڙي اشتهار ۽ ٻين خدمتن جا اعلان، آواز توڙي لکت جي صورت ۾ سنڌيءَ ۾ به پيش ڪن، جيڪا سنڌ جي اڪثريتي عوام جي ٻولي آهي.