ڪتاب جو نالو | لاڙي ۽ ڪڇي محاورا |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-10-9 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 21 September 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 8784 ڀيرا پڙهيو ويو |
لاڙي محاوري بابت سنڌيءَ ۾ پهرين ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ لکيو. اُن ۾ هُنَ لاڙ پٽ جي ماڻهن جي اصل وطن جي ڳالهه ڪندي هندن جي ٻوليءَ کي خاص طور ڪڇي ٻولي لکيو ۽ اُن وقت جي لاڙي ايراضيءَ بابت به لکيو: سنڌ جو ڏاکڻو ڀاڱو، جو وچولي جي هيٺان آهي ۽ وڃي سمنڊ سان لڳو آهي، سو لاڙ سڏجي ٿو. لاڙ جا ٻه ڀاڱا آهن: هڪڙو حيدرآباد ضلعي وارو لاڙ جو بدين ٽنڊي باگي کان هلي بلڙي شريف تعلقي گوني تائين آهي. اُتان ڪوهه ڏيڍ پري ميرپور بٺوري تعلقي جي جهوڪ شريف (ميران پور) ۾ شاهه عنايت صوفيءَ جي درگاهه آهي. انهن ٻن نامور درگاهن جي وچ کان وٺي ڪراچي ضلعي جو سمورو ڏاکڻو ڀاڱو جو ڪيٽي بندر ۽ ڪراچيءَ طرف لڙي اچي سمنڊ سان لڳو آهي، سو ڪراچي ضلعي وارو لاڙ آهي (1).“ هاڻي ضلعي وار صورتحال ٻي آهي، پر ايراضي ساڳي آهي، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان بدين، ٺٽو ۽ ٻيا ضلعا ٺهيا آهن. اُن کان سواءِ ڪاڪو ڀيرو مل اِهو به لکي ٿو ته اسان جا ڪيترا ماڻهو لاڙ جي ٻوليءَ تي خندو (ٺٺولي) ڪندا آهن (2). اُهو شايد اُن ڪري جو لاڙ جي ٻولي معياري محاوري کان گهڻو ڦريل آهي ۽ هڪڙي ڇيڙي تي آهي. ائين ئي ٻئي ڇيڙي تي جيڪي به محاورا آهن، سي به معياري محاوري کان گهڻو ڦريل آهن.
ڪاڪي ڀيرومل جي خيال ۾ لاڙي محاوري جو درجو گهٽ ليکيو وڃي ٿو (3). اُن لاءِ پاڻ لکي ٿو: ”حقيقتؤن لاڙ ۾ رڳو هندن جي ٻولي ڪڇي آهي، جو انهن مان ڪيترا لاڙ جا اصلوڪا رهاڪو آهن. اصل رهاڪو دراوڙن جو اولاد آهن ۽ اُهي اوڏ، ماڱر ۽ ٻيا مهاڻا آهن (4).“ ملبار ۽ ٻين ڏکڻ اوڀر وارن علائقن سان اچ وڃ ۽ واپار خاطر رابطو رکندا آيا (5).
هتي دراوڙن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. هي لفظ درامڙ/ ترامڙ/ تامل جي صورت ۾ اسان جي اڳيان آيو آهي. اُن جو بشپ ڪالڊويل، دراوڙ ٻولين جي گرامر ۾ ذڪر ڪيو آهي. لاڙي محاوري تي دراوڙن جي زبان جو اثر آهي. ڀيرومل اهڙو ذڪر ڪيو آهي (ص ص 125- 126). اهڙي طرح لاڙيءَ تي داردي ٻولين جي اثر جو ذڪر به ڪيو اٿس (ص 128). اُن اثر جي واضح نشاني اوسرڳائي آهي؛ جا لاڙيءَ جي اُچارن ۾ چٽي بيٺي آهي. ڀِت کي بت، گهر کي گر، گهوڙي کي گوڙو چون. اهڙا ٻيا مثال اڳتي ايندا.
لاڙي محاورو سنڌيءَ جو هڪ جدا ايڪو (Unit) آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ لاڙ (بدين ڏکڻ) جو رهاڪو آهي. ناناڻن جي حوالي سان جهوڪ، بلڙي ۽ بٺوري سان به تعلق رهندو اچي. عملي طور لاڙي محاورو ڳالهائيندڙ آهي.
محاوري جي اندروني فرق ۾ ماڃر، جاتي، شاهبندر، کاري ۽ ڪڪرالي جا ننڍا محاورا (Sub-dialects) به آهن. اِن ريت بدين جي پسگردائي وارو ننڍو محاورو ماڃر وغيره کان مختلف به آهي. ڀيرومل اوسرڳائي جا مثال ڏنا آهن ۽ ٻيا مثال ڳالهائيندڙن جي ٻوليءَ ۾ نمايان آهن. داردي ٻولين جي رابطي جي ڪري گسڪيدار آواز اوسرڳ ڪري اُچارجن ٿا.
ڪي سُر آواز (Vowels) ننڍا ڪري اُچارجن ٿا- مثال:
معياري لاڙي
ڪيائون ڪيئون-ڪئون
چيائون چئون
چيائين چئين
کنيائون کئون
ڪن اسمن ۾ اُن جي اُبتڙ سر آواز وڌيل هوندا آهن:
معياري لاڙي
حجم حجام
نرڙ نراڙ
ڪنڀر ڪنڀار
لوهر لوهار
لاڙي محاوري تي ٻين ايراضين ۾ اچڻ وڃڻ جي ڪري انهن محاورن جو به اثر آهي، ميڊيا جي ڪري هاڻي ڪنهن حد تائين معياري محاوري جو نمايان اثر به آهي. هاڻي اُتر ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جا ماڻهو لاڙ ۾ رهڻ به لڳا آهن.
لاڙي محاوري ۾ ڪن لفظن ۾ صنعت نقليب به موجود آهي- جئن مطلب کي مطبل ۽ لعنت کي نالت چوڻ. صرف و نحو جي آڌار تي ڪي پهلو آهن، جن ڏانهن ڌيان ڏيڻ کپي. مثال طور لاڙ جا ماڻهو تڪڙ ۽ بنا جهيل جي ڳالهائين. اِن لحاظ کان اتَر جي اُچار جي ابتڙ ڳالهائين. اُتر جي اعراب پيش بدران لفظ جي پڇاڙي زير ۾ تبديل ٿئي ٿي. اُن جا ڪي مثال هي آهن:
اُترادي لاڙي
اَچُ اَچِ
وَڃُ وَڃ
ويههُ ويَهه- ويههِ
ڪتابُ ڪتابِ
گهرُ گهرِ
ڪي اسم گرامر ۾ هڪ ئي اُچار رکن ٿا. جهڙوڪ:
رڍَ ۽ ميزَ وغيره. اهڙي طرح اسمن فعلن، عددن ۽ لاڙ جا اُچار اُتراديءَ کان مختلف آهن. ضميرن ۾ به اوسرڳائي ظاهر آهي. جئن ته: جنهن، تنهن، ڪنهن بدران چون جين، تين، ڪين. تنهنجو، منهنجو، جنهن جو بدران چون تونجو، مونجو ۽ جينجو. اوهان ۽ توهان بدران چون آن ۽ توان. اوهانجو بدران آنجو.
اهڙي طرح لاڙ جي نرالائي هر پهلوءَ ۾ آهي. ڪيترا لاڙ جا منفرد لفظ به آهن. محاوري کي سمجهڻ لاءِ لاڙي لفظن جي ذخيري جو قدري تفصيلي اڀياس ڪرڻ کپي.
حوالا
جي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع، ص 121
ايضاً – ص 123- 126
ڪنهن به زبان جي مختلف محاورن ۾ لفظن جو هڪ مخصوص ذخيرو هوندو آهي. مون اهڙن لفظن کي اندازاً چاليهن سالن کان پئي گڏ ڪيو آهي. اُهي مون فقط بدين ضلعي جي موجوده حدن مان گڏ ڪيا آهن. اُنهن مان ڪن جو دائرو محاوري جي ٻين ايراضين تائين به وسيع آهي ته ڪي لاڙي محاوري جي حدن کان ٻاهر به ملندا. لفظن جي هن ذخيري جي آخر ۾ هڪ ضميمو به شامل آهي. ڪن لفظن جي معنائن ۽ بناوتن بابت به تحقيق ڪبي ته دلچسپ نتيجا ملندا.
زبان ۾ اصلي معنيٰ جي تبديليءَ جا ڪي دلچسپ مثال ملن ٿا، ’درويش‘ لفظ جي اصل معنيٰ ته ظاهر آهي، پر وقت گذرڻ سان هن لفظ جو مفهوم بيٺو آهي: ’ويچارو سادو ماڻهو‘ يا ’ڳوڀ‘.
’انجام‘ معنيٰ آخري نتيجو، ان جو ضد آهي آغاز، پر سنڌيءَ ۾ انجام معني ’وعدو‘ يا ڪڏهن ڪڏهن ’بڇڙي پڇاڙي‘ ۽ ’عاقبت‘ به معنيٰ وٺجي ٿي. لاڙي تلفظ ’آجام‘ اٿس. معنيٰ وسيع ٿيڻ ۾ ائين ٿئي ٿو، جو ڪنهن تخيلاتي مناسبت سبب، ڪو لفظ ٻئي لفظ لاءِ ڪم اچي ٿو. جهڙوڪ سُٺي گوشت لاءِ حُلواڻ، حالانڪ، حلواڻ ڳاڙهي ڪپڙي کي چئبو آهي.
نين شين جي ايجادن سان ڪي نوان لفظ پنهنجي محدود معنيٰ سان زبان ۾ داخل ٿين ٿا، جن ۾ ڪپڙن جون ڊزائنون، موٽر گاڏيون، خوشبويات ۽ ٻيو ڪيترو مشينريءَ جو سامان اچي وڃي ٿو. اهڙي طرح آيل لفظ ڪن حالتن ۾ گم به ٿيو وڃن ۽ انهن جي جاءِ تي وري نوان لفظ اچن ٿا، ڪي لفظ رڳو شعر ۾ ئي ڪم اچن ٿا، جهڙوڪ: واڍوڙيا، مُنڌ ، مَڌُ، مئي، ساغر، مُشڪِ ختن، چشمِ آهو، اَسير ۽ ڪمند وغيره.
ڪيترن لفظن جي معنيٰ جو دائرو بلڪل محدود هوندو آهي، بلڪ ائين چئجي ته اُهي خود ساخته ۽ جڙتُو لفظ تمام محدود علائقي ۾ ڪم ايندا آهن. مثال طور سنڌيءَ ۾ ’اَتيت‘ ان ماڻهوءَ کي چئبو آهي، جنهن وٽ ڪجهه به نه هجي. جئن ’بکيو اَتيت‘، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي اولاد نه هجي ته ان کي ’نانگو‘ چون، ڪو ماڻهو ڪپڙين لٽين ٺهيل نه هجي ۽ بنهه غريب هجي ته ان کي ’اَٻالو‘ چون. اهڙن لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ باريڪ بينيءَ سان تميز ڪري سگهبي ۽ اظهار خيال جي صفائي توڙي لفظ جي تُز استعمال جي خبر پوندي.
محدود دائري ۾ معنيٰ جو ڦرڻ ڪن لفظن سان خاص طور لاڳو ٿئي ٿو. مثال طور کاڌي پيتي جي اِشتها لاءِ ’بک‘ ۽ ’اُڃ‘ چئبو، پر ٻيڙي ۽ حقي ڇڪڻ جي طلب ٿئي ته ان کي ٻاڙ چئبو. اڪثر (لاڙ ۾) چانهه گهڻي پيئڻ واري لاءِ چون: ’فلاڻو چانهه جو ٻانڌاڻي آهي.‘
هڪڙي معنيٰ لاءِ به ڪيترا لفظ استعمال ٿين ٿا. جيتوڻيڪ اُهي ادبي ڪتابن ۽ اخبارن رسالن ۾ نظر ڪونه ٿا اچن. مثال طور لاڙ جي عام گفتگو ۾ ’بوئي ٿي پٺيان پوڻ‘، ’ڀانگوري ٻارڻ‘ ۽ ’ڀنڊي ٻارڻ‘ ڪم اچن ٿا. جن جي معنيٰ آهي ته اصرار ڪرڻ ۽ زور ڀرڻ (To Insist). ڪنهن جي پٺيان ضد ڪري وري ساڳي ڳالهه چوڻ يا مڃائڻ لاءِ زور ڀرڻ جو مفهوم مٿين لفظن مان واضح ٿئي ٿو.
هر شاهوڪار ٻوليءَ ۾ مختلف شين لاءِ گهڻي تعداد ۾ لفظ موجود هوندا آهن. سنڌيءَ ۾ ڪاٺيءَ جي لڪڻ جو مثال کڻي وٺو ته اهو صاف ظاهر ٿيندو ته سنڌيءَ ۾ خاص طور لاڙي محاوري ۾ اها خصوصيت به موجود آهي. ’لڪڻ‘ چوڻ سان هڪڙو مفهوم ذهن ۾ اچي ٿو. ’تلهڙ‘ وري اهڙي وڏي لڪڻ کي چئبو آهي، جيڪو وڻ مان تازو وڍيل ۽ لچڪڻو هجي. سُڪل ننڍو لڪڻ ’بانٺو‘ سڏبو. ڄار مان پٽيل ننڍي ۽ سنهي بانٺي کي ”ڇامڪ“ سڏبو. ’ڇانُڀو‘ وري اڻ – سوئيل ڇامڪ کي چئبو. قدري ٿلهي بانٺي، کي ’ڌُڪو‘ چئبو، ان ڌڪي جو هڪ پاسو مٿي، وارو هجي ته ان کي ’گهوٻاٽو‘ چئبو. اهو شڪاري ڪاتر سان گڏ شڪار لاءِ کڻن ۽ چور به ڳپل گهوٻاٽا پاڻ سان کڻن، وڏي ڌڪي کي ڏنڊو چئبو. خاص قسم جو ڏنڊو ٿاڌل گهوٽڻ لاءِ ڪم اچي. اهڙي طرح مولڙو، مُهري، چابڪ، ڪاتر،. سؤنٽو، ڳن ۽ ڪڙياري لٺ به انهيءَ سلسلي ۾ اچي ٿي.
اهڙيءَ طرح ٻارن کي پرچائڻ لاءِ به ڪيترا لفظ ڪم اچن ٿا. مثال ٿاڌارڻ، ٺڳارڻ ۽ ماترائڻ جي معنيٰ ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونهي.
ڪي لفظ لاڙ ۽ اُتر ۾ معنيٰ جو دلچسپ فرق ظاهر ڪن ٿا. ’آڏو‘ اتر ۾ ’سامهون‘ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ لاڙ ۾ معنيٰ آهي: اهو جيڪو سامهون نه هجي، اوٽ ۾ هجي. شعرن ۾ هن لفظ جون مختلف معنائون ظاهر ٿين ٿيون:
گفتگو ۾ به ’آڏو‘ جدا جدا معنائن ۾ ڪم اچي ٿو: