ڪتاب جو نالو | لاڙي ۽ ڪڇي محاورا |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-10-9 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 21 September 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 8691 ڀيرا پڙهيو ويو |
نالو: ڪڇ رياست رڻ ۽ هاڻي هڪ ضلعي جي حيثيت سان موجود آهي. ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ ڪڇ تي راءُ حڪومت ڪندو هو. ڪڇ جو اصل نالو اڀيرديس/ اهيرديس يا اسرديس هو (1). ڀيرو مل ڪڇ جي معنيٰ ڪنارو لکي آهي (2). ڪڇ لفظ کي سنسڪرت بنياد جو سڏيو اٿس. محمد سومار شيخ ۽ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ڪڇ کي سنڌ جو حصو سڏين ٿا (3). هڪڙو خيال هي آهي ته ڪڇ جو نقشو ڪَڇونءَ جهڙو آهي، اُن ڪري اِهو نالو پيو هجي! اهو نظريو اعتبار جوڳو نه آهي. 1960ع کان سنڌ- ڪڇ جي هن سرحد تي پاڪ- ڀارت ڪشا ڪشي ۽ سرگرمي ٿي. عبدا چنه جي سربراهيءَ ۾ ڪميشن ويٺي اُن ڪَڇَ/ ماپ/ Measurement جو نالو رکيو. محمد سومار شيخ کان اُردوءَ ۾ هڪ مضمون لکايو ويو هو، اُن ۾ پاڪستان جي موقف جي حمايت هئي. اُهو مضمون مون ڏٺو هو پر جڏهن محمد سومار شيخ جا قلمي ڪتابَ ”لاڙ ميوزيم“ ۾ آندا ويا ته اُهو مضمون هٿ نه آيو.
بهرحال ڪڇ جي رڻ جي وچ ۾ هئڻ ڪري سنڌ ۽ ڪڇ نه رڳو جدا رهيا ۽ هاڻي بالترتيب پاڪستان ۽ ڀارت ۾ اچي ويا، پر زبان جي ڪري هڪ آهن. ٻن لساني محاورن (dialects) کانسواءِ ٻي ڪا جدائي نه آهي.
طبعي بيهڪ: ڊاڪٽر ڄيٺي ڪڇ جي طبعي بيهڪ هن ريت بيان ڪئي آهي:
ڪَڇ، سؤراشٽر ۽ سنڌ پرديش (صوبي) جي وچ ۾ ڪَرڪ ريکا تي قائم ٿيل، ڀارت جي نقشي ۾ اُتر طرف 22 ڊگهائي ڦاڪ ۾، ۽ اوڀر طرف 68 کان 72 ڊگهائي ڦاڪن جي وچ ۾ سمنڊ ۽ بيابان جي ايراضي آهي (4). رڻ ڪڇ، سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ هڪ عجيب دوري قائم ڪئي آهي. ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ هيءَ دوري ڳڻپ ۾ ئي نه هئي. سرحد قائم ٿيل نه هئي ۽ اچ وڃ جاري هئي. اُها خاص طور مزوريءَ ۽ لاباري لاءِ هئي. ٻيو سبب حاجي پير جو ميلو هو جنهن لاءِ سنڌ جا ماڻهو، (خاص طور ڪراچيءَ ۽ ٻين ويجهن شهرن جا) سنڌ کان ڪڇ ويندا هئا.
حدن بابت تازي ۾ تازي تحرير ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي آهي. هُو لکي ٿو ته ڪڇ جي ڏکڻ ۽ ڪڇ جي نار، اولهه ۾ عربي سمنڊ ۽ اُتر- اوڀر طرف رڻ آهي. ڪڇ گجرات جو وڏي ۾ وڏو ضلعو آهي. هن جي جملي ايراضي سورهن هزار ڇهه سؤ اٺ (16608) چؤرس ميل يعني 45612 چؤرس ڪلوميٽر آهي. ڪڇ جي لنبائي 160 ميل يعني 264 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 25 کان 70 ميل يعني 112 ڪلوميٽر آهي، جنهن ۾ 26139 چؤرس ڪلوميٽر بيابان رڻ آهي. ڪڇ جو سامونڊي ڪنارو لکپت کان مانڊوي، عربي سمنڊ ۽ مانڊوي کان شڪارپور تائين ڪڇ جي نار 352 ڪلوميٽر آهي. ڪڇ جي اوڀر ۾ ڪڇ جو ننڍو رڻ آهي، جنهن جي ٻئي طرف اُتر گجرات جو علائقو شروع ٿئي ٿو. اُتر جي وشال رڻ کان پوءِ پاڙيسري ملڪ سنڌ جو ڪجهه حصو شروع ٿئي ٿو (5)“.
انهيءَ تفصيل جي روشنيءَ مان اها ڳالهه پڌري آهي ته ڪڇ سنڌ (لاڙ) جي ڏکڻ ۾ آهي. لاڙ ۾ ڏکڻ طرف کي به ’ڪاڇيل‘ چوندا آهن. گفتگو ۾ هيٺيان جملا وڌيڪ پُر معنيٰ آهن:
حاڪميت: هن لحاظ کان قديم ڪڇ جي تاريخ گهڻي چِٽي نه آهي. هتي جيڪي اڀير/ اهير رهندا هئا، اُنهن جا ڪي راڄواڙا جدا جدا خطن تي حاڪم ۽ اثر وارا رهيا. اُن کان پوءِ آرين جو اثر وڌيو. اسلامي لشڪر جي اچڻ ڪري هي خطو به محمد بن قاسم جي حاڪميت هيٺ رهيو اُن کان پوءِ مقامي سردارن جاڙيجن ۽ سمن جي حاڪميت رهي (6).
سنڌ ۽ ڪڇ جي لاڳاپن کي ڏسجي ته سنڌ جو واپار ميسو- پوٽيميا سان قائم هو پر لوٿل جو واپار به ميسو پوٽيميا سان هلندڙ هو (7). لوٿل ۾ سامونڊي بندر به لڌو آهي، جنهن جو ڪردار هن واپار ۾ اهم هو. هن سلسلي ۾ پڻي لوڪن جو به اهم ڪردار آهي (8). سنڌ جي سياسي تاريخ ۽ ثقافتي ورثي جو ڪڇ سان لاڳيتو تعلق رهندو اچي. انهن ۾ ڌرمي ۽ مذهبي مقامات جي گهڻي اهميت آهي. هن سلسلي ۾ سڏيرن جو ٺُل ۽ ٻيا ٻڌڪا آستان اچي وڃن ٿا (9).
سنڌ جي سومرن ۽ سمن جو ڪڇ سان گهرو لاڳاپو رهندو اچي. سنڌ جا سومرا حاڪم ڪڇي نسل جا هئا. سومرن کان پوءِ سمن جو لاڙ ۽ ڪڇ تي اثر ۽ تسلط رهيو. اُهي سماٽ/ سمراٽ طور مشهور آهن (10). جيڪڏهن مجموعي جائزو وٺندي ڪنهن نتيجي تي پهچجي ته ائين چئبو ته ڪڇ تي سنڌ جو تاريخي، سياسي، ثقافتي ۽ معاشرتي اثر آهي.
اهڙي اثر جو ذڪر ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ڪري ٿو. هُو چوي ٿو ته ڪڇ ٻاهران لڏي آيلن جو ديس آهي (11). اِهو داستان جاتي- وار به ڊگهو آهي. ڪن ٽاڻن ۾ ڳوٺن جا نالا به اچي وڃن ٿا. ڪڇ جو ڪوٽ، سنڌ جو ڪنڌ ڪوٽ، ڪڇ جو ٻيلو ته سنڌ جو درٻيلو (۽ لس ٻيلو)، گور واڙي گهوڙا ٻاري، بولاري- ٻولهاڙي، ڪوٽڙي- ڪوٽڙي ۽ شڪارپور- شڪارپور ساڳيا ڳوٺ ۽ شهر آهن (12).
سنڌونديءَ جي وهڪرن جو به ڪڇ سان لاڳاپو آهي. ڪڇ ۽ کنڀات جون نارون ڳنڍيل هُيون. ڊاڪٽر لالواڻي رام سنگهه راٺوڙ جي گجراتي ڪتاب ”ڪڇ نو سنسڪرتي درشن“ (1990ع) جي حوالي سان لکي ٿو ته عيسوي سن کان ٻه هزار سال اڳ ڪڇ جي نار ۽ ڪڇ جو رڻ سخت زمين جي صورت ۾ هئا. سرس وتي نديءَ جو هيٺيون وهڪرو ڪڇ ۽ کنڀات جي رڻ مان ٿيندو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو (13). ”اِن کان سواءِ ٻين دريائن ۽ ا بند جو احوال به ملي ٿو جنهن سان ڪڇ جو پاڻي روڪجي ويو. گجراتي ڪتابن ۾ سنڌو نديءَ جي ڪڇ جي رڻ مان وهڻ جو به ذڪر آيو آهي.
ڪڇ جي اُترئين پاسي ٻنيءَ نالي هڪ وڏو چراگاهه آهي. جاگرافيءَ ۾ هن علائقي کي چراگاهه وارا ميدان سڏيو ويو آهي (14). اُن ۾ چاليهه ڳوٺ آهن جتي فقط گاهه ٿئي ٿو جو مال جي چاري لاءِ مخصوص آهي ۽ ٻي زراعت جي اجازت نه آهي. 2005ع ۾ اُتان احمد آباد آيل اديب ڪلاڌر ۽ ٻين مون سان اِها ڳالهه ڪئي. ٻنيءَ کي لالواڻي دنيا جو وڏي ۾ وڏو چراگاهه سڏي ٿو، جنهن ۾ چاليهه ڳوٺ آهن. ڪڇ تي مختلف وقتن ۾ مختلف حاڪمن ۽ گهراڻن حڪومت ڪئي آهي. مسلم راڄ جي لحاظ کا محمد بن قاسم ڪڇ تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ سنڌ جي اثر هيٺ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين رهندي آئي. راجا (راءُ) جي حڪومت رهي جنهن کان ورهاڱي بعد ڀارت سرڪار ڪڇ جي حڪومت هٿ ڪئي ۽ اُن کي گجرات صوبي جو هڪ ضلعو بنائي ڇڏيو.
ڪڇ، گجرات جو هڪ وڏو ضلعو آهي. اُن جو صدر مقام شروع کان ڀُڄ آهي. آمد و رفت ۽ لاڳاپن جي ڪري ڀُڄ ۽ بدين جاڙا شهر سمجهڻ کپن. ٻنهي شهرن ۽ قريبي ايراضين جا ثقافتي لاڳاپا بيمثال رهيا آهن. انهن لاڳاپن جو هڪڙو سبب هي آهي ته ٺڪر، مينگهواڙ توڙي مسلمان ڪڇ ۽ لاڙ ۾ آباد آهن. ورهاڱي کان اڳ اچ وڃ گهڻي هئي. شاديون مراديون به هِتان جي ماڻهن جون ڪڇين سان ٿينديون رهيون آهن. اُنهن ۾ بدين جي معزز شخصيت پير عالي شاه جيلانيءَ جي شادي نمايان آهي. پير صاحب جي مامي موليڏني جي نياڻيءَ سان اُها شادي ٿي. تصديق نه ٿي سگهي آهي پر اندازو آهي ته پير صاحب جي ڄڃ ڪڇ رڻ مان بيل گاڏين ۽ اٺن تي ويئي. اُن کان سواءِ به عام ماڻهن، مالوندن توڙي عالمن ۽ طالب علمن جي ڀُڄ ۽ بدين جي وچ ۾ اچ وڃ جاري رهندي آئي، جيڪا لاڙ جي شهرن ۽ ڳوٺن تائين وسيع رهي ۽ ڪڇ ۾ ڀُڄ، ابڙاسي، نکتراڻي ۽ ٻين تعلقن تائين رهي. ڪڇ ۾ جتن ۽ ٻين سنڌي مسلمانن جا ڳوٺ آهن. شاه عبداللطيف جي وفات کان پوءِ تمر فقير سالن جا سال ڪڇ ۾ رهيو. ڪڇ ۾ شاه جي رسالي جو ڀرپور شوق ذوق رهيو. هن سلسلي ۾ جتن فقيرن وٽ رسالي جي قلمي نسخي جو ڏس به ملي ٿو. ڇو جو زبان هڪ آهي، اِن پهلوءَ جو ذڪر ايندڙ باب ۾ ايندو.
ڀُڄ جي ويجهو حاجي پير جو ميلو سنڌ جي ماڻهن لاءِ خاص ڪشش جو سبب رهيو آهي. 45- 1946ع جي سالن دؤران اِهي نظارا مون به ڏٺا ته ڪراچي- ڪوٽڙيءَ کان ريل بدين پهچندي هئي ته مسافر بيل گاڏين ۽ اُٺن ذريعي بدين کان وايا لنواري، ڪڍڻ، پهڊمي، رحمڪي بازار ۽ رڻ ڪڇ مان ڀڄ روانا ٿيندا هئا. هن وقت جي پاڪ- ڀارت سرحد جي حد بنديءَ کان اڳ وچ رڻ ۾ اڌ- پنڌ (midway) تي ڪريم شاهي ۾ ڊاٻو ٿيندو هو ۽ ڪو درويش اُت پاڻيءَ جون ناديون رکي ويٺو هو جيڪو مسافر پيئندا هئا. هن وقت رڻ جي صورتحال ڪهڙي آهي اُن جي معلومات نه آهي. مٿيون ڳالهيون مون ماڻهن کان ٻڌيون آهن. هن سلسلي ۾ راوي اسان جي ڳوٺ جا ميگهواڙ ۽ ڪنڀار آهن. اُنهن ۾ الهه رکيو ڪنڀار نمايان رهيو. هن مون کي حاجي پير جي ميلي جون ڳالهيون ٻڌايون. ميگهواڙن ۽ ڪنڀارن جون ڪڇ مان شاديون مراديون ٿينديون هيون. رڻ جو مفاصلو اندازاً سؤ ميل آهي. بدين لڳ ابو شيخا ڳوٺ ۾ اسان جا هاري سومرا آباد آهن. اُهي ڪڇ جا آهن ۽ ڪڇي ڳالهائين ٿا. اُنهن ۾ ڪمدار عمر سومرو ڀلن ڍڳن جو شوقين هو ۽ سندس چوڻ موجب هو ڀلن ڍڳن واري گاڏيءَ تي ڏينهن هڪ ڀڄ پهچندو هو.
لاڙ ۾ روزگار خاطر ڪڇ جا ماڻهو ايندا هئا. خاص طور کانٽي ۽ لاباري تي ايندا هئا. اُهي مستقل طور به رهي پوندا هئا. ڪڇي ٽڙيل پکڙيل به آهن ۽ بدين ۾ سندن آبادي ”ڪڇي پاڙي“ جي نالي سان آهي. اُن ۾ ٻيا ماڻهو به رهن ٿا. ڪڇين جا اٽڪل 200 گهر آهن. اُنهن ۾ ٻين ذاتين سان گڏ، حجام، اُڍيجا، راهمان، ڀڏالا ۽ شيخ نشانبر آهن. هن وقت هن پاڙي کان سواءِ اڪثر ڪڇي شهر جي ٻين پاڙن ۾ گڏجي مسجي ويا آهن ۽ زبان جي لحاظ کان به سنڌين جهڙا ئي آهن. ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪڇي رهن ٿا. آخر ۾ هڪ مثال آءٌ پنهنجي خاندان مان ڏيان ٿو. منهنجي ماٽيجي ماءُ به ڪڇي خاندان مان هئي. سندس والد علي محمد پهرين اسان جي ڳوٺ (پير فتح شاه) ۾ اچي ويٺو هو. گهڻو پوءِ سندس پٽ لڏي اچي بدين شهر ۾ ويٺا. اُنهن جو اولاد هن وقت بلاول پارڪ جي ويجهو ۽ اتفاق ڪالونيءَ ۾ رهي ٿو. ٻوليءَ جي لحاظ کان اُهي ٺيٺ لاڙ واري ٻولي ڳالهائين ٿا.
1 شيخ، محمد سومار، ڪڇين جا قول، سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو ڇاپو 2006 ع، ص 11.
نوٽ: سنڌي ادبي بورڊ جي ادارتي حاشيي ۾ (ص 11) محمد سومار شيخ جي هن تحرير کي غلط سڏيندي لکيو ويو آهي ته محمد سومار شيخ کان ڀُل ٿي آهي. اهير قوم ضلعي قنبر ۾ رهي ٿي! وضاحت لاءِ عرض آهي ته محمد سومار اِن کان انڪار ڪونه ڪيو آهي. اڀير يا اهير، ڪڇ، ٿر ۽ لاڙ جي هڪ مشهور قوم آهي، اُتر ۾ به ٿي سگهي ٿي.
2 آڏواڻي، ڀيرومل مهر چند. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ،
سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع. ص 151
3 ڪڇين جا قول، ص 11 ۽ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي.
ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت، احمد آباد 2002ع. ص 14
4 ڄيٺو لالواڻي ص 14.
5 لالواڻي، ڄيٺو (ڊاڪٽر) ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت
اسٽيج پبليڪيشن احمد آباد 2002، ص 33.
6 ڪڇين جا قول- ص 13
7 شيخ، محمد سومار. ڪڇ جو رڻ، سنڌي
ادبي بورڊ 2006، ص 17
8 ايضا – ص 18
9 ايضاً – ص 18
10 ايضاً – ص 21
11 ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت- ص 35
12 ايضاً- ص 36
13 ايضاً- ص 37 ۽ پڻ ڏسو ”گجرات نا اتهاسڪ ليکو- ڀاڱو
ٻيو، ص ص 121 ۽ 122
14 ايضاً- ص 40
15 ايضاً- ص 40