لاڙي ۽ ڪڇي محاورا

ڪتاب جو نالو لاڙي ۽ ڪڇي محاورا
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-10-9
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     8783   ڀيرا پڙهيو ويو

ضميمو


  1. لوهارڪو ڌنڌو

               لوهار پنهنجي ڪم ۾ جيڪي اوزار استعمال ڪن ٿا، تن مان اهم هي آهن:

اَنبورِي، اَنگڙو، پائوٽَڻِ، پَروڻي، کؤرو، ڌُمڻ، چانپڻ، ڇيڻِي، رَواتَ، ميک سَنُڌاڻي، سانڌاڻِ، سِراڻ، سِگرو، سُمبو، وڏاڻ (يا گَهڻِ) هَٿوڙو، ڪاپِڻِي، ڪَڪِرڻي.

لوهار جيڪي شيون تيار ڪن ٿا، سي هِي آهن:

اَلياڻ، پاڪي، پيرَ ڪَڙيون، ڀؤنرِ ڪَڙيون، ڏانٽو، ڦارَ، چاقُو، چمٽا، چنگ، چُؤنِي، ڇَلا، زبانا، مَلَ، نالَ لَسِي، لغام، سَنگهُرون، سُهڙيوُن، سُئا، وارڻي، ڪات، ڪاتيون، ڪوڏار، ڪهاڙيون.

  1. مينهن تي پيل نالا

مينهن تي ڀاڳيا نالا رکن ٿا. انهن جا به ضرور ڪي سبب آهن، مختصر جائزو هي آهي:

  1. اوسر- ڪنهن ماڻهوءَ جو هٿ کڻي ۽ ان سان اُسري مِڙي.
  2. ٻولاهِي- رنگ گجر ۽ پيشانيءَ تي وڏو اڇو ٽڪو.
  3. پِيالِي- ٻين جي گاه تي وڃي پوي. (اهڙا نالا ٻيا به آهن، مثال: لوُسَ، ڳوه، گهوڙيالي).
  4. گُجَرَ- گُجَر ڀوري رنگ جي.
  5. گُوشِي- ڇڊن سِڱَنِ واري.
  6. ڏَٻِي- ڏٻن سِڱن واري.
  7. چالَ- رنگ جي ڪاري ۽ نراڙ تي اڇو ٽڪو.
  8. ماڻِڪي- اکين جا تارا اڇا ۽ شيري.
  9. مليران- چاڱَ ۽ پيار سان پيل نالو. (اهڙا پيار جا نالا تمام گهڻا آهن، مثال: مدن، لَلورَ ۽ مور).
  10. موڏِيِ- سڱن جو عيب.
  11. مصري- مٺي کير واري (هي به پيار جو نالو آهي).
  12. سَرڳَ- مِڙڻ جي سٺي، جنهن ۾ کٽر پڻو بلڪل نه هجي.
  13. هالِي- هڪڙو ونگو ۽ هڪڙو درست سِڱِ.
  14. ڪارڙِي- ڪاري.
  15. ڪِڙمِ- نرڙ تي ننڍو اڇو ٽِڪو.
  16. ڪُنڍِي- ڪنڍا سِڱَ.

4-        مينهن جا ڪي مرض ۽ انهن جا نالا

  1. آسَ- ويامڻ کان پوءِ بول ٻاهر نڪري ايندو آهي.
  2. ڀَرپَ- پيٽ ۾ تڪليف ٿيندي آهي.
  3. ٽَڪا- نڙيءَ ۾ ڳنڍ نڪرندي آهي. ڇٽڻ لاءِ ڏنڀ ڏبا آهن.
  4. ٿَڌِي- ماتا آهي. جنهن ۾ ڍور جو بچڻ مشڪل آهي.
  5. ڦِڪِريو- ٿڻن جو مرض آهي.
  6. ڄامَ لڙو- تِبرَ ۽ رت ايندو آهي.
  7. ڇِرڪ لڙو- مينهن کي ڦيري ٿيندي.
  8. سَماڙو- پيرن تي اثر پوندو آهي ۽ وات پچي پوندو آهي.
  9. ڪارو واه- گاه ۾ ڪارو واه نالي هڪ مڪڙي هوندي آهي. مينهن گاه سان گڏ ان کي کائي ويندي آهي. لا علاج آهي. مينهن مري ويندي آهي.

5- کير ولوڙڻ

مالوند ماڻهو کير ولوڙڻ لاءِ گهر جي هڪ مناسب هنڌ تي نِنگُهه جهڙي ننڍي کڏ کوٽيندا آهن، جنهن کي ’اُنڻ‘ چئبو آهي. ماٽي اُن ۾ بلڪل اڌ تائين ويهي ويندي آهي، ٻيا چند ساز سامان هي آهن:

  1. نَهِرو- هڪ ڪاٺ جيڪو اُنڻ جي ٻئي طرف کوڙبو آهي.
  2. مَنڌي- ماٽيءَ ۾ وجهي کير ولوڙڻ لاءِ ڦيرجي ٿي.
  3. نيٽو- چمڙي جو وٽيل ٽُڪر، جنهن جا ٻئي ڇيڙا هٿن ۾

    وٺي کير ولوڙجي. جيڪو منڌيءَ جي وچ ۾ وراڪيل هوندو آهي.

  1. ڳِٽيون- نيٽي جي ڇيرن ۾ وراڪيل ٻه ڪاٺ جون چپڙيون.
  2. سَنگهرو- نَهِري ۾ ماٽي جي گرڻ جي برابريءَ سان ٻڌجي

    ۽ منڌي جي چيلهه ۾ ٻيو وراڪو هجيس. چمڙي جو ٺهيل

    ٿيندو آهي.

  1. ڪَشو- چمڙي جو ڪشو نهري، جي ڪنڌ ۽ منڌيءَ جي ڪنڌ ۾ وراڪيل هوندو آهي. منڌيءَ ۾ ڪڙيءَ وسيلي پيل هوندو آهي.‘