لاڙي ۽ ڪڇي محاورا

ڪتاب جو نالو لاڙي ۽ ڪڇي محاورا
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-10-9
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     8692   ڀيرا پڙهيو ويو

مُهاڳ


مادري زبان طور زبان هڪ وسيع جهان آهي. ڳالهائڻ وارا اُن جا محافظ آهن. اُهي غير شعوري طور ڄڻ زبان کي ترقي ڏيارڻ ۾ مصروف آهن. عالم ۽ اسڪالر شعوري طور زبان جي وسعت ۽ باريڪين کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

اسان جا لکڻ وارا ٻوليءَ جي قدامت، تاريخ، ترقيءَ ۽ جوڙجڪ تي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سوچيندا آيا آهن. ڪن ٿورن ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ارتقا تي لکيو آهي. سنڌيءَ ۾ اُهو پهريون ڪتاب ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جو هو جنهن هن موضوع تي اشارو ڪيو. اُهو ڪتاب به هو ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، جيڪو 1941ع ۾ لکيو ويو. جنهن جا ٻيا ڇاپا به شايع ٿيا. اُهو ئي اڪيلو ڪتاب اهلِ ذوق ۽ شاگردن جي اڀياس ۾ رهيو. منهنجي اڀياس جو مرڪز به اُهوئي ڪتاب رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت ڀيرومل مهر چند، گريئرسن جي پيش ڪيل نظرئي موجب ڳالهه ڪئي ۽ ٻيا نظريا پوءِ آيا جن ڀيرومل جي هن ڳالهه سان اختلاف ڏيکاريو. اُنهن ۾ سنڌ ۽ هند جا برک عالم شامل آهن. 2007ع ۾ منهنجو ننڍڙو ڪتاب ”سنڌي زبان جي ماهيت“ شايع ٿيو، جنهن ۾ مون سنسڪرت زبان ڏانهن وري توجهه ڏيڻ جي ڳالهه به ڪئي ۽ ٻين موضوعن سان گڏ محاورن (Dialects) بابت به چند بنيادي ڳالهيون بيان ڪيون. سنڌيءَ جي محاورن جي باري ۾ منهنجا ٻه ٽي مضمون اڳ ۾ ڇپيل هئا، جن ۾ آڳاٽو مضمون 1951ع ۾ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيو. آءٌ خاص طور ٻوليءَ، گرامر ۽ لسانيات بابت لکندڙ نه رهيو آهيان. البت هن ميدان ۾ ٻوليون سکڻ ۽ سنڌيءَ جي محاورن بابت مطالعو جاري رکندو اچان. فارسي، چيني، سرائيڪي، سنسڪرت ۽ ڪي ٻيون ٻوليون سکيم.

اُن سان گڏ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي اُن سلسلي ۾ ٿري محاوري تي (ڊاڪٽرهدايت پريم سان گڏ) هڪ ڪتاب لکيم، جنهن کي ”ٿري ٻولي“ عنوان ڏنو ويو هو پر مراد محاوري (Dialect) جي هئي. اٿارٽيءَ هن سلسلي ۾ اُتر ۽ ٻين خطن جي محاورن تي هونئن ته گهڻي ڀاڱي موضوع تي تڪميل ڪئي، پر لاڙي ۽ ڪڇي محاوري لاءِ هاڻي مون کي حڪم ٿيو. هي پهريون ڪتاب ”لاڙي ۽ ڪڇي“ حاضر آهي.

منهنجي لاءِ هي موضوع دل کي ويجهو رهيو آهي ۽ مٿي ذڪر ڪيل ڪم سان گڏ 1975ع ۾ منهنجو ڪتاب ”لاڙ جي لغات“ به شايع ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ اُستاد العلماء، مشفق ۽ مهربان سائين مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ لکيو هو. هي پس منظر آهي موجوده ڪتاب جو.

 منهنجو هي موجوده ڪتاب هڪ مختصر تعارف آهي. اڃا به محاورن تي تفصيلي روشني وجهڻ جي ضرورت آهي.

 

والسلام

 عبدالجبار

07-10-17

شهريار منزل بدين