ڪتاب جو نالو | لاڙي ۽ ڪڇي محاورا |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-10-9 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 21 September 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 8781 ڀيرا پڙهيو ويو |
ڪڇ ۽ اُتان جي ماڻهن ۽ زبان بابت ڪئين ڪتابن ۽ مقالن ۾ لکيو ويو آهي. اُنهن ۾ هيٺيان ڪتاب، زير نظر ڪتاب جي تياريءَ لاءِ مطالعي هيٺ رهيا. اُنهن جي باري ۽ معيار بابت بنيادي معلومات هيٺ ڏجي ٿي.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پنهنجي هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو سنڌي زبان جي ڪڇي محاوري بابت معلومات ڏني. هي ڪتاب سنڌي ٻولي جي تاريخ بابت بنيادي معلومات به فراهم ڪري ٿو ۽ مختصر طور مختلف محاورن بابت به ڄاڻ ڏي ٿو. ڪڇي يا ڪڇڪيءَ بابت ٻن صفحن کان ٿورو وڌيڪ مواد شامل ڪيل آهي. منهنجي اڳيان هن ڪتاب جو 1956ع وارو ڇاپو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ جو ڪڇيءَ بابت مقالو:
سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ اُن جو ڪڇي محاورو
نئين زندگيءَ ۾ ڇپيو ۽ اُن کي مجموعي مهراڻ جون موجون ۾ شامل ڪيو ويو. هن ۾ ڊاڪٽر صاحب محاوري سان گڏ ڪن شاعرن جو به تذڪرو ڪيو آهي. هي هڪ معلوماتي مقالو آهي.
ڪڇين جا قول: هي ماستر محمد سومار شيخ جو لکيل آهي، جو هُن ڪافي آڳاٽو سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو هو؛ پر 1977ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپيو ۽ اُن جو ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڪڇ جي مختصر تاريخ، ڪڇي محاوري ۽ ڪن ڪڇي شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مواد ڪافي آهي پر ڪيترن هنڌن تي سن سال نه ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ آندل پوءِ وارن ليکڪن کي بنا حوالي جي نقل ڪيو ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي: هي ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي ۽ 1979ع ۾ سنڌالاجيءَ شايع ڪيو. هن ۾ به ڪڇ جي تاريخ، ڪڇ ۽ سنڌ جي ناتن، علم ادب ۽ ڪڇي محاوري بابت لکيو ويو آهي.
|
ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت: هيءَ هڪ پي ايڇ. ڊي ٿيسز آهي ۽ ڪتابي صورت ۾ 2002ع ۾ دهليءَ مان ڇپي. ليکڪ ڄيٺي لعلواڻي 1993ع ۾ بمبئي (هاڻ ممبئي) يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي. ٻني ڪڇ جو هڪ ڄاتل سڃاتل علائقو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪڇ جي تاريخ، تهذيب، ٻنيءَ جي معلومات ۽ لوڪ گيتن بابت لکيو ويو آهي. گيتن ۾ ڪيترا سنڌ جا لوڪ گيت به شامل ڪيل آهن.
ڪڇ جو رڻ: هي ڪتاب ماستر محمد سومار شيخ 1966ع ۾ مڪمل ڪري سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو ۽ 2006ع ۾ شايع ٿيو آهي. انديشو ۽ اندازو آهي ته هن ڪتاب ۽ ”ڪڇين جا قول“ جو مواد ڇپجڻ کان اڳ ڪن ليکڪن نقل ڪري ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪڇ ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ ڪن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. محمد سومار شيخ، هنن ڪتابن کان سواءِ ڪڇ جي شاعرن بابت ٻيا ڪتاب به لکيا جيڪي سندس وارثن وٽان وٺي لاڙ ميوزيم ۾ آندا ويا آهن، اُنهن ۾ هي ڪتاب به آهن:
آخري ڪتاب کي ڇڏي باقي مواد سندس ئي مٿي ذڪر ڪيل ٻن ڪتابن ۾ به اچي ويو آهي.
خاص طور هنن ڪتابن مان مدد وٺي موجوده ڪتاب لکيو ويو آهي.