لاڙي ۽ ڪڇي محاورا

ڪتاب جو نالو لاڙي ۽ ڪڇي محاورا
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-10-9
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     8697   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ڇهون ڪَڇي ماڻهو/ سنڌي ماڻهو


ڪڇيءَ جو سنڌيءَ سان لاڳاپو گهرو آهي. وچ ۾ رڻ هجڻ جي باوجود ڪڇي ٻولي سنڌي ئي آهي/ سنڌيءَ جو محاورو آهي. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ لکيو آهي ته ”ٻولين جي ويجهڙائيءَ جو مکيه ڪارڻ آهي هڪ ئي ڪٽنب جي ٻولي هجڻ ۽ ٻيو ٻولين جي گهڻي وقت تائين هڪ ٻئي سان واسطيداري سنڌي ۽ ڪڇي ٻولين جي ڀيٽ ڪرڻ سان ڄاڻ پوي ٿي ته ٻنهي ٻولين ۾ تمام گهڻي ويجهڙائي آهي. ڪڇيءَ کي سنڌيءَ جي ماسي به سڏيو ويندو آهي. ڪڇي ۽ سنڌيءَ جي آوازي سرشتي، گرامري سرشتي ۽ شبداوليءَ ۾ تمام گهڻي ويجهڙائي آهي (1)“.

ڊاڪٽر لالواڻي ڪڇيءَ کي سنڌيءَ جي ماسي ڇو ٿو سڏي اُن لاءِ تاريخي طور ڪوبه ثبوت ڪونهي. اٽڪل ٽيهه سال اڳ (شايد) هيري شيوڪاڻيءَ ٻنهي (ڪڇي ۽ سنڌي) کي ڀينرون سڏيو هو. مون اُن ڳالهه جو جواب روزانه هلال پاڪستان ۾ هي ڏنو هو ته ڌيءَ نه ته ڀيڻ ئي آهي ته به آهي ته اسان جي. سنڌ جي هڪ مزاح نگار ٽوڪ ڪندي لکيو هو ته سنڌي، گجراتي ۽ ڪڇيءَ کي به پنهنجي زبان جا محاورا سڏين ٿا. مذاح پنهنجي جاءِ تي آهي، پر هي هڪ سنجيدو موضوع آهي. سنڌين ڪڏهن به گجراتيءَ کي پنهنجو محاورو نه سڏيو آهي. هيءَ مڃيل حقيقت آهي ته ڪڇي سنڌيءَ جو ئي هڪ محاورو آهي. ڪڇيءَ تي لپيءَ ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان گجراتيءَ جو اثر آهي، پر اُن جو بنيادي ڍانچو سنڌيءَ وارو آهي. هن سلسلي ۾ ثقافتي پهلوءَ جو گهڻو تذڪرو ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ڪيو آهي. هن ڪي ڳالهيون بحث جوڳيون به ڪيون آهن، پر اُنهن جو سڌو واسطو محاوري سان نه آهي. مثال طور ”اڄ به سنڌ جا سما پاڻ کي عربن جو ونش (نسل) سڏائيندا آهن (2). ائين ڪونهي، البت سومرن جي عرب يا راجپوت نسل بابت بحث هليو. اُهي به حقيقت ۾ راجپوت نسل آهن. ڪڇ جي محاوري بابت سڀ ليکڪ متفق آهن ته اُهو سنڌيءَ جو ئي هڪ روپ آهي. ڊاڪٽر لالواڻي جا هيٺيان رمارڪ به اهڙي پٺ ڀرائي ڪن ٿا- ”ڪڇ، سنڌ جي ڏکڻ طرف جاگرافيائي لحاظ کان اڄ به سنڌ جو هڪ ننڍو حصو آهي. جيڪو رڻ پٽ جي ڪري سنڌ کان ڌار ٿي پيو آهي (ص 14). ”-“ هڪ حقيقت اها به آهي ته ڪڇي سنڌي ٻوليءَ جي اُپ – ڀاشا آهي (ص 33) – وغيره.

لنگسٽڪ سروي آف انڊيا جي حوالي سان ڊاڪٽر لالواڻي لکي ٿو ته ”ڪڇيءَ جا ٻه جدا جدا روپ آهن: مول ڪڇي ۽ ڪايسٿي ڪڇيءَ ۾ راجسٿاني ۽ گجراتيءَ جي ملاوت آهي. مول ڪڇيءَ جا هي روپ آهن:

ٻنيءَ جي ڪڇي، واگهڙجيءَ جي ڪڇي ۽ مانڊوي جي ڪڇي (3). مول ڪڇيءَ جي تقسيم ڊاڪٽر ستيش روهڙا جي آهي. اِهائي سنڌي جي ڀيڻ/ ڌيءَ هجڻ يا نه هجڻ بابت بحث هلندڙ آهي. لپيءَ جي مد نظر ڪڇ ۾ ڪڇي عربي- سنڌيءَ ۾ ورلي لکجي ٿي. گجراتيءَ جي تسلط سبب اُها گجراتي لپيءَ ۾ لکجي ٿي. البت ڪي ليکڪ عربي- سنڌيءَ ۾ لکن ٿا. اُنهن ۾ سنڌي به آهن ته ڪڇي به. اُنهن جا ڪتاب ۽ ليک خاص طور احمد آباد ۾ ڇپجن ٿا. ٻنيءَ جي ليکڪ ڪلاڌر مُتوا پنهنجو ڪتاب ”رڻ جا رنگ“ (ناول) مون کي احمد آباد ۾ ڏنو. اُهو احمد آباد جو ڇپيل آهي. اُن کي ڪڇ جو پهريون سنڌي اديب سڏيو ويو آهي. اُن کان سواءِ گوبند خوشحالاڻيءَ جا ناول به احمد آباد ۾ ڇپيا آهن. هُو لڏي ويل سنڌي آهي. ڪلاڌر اصل ٻنيءَ جو آهي. جتي سنڌي زبان قومي زبان وانگر آهي ۽ شاه عبداللطيف توڙي ٻين جي گهڻي اهميت آهي. ٻنيءَ توڙي سڄي ڪڇ ۾ سنڌي ۽ سنڌيءَ جو ڪڇي محاورو مروج آهي. سنڌيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جو سلسلو به جاري آهي. آديپور ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي به قائم آهي.

ڪڇي محاورو، سنڌيءَ جي لاڙي محاوري جي ڏاکڻئين پاڙيسريءَ طور موجود آهي ۽ ٻيو پاڙيسري محاورو ٿر جو آهي. انهن ٽنهي محاورن جو پاڻ ۾ گهاٽو لاڳاپو ۽ اثر آهي. ايراضيون ويجهيون رهيون آهن ۽ روزگار خاطر ٿر ۽ ڪڇ جي ماڻهن جو لاڙ ڏانهن اچڻ معمول هو. لاڙ ۾ ڪيترا خاندان مستقل طور رهي پيا. محمد سومار شيخ هڪ ٻئي جي علائقن ڏانهن جيڪا مستقل اچ- وڃ رهي تنهن جو جائزو وٺندي ڪن اهم ماڻهن جو بيان ڪيو آهي. هُن جي ڪتاب ”ڪڇين جا قول“ ۾ اُنهن ڪڇي ۽ سنڌي ماڻهن جو ذڪر آهي. اُتان حوالن سان تذڪرو ڪجي ٿو.

”روضة الحسنات“ جو ليکڪ محمد اسماعيل کٽي ڪيترائي ڀيرا سنڌ آيو. سڄي سنڌ جو سير ڪيائين. هن جي سفرن جو هڪ سبب بزرگن بابت معلومات حاصل ڪرڻ هو (4). مشهور ليکڪ ۽ عالم مخدوم عبدا﷢ نرئي وارو به سنڌ ۽ ڪڇ ۾ هڪ مضبوط رابطو هو.

مخدوم عبدا﷢  گهڻو وقت نرئي ( ڪڇ) ۾ رهيو. هن جا ڪتاب ’ڪنزالعبرت‘، ’قمرالمنير‘ سنڌ ۾ موجود آهن. ڪي ڇپيا به آهن. ائين ميان صاحب آرکاڻي به مريدن سان ملاقات لاءِ سنڌ ايندو هو. انهن ماڻهن جي سنڌ ۾ اچڻ جا ڪي نه ڪي سبب به هئا. مثال طور حاجي هارون مباغ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ ايندو هو. سندس اڪثر ڪتاب ڪراچيءَ ۾ ڇپيا. مشهور عالم مولوي عبدالرحيم پڇمي (ڪڇ کي پڇم به چوندا آن. هنديءَ ۾ پڇم اولهه کي ۽ پورب اوڀر کي چوندا آهن) تبليغ خاطر سنڌ ايندو هو. لاڙ ۽ ٿر ۾ سندس مناظرا مشهور آهن. هن پير پرستيءَ خلاف علمي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. مشهور شاعر ڦل ڪوراڙ ۽ سندس ڀائٽيو ولي محمد به لاڙ ۽ ٿر ڏانهن اڪثر ايندا هئا. اهڙي طرح ڪڇ جي اهم ماڻهن مان الهڏنو شاه، گل محمد، حاجي شاه آرکاڻي، احمد سومرو، عثمان نهڙيو اهم آهن. منهنجي سانڀر ۾ سيد علي شاه گوهري، ايندو هو ۽ بدين توڙي ٽنڊي محمد خان ۾ ماڻهن سان ملندو هو. محمد سومار شيخ ۽ مون سان هن جون ملاقاتون 1956ع کان وٺي ٿينديون هيون. سادو سودو ماڻهو هو. شاه عبدالقادر جيلانيءَ جي سلسلي جي بزرگن بابت سندس ڪي ڪتاب ڇپيل هئا ۽ ٻين لاءِ مواد گڏ پيو ڪندو هو (5).

مولوي علي محمد دوستي اصل ڪڇ جو هو. بدين ۾ اچي رهيو. 47- 1948ع ۾ راقم الحروف قرآن شريف وٽس پڙهيو. دوستي، اتحاد ۽ انسانيت جو پرچار ڪرڻ خاطر اهڙا پوسٽر تيار ڪري ورهائيندو هو. اُن ڪري کيس ماڻهو ’دوستي‘ نالي سان سڏيندا هئا. 1995ع ۾ آءُ بدين ۾ ساڻس مليس. سندس نظر ڪمزور ٿي چڪي هئي. مون سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ ورتا ۽ پڇيم؛ ”سائين سڃاڻو“ هڪ پل ۾ منهنجو نالو ورتائين.

محمد سومار شيخ اُنهن سنڌي شاعرن جو به ذڪر ڪيو آهي، جن جو ڪڇ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. اُنهن ۾ شاه عبداللطيف جو نالو سر فهرست آهي. اُن کان پوءِ خليفو تمر فقير ڪڇ ۾ وڃي رهيو. رسالي جا ڪيترا عاشق ڪڇ ۾ ٿيا. قلمي رسالا لکيا ويا.

محمد شاه جيلاني، پير بخش فاروقي، پنجتني پيڃارو به ڪڇ تان ڀيرا پيا ڪندا هئا. مٺو شاه سيراڻيءَ وارو به ڪڇ جو هو ۽ لاڙ ۾ اچي رهيو. هُن وٽ شاه جي رسالي جو هڪ قلمي نسخو هو. جو پوءِ پير صاحب عالي شاه جيلانيءَ جي هٿان ڊاڪٽر دائود پوٽي کي تحقيق لاءِ ڏياريو ويو. مون ۽ محمد سومار به هن قلمي نسخي تان مدد ورتي. مٺو شاه سان ملاقاتون به ٿيون. عام ماڻهو ته عام جام پيا سنڌ کان ڪڇ ويندا هئا. پير صاحب عالي شاه جا ناناڻا ۽ ڏاڏاڻا به ڪڇ جا هئا. اُتاهين مامي پير موليڏني جي گهران سندن شادي ٿي. اُن جو احوال پير صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ”منهنجي ماضيءَ جا چند ورق“ ۾ ڏنو آهي (6). اُن کان سواءِ ڪڇ ۽ لاڙ جو رابطو جن بزرگن ذريعي رهيو اُنهن ۾ حڪيم محمد صديق سومرو هڪ اعليٰ انسان هو. هڪ ڀيري اسان ڀائرن سان جيپ ۾ هو ته ور ڪاٽيندي جيپ مان ڪِري پيو ۽ ٽپ ڏيئي اُٿي آيو ۽ منهن ۾ گهنج به نه پيس. ڀاءُ عبدالمجيد کي چيائين: خير آهي.

 

حوالا

  1. ٻنيءَ جا- سنڌي لوڪ گيت- ص 33
  2. ايضاً – ص 25
  3. ايضاً – ص ص 33- 34
  4. محمد سومار شيخ. ڪڇين جا قول،

سنڌي ادبي بورڊ 2006،

  1. هن احوال جو ڪجهه حصو محمد سومار شيخ جي ڪتاب ”ڪڇين جا قول“ ص ص 28- 31 تان ورتل آهي.
  2. ڪڇين جا قول، ص ص 32- 37.