لاڙي ۽ ڪڇي محاورا

ڪتاب جو نالو لاڙي ۽ ڪڇي محاورا
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-10-9
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     4877   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    اداري پاران سنڌ جي بزرگ عالم ۽ استاد ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو تيار ڪيل ڪتاب ”لاڙي ۽ ڪڇي“ (سنڌيءَ جا ٻه محاورا) ڇاپي پڌرو ڪري رهيا آهيون. هن ڪتاب جي عنوان ۾ انگريزيءَ جي لفظ Dialect جي متبادل طور لفظ ”محاورو“ آندو ويو آهي، جيڪو اردوءَ جي اثر ۾ پهاڪي واري معنيٰ ۾ به استعمال ٿيندو آهي. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ ”اپڀاشا“ لفظ استعمال ڪيو آهي، جڏهن ته ٻين عالمن مان ڪن ان کي ”ننڍي ٻولي“ ته ڪن ”ٻولي“ (جيئن ”ٿري ٻولي“) ته ڪن وري ان کي ”لهجو“ سڏيو آهي. جيڪو وري Accent جي معني ۾ به استعمال ٿئي ٿو. گهڻي وقت کان ان ڏس ۾ بحث هلندڙ آهي ته آخر Dialect ۽ Accent ۾ فرق ڪيئن ڪجي، يا ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“ واري فرق کي ڇا چئجي؟ اسان وٽ ڪي شيون غلط العام صحيح جي طور تي رائج رهيون آهن، انهن جي لاءِ عالمن کي ويهي سوچڻو پوندو ۽ اهڙن ڪيترن لفظن ۽ اصطلاحن بابت فيصلو ڪرڻو پوندو. هيءُ ڪتاب جيئن ته منهنجي سنڌي لئنگيئج اٿارٽيءَ ۾ اچڻ کان اڳ تيار ٿي چڪو هو، اُن ڪري مون ان کي جيئن جو تيئن رکيو آهي. البت آئيندي اهڙي قسمن جي لفظن بابت عالمن سان مشورا ڪري هڪ فهرست تيار ڪري ليکڪن ۽ ادارن کي اماڻي ويندي، جيئن اهي ان موجب عمل ڪري سگهن. __ ڊاڪٽر فهميده حسين چيئرپرسن 10 جون 2008ع