لاڙي ۽ ڪڇي محاورا

ڪتاب جو نالو لاڙي ۽ ڪڇي محاورا
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-10-9
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     8786   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ٻيو محاورا


اسين ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“ چئون ٿا، پر دنيا جي هر خطي، انتظامي پرڳڻي، ضلعي يا طبعي ايراضيءَ ۾ مفاصلي جي ڪري ٻولي ٻي يعني محاورو (Dialect) ۽ ننڍو محاورو (Sub-dialect) موجود آهي. هڪ جو ٻي ايراضيءَ سان فرق هڪ حقيقت آهي، ڪو ٻوليءَ جو بگاڙ نه آهي. لساني جاگرافي (Linguistic Geography) هن موضوع تي قابل قدر روشني وجهي ٿي. سنڌيءَ ۾ لساني يا لسانياتي جاگرافيءَ تي ٻه ڪتاب نشانبر آهن. اُهي آهن: ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ (1979ع) ۽ جناب محمد عمر چنڊ جو“ لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون“ (1985ع). محمد عمر چنڊ جي ڪتاب جو پهريون ڀاڱو خاص طور، ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ۾ آيل ڪن نُڪتن جي ڇنڊ ڇاڻ جي باري ۾ آهي. هُن جو چوڻ آهي ته لساني جاگرافي زير بحث زبان جي اندر ئي ايراضي وار تبديليءَ سان لاڳاپيل آهي نه ڪ اُن جي سرحدن کان ٻاهر پاڙيسري ٻولين جي باري ۾ بحث ڪرڻ. محمد عمر چنڊ، مئڪ ڊئوڊ جي ڏنل وصف جو حوالو ڏي ٿو (1) اِن ريت محاوري جي باري ۾ به حوالن سان پنهنجي راءِ قائم ڪري ٿو (2). هن نُڪتي جي چٽائي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي هن ريت ڪئي آهي:” ڪنهن به ٻوليءَ جي اُپڀاشائن، اُن جي آوازن جي خاصيت ۽ ويا ڪرڻي بيهڪ ۾ جيڪو تفاوت آهي، سا آهي لسانياتي جاگرافي (3).

لسانياتي جاگرافي زبان جي مختلف محاورن ۽ ننڍن محاورن جي اڀياس ۾ مددگار ٿئي ٿي. سرحد پار اڀياس ڪرڻو آهي ته به سنڌي زبان جي ٻاهر اڳ موجود ۽ پوءِ ويل (جئن ڀارت ۾) محاورن جو اڀياس ڪجي. ڀارت ۾ سنڌي (اُتر-لاڙ) سڀ گڏجي مسجي ويا آهن ۽ ٻي صورت حال آهي.

لهجي (Accent) ۽ محاوري (Dialect) جو فرق سمجهڻ به ضروري آهي. اِن نُڪتي تي به حوالن سان چنڊ صاحب ۽ ٻين محققن بحث ڪيو آهي. لهجو ڳالهائڻ جي ڍار کي محاورو ٻوليءَ جي فرق کي ڏسي قائم ڪبو آهي. ايراضيءَ جي فرق جي قطع نظر اِهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪي به ٻه ماڻهو هڪ جهڙو نٿا ڳالهائن (4). ڪنهن جي ذاتي اُچار کي (Idiolect) چئجي ٿو. هڪ محاوري جي حد کي ٻئي محاوري جي حد کان جدا ڪرڻ لسانياتي نقشي تي ليڪون ڏيکارين ٿيون، اُنهن کي Iso Glosses سڏجي ٿو (5).

هر زبان اُچارن جي باهمي فرق، جملن جي صرفي ۽ نحوي تبديليءَ سبب ڪيترن ئي وڏن ۽ ننڍن محاورن ۾ تقسيم ٿيل هوندي آهي. اِهو هڪ فطري عمل آهي ۽ اُن جي لسانيات ۾ گنجائش آهي. محاورا، هڪ ٻئي جي ايراضين ۾ به ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندا آهن. ڪي اهڙا به وسيع ايراضيءَ وارا ملڪ آهن، جن جا محاورا سمجهه ۾ نه ايندا آهن. جئن چين جتان جي ڏکڻ ڇيڙي جو ماڻهو ٻئي دور دراز علائقي جو محاورو نه سمجهي سگهندو آهي. چين ۾ اٺ وڏا ۽ ويهن کان وڌيڪ ننڍا محاورا آهن. پي چنگ (Peking) گاديءَ جو هنڌ آهي اُن جي محاورو سُرن جي چِٽائيءَ سبب سڄي ملڪ ۾ ۽ ٻاهر ويل (Overseas) چينين لاءِ به سمجهه ۾ اچڻ وارو هوندو آهي پي چِنگ جو محاورو معياري ليکجي ٿو. هن سلسلي (يعني معياري محاوري) جي باري ۾ پروفيسر رابنس لکي ٿو: ته ”معياري محاوري جي اصطلاح مان ڪا غلط فهمي نه ٿيڻ کپي. اهڙا گفتگو جا طريقا تشابهتي طور محاورا ئي هوندا آهن. بلڪ ٻين محاورن وانگر جن کي جيڪر سماجي ۽ سرڪاري طور محدود ڪجي ۽ گهٽ بيان ڪجي (6) ڪي ماڻهو ڪن محاورن کي گهٽ سمجهن ٿا. ائين به ناهي.

بلومفيلڊ جي راءِ موجب معياري محاورو حقيقت ۾ پراڻو نه هوندو آهي. بلڪ مقامي محاورن مان ڪن تاريخي اهميت وارين حالتن هيٺ اُسرندو آهي (7). ائين انگريزيءَ جا مختلف محاورا آهن. جن ۾ مختلف صوبن ۾ فرق آهي (8).

موجوده سنڌ جون سرحدون ماضيءَ ۾ وسيع هيون. اُن ڪري سنڌ کان ٻاهر به سنڌيءَ جو دائرو وسيع ٿيو. اُن کان پوءِ ورهاڱو ٿيو ته سنڌي ڀارت ۾ به پکڙيا. بلوچستان ۾ سنڌيءَ جا اهم محاورا آهن: کيتراني، فراڪي، جدگالي، گوادري، اورماڙي ۽ لاسي، پنجاب جي سرحد سان اُتر ۾ ماڇڪو محاورو آهي. ڏکڻ ۾ ڪڇي، ۽ ميمڻڪي محاورا آهن. انهن جا ڳالهائيندڙ ڪڇ ۽ سنڌ ۾ رهن ٿا.

لاڙي محاورو، وچولي سنڌ، ٿر، ڪڇ ۽ اولهه ۾ ڪراچي، لس ٻيلي ۽ پس گردائيءَ جي محاورن جي وچ ۾ اچي ٿو. اُن ڪري چوگرد موجود آهن.

سنڌيءَ جا ٻه وڏا ۽ مد مقابل اُترادي ۽ لاڙي محاورا آهن.

سِريلي يا (اُترادي)

هي محاورو اُتر سنڌ (سِرو) جي مناسبت سان نشانبر آهي. هي عام طور اُتر جي ضلعن سکر، گهوٽڪي، خيرپور، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ دادوءَ ۾ مروج سمجهڻ کپي. ڪنهن وڏي محاوري وانگر هي به ننڍن محاورن (Sub-dialects) ۾ ورهايل آهي. هن سلسلي ۾ اڃان باريڪيءَ سان ڪم نه ٿيو آهي جو طئه ڪجي ته ننڍن محاورن جون حدون ڪهڙيون آهن. ڪاڪو ڀيرومل، ڊاڪٽر ٽرومپ جي حوالي سان لکي ٿو. ”سريلي ٻوليءَ جا اُچار چِٽا آهن. اُن جا سُر آواز (Vowels) اُچارن کي چِٽو ۽ نمايان ڪن ٿا. اُن جو مثال هي ڏيئي سگهجي ٿو ته اُتر (سِري) ۾ چئبو ”چيائون“ ته لاڙ ۾ اُن جو اُچار ”چئون“ آهي، ايئن ئي ٻيا ماضي فعل اُچاربا، جئن ڪَئون، کئون وغيره. هڪڙو فرق هنن ٻن محاورن ۾ هي به آهي ته اُتر (سِري) ۾ اَ/ آ سُر آواز لاڙ ۾ اِ/ اِي اُچارجي ٿو:

سِرو                              لاڙ

جَن                                جِن

تَن                                 تِن

ڪَن                               ڪِن

                         جاتي                             جِتي

تاتي                              تِتي

ڪاٿي                            ڪِٿي

ڀيرو مل اُتر جي تلفظ کي صحيح ڄاڻي ٿو (9). منهنجي خيال ۾ هي محاورن جو فطري فرق آهي. اُتر جي ڪن وينجنن (Consonants) جهڙوڪ ڊ- ڍ ۽ ٽ ۾ ر جو آواز اُچارجي ٿو. جئن ڊر- ڍر ۽ ٽر. اِملا ۾ ’ر‘ لکجي ڪونه ٿو. ڪن وينجنن جي باهمي تبديلي به گفتگو ۾ ملي ٿي. مثلاً ش ۽ ڇ جي تبديلي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي آسپاس ملي ٿي:

شِڪارپور                       ڇِڪاپور

                        مِڇي                              مَشي

                        مَڇر                               مَشر

                        ڇورو                             شورو

                        شايد                              ڇايد

سِريليءَ ۾ عدد جمع، واحد پٺيان ”آن“ ملائڻ سان ٺهي ٿو ۽ لاڙي ۾ ”اُون“ ملائڻ سان ٺهي ٿو. مثلاً:

واحد                 جمع (سِرو)                    جمع (لاڙ)

کارڪ                کارڪان                         کارڪون

ٽَنگ                  ٽنگان                             ٽنگون

سَڙڪ                سڙڪان                          سڙڪون

ويگن                 ويگنان                           ويگنون

رن                    رنان                              رنون

ڪيترن اِسمن ۾ اُتر ۽ لاڙ جي جمع جو صيغو هڪ جهڙو آهي. جيئن: ڪتاب- گهر- هٿ ۽ ٻڪري وغيره. واحد مان جمع ٺهڻ لاءِ سِريليءَ وانگر سرائيڪي، پنجابي، ۽ فارسيءَ  ۾ به ”آن“ پڇاڙي اچي ٿي. اُن کان سواءِ اُتر جي مقابلي ۾ لاڙي اُچار ۾ لفظن جون پڇاڙيون ’پيش‘ بجاءِ ’زبر‘ سان اُچارجن ٿيون يا ڪٿي ساڪن آهن:

سِريلي                          لاڙي

ويههُ                               ويهه

گهرُ                               گهر

اُٺُ                                اُٺ

کَڻُ                                کَڻ

واڱڻُ                             واڱڻ

جمع جي صيغي ۾ اُچار ساڳيا آهن: هَٿَ- هَٿَ، گهَرَ-  گَهرَ ليکَ – ليکَ وغيره.

صرف و نحو جي خصوصيتن جي مدنظر سِري جي محاوري جا ٻيا ڪي اهم نُڪتا هي آهن:

جنس: ڪي لفظ جيڪي ٻين محاورن ۾ مذڪر اسم آهن، سي سِري ۾ مونث ڪري اُچارجن ٿا. مثلاً: رَتَ نڪتي آهي_

فعلن جون پڇاڙيون نون غني جي آواز تائين ڪونه ٿيون پهچن. مثلاً: اينداسين - ڪنداسين بدران چون اينداسي_ ڪنداسي.

مضارع: ’ڪريان‘ جي ’ر‘ گم ٿئي ٿي. مثلاً: ’ڪيان.‘

زمان حال استمراري ۾ وچولي ۽ لاڙ ۾ ”آءٌ اچان پيو“ چون؛ پر اتر ۾ چون ’مان اچان ٿو پيو‘.

زمان ماضي مطلق ۾ چون ”هُو وَيو آهي.“ ڀيرو مل چوي ٿو ته زمان حال ۾ وَڃڻ جي واو تي زبر آهي اُن ڪري ماضيءَ جي صيغي ۾ به واو تي زبر قائم رکڻ صحيح آهي.

ماضي معطوفيءَ جو جملو: ’ماني کايو اچان ٿو‘ بدران چون ’ماني کايون اچان ٿو‘.

 اهڙي طور اسم مفعول ۾ ڳايو کي ڳاتو چون. سِريلي محاوري ۾ اسم تصغير جو رواج گهڻو آهي. مثلاً: ڀاءُ- ڀائِڙا، هتي- هتڙي. وچولي ۽ لاڙ ۾ ڙو پڇاڙي به ڪتب اچي ٿي. . جئن: ننڍڙو، ٻارڙو وغيره.

هي فقط ڪي خصوصيتون آهن ۽ ڪن لفظن جي تلفظ جي ڳالهه آهي. هڪ مڪمل محاورو پنهنجي اندر فطري سونهن جو حامل آهي. اُچار ئي هڪ محاوري کي قائم ڪندڙ آهن. اُن ۾ ڪا بگاڙ ۽ سڌار جي ڳالهه نه هوندي آهي. پڙهيل طبقو لکپڙه معياري محاوري ۾ ڪندو آهي.

وچولو (يا ساهتي) محاورو:

اُتر ۽ ڏکڻ سنڌ جي وچ واري ايراضي وچولو سڏجي ٿي. اُن ۾ نوشهري، ڀِرين واري ايراضيءَ کي ساهتي به سڏجي ٿو. ڀيرومل هن ايراضيءَ جون حدون ڄاڻائيندي لکي ٿو ته: ”ڪنڊياري ۽ دادو تعلقن جي اُتر واري ڀاڱي کان وٺي هن جون حدون ڪوٽڙيءَ تائين آهن (10). وچ ۾ هجڻ ڪري هن محاوري جي اُچارن ۾ وچٿرائي ۽ توازن آهي. هن تي اُتر ۽ لاڙ جي اُچارن جو ٿورو ٿورو اثر به آهي. هن محاوري کي نوشهري ۽ سيوهڻ جي علمي مرڪزن جي ٽيڪ آهي. ڪي خاص لفظ آهن: لڳلڳو (لغلام- ترڻي)- ڏوڪڙ (پئسا)- کوڙ (گهڻو).

ڪي اصطلاح هي آهن:

  • ڊڀري جو ڪمي هئڻ (مفت ۾ ڪم ڪرڻ).
  • پنجوءَ جي پڻ ساڻ هئڻ (واجبي کان وڌيڪ گهرڻ)
  • ۽ پنجوءَ جا پنج کُٽڻ (ٻارهوئي کوٽ).

وچولي جا پهاڪا ڪي هي آهن:

  • ڦُلوءَ واڻئي رات وهاڻي، ڳالهين ڪندي ڳوٽي کاڻي.
  • اهڙي جُٺ ڪيائين جهڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان.
  • چٽي چنيجن جي پرڻ تي پيئي.
  • ٻُرڙي پئي نه ٻاجهه، ڀر ۾ ٿو ڀاءُ مري.
  • ٻيو هرڪو اچڻو وڃڻو پَمُو ٿاڻائي (11).

وچولي جي ٻولي متوازن آهي. هن ايراضيءَ ۾ مشهور ليکڪ ديوان ڪوڙومل چندن مل کلناڻي ڀريا واسي ٿي گذريو آهي. هن محاوري جي اڀياس ۽ پنهنجن ڪن پيارن دوستن جي ڪري آءٌ هن علائقي ۾ ڀرين. کاهي قاسم ۽ نوشهري گهڻو ويو آهيان.

ڪڇي محاورو:

ڪڇ اڄ ڀارت جي گجرات صوبي ۾ هڪ ضلعو آهي. اڳ هڪ رياست هئي جِت راجا (راءُ) راڄ ڪندو هو. لاڙ ۽ ڪڇ جا سياسي، سماجي، مالي، ثقافتي ۽ ادبي لاڳاپا گهرا رهيا آهن. محمد سومار شيخ جو ڪتاب ”ڪڇين جا قول“ ۽ ٻيا اڻ ڇپيل ڪتاب اُن جو واضح ثبوت آهن. ڪڇي محاوري تي ڊاڪٽر بلوچ جو هڪ مقالو به شايع ٿيل آهي. ڪن حلقن موجب ڪڇي هڪ جدا زبان آهي، پر سنڌيءَ جو هڪ محاورو هجڻ جا ڪئين ثبوت موجود آهن. صرف ۽ نحو جو اڀياس هن سلسلي ۾ اهم آهي. هيٺيان جملا مطالعي لائق آهن:

آءٌ وَڃان ٿو (سنڌي)

آءٌ وِڃان تو (ڪڇي)

اوهين اَچو (سنڌي)

آئين اَچو (ڪڇي)

بابا بصر وٺي اچ (سنڌي)

ٻاوا ڏونگهري ڳنهي اچ (ڪڇي)

هو ماني کائڻ ايندو (سنڌي)

اُه ماني کيڻ اچيندو (ڪڇي)

ڪڇي، بدين ۽ لاڙ جي ٻين شهرن ۾ رهن ٿا. مٽيون مائٽيون به ٿيون آهن. ڪاڪو ڀيرومل ”ڪڇي“ لفظ جو بنياد سنسڪرت مان ڄاڻائي ٿو. جنهن جي معنيٰ ڪنارو يا ڪنڌي آهي. ڪڇ هڪ اُپٻيٽ آهي، ٽن پاسن کان سمنڊ اٿس (12). ڪڇيءَ کي اڪثر ڪڇڪي به سڏجي ٿو. ڪڇ ستين صدي عيسوي ڌاري سنڌ جي هٿ هيٺ رهيو آهي. سنڌ حڪومت جي اثر ڪري سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين رهيو. ڪيترين ڳالهين ۾ لاڙي ۽ ڪڇي محاورا قريب آهن.

مثال طور: سُر آواز (vowel) کي سُسائڻ- جيئن: ”ورتائين“ بدران چون ”ورتئين“.

وسرڳ کي اوسرڳ ڪرڻ: جيئن ”ڪنهن“ بدران ”ڪين“ ۽ ”گهر“ بدران ”گر“ چون.. ڪٿي حرف صحيح به نه اُچارين. جئن اِتان، تِتان ۽ ڪٿان کي اِئان، تِئان ۽ ڪئان چون. شاه جي ڪلام ۾ به اهي صورتون موجود آهن.

  • ادا اِئائين، ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو.
  • ڪئان سکئين سپرين، ڪا سائڪي ڪار.

جمع جي صيغي ۾ اسمن پويان ”اين“ ملائڻ جي عادت ڪڇي ماڻهن ۾ آهي جئن: گهر جو جمع گهرين، ماڻهوءَ جو ماڻئين (ماڙئين)، جانور جو جناورين (زناورين) ڪجي ٿو. ضمير ”پاڻ“ کي پندر (پنڊ) چئجي ٿو.

شاه جي رسالي ۾ به ڪڇي لفظ آهن. تمر فقير ڪڇ ۾ وڃي رهيو هو. اُتي رسالي جا قلمي نسخا جتن ۽ ٻين فقيرن وٽ آهن. رسالي ۾ هڪڙو مثال ڪڇيءَ جو هي آهي_

لک لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙين ڏيئي ڳڌوم،

اڱڻ سونهن سندوم، ملهه مهانگو م چئو.

ڪڇي محاوري جا ڪيترا لفظ لاڙيءَ ۾ به رائج آهن- مثلاً: ڏونگهري (بصر)، ڍينگلو (پئسو) ۽ ٻائڙي (زال) وغيره. ائين اسمن سان گڏ فعل ۽ ضمير به هڪ جهڙا آهن. گهڻا لفظ معياري اُچار کان ڦريل آهن. جئن: مؤز (موج)، گريب (غريب)، ۽ واکُب (واقف)

ڪي انوکا لفظ به ڪڇي محاوري ۾ آهن. مثلاً: ڦڳائڻ( اُڇلڻ)، رونسڻ (مارڻ، مٽيءَ ۾ دسڻ)، جهمڻ (کائڻ) ۽ ڏيس (وٽو).

اڄ به ڪڇ ۾ سنڌيءَ جو چالامان آهي. اديب عربي- سنڌي لپيءَ ۾ ڪتاب لکن ٿا. انهن ۾ ڪلاڌر، گهنشام ۽ ٻيا ٻنيءَ مان ادبي ڪتاب شايع  ڪن ٿا. ڄيٺي لعلواڻيءَ ”ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت“ عنوان سان پي ايڇ ڊي مقالو لکيو آهي. اُهي لوڪ گيت گهڻي ڀاڱي سنڌي گيت، ڀڄن ۽ ڪافيون ئي آهن. هنن دوستن احمد آباد ۽ ٻين شهرن ۾ ملاقاتن ۾ ٻڌايو ته ٻنيءَ ۾ اٽڪل چاليهه وڏا ڳوٺ آهن. جن ۾ سنڌي ۽ ڪڇي ڳالهائجي ٿي. نه ڪڇي ماڻهو ۽ نه ڪڇي محاورو سنڌيءَ کان ڌار آهي.

ٿري محاورو:

لاڙ وانگر ٿر به هڪ ثقافتي ايڪو (cultural unit) آهي. لاڙيءَ وانگر ٿريءَ ۾ به اوسرڳائي آهي، جنهن، تنهن، ڪنهن ۽ ڪڏهن کي جين، تين، ڪين ۽ ڪڏين ڪري اُچارين. خاص اسمن کي اُچارڻ جو به ٿرين وٽ پنهنجو منفرد طريقو آهي، جو ڪڇيءَ سان مشابهه آهي. آچار کي آچاريو، سومار کي سوماريو، بچل کي بچو، بچيو ۽ ٻيجل کي ٻيجليو- ايستائين جو محمد نالي کي به مامون، ماموڙو ۽ مامديو ڪري اچارين. ضميرن ۾ پنهنجو کي پانجو، صفتن ۾ به لاڙ سان هڪجهڙائي آهي. چڱو کي چون کاشو. ڪمتر کي چون لانئون. ٿر ۾ فعلن جي صيغي ۾ به هڪ منفرد سرشتو رائج آهي. اُن هيٺ مقامي صورتون ٺهن ٿيون. ماضيءَ جي صيغي ۾ اَڏيو، ٻڌو، ماريو ۽ ڦٽيو جون صورتون آهن: اڏاڻو، ٻڌاڻو، ماراڻو ۽ ڦٽاڻو. ويو بجاءِ چون وَهيو. مثال: هو وچينءَ ٽاڻي وهيو مِٺيءَ. ٿر کي مقامي لفظن جو هڪ چڱو ذخيرو پنهنجو آهي. مثلاً:

ساٺيڪو                                                   سٺ پُرهه اونهون کوه

ڀاروڙي                          کٿي

دونس                             کنگهه

تونس                             اُڃ

چس                               مزو

آرساڻو                           سُستي

ڦدولي                            اجائي ڳالهه

آهار                               کاڌو

ٿاجا                               جاءِ اوطاق

سَل                               ٽُنگ

ساڏوهي                         ڄار- کٻڙ

ڊائي                              وعدو پروگرام

اُٺو                                وٺو

انهيءَ کان سواءِ به ٿري ادب ۾ لوڪ گيتن ۾ رائچند، منگهارام اوجها، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد عثمان اديب، ثريا سوز ۽ ٻين اديبن ٿري ماڻهن ۽ ٻوليءَ لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيو آهي.

لاسي محاورو:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“، لس جي محاوري ۽ ادبي ذوق لاءِ هڪڙوئي بس آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو: ”ٻيلي جي ٻولي پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ موجب مختلف زبانن جي ميزبان ٿي رهي آهي. انهيءَ ڪري منجهس لغوي جاذبيت جهجهي آهي (13). لس ٻيلي جو (لاسي) محاورو پنهنجي ڏکڻ واري لاڙي محاوري سان ڪنهن حد تائين ربط ۾ آهي؛ پر ته به هن ۾ اڪثر رواجي حرڪات کي وڌايو وڃي ٿو. ”نه ته“ کي ”ناتي“ ڪري ڪم آڻجي ٿو. جئن ڪبير شاه ٿو چوي:

ڪا ڪَل پييم ڪانه وڃڻ جي

ناتي هوت آءٌ هوشاري هئي (14)

ڪبير شاه، سنڌ جو شاعر هو ۽ هتان ڪَهي ٻيلي جي شاعر شيخ ابراهيم سان مارڪو (معرڪو- مقابلو) ڪرڻ ويو هو. لاسي محاوري ۾ به اوسرڳائي موجود آهي. ’تنهنجي‘ بدران ’توجو‘، ’ٻاجهه‘ بدران ’ٻاج‘ چون. ڪن لفظن ۾ زائد نون جو آواز ڪڍن ٿا. ’ساجهر‘ بدران ’سانجهر‘ ۽ ’ستر‘ کي ’سنتر‘ چون. ’و‘ ڪن لفظن ۾ ”ٻ“ سان بدلجي ٿو ۽ ائين ويٺو بدران ٻيٺو چون. ’ي‘ به اڪثر ’ج‘ ۾ بدلجي. جئن ياد بدران جاد چون ( لاڙ ۾ زاد به چون). يتيم کي جتيم چون. اِهو به لاڙي محاوري ۾ آهي. اڪثر ’ذ‘ به ’ج‘ ۾ بدلجي ٿي. مثلاً ذات کي جات چون. (ويندي ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائيان_ شاه لطيف).

فارسي لفظ چشم کي شاعرن ڇم ڪري ڪم آندو آهي. چمڙي جي مشڪ ۾ پاڻي وجهن ته اُن کي اوئي چون، جي کير وجهن ته ان کي ايزڪ چون (15). لاسي محاوري جون ڪي نحوي خوبيون، بلوچستان جي سنڌي محاورن سان ملن ٿيون، جن ۾ کيتراني فراڪي ۽ بغدالي اچي وڃن ٿا.

مخصوص لفظ هن محاوري جي انفراديت کي ظاهر ڪن ٿا. ڪي لفظ معنيٰ سميت هي آهن:

            اَسُت                  لسي

            اِڇون                 ڦٽل لسي

            تَسُو                   ذرا

            پانڍو                 بهادر

            پانواڻو               مقابلو

            ڇمر                   ڪڪر

            ساپُرس              چڱو ماڻهو

            سَلو                   پيچرو

            مَزار                  شينهن

            منگٽي               ڏيڏري

            پيداوار              مشهور

            ڌاڃ                   فصل

            چيهه                  کنوڻ

            چيهل                 هَرڻ

            ڪُڙهو               همت وارو

            اَئِي                   ٻڪري

            اُڇڻ                   اُٿڻ

            آگارڻ                 خرچ ڪرڻ

تَر                     تڏهن

            ڄيرو                 باهه

                        خاصو                چڱو

ماهندا                مهندان-اڳيان

پي ما                 پيءُ ماءُ

هستي                ننڍو پلاڻ (اُٺ جو)

گورم                ڍڳين جو ڌڻ

ڪيراگ             اُهو ڌڻ جنهن ۾ رڍن کان ٻڪريون گهڻيون هجن

سَرڇو                سائو- آباد

اَرڇو                  ڏکيو، سڃو ۽ ڏُليل

لوهيون              کلون

وانر                   باندر

ڳيڙو                 برسات

وانڍا                  واندا، بي اونا

مُهرڻ                 وهٽ جو پاڻي پيئڻ

ميڙياند               کير جي ڏُهائي

مَر                     ميراڻ

پُڇَ                    ڪپڙا، لٽا

ڇڇ                    پيٽ

هڏ پينو              هڏ گٺل

اَڌوڪر               جبل جا اڌ ڪپر

گِڊو                   سور

ماڇانڊ                واڙو

جهڪون             پوڙهيون، اَڀريون

اوجا                   ڏاس مان ٺهيل فراسيون

جول، گريٿا         ڏاس مان ٺهيل ڳوڻيون

مُرنيون              کٿيون

ڳڃ                    گهنج

ڳم                    نشو ڍؤ

پِزو                   ڄمڻ وقت ڏنل خوراڪ

اَڪورو              ٻاڪرو

پاهو                  ريڍو

پَهون                 ٻڪريون

ڪُوڪيون          ننڍي پڇ واريون رڍون

بڊي                   ڳوٿري

ٻُٽا                     ڍُڪَ

ڌڙڪي               رلي

مائي                  واقعي جا يادگار

نِنڌ                     بخيل

ٿَمڻ                   لڪائڻ

ٽاڏ                     ڳئون

نمرو                  تندرست

شعرن، ڳجهارتن ۽ لوڪ ادب جي صنفن ۾ لاسي ۽ ڪوهستاني لفظ گهڻو استعمال ٿيا آهن. شاه جي هيءَ وائي لاسي محاوري جو هڪ منفرد مثال آهي.

وسان ٿي وياس، لڳم ٻاڻ ٻروچ جو

پُرزا پٻ ورن ۾، پِٿون ٿي پياس،

تن پڻ ڪاڍو ڪيچ ڏي، توڻي ماءُ مُياس،

پاڻ وڃايم پير تي، ڇٽي آءٌ ڇٽياس،

هيڏي شهر ڀنڀور ۾، نه ڪو پيءُ نه ماس،

پييم وچ وصال ۾، سنجهي آءٌ سُتياس،

الا اُن مَ وسران، ڏٺي جن جِياس،

پييس ور وصال جي، جانڪيتان جيندياس،

اَديون عبداللطيف چئي، محبن سان ملندياس.

شاهه جو رسالو(علامه آءِ آءِ قاضي) داستان ڏهون، وائي نمبر 2،

 سُر حسيني، صفحو نمبر 552

موجوده سنڌ کان ٻاهر جا ننڍا محاورا:

اِها هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته سنڌ ماضيءَ ۾ پنهنجي موجوده ايراضيءَ کان  وسيع هئي. اُن ڪري پاسي وارن علائقن ۾ به سنڌي زبان موجود هئي. مختلف ايراضين ۾ سنڌي زبان موجود رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ لاسي محاوري جو جائزو وٺي آياسين. لس ٻيلو سمن حاڪمن جي هٿ هيٺ رهيو آهي. شاعرن جي به ڳالهه ٿي آئي پر حڪمران به سنڌي ڳالهائيندڙ هئا. اُن کان سواءِ به بلوچستان جي مختلف حصن ۾ سنڌي مادري زبان طور رائج آهي. ڀاڳناڙيءَ ۾ سيد رکيل شاه هڪ وڏو شاعر گذريو آهي. سبي خطي ۾ به سنڌيءَ جا مختلف محاورا موجود آهن. اُنهن جي باري ۾ داد محمد خادم بروهي پي ايڇ. ڊي لاءِ 1984ع  ۾ مقالو پيش ڪيو. هن مقالي جو عنوان آهي: ”سبي خطي ۾ سنڌيءَ جي مختلف محاورن جو مطالعو“. هن ايراضيءَ ۾ فراڪي ۽ کيتراني محاورا رائج آهن. ڊاڪٽر داد محمد، فراڪي تي تفصيل سان لکيو آهي. سبيءَ ۾ هڪ ماڻهوءَ کان پڇيم ته ڪير آهين ته جواب ڏنائين ته پڻي پٺاڻ. ٻولي ڪهڙي ڳالهائيندا آهيو ته چيائين ته اِهائي جيڪا ڳالهايان پيو. هي محاورا ڪراچيءَ کان اُتر لس ٻيلي ۽ سبيءَ تائين پکڙيل آهن. فراڪي ۽ کيتراني ٻين ننڍن محاورن کان وڌيڪ ايراضيءَ ۾ رائج آهن.

فراڪي محاورو:

هي سبيءَ سان واسطو رکي ٿو. هن کي وطني ۽ ملڪي به سڏين ٿا. هن جي ايراضيءَ بابت ڊاڪٽر داد محمد خادم لکي ٿو: ”سبي، سنڌ جي سرحدي شهر جيڪب آباد کان اٽڪل هڪ سؤ ميل اُتر اولهه ۾ آهي. اڳوڻي ڊويزن جي حساب سان هن ۾ سبي، ڪڇي، نصيرآباد، ڪوهلو ۽ ديره بگٽي جا ضلعا شامل هئا. هتان جا نوي سيڪڙو ماڻهو سنڌي مادري زبان طور ڳالهائيندڙ آهن. سبيءَ جي هن محاوري تي نالي پوڻ جو سبب ڄاڻائيندي ڊاڪٽر داد محمد لکي ٿو:

”هي لفظ فراغ (وسيع) مان ورتل آهي ۽ وسيع علائقي ۾ رائج آهي. وقت گذرڻ سان سرائيڪي، بروهڪي ۽ پٺاڻڪي جي لفظي اثر هيٺ فراڪي سڏجڻ ۾ آيو (17). ”بقول ڊاڪٽر داد محمد هي محاورو سبيءَ جي چوڌاري ڍاڍر تلي، ڪڙڪ، مال، صافي ۽ مزري ۾ به موجود آهي (18).

اُن سان گڏ جهل مگسي، روجهاڻ جمالي ۾ مگسي، جمالي، خاڪواڻي ۽ رئيساڻي قبيلا به سنڌي ڳالهائيندا/ ڄاڻندا آهن. روزانه ڪاروبار جي عام زبان به سنڌي (فراڪي) آهي. فجڪ ڳوٺ جا پٺاڻ پشتو سان گڏ سنڌي به ڳالهائيندا آهن (19).

اڪثر وينڻن جو تلفظ فراڪيءَ ۾ تبديل ٿئي ٿو. فوٽو مان ڦوٽو ۽ آزاد مان آزات، ته زنجير کي جنجير، رواج کي رواز ۽ مبارڪ کي مبارخ چون. سُر آوازن ۾ آخري حمزي جو اُچار گهٽائي ختم ڪري ڇڏين ٿا. جئن ماءُ- ما، ڀاءُ- ڀا ۽ بچاءُ- بچا چون.

وسرڳ کي به اوسرڳ ڪري اُچارين. جئن: آهستي بدران آستي، اهڙو بدران ايڙو ۽ گهر کي گر چون. لاڙيءَ ۾ به ائين آهي. معياري جي اڪثر لفظن کي ي مان ڦيرائي حمزي ۾ ڪندا آهن، جئن:

ٿيا                     ٿئا

ٿيو                    ٿئو

ولايت                ولائت

کڻايو                 کڻائو

ٻُڌايو                  ٻڌائو

وٺايو                 وٺائو.

اُن کان سواءِ اُتر جي محاوري وانگر ٽ ۽ ڊ کي ٽر ۽ ڊر ڪري اُچارين. مثلاً ڊڪائڻ کي ڊرڪائڻ، ڍڳو کي ڍرڳو ۽ ٽپڙ کي ٽرپڙ چون. واحد مان جمع ٺاهڻ لاءِ به سِري جي محاوري وانگر ’آن‘ پڇاڙي ڳنڍجي ٿي. مثلاً: عوج (عوجان)، موج (موجان)، قبر (قبران)، خبر (خبران)، ڪوڏر (ڪوڏران) ۽ ڪوڪ (ڪوڪان).

فعل ماضيءَ مان ي حذف ٿئي ٿي. جئن پڙهيو بدران پڙهو، لکيو بدران لکو چون. فعلن ۾ /د/ حذف ٿئي ٿي. مثلاً: لکندو کي لکنو ۽ ڀڄندو کي ڀڄنو. اِن کان سواءِ خالص ضميرن جا اُچار به فراڪيءَ ۾ هن ريت آهن:

                        معياري                         فراڪي

            اِهو                   ايهو

            اُهو                   اوهو

اُهي                   اوهي

توهان                توئان

هُنَ                    هُڻ

اُنهيءَ                اُڻي

اُنهن                  اُڻن

پنهنجو               پانجو

منهنجو               مينجو

اُن                     اُڻ

نون غنو به ڪن لفظن ۾ شامل ڪن.

جئن:

شوق                 شونق

غوث                 غونث

ڪپهه                 ڪپنهه

ڪي معياري سنڌيءَ جا جملا فراڪيءَ ۾ هن ريت ڳالهائجن ٿا:

معياري- وري ڪيڏانهن پيو وڃين؟

فراڪي- وت ڪيڏي وينو پئو آن؟

معياري- ڇا پيو ڪرين؟

فراڪي- ڇا ڪنو پئو آن؟

معياري- آءٌ ماني کائي رهيو آهيان.

فراڪي- ما ماني کائنو پيو آن.

معياري- لعلو پڙهندو هو.

فراڪي- لعلو پڙهنو پئو هو.

هر هڪ محاوري ۾ چوڻيون، پهاڪا ۽ اصطلاح وغيره هوندا آهن. فراڪيءَ ۾ به اُهي گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا.

کيتراني (مختصر تعارف):

هي محاورو بلوچستان ۾ لورالائي ايراضيءَ ۾ بارکان ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. هن جون پاڙيسري زبانون بلوچي ۽ سرائيڪي آهن. کيترانيءَ تي بقول ڊاڪٽر داد محمد پشتو جو اثر نمايان آهي (20). هن محاوري جي نسبت کٽياڻ قبيلي سان چئي وڃي ٿي. هي سماٽ جي ذات آهي. روايت آهي ته کٽياڻن جو اصل تعلق افغانستان سان آهي. بلوچستان ۾ رهڻ ڪري بلوچ سڏايائون. سنڌ ۾ آباد ٿيا. سندن وڏو بهادر خان سنڌ مان لڏي لورالائي ويو سندس نالي پٺيان بارکان مشهور ٿيو. کٽياڻ بگڙي کتران- کيتراني ٿيو. هي محاورو صرف و نحو جي آڌار تي نهايت دلچسپ آهي.

حوالا

  1. چنڊ، محمد عمر. لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1985ع ص 27
  2. Marid Pei & Gaynor, Dictionary of Liguistics,

          New York, 1954, P. 56.

  1. 3. جيٽلي، مرليڌر (ڊاڪٽر) مقالو: ”سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل کوجنا“ ساهتڪار مهاراشتر راجيه ساهت اڪادمي ممبئي، 1988ع، ص 29
  2. Jones, D. An outline of English Phonetics,

Combridge, 1960, P. 11

Hocbett  PP.473, 474 & 477.

  1. Robins, R.H. General Linguistics.

                    (an introductory suvey), Longman London, 1964, P.57

  1. Bloomfield, L. Language. New York, 1976, P. 321
  2. Robins – PP. 58-59
  3. ڀيرو مل- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 16
  4. ايضاً – ص 113
  5. ايضاً – ص ص 117-118 ۽ 119
  6. ايضاً – ص 151
  7. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر) ٻيلاين جا ٻول

    زيب ادبي مرڪز حيدرآباد،

1970 (ٻيو ڇاپو) ص 74

  1. ايضاً – ص 72
  2. سمون، الهبچايو. سير ڪوهستان، سنڌي ادبي

     بورڊ حيدرآباد 1959ع، ص 33

  1. خادم، داد محمد (ڊاڪٽر). سبي خطي ۾ سنڌيء

      جي مختلف محاورن جو مطالعو قلمي، 2 3

  1. ايضاً – قلمي، ص 5
  2. ايضاً - ص 5
  3. ايضاً – ص 19
  4. خادم، داد محمد. ماهنامه پيغام، مقالو: ”سنڌي ٻولي ۽ اُن جا محاورا.“ فيبروري 1988ع، ص 21.