لاڙي ۽ ڪڇي محاورا

ڪتاب جو نالو لاڙي ۽ ڪڇي محاورا
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-10-9
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     8693   ڀيرا پڙهيو ويو

چونڊ لُغت


الف

 

آتَرويلا =            اُٻهرائي، تڪڙ.

آجَڪو=              آجو، مثال: جنهن ۾ ٻيو ڪير به ڀائيوار نه هجي.

’اوڇڻ گهرجي آجڪو، جهوپو سهي نه سيءَ ‘ (شاه).

آجُڪو =             ڏکيو،مشڪل.’آجڪو ڪم. ‘

آڇت =                بلڪل نئون. مثال ”اُڇت ڪپڙو يا ٿانءَ“.

آڊو =                 انديشو، فڪر، ڳڻتي.

آڍَڻ =                 مالش ڪرڻ. خاص طور ’پيٽ آڍڻ.‘

آسابُند =            محبت، اکين جو ڍؤ. جهڙوڪ: اولاد اکين جو

آسابند آهي.

آلوڙي=              تازي وئايل مينهن (يا ڳئون وغيره)

آنڀار سانڀار=       آمهون سامهون.

آهَتِ =                اناج جي جنس ڏيڻ سان ڪاريگر کان ٺهيل

مال وٺڻ. پهاڪو: ’وڙهيا واڍا‘ اَڙيا آهتي.‘

اَٻالو =               غريب، جنهن جي غربت جو اندازو ڪپڙي لٽي مان لڳائجي.

اُٻاهين =             ٻار کنگهندي ٻُڏي وڃي ته اُن کي ’اُٻاهينءَ پوڻ‘ چون.

اَٻَڏي =               کيٽو، رسامو – خاص طور ٻار جو کيٽو ۽ تيسو.

اُڀامَڻ =              ديڳڙي يا ڪُني ۾ اُڀام اَچي، جيڪي پيل هجي سو باهه جي تپش کان مٿي اچي يا هارجي وڃي. پهاڪو ”سکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي“ ((Empty vessel thunders much

اَپاڪَ=               اوچتو، ڪنهن کي ڌڪ لڳي وڃي ته چون ’اپاڪ ڌڪ لڳي ويس‘ يعني ڪنهن ڄاڻي ٻجهي ڪونه هنيو.

اُپٽَڻ =               کولڻ، پَٽڻ.

اُپراسو =            اُپت، ڪمائي، Income.

اَتِيت =               جنهن جو ڪير به نه هجي ۽ خود به چڱو بيٺل ماڻهو نه هجي، بکيو اَتيت.

اَٺور=                 وڏو. ڍڳي ڍور جي عمر جي لحاظ کان ڪٿ.

اُڇاتِرو=              معمول کان ٻي طرح، ڪو ماڻهو اُٻهرائي ڪري ته اُن کي به اُڇاترائي چون.

آرو =                 ٻني، جنهن کي هڪ سال ائين ڇڏي ڏجي ۽ آباد نه ڪجي.

آرهو =               ناراض ۽ رنج، ناخوش (ضد: سَرهو).

اُرکُر =               فڪر (ٻيو اُچار : اُرڪُر).

اَرکَ =               ڪِري يا پرهيز نه ڪندڙ، والي رسج

                        وهلو، ارک ٿيا اِنسان، (شاه).

آڙيڪاپِ =          حرفتي، چالاڪ.

آگلو =                گدلو (مونث: اگلي).

اُلِڪو =             ڳڻتي، فڪر، Anxiety

اُلهڻ =               لهڻ، سج جو اُلهڻ، ’سج لٿي ‘ بدران سج اُلٿي‘ به چون.

اُلِي =                 تونس، گهڻي اُڃ. ڪير گهڻي لسي يا پاڻي پيئي ته  چون: ’اُلي آهيس يا رڻَ تان لهي آيو آهي‘.

اُلوڙَڻ=              اُکوڙڻ، ڪِلو وغيره زمين مان ڇڪي ڪڍڻ يا ٻڌل رسو، واڻ وغيره کولڻ To untie.

’اُلوڙڻ نه ڏئي، ور وڌائين ونجهه کي (شاه).‘

اُميري =             ڇنل ڌاڳي کي خاص انداز ۾ ڳنڍڻ:

’ڇنن توءِ م ڇِن، پاءِ اُميري اُن سين (شاه).‘

اُنهمُون=             بيحال، ٿڪل، ڊوڙي يا روئي بيحال ٿيڻ.

اَڻهُوند =             ڪجهه به نه هجڻ. ڪنهن کي پٽڻو هجي ته ان کي ’اڻهوندو‘ چون. خاص طور ڪاوڙ مان مائون ٻارن کي ’اَڻهوندو‘ چون.

اوڇَڻ =              ڪپڙو، اجرڪ ۽ رلي وغيره، اوڍي سمهڻ لاءِ.

اوڏو =               ويجهو، اوڏڙو به چون. نه وڃي اوڏڙي گهر واري (مثال)

ڪي اوڏا به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين. (شاه)

اوراٽَ=              چڙهي وڃڻ. ”سُونهن، پسي سانوڻ چئي،

                        عمر ڪر نه اوراٽ“ (سانوڻ فقير)

اورَهُون =           اوريان (ضد: پرهُون).

اوڙو =               کوه جي ڀرسان مال کي پاڻي پيارڻ لاءِ ڏهه- ٻارهن فوٽ ڊگهي ڪونڊي ٺاهين ۽ ان کي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏين. (ٻيو اُچار: اُواڙو)

اولارَ=                ڍڳي گاڏيءَ جي پوئين حصي ۾ گهڻو بار هجي ۽ پانجاري اُڇاتري (مٿي) ٿي وڃي. (ضد: داٻائون)

اولَ =                يرغمال Hostage.

اول پَتَڻ =           مراد آهي هيڏانهن هوڏانهن هلڻ يا دربدر ٿيڻ. ڪنهن کي هروڀرو ڪٿي چڪر ڪاٽيندي ڏسجي ته ان کي ’اول پتڻ ٿيڻ‘ چئبو. ’پتڻ‘ ڪنهن ڪئنال کي پار اُڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. اول پتڻ ٿيڻ معنيٰ پتڻ کان هٽي توائي ٿيڻ.

الا اول م ان جا، ٻيڙا مٿي ٻيٽ (شاه).

اولڙِ =                ڪم آيل ۽ چِپيل گاهه.

اَنُگو =               ڦرن کي ڌائڻ کان روڪڻ لاءِ وات تي ڪاٺين جو ٻوٿاڙو.

اونَ =                 ڳڻتي، فڪرمندي، اوسيئڙو

اونٿرو=              شرارتي (ٻار) حرڪتي، چلولو.

اؤنري =             ڪنهن کي ڪم جو اهڙو شوق هجي، جنهن تي ماڻهو ٽوڪ ڪن ۽ چون ته فلاڻي کي اونري (کُٽي) کڻيو بيٺي آهي. يعني نقصان واري ڳالهه کي چهٽيو پيو آهي.

اوهه =                مال جي ٿڻن جي مڪمل حصي جي ظاهري شڪل صورت، ’وڏي اوه آئيون، پُٺيءَ لائي ڦر‘ (شاه).

اوهِي واهِي=       ڌڻي سائين. نڌڻڪو اُهو جنهن جو نه اُوهي نه

واهي!

اوهِڏجَڻ =            مينهن يا ٻيو ڪوبه ڍور اَوتڙ يا اُڀڪپري تان

ڪِري ڦاسي پوي ته ان کي مال جو اوهڏجڻ چون.

اُهمال =              بهانو. ڪي ٻار تپ جو اهمال ڪري اسڪول کان گسائيندا آهن.

اُڪِرڻ =             لنگهڻ، درياءُ اُڪرڻ، پار ڪرڻ.

اَڪ ڪارا ڪرڻ =     ڪجهه به نه ڪرڻ! يا اونڌو ڪم ڪرڻ،

ٽوڪ طور چون: ”فلاڻو ڪهڙا اڪ ڪارا پيو ڪري)

اَڪَرَدو =            آجو، نويڪلو، اڪثر سَسُون چون: ’ننهن کي گهرجي آجو اَڪردو گهر.‘

ب

 

بان =                 توبهه ڪرڻ، بيزاريءَ ۾ ڪنهن ڪم تان هٿ کڻڻ.

بائُو =                جن ”(خيالي جن“) ٻار کي ڊيڄارڻ لاءِ چئبو آهي ته ’بائُو پيو اچي.‘

بائٺِ =               خفت، گهڻو شوق. عام طور ڪنهن شئي جي گهڻي کائڻ ڪري چوندا آهن ته فلاڻي کي کاڌي جي بائٺ آهي.

بَٺِ =                 تپش. ڪاڙهي جو بٺ يعني اُسَ، ڪنهن کي اُس ۾ وڃڻ کان روڪيندي چئجي ’ڪاڙهي جو بٺ پيو ٻري‘.

بُجَ =                  گهاٽا وار (Shaggy long hair)، گهاٽن وارن وارو ڪتو هجي ته ان کي ’بُجِر ڪُتو‘ چون.

بُجِڪو =             ڳوٿرو، ڪپڙي جو ٿيلهو، جنهن ۾ عورتون اڳڙيون وغيره رکن، چوڻي: حليمان جو بجڪو کڻي ويا ڇهه چور ......الخ.

بَرکَتَ=               ڳاڻيٽو ڪندي اڪثر ’هڪ‘ بدران ’برکت‘ چون، (ٻيو اُچار ’برڪت‘) 

بَڙادو =               هُل بغادو، گوڙ، وڏ- واتائي.

بُگا =                 ڦر ڌائڻ وقت ٿڻن کي دؤنڌاڙي ته ان کي بُگا هڻڻ چئبو.

بوٺِ =               (تپ جي) ٿورڙي حرارت.

بِلاتو =               بلائتو، قابو ۽ هٿيڪو.

بِلو ڪرڻ =         بندوبست ڪرڻ پورائي ڪرڻ، مثال ’پئسن جو بِلو ڪرڻ‘، مالَ جو بِلو ڪرڻ، ’ڪو ڪم ڪنهن جي بلي (ذمي) ڪرڻ‘، ڪٿي ’آڌار‘ ۽ ’وسيلي‘جي به معنيٰ اٿس.

ڪونهي، ڪميڻيءَ جو، بِگِر تو بِلو (شاه).

بوئي ڪرڻ =       وري وري چوڻ، ڪنهن مطلب خاطر ڪنهن

کي اصرار ڪري چوڻ، پٺيان پوڻ.

بُوئرو =             ننڍڙي ڪوٺي، کولي.

بؤنب =              رونشا، اَلوليون، مزا ماڻڻ، چرچي طور چون: ’گهڻا ڏينهن بؤنب ڪيا اٿئي هاڻي تنهنجي خبر پوندي‘.

بيٺ =               چيلهه. چيلهه تي ڪپڙي ٻڌڻ کي بيٺ ٻڌڻ چون:

”لوئيءَ سين! لطيف چئي، ڀيڙيو ٻڌان بيٺ“.

بي سمرو =         غريب.

’سمر جنين نه ساڻ، هوت حمايتي تن جو‘ (شاه).

بي وڙو =           بي شرم، جيڪو ڪنهن سان ڀلائيءَ جا پير نه ڀري:

’جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن‘ (شاه).

ٻ

ٻاٻِيس =             حُبَ.

ٻاتاڙو =             منجهيل (’ٻاتو‘ نه).

’اَنين جي آءٌ، ٻوليءَ ٻاتاڙيِ ڪئي‘ (شاه).

ٻاٿَ =                شوق سان ڪنهن شيءَ لاءِ سرگردان رهڻ، خاص طور جڏهن اُها هٿ نه اچي. مثال: ’فِلاڻو روزگار لاءِ ٻاٿون کائيندو وتي‘.

ٻاڙَ =                 ٻيڙي پيڻ يا ڪنهن ٻي نشي جي طلب.

ٻاگَهڙ =              جئن ’بائو‘ چئي ٻارن کي هڪ خيالي جن جو ڊپ ڏبو آهي، تئن ٻاگهڙ جو به ڊپ ڏبو آهي.

ٻانڌاڻِي =            اُهو ماڻهو جيڪو ڪنهن به نشي يا چانهه وغيره تي هريل هجي ته اُن کي اُن شيءَ جو ٻانڌاڻي چون.

ٻانڊو =               ننڍي يا وڍيل پڇ وارو جانور. شاه ڀٽائيءَ وڳند سان خوش طبعي ڪندي هڪ بيت ۾ چيو آهي: ’ٻانڊو ٻيلي نه ٿيو، ورُو اڄ ويو.‘

ٻٺر =                 سوئر جو ٻچو.

ٻِڌِ =                   ٽپ. (Jump)

ٻَرگَهل =             وڏو سوراخ، ڏرڙ يا شگاف.

ٻَرهال =             تِلي وڌي پوڻ جي بيماري،

ٻُڪِلِ =              ڪپڙي سان مٿي ۽ چَپن کان هيٺ واري مُنهن جي حصي کي ويڙهڻ جيئن اکيون ۽ نڪ کليل هجي.

ٻَکَ =                ڀاڪُر: ملهه وڙهڻ لاءِ ٻئي ملهه جيڪي هٿ وجهندا آهن، تن کي به ٻَکَ چئبو آهي:

                        ’ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو سي ورسيا‘ (شاه).

ٻَلَر =                  ننڍو ڦر، خاص طور ڪتي جو گُلر.

ٻُنڀِ =                گهر جو لنگهه، گهٽي يا دَر:

                        ٻُنڀان جقنِ ڀَري، ڏونگر سي ڏورينديون (شاهه)

ٻُوٿارو =             خاص طور گڏهه کي وات ۽ ڪنڌ تي ڪپڙو ويڙهي قبضي ۾ ڪرڻ.

ٻوڏِ =                 ’جيءُ‘ جو ضد- يعني ’وڃي مَرُ‘ 

                        ’جي چوندا هئا جيءُ، سي ٻوڏ نه چون ٻاجهه سين‘ (حمل).

ٻوڪانِي =          مٿي تي ڪپڙو ويڙهي، ان جا ڇيڙا ڪنڌ هيٺان ورائي پٺيان ڳنڍ ڏيڻ، اڪثر ڪڇي ائين ڪپڙو ٻڌندا آهن.

ٻولاهو =             گهوڙو يا مينهن، جنهن کي پيشانيءَ تي چال (اَڇو) ٽِڪو هجي. (مونث: ٻولاهي).

ٻُونُهنجَر=            گوڙ، ٻارن جو هُل هنگامو.

ٻِيٽَ =                خبرَ، ڪنهن ڳالهه جي سمجهه ۽ ڄاڻَ.

ٻيجارو =            ڪُڪڙ وغيره جو ٻچو، جيڪو نسل وڌائڻ لاءِ پالجي.

ٻيڏو=                کنگهه، جيڪا گهڻو ڪري ٻارن کي ٿئي.

ٻيلانگ=             ٽنگ ورائي وهٽ تي چڙهڻ.

ڀ

 

ڀاڏُ =                  کَڏَ. اڪثر ٻنيءَ ۾ يا پاسي تي هوندي آهي ۽ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي.

ڀاڳيو =              چوپائي مال جو ڌڻي، مالوند.

ڀانگِ =              بکيو. اڪثر ٽوڪ طور چون: ’فلاڻو بکيو ڀانگ آهي‘.

ڀانگوُري =          وري وري گُهر ڪرڻ. ڀنڊي ٻارڻ.

ڀاءُ ڀِنڊ =             ويجهو عزيز يا ڀاءُ.

ڀُڪا =                پرزا پرزا:

                        ’ڪنگرا جي ڪوٽن جا، ڀڄي ٿيا ڀُڪا (نامعلوم).‘

ڀنڊي ٻارڻ =        اڪثر ٻار کيٽو ۽ گهپي ڪن ته ان کي ڀنڊي ٻارڻ چون. (ڏسو: ڀانگوري).

ڀونچڻ =             نڪُ گهنجائڻ، منهن گهنجائڻ ۽ عجيب صورت بنائڻ.

ڀُونگِلاڙو=          مُنهن تي ڪپڙو ڏيئي اولو ڪرڻ (تيز هوا کان بچڻ لاءِ يا ٻيڙي دکائڻ خاطر).

ڀيت تي پوڻ=      مانوس ٿي وڃڻ. ڪنهن جي عادتن کان واقف ٿي، ان موجب پاڻ کي تيار ڪري وٺڻ، ڪنهن ڏنگي ماڻهوءَ سان نباهه ڪري ويندڙ لاءِ اڪثر چون:

                        ”فلاڻو ڏنگو آهي، پر هِي به سندس ڀيت تي پئجي ويو آهي“. يعني منجهن Understanding آهي.

ڀيڏيون ڀڃڻ=      گهڻو مارڻ.

ڀينگ =              سُڃ. ڪجهه به نه.

ڀينگيو =            سُڃو. بکيو اَنان. جنهن وٽ ڪجهه به نه هجي.

ت

تاکَ =                بدچال عورت.

تارَ =                  مڪر ’تار ڪرڻ‘ يعني مِکرِ ڪرڻ.

ترائي =              هيٺاهين زمين، شهر جو نالو به آهي.

                        ’هڏا ڪٽيان هلي، ڀري ترايون تل‘ (شاه).

تَريناڪ =            حرفتي، لُچو (يا لُچي) چالاڪ.

تڦاڪ =             اتفاق سان، اوچتو.

تَلهڙ =                ڊگهو لچڪڻو بانٺو، ڊگهو لڪڻ. (مختلف قسم جي بانٺن، ڏنڊن، ڌڪن ۽ لٺين وغيره جي وضاحت مقدمي ۾ ڪئي ويئي آهي).

تِڪَ =                 يڪ ساهيءَ پي وڃڻ. ”هُو هڪ ئي تڪ ۾ پاڻيءَ جو وڏو وٽو پي ويو“.

تُنَ =                  ڪپڙي ۾ پيل سوراخ ڌاڳن سان ڀري ڍڪڻ.

                        ’ته پڻ ويٺي ونڌيان، جيڪس پُونس تُن‘ (شاه).

هيءَ سِٽ مارئيءَ جي سُرَ ۾ کٿيءَ جي تُنَ بابت آهي. شاه صاحب سري راڳ ۾ ٻيڙيءَ جي سوراخ بابت به ’تن‘ لفظ ڪم آندو آهي.

’تري ۾ تُن پيا، پاسنئون پاڻي‘ (شاه).

تَوڏجڻ =             وڙهي پوڻ. هٿين پوڻ کان اڳ زباني ويڙهه.

تُوري =              ڦرن کي ڌائڻ کان روڪڻ لاءِ ڊڀن، سوتليءِ وغيره مان ٺهيل وٽيءَ جي شڪل جهڙي رڪاوٽ وات تي ٻوٿاري وانگر چاڙهڻ.

توهه =                سارين جو ڇِلِر (کَلَ):

’ڀوري منڌ اَڄاڻ، ڪڻ ڇڏيو توه چونڊئين‘ (شاه).

ٿ

ٿاڌارڻ =             ماٺرائڻ، پرچائڻ ٺڳاري ضد تان لاهڻ، ٻار کي ضد تان لاهڻ.

ٿاڏارڻ =             ٻئي هنڌ لڳائڻ لاءِ ڪو ٻوٽو پاڙودو ڪڍڻ.

ٿَڃ =                  ماءُ جو کير.

ٿَڌو ٿورو =          اهڙو ٿورو ڪرڻ، جنهن کي تسليم نه ڪيو وڃي يا جيڪو حقيقت ۾ ٿورو ئي نه هجي.

ٿَل ٻڌڻ =            ڪا ڳالهه بيان ڪرڻ کان اڳ ڪنهن قسم جي مصنوعي تمهيد ٻڌڻ.

ٿَم =                  چورايل مال لڪائڻ لاءِ ٻيلي وغيره ۾ ڪا ڳجهي جاءِ.

ٿُنڀي هڻڻ =         ڪٿي اُڀو ٿي بيهي وڃڻ، To stage sit in جو مفهوم ادا ٿئي ٿو.

ٿير =                 وڏو ٻڪر. سانَ ڇيلي ۾ جيڪا بوءِ هوندي آهي، ان کي ٿيري ڌپ چئبو آهي.

ٽ

 

ٽاپِيرو =             مُٺ ڀيڙ، زور ڏيڻ ۽ مالش ڪرڻ وارو.

ٽارو =                چئلينج، مثال ’ست ٽارا اٿئي، هي ڪم ڪري ڏيکار.‘

ٽاڪوڙو =          ڀاڄ، پويان پير ڪري ڀڄڻ. ’ٽاڪوڙو وجهڻ‘ يعني ماري ڀڄائڻ.

ٽانڊائي =            چِلم يا چُلهه ۾ ٽانڊو تيار ڪرڻ وارو، حاضريءَ ۾ ويٺل شخص.

ٽِسينگ =            وڏو، زبردست (اڪثر خار وچان چون).

ٽَلڻ =                 ترڻ.

ٽِنڊِ =                  سينڌ سرمون ڪرڻ، ڦُوڪَ شوڪ، لئي.

ٽُنگرپو =            ٻن کي ويڙهائڻ ۽ ڦيٽاڙو وجهڻ لاءِ لائي چائي ڪرڻ.

ٽوڙهو =             رسو (ننڍو رسي جو ٽڪر).

ٽولهر =              وڏي جُون.

ٽؤنر وجهڻ =       ڳالهه ۾ وڌاءُ ڪرڻ ۽ مصالحو ملائڻ.

ٽولڙو =              چَٿَر.

ٽَهل ٽَڪور =       خدمت چاڪري.

ٺ

ٺاڪ بَست =        حد بندي (Demarcation).

ٺَٺِي =                مخول، کِلڪو ۽ وڏا ٽهڪ ڏيڻ، هلڪڙائي.

ٺُٺيو =               آڱوٺو، خاص طور ڪاوڙ وچان چئبو آهي. مثال: ”ٺٺئي جيڏي ڇوڪري جو دماغ خراب ٿي ويو آهي“.’منهنجي ڪهڙي ٺُٺي تي پئي آهي‘! ’هُو منهنجو ڪهڙو ٺٺيو پٽي وٺندو‘!

ٺُڙ ٺَپ =              هڪدم، جلدائي سان، خاص طور ’ٺڙ ٺپ جواب ڏيڻ‘.

ٺَڳارڻ =             گفتگو سان يا ڪنهن ريت ضد تان لاهي ڇڏڻ، پرچائي ڇڏڻ.

ٺَڪاڻ =              مينهن ۽ ٻڪرين جي هڪ بيماري.

ٺِڪر ڀڃڻ =        چرچي طور چئبو آهي، ’فلاڻو اسان جي گهر آيو آهي، ٺڪر ڀڃڻ کپي.‘

ٺِنڀ =                تمام ٿڌو (پاڻي).

ٺُولهو =              پنڻ لاءِ جست يا ٺڪر جو ٿانءَ (مونث: ٺولهي).

پ

پاڇاٽو  =            پوءِ يا دير سا ايندڙ (ضد: آڳاٽو).

                        ’پاڇاٽيان پئي، ٿيو آڳاٽيان اڳرو‘ (شاه).

پاڍڻ =                وهٽ يا ڍور کي ڊگهي رسي سان ٻڌي چَرڻ لاءِ جهنگ ۾ ڇڏي ڏيڻ.

پاڙجهاڙ  =          بدلو.

پاندا =                ٿڻن ۾ رهيل کير جا آخري ڦُڙا.

پاندور =             ٽاريون، جهوني بڙ جا لڙڪندڙ پاندور.

                        ’ڪي ڏينا ڪي ڏاريون، ڪي پن ڪي پاندور‘ (سانوڻ).

پٻو =                 کِٻو، جنهن جا ڏند نه هجن.

پَٽاڙَ =                اڳٺ، ڪير ڳالهائڻ ۾ ڊيگهه ڪري ته ان کي ’پٽاڙ ڪرڻ‘ چئبو.

پُٺارڪ =            هڙ يا کڙيو. سامان جي وڏي ڀري جيڪا پٺن تي کڻجي.

پَٿ =                 پاڙو- قبيلو.

                        ’آءٌ گڊو آءٌ گولاڙو، آءٌ بي پَٿو آءُ بي پاڙو‘(سانوڻ).

پَڇَ ڍائو =           پوءِ ڍائو.

پَڇنَڊ =               سهرا ڳائڻ سان گڏ ڍولڪَ جي هڪ خاص وڄت.

پَڇنڊڻ =             ڇنڊڻ، اَن وغيره سُپَ ۾ وجهي ڇَنڊڻ.

پَڇنڊي =             ڀت ۾ تختي وانگر ٺاهيل هڪڙو خانو، جنهن تي هلڪو سامان رکجي.

پرائي بزگيري=   پرائي نوڪري، ڪنهن وٽ نوڪريءَ ۾ پابند هجڻ جو اظهار ڪرڻ لاءِ چئبو آهي.

پَرَ ٻاهرو =          ٻاهران ئي، ڪو ماڻهو هڪ هنڌان اچي پنهنجي گهر وٽان لنگهي، وري ٻي طرف هليو وڃي ته چون ’(گهر آيو ئي ڪونه) پر ٻاهرو هليو ويو.‘

پَرَ وَس =            ٻين جي وس.

پڙڇ =                کجيءَ جي ڦڙهن مان ٺهيل تڏو (mat).

پسوُري =           پَسوُري پڌري ڪرڻ، معنيٰ پنهنجي اصليت تي اچڻ. ڪنهن بابت ڪڪ ٿي چئجي ته ’نانيءَ واري پسوري آئي اٿس‘. ٻار گهڻو روئي ۽ کيٽو ڪري ته ماءُ چوندي: ’الائي ڪهڙي پسوري آئي آهيس‘.

پِنڊ =                 پاڻ - ’پِنَڊَ جو‘ معنيٰ ’پنهنجو.‘

پِنئوُن سَٽِ =       هڪدم، اُٿندي ساڻ ئي.

پوڃاڙي =           شام جو وقت.

                        ’پوڃاڙيءَ پٽن تي ڪن ولوڙا وايون‘ (شاه)

پوڻيٺيءَ جو =     پهريون اولاد.

پُئاڏَ =                پويون حصو- ڍڳي گاڏيءَ جي قافلي جو پويون حصو.

پيٽ ٻرندي =       ساڙ کان يا حسد ۽ ڪاوڙ کان ڪنهن تي الزام هڻجي يا ڪا ڳالهه ڪجي ته چون: پيٽ ٻرندي ٿو ائين چوي.

پيٽَ پَرنديِ =       گذران.

پينگهو =            رسي جو ٽُڪر، جنهن ۾ سرڪ سايون  پيل هجن، مال جي ڦرن کي ٻڌڻ لاءِ ڪم اچي.

ج

جاڙَ =                 اجايو، جُٺ جهڙو.

’حميرن هڪون، جاڙ جُسي کي لائيون. (شاه)‘

جاڙ جُٺ =           گهڻي جُٺ ۽ هيٺ ڦيٺ.

جانڪَڻ =            سنڀالڻ (شين کي).

جِڊَڻِ =                ڊڄڻ (جڊڻو – ڊڄڻو).

جَزا =                 مصيبت، ڪم ۾ ماڻهو اڪثر ڪڪ ٿي چون: ’هن جزا مان ته ڦاسي پيا آهيون.‘

جَنَبِ =                جنم، سڄي ڄمارَ.

                        ’ويا سي وهي، جنب گذاريم جن سين‘_ (شاه).

ڄ

ڄَرَ =                  ڄؤر (Leech).

ڄَرَ =                  باه جي تپش.

                        ’ڪي ڌر تتي ماءُ، ڪي ڄر سندي سڄڻين_‘(شاه).

ڄَرَڻ =                ڌڪ يا چماٽ سان بيحال ڪرڻ.

ڄَيُون =             سنهيون جون (جُيون).

                        ’ڏُهلا مون ڏينهن ٿيا، پيم ڄام ڄَيون -‘ (شاه).

جهه

جهامُوٽِجَڻِ =        وڙهڻ لاءِ ٻکين پوڻ:

جهاوا وجهڻ =        واجهائڻ، جهپا هڻڻ، ڪنهن شيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ.

جِهٻي =              وهٽ جي لغام کي اوچتي ڇِڪ ڏيڻ.

جُهرڻ =              ڀڄي پوڻ، ڍور ڪري پوي ته اُن کي به جُهرڻ چون.

جَهرڻ =              جنسي جذبي کان پڄرڻ (Tentatuin).

جَهڪاڻِ =           هيٺاهين.

جَهڪور =           ڪير مسلسل ڳيچ ڳائي ۽ ساهي نه پٽي ته چون: ”ڳيتن جي جهڪور کڻي لاٿي آهيس“.

جِهمڻَ =              جُهڪڻ. وڻ جا وڏا ڏار جهمي پون ٿا.

جهنگ ٻٽِيار =     ٻارن کي ڊپ ڏيڻ لاءِ فرضي پکي (’ٽيٽيار‘ نه).

جَهنگراڙ ٻِلو =     جهنگ جو ٻلو.

جُهنڊ هڻڻ =         ڪپڙي سان مُنهن ڍڪڻ.

جَهنڊوُلو =          گهڻن وارن وارو.

جَهنڊِ =               ٻار جا پهريان مٿي جا وار.

جهولَڻِ =             ڍري واڻيل کٽ.

جُهولَڻِ =             مڇي پڪڙڻ لاءِ ٻار ڪپڙي جي جهولڻ هڻندا آهن.

چ

چارا =                چٻارا، اهلون ڪرڻ ۽ نقل ڪرڻ.

چانڀ ڪُڏو =       گوڙ ۽ راند، ٽپو تاڙ ۽ ڪُڏڪارو، گهڻو ڪري ٻارن کي فهمائش ڏيندي چئجي.

چاڻِڪَ =              طعنو، تنڪو ۽ ميهڻو. اهڙو طعنو جو اڳلي کي تمام ڏکيو لڳي.

چَٿَرِ =                مسخري، ٺٺولي:

                        ’چڱن جو چوڻ ٿو، تون ڀانئين چَٿَرِ -‘ (حامد)

چِٿِرِ =                ٽُڪرو. ڪنهن ٿانءُ يا شيشي جو ڪو حصو ڀڄي پوي ته ان کي ’چِٿِرِ لهڻ‘ چون.

چِچِڪو =            ٻٻر جو ٻج.

چَرِي =               جاءِ جي بنياد لاءِ مقرر اونهائيءَ ۾ کوٽڻ، ڀَتَ جي ديڳ چاڙهڻ لاءِ کوٽيل کڏ.

چَڙا چَتِي =          چَڙهت ڪرڻ. مقابلي جي حالت ۾ وڌي واڪ ڏيڻ.

چَڙو =                مَٽَر. وهٽجي ڳچيءَ ۾ ٻڌل گهنڊڻي.

                        ’چڙن چوري آهيان، سک ٿي سمهان ڪيئن‘_ (شاه).

                        (مونث: چَڙيِ) ننڍي مٽر کي مٽري چون، تمام وڏو مٽر هجي ته ڊَگَرِ چون.

چَسي ڏيڻ  =        هٿ ملائڻ.

چِڪَ =                ٿوري گپ، چلهڻ.

                        چارئي پهر چِڪَ ۾، پڇين پاريهر وٺ. (شاه ڪريم).

چِڪار =             ڀرتُو – پورو پورو ڀريل، ڍاول. مثال: ماني کائي يا لسي پي چڪار ٿيڻ يا کيسو پئسن سان چڪار هجڻ.

چَڳڙڻ =              ڦَرَ جو ڌائڻ ۽ ٿڻ کي چٻاڙڻ.

چِلهِڙ =               ڍنڍ يا ڀاڏ ۾ رهيل چپيل گاه، اهڙي هنڌ تان جيڪا مڇي مري، تنهن کي ’لوهين‘ چون، ان ۾ چلهڙ جي بدبوءِ ٿئي ٿي:

چِمِرڪو =           چهنڊڙيءَ ۾ ٿورو حصو آڱَرين جي وچ ۾ اچي ٿو، پر چمرڪي ۾ گهڻو حصو اچي ٿو.

چِندا ڪرڻ =        کؤنس ڪرڻ.

                        جُهڙُ ڦُڙُ مٿي مارئين، جِت چيها چِلِڙ چڪ. (شاه).

چُنگ ڏيڻ =         ماٺ ڪندي جو نالو وٺڻ يا برغلائڻ.

چِنگَهَڻ =            تڪليف کان ڪنجهڻ. بار کڻندي وات مان مخصوص ڪنجهه جو آواز اچڻ.

ڇ

ڇار اوڳرائي=      کَٽي اوڳرائي، Heart burn.

ڇاڙَ پَٽَ =           بنا ڏسڻ جي بانٺو وغيره اڇلائي هڻڻ.

ڇانِگرا =             ڄاڻي ٻُجهي يا دل ۾ راضي منهن تي ماڻا ڪرڻ ۽ ناز ادا سان هڪ جي ٻي ڪرڻ.

ڇاڻُو =               گهوڙيءَ وغيره جي لَڳَ لاءِ خواهش.

ڇِر=                   جن، ڀوت.

ڇِرڙِ=                 مڪر.

ڇِڙِ ٻِٿُو =            ڇِڙِٻَ، دڙڪو (ٻيو اُچار؛ چِڙ ٻٿو).

ڇَڙڪِ =              ڦُڙت، هلڻ جو تکو.

ڇِڪو ڇِڄڻ=             ٽوڪ کان چون: ’ڄڻ ڪو ڇڪو ڇڄي پيو‘ يعني ’ڪو انصاف جو ڪم ٿي پيو‘.

ڇِڻَاٽ =              ڇڻڪاٽ:

                        ’ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، آهين ڇيرين جا ڇڻاٽ‘- (سانوڻ.).

ڇِلَ =                 بچيل ٽڪرو، مثال: صابڻ جي ڇِلَ.

ڇيڪ ڇَڏڻ  =       آزاد ڇڏي ڏيڻ ۽ باز پرس نه ڪرڻ.

ڇيڳِرو =            ٽرڙو، بي چيو ۽ ڇڙواڳ.

ڇيڻا ڀورَ =          ٻن کي وڙهائڻ لاءِ کُنتون کڻڻ، جهيڙو مچائيندڙ کي ’ڇيڻا ڀور‘ چون، چرچي طور چون: ’ڀُر ڀُر ڇيڻا جنگ مچي.

د

داٻڙو =               ڪپڙن سٽڻ جو تختو.

داڙُو =               مددگار:

’وير وسيلو آهئين، داڙو منجهه ديوان‘- (شاه).

دٻڙاٽڻ =             دٻائڻ ، داٻو ڏيڻ.

دتِ ڪرڻ =         مڪر ڪرڻ. مثال ڪوڙ ڪري ڪري پوڻ ۽ بيهوشيءَ جو نمونو ڏيکارڻ To Pretend

دُپُستو =             ٿلهو متارو، مضبوط.

دُف ڪرڻ =         خرچي ڇڏڻ. خاص طور مائٽن جي دولت ختم ڪرڻ.

دِڦَ ڪرڻ =         بَڪ ڪرڻ ۽ اجايو ڳالهائڻ.

دُنگههَ ڪرڻ =      ڀنڊي ٻارڻ ۽ وري وري چوڻ.

دوڌِ =                 ڪُپت.

دوڳي =              ڪاٺ جي وڏي بُنڊي.

ڌ

ڌانڌلَ =              تڪرار ۽ گوڙ. خاص طور وهنوار ۾ تڪرار ڪرڻ.

ڌُتارڻ =              برغلائي ڪا ڳالهه مڃائڻ.

ڌڳڻ =                باه جا اُلا ڪڍي تيار ٿيڻ.

ڌِڱِ =                 ٿلهو متارو مڙس:

                        بار کي باري کڻن، ڪي مڙس ڌِڱ. (گل).

ڌُوڃَ =                چُونڊ.ڌُوڃ ڇڏڻ مان مراد آهي ته ڪا شي ڌُڻي (چونڊي) کڻجي.

ڌُوڙِيو =                         سلسلي سان. مثال گارين جو ڌوڙيو.

ڌُوڻَڻِ =               وڻ کي لوڏا ڏيڻ جئن ميوو هيٺ ڪِري، لوڏڻ.

                        سُورَ م ڏيو ڌُوڻَ، آءٌ اڳ آهيان ڪانهلي. (شاه).

ڏ

ڏاٻَ =                گوڏ جو هڪ قسم جيڪا پراڻي زماني ۾ سٿڻ جي مٿان پائڻ جو رواج هو:

                        ’آهي سهڻي ستر سان، سٿڻ مٿي چادر جي ڏاٻَ‘_ (گل).

ڏاٻَ =                بڪواس. وات هڻڻ ۽ گوڙ ڪرڻ.

ڏاٻلو =               دٻو، دٻلو (مونث: ڏاٻلي، ڏٻلي).

ڏاڙهڻ =             ڪتي، جو چڪ هڻڻ لاءِ گِري ڊوڙي اچڻ ۽ چڪ هڻڻ.

ڏاميج =             جيڪو ڏمر هيٺ اچي. مغضوب

ڏَچو =                آزار، اوچتي مصيبت ۽ پرائي آئي.

ڏسُڪڻ =            سڏڪڻ، سڏڪا ڀرڻ:

ڏڦير =               ٻن ۾ ڦيٽارو وجهندڙ، اَڻ بڻت.

                        ’ڏڦو‘ شڪار جو هڪ هٿيار به آهي، ڏڦو ساڻ رکڻ واري شڪاريءَ کي به ڏڦير سڏبو آهي.

ڏَکو ڪرڻ/ڏوڏو ڪرڻ=اک ڏيکارڻ، رعب تاب ڪرڻ. ’ڏڏو ڪجي ڏيڪر ڪجي، اڳلو نه ڀڄي پاڻ ڀڄجي‘. (خليفي محمود نظاماڻي ڪڙئي واري جا ملفوظات) ’ڏڏو‘ ۽ ’ڏکو‘ هم معنيٰ آهن.

ڏُگُهِڻ =              مت کسجي وڃڻ. ڪو اجائي هلت ڪري ته ان لاءِ چون ته فلاڻي جي ڏُگهي ويئي آهي.

                        ولاڙيو وڻين چڙهي، ڏسڪيو جهلي ڏار _ (شاه)

ڏوراڇو =            حضور شرم. جيڪو کاڌي پيتي ۾ حجاب ڪري ۽ هر شئي نه کائي.

ڏوڪَڻ =             گهڻو پاڻي پيئڻ، جنهن ۾ ڳُٽ ڳُٽ جو آواز پيدا ٿئي.

ڏوگَهڻ =            ساڳي ’ڏوڪڻ‘ واري معنيٰ.

ڏُونگهو =           ميهڻو، طعنو

                        ’ڏونگها ڏاڏي پوٽين، ڪن ڏنا ڪي ڏينٗ. (شاه).

ڏونگهو =           لوٽو، جنهن ماڻهو جو مٿو سنڌ جي رواج موجب ويٺل نه هجي ته ان کي ’ڏونگهي مٿي وارو‘ چون.

ڏئُوتِ =              پاڻي يا لسي وغيره گهڻي پيئندڙ.

ڏيٺارو =             لڳت جو حساب. ڪنهن بدصورت ماڻهوءَ کي ڪاوڙ يا چرچي خاطر به ’ڏيٺارو‘ چون.

ڊ

 

ڊاٻو =                سفر ۾ ٿورو ترسڻ ۽ ويساهين کائڻ، تمام ٿورو ترسڻ کي ’پاڳوڙي ڇنڊ‘ چون.

ڊاڍ =                  هل بغادو، وڙهڻ مهل هڪل سان ڳالهائڻ.

ڊائِي =               ڏنل وقت، پروگرام، وعدو.

                        ’ڊائي ڍٽ ڌاري، آهيم اُٺي مينهڙي-‘ (شاه).

ڊَڙَڻِ =                ڏاڍي مار ڏيڻ.

ڊُگَ =                 وهٽ جو ٽپ ٽپ وارو اوکو پنڌ.

ڊُوڪَ =               پاڻيءَ جي گهڻائي. مثال: ٻوڙ ۾ گهڻو پاڻي پوي ۽ رس گهاٽو نه ٿئي ته چون. ’ڊوڪ ٿي ويو‘.

ڊوهي ڇڏڻ =       روڪي ڇڏڻ.

ڊوئي ڏيڻ =         قسم ڏيڻ. مثال: ’توکي بادشاه پير جي ڊوئي آهي‘.

ڊِينبَ =               مارَ.

ڊينبو =               ڇوٽو، بِندرو ۽ ٿلهو.

ڍ

ڍَٻِي =                پکي ڦاسائڻ لاءِ ڪوڙڪي. کارو يا ڏلهو اُبتو ڪري، ان کي ڪاٺي آَڏي ڏيئي زمين کان هڪ پاسو مٿي ڪري، ڪاٺيءَ ۾ رسي يا سوتلي ٻڌي، ان جو ڇيڙو هٿ ۾ ڪري پري لڪي ويهي رهبو. پکي کاري هيٺ پيل داڻن کي چڳڻ لاءِ جڏهن کاري هيٺ پهچندو ته رسيءَ کي ڇڪ ڏبي ۽ پکي ڦاسي پوندو.

ڍُرڪائِڻ =           چئلينج ڏيڻ. ٽارا، هوڪارا.

ڍَرڪَڻ =             بيماريءَ يا ڪمزوريءَ کان لانجهو ٿيڻ – ڪِرڻ.

ڍِيڪ                  اجائي ۽ تمام نامناسب ڳالهه.

ڍِينگ =              تمام وڏو ماڻهو.

ڍَينگلو  =            پئسو. ڪڇيءَ ۾ به ڍينگلو چون.

ر

رانٽي  =            چالاڪ ۽ حرفتي عورت.

رُڀڻ =                مشغول هجڻ.

رَتام =               ڳاڙهو. انب جو نالو.

رڦَڻ =                ڏڪڻ. ڪنهن کي ڏڪڻي وٺي ته چون: ’رڦاڻي ٿي آهيس‘.

رَڏي =                ڏنگائي (گهوڙي جي):

رک رکاڻي =         لحاظ.

                        جاني جت وٺي ويا، ڪري رات رڏي. (سانوڻ).

رُنگَ =               اصل ماپ کان ڪجهه وڌيڪ، جيئن کير ماپي مٿان ٻيو چۡڪو (رُنگ) ڏيڻ، ’رُنگ رکڻ‘ معنيٰ اصل ڳالهه ۾ ڪجهه وڌاءُ ڪرڻ.

رُنگي =              پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻڻ.

رَواز =               رواج. روازي ان کي چون جيڪو حرفتي هجي ۽ اٽڪل بازيءَ کان ڪم وٺي.

رُونٽِڙو =            جنهن جي ٻانهن مڙيل يا ڀڳل هجي.

ريڀَڻِ =               ٺڳارڻ، ريهي، ريڀي ڪم وٺڻ.

ريجالو =            ٻار جيڪو مائٽن جي لاڏ ڪوڏ سبب کري. ارڏو، اڍنگو ۽ ريذالو.

رِيچَڪِ =             ڦيرو. اوچتو خيال، جنهن سان مقرر عمل يا ورتاءُ ۾ فرق اچي وڃي، مثال: فلاڻي کي الائي اوچتو ڪهڙو ريچڪ آيو، جو اٿي هليو ويو.

ز

زِرِ ٿِيڻ =            ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿيڻ.

زنبِر =               کڙو، ڀِتَر.

زور مس =          زور ڪرڻ ۽ مشڪل سان (مڃائڻ).

زِيل =                ريهه، ڪِيڪَ.

س

ساٽڙيا گازڙيا =     هڪ ٻئي سان صلاحي. ها ۾ ها ملائڻ ۽ ڪوڙ سچ ۾ شامل.

ساڳِل =              ساڳيو.

ساڳوُڻو =           ساڳيو.

سانُبرَ =              يادگيري. مثال:

                        ’منهنجي سانبر ۾ ههڙي ٻوڏ ڪونه آئي‘.

سانهه سَتِي=        سڪون، آرام. ڪو ڪم تڪڙ کان سواءِ سڪون ۽ هوش سان ڪرڻ.

سَتِي جَتي =        پاڪدامن.

سَٺو =                انتظام. بندوبست، پئسن جو سٺو ڪرڻ يعني پئسن جو بندوبست ڪرڻ يا گهربل ڪم لاءِ پئسا هٿ ڪرڻ.

سُپَ تاريو =        نج، بلڪل ٺيٺ، نبار، ’سپ تاريو ڪُوڙ‘ چون.

                        ائين جيئن سپ ۾ تاري ٻرٽ ۽ کڙا وغيره ڌار ڪجن ۽ نج اناج بچي.

سَچ پَچاڻِي=        سچ پچ.

سُرپُر =              ڪن ۾ سُس پس.

                        ’سُرپُرسيم، حب به هيم، پر ڏيرن هٿ جا ڏوري هئي (سانوڻ)‘

سَرو =                ٽولو (سامين فقيرن جو).

                        ’لنگهي ويو نو کنڊ کئون، سامين جو سرو‘ (بيدل).

سَگَلو =              صفائي پسند (ضد: اگلو).

سَلِ =                 سوراخ، جيڪو واڍو ڪاٺ ۾ ڪري.

سَماڙو =             مالَ جي بيماري. هيءَ بيماري پيرن ۽ واتَ تي اثر ڪندي آهي ۽ ڍور هلڻ توڙي چَرڻ کان لاچار ٿيندو آهي.

سَڪاڄ =            سٺو ڪم ڪندڙ سگهڙ زال (ضد: آڪاڄ).

سُنئالو =             نرم. ٻي معنيٰ آهي ’تورَ کان ٿورو وڌيڪ‘،

                        اڪثر دوڪاندار کي چون: ’ادا ٿورو سنئالو تورج‘.

ش

شاهوڙ = شاهي، وڏو- مثال: ’شاهوڙ نانگ‘.

ع

عِلامت =            مصيبت.

عِلتَ =               بد عادت، سستي.

ڦ

ڦَسو =                بي همت (گار آهي).

ڦَڪرو =             سخت (ڀَتِ) (ضد: پٽڙو)

ڦَڪڙيِ =            بيعزتيءَ جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ، هروڀرو ڪنهن لاءِ مشڪلات پيدا ڪرڻ، غير مناسب نمونو اختيار ڪرڻ.

ڦُونڌا =               ٽُڪر، پرزا پرزا، ڇيهون ڇيهون:

                        لوئي جا لِڱن تي، ڦونڌا ٿي ڦاٽي (سانوڻ).

ڦُونگو  =            رُسامو.

ڦيٽوڙ =             اُهو ڪپڙو جنهن جو رنگ لهڻ وارو هجي، پڪو رنگ نه هجي.

ڦيٺ =                لعنت، ملامت، ڦٺ، لعنت.

                        ٻين جي شاباس کان، تنهنجي وڻي مون هيٺ ڦيٺ (گل).

ڪ

ڪاٺي ڦانگو=      ٻارَڻَ جون ڪاٺيون وغيره.

ڪارَ ڄِڀو =         نڀاڳو، خراب وائي ڪندڙ. لفظي معنيٰ’ڪاري زبان وارو‘

ڪاڳر =              ڪاغذ.

’ڪاڳر قريبن جو، ڪانگل آندو ڪالٗ- (گل سومرو).

ڪال =               ڪالهه.

ڪالوڻو =           ڪالهوڪو.

ڪانڊيرو =          نوڙيءَ ۽ ڪنڊن مان ڦَرَ لاءِ تُوري ٺاهڻ، جئن ڌائي نه سگهي.

ڪُتِ =               سنها جيت، جيڪي چڪ پائين.

ڪَتِ =               ڪُتيءَ ۾ لڳ جي خواهش.

ڪَتَ =               زمين ۾ ڪوڏر وغيره سان ڌڪ ڌڪ هڻي نشان ڪري ڇڏڻ، ڏاڙهيءَ جا ڪَتَ وٺائڻ.

ڪُتاڻُو =            ڪتن جو وڃايل.

ڪَٽَرَ پَوڻ =         دل ۾ غير اچڻ، ويڇو پوڻ، شڪ پوڻ:

                        ’ڪٽر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن‘-

(شاه ڪريم).

ڪَٺِ =               نڙ ۽ الغوزن جي هڪ ڦوڪَ.

ڪڄاڙو =           ڇا. شاه صاحب هنڌ هنڌ ڪم آندو آهي.

                        ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀڪي.

                        سو تون ڪڄاڙيا، سِڪڻ جون سڌون ڪرئين.

                        منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾ (حمل)

ڪَڏَرَ =               چانهه جو ڦوڳ.

ڪِرهو ڪڍڻ=      ڌرڻو هڻي ويهڻ.

ڪَڙائڻ =            ستائي تنگ ڪرڻ. مثال: ’فلاڻو اهڙو ڪڙايل آهي جو وري هيڏانهن منهن نه ڪيو اٿس.‘

ڪُڙِجَڻ =            ويهي ويهي ٿڪجڻ، جنهن ۾ هٿ پير سست ٿي وڃن.

ڪڙيا ڪانٽا =      واهه، واٽر ڪورس وغيره.

ڪَسِيرو =           پراڻي (گڏيل ڀارت واري) پئسي جو چوٿون حصو.

                        تور ۾ تولي جو چوٿ. ’ڪسيري جو ڪرڻ‘ معنيٰ بي عزتي ڪرڻ.

ڪُماڙهُو =          خراب ماڻهو.

                        ’سو ماڳوئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪماڙئين‘- (شاه ڪريم).

ڪُندرو =            پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي ڇُو ڇئاڻي راند ڪرڻ.

ڪَنڌار =             مضبوط ۽ قدآور مڙس.

ڪَڻِسَ =             بخار جي ٿوري حرارت.

ڪَڻِسِ =             کيس، هن کي.

ڪُوارَ =             پِٽَ، بد لفظ.

                        ’ڪُوارڻ سدا تنهنجو ڪم ٿو ڏسان‘ (حامد).

ڪوٿِرو =            ڳوٿرو، ٿيلهو، بجڪو (مونث: ڪوٿري).

ڪوڙ بچاڻي =       ڪوڙي نموني.

ڪُونئرو =          نرم، ’پير پٽانئي ڪونئرا، ڏونگر مٿي ڏي‘ (شاه).

                        ڪو ماڻهو ضد ڇڏي پوري پير تي اچي ته چون:

                        ’هاڻي ڪونئرو ٿيو آهي.‘

ڪِينجهر =          ڪنهن شئي جي گهڻائي. اڪثر چون: ’شڪر آهي کير ۽ اَن جا ڪينجهر لڳا پيا آهن.‘

ک

کاٻاڙڻ =             خراب ڪرڻ، خاص طور زمين ۾ مال چَرا ڪري ته ان وقت چون.

کاٽِ =                گهر ڀڃي، کوٽي چوري ڪرڻ.

کاٽائو =              کٽي کارائيندڙ. مثال: ’کاٽائو پُٽَ.‘

کاري ٿيڻ=          خار رکڻ، دشمني رکڻ. مثال طور ڪو ماڻهو ڪُتي کي بانٺو اُلاري ۽ ڪتو ان کي جڏهن به ڏسي ته بهڪي، ان وقت چون ته ڪُتو هن سان کاري ٿيو آهي.

کاسارو =            اجايو ڪم. جنهن ۾ هٿ وجهي ڦاسي وڃجي.

کامڙيو =            کاٽي کڻندڙ.

کامَ کوسڙو =      حاسد، دل جو کوٽو.

کامَڻ =               سڙڻ. کرمر کامي، پچي. آءٌ ويندي در دوستن جي (شاه).

ڌاران لڇڻ کامڻ پچڻ، هاڃي هجڻ جهوريءَ جهڄڻ،

محبوب وٽ ڪا التجا، آهي عبث آهي عبث (گل).

کامو =               وڏي کَڏَ، جنهن مان مٽي کوٽي ڪڍيل هجي.

کانئِڻ =              ساڙڻ. لاڙ وانگر ٿر ۾ به گهڻو استعمال ٿئي ٿو: اڇيون ته ڪانچون سنڌئين جون کانئيان،

مون کي کٿيرو وڻيو (ٿري لوڪ گيت).

کانچڻ =             کاپڻ آئوٽ (out) ٿيڻ، کانچائڻ يعني آئوٽ ڪرڻ.

کانکور ڪرڻ =       دٻ ڪڍڻ، گوشمالي ۽ مار ڏيڻ.

کانهارَ =             مينهن کي پٺن ۽ ڪنڌ وغيره تي نرميءَ سان هٿ ڦيرائڻ ۽ کنهڻ.

کُتِ =                 چهنبياري ڪاٺي. ڪاٺيءَ جو اُهو ننڍو ٽڪر جنهن جو هڪ پاسو چهنب وارو هجي، ڪو ماڻهو وڏي عمر جو هجي ته ان لاءِ چون: ’فلاڻو ورهين جي کُتَ آهي.‘

کِٽَ کڻڻ =          جهيڙي جهڙي ڳالهه ڪرڻ.

کُٽڪو =             ڳڻتي.

کَروتَ =             ننڍي مسجد، جنهن جا نشان رڳو سرن جي هڪ قطار يا ڍنگرن سان واضح ڪيل هجن:

                        کُڏيون ۽ کروتون، ايءَ پڻ سڳر ٿوڪ (شاه ڪريم).

کُرِي =               ڀُنگ. چوري ٿيل مال جا پئسا وٺي مال موٽائڻ.

کُريو =               پير، کُر (مال جو).

کَڙاه =                گهرَ يا واڙيءَ جو دَر (يا جيڪو ڍنگهر لنگهه کي بند ڪري.

کِڙڻ =                مِڙڻ وقت مينهن وغيره جو لت هڻي ٽهي وڃڻ.

کَڙو =                ناغو. مينهن وغيره ڪو وقت (صبح يا شام) نه مِڙندڙ هجي ته ان ناغي کي کڙو چون.

کَڦيل =             ڪڪ، بيزار.

ککر ۾ کڙو هڻڻ =    فساد اُٿارڻ. جيئن ڏينڀوئن جي کَکَر ۾ کڙو هڻبو ته اُهي اٿندا.

کُکَڻ =               حافظي ۾ هرڻ يا ڪنهن ڳالهه جا نتيجا ذهن ۾ اچڻ.

کڳا کوهر ۾=      چوڻي آهي: ’کَڳا کوهر (کوه) ۾ مريون مهند (اڳ) پيون ڪٽجن‘، يعني وقت کا اڳ تياري ڪرڻ.

کَڳِي =               هڪ قسم جا تڪبنديءَ وارا لفظ جيڪي چرچائي يا مسخرا خاص طرز ۽ ڳٽڪار سميت ڳائيندا آهن. مثال: ڏاڙهين وارا ڏور ڪريو، جلفن وارا جهٽي، مڙس کنيو موچڙو، ڏس ته ڪيئن ٿي پٽي، پنهنجي ماني کايو، مڙس جي ٿي تڪي.

هڻ ته ڇورا کڳي، کڳ .....کڳ (هيءَ کڳي ۽ ڳٽڪار آهي).

کَڙيو =               سامان جي هَڙَ.

کُنڌ کُنڌ =            ڪِل ڪِل، ڪُرڪو ۽ جهيڙي جهڙي ڀڻ ڀڻ.

کَنڌسَو =             جهيڙو فتنو (زباني ڳالهين ۾ به).

کَنڊ =                 گهارو.

کُنڊ کڻڻ =          وڙهڻ جو بهانو ڳولهڻ ۽ شروعات ڪرڻ.

کُنڊو =               دل جو کوٽو ۽ اونهو جنهن جي دل جي ڪنهن کي خبر نه پوي.

کَنڊو =               جنهن جا ڏند ڀڳل هجن.

کُڻ =                 طرف، ڏس Direction)):

                        اُتر کُڻَ کان کنوَن کنوڻيون،

                        کنوڻين کيل لاياوي. (احمد ملاح).

کوٻِلو =              کوٻو. ننڍي کَڏ.

کُورو =              بٺي جنهن ۾ سرُون پچائن:

                        اَديون آريچن لئه، آءٌ کوريءَ جئن کاڻي (شاه).

کؤنس ڦٽائي=      کؤنس، هٿ چراند ۽ ڪنهن کي هرو ڀرو تنگ ڪرڻ.

کيانتو =             نياپو پهچائيندڙ:

                        اڄ پرين جي پار جون، ڏي کيانتا خبرون (گل سومرو).

کُهڻ =                ٿڪجڻ: مَين مٿي سمرا، کُهين سڏ ڪرين (شاه).

کِہ=                   دز، مٽي:

                        کڙيون ﮐﮧ ڀُڪليون، پگهر سِر  پيرن. (شاه).

کيٽو =               رسامو، اَٻڏي:

                        کٽرن کيٽا ڇڏيا، جي مڙيون ٿي مس (شاه).

کيپ کٽڻ =         ڪو ماڻهو اجايو ڪم ڪري ته ٽوڪ طور چون: ’کيپ کٽي اٿس‘.

کِيرَ =                مبارڪباد:

                        ’گهر تنين جي کِيرَ، اَملهه جن اوڀائياٗ (شاهه).

                        ’سڄڻ گر لائي، کيرون ڏينديس جيڏئين‘ (شاه).

کيڪار =            آڌر ڀاءُ ۽ ڀليڪار. اِن معنيٰ کانسواءِ اڪثر چرچي طور ٻي معنيٰ ’مار ڏيڻ‘ جيءَ ۾ به ڪم اچي.

                        مثال: ’مون فلاڻي جي چڱي کيڪار ڪئي آهي.‘

گ

گاسو =              ڇيهو، نقصان.

گانجرو =            ڏنڊو. ڪو ڪنهن کي ڌَڪ هڻي ته چون: ’فلاڻي کي ٻه ٽي گانجرا وهائي ڪڍيائين‘.

گائون ’مائون‘=     نٽائڻ، منجهڻ، گوٿناٿ ڪرڻ To hesitate

گٻِيتِ =              گهر جِي ٺهيل هڪ مٺائي، جنهن ۾ ڳڙ، لونگ، مريون (ڪارا مرچ) دال چيني ۽ سُنڍ پوي.

گَجگاه =             وڏو ٻيلو يا جهنگ.

گِدِي =                ڪُپت (راند ۾).

گَرِ =                  ميراڻ ۽ مٽي جيڪا بدن تان مهٽي لاهجي يا ڪپڙي مان ڌوئڻ سان نڪري.

گِرِڻِ  =               مانيءَ يا مٽ جي ڪنڌ وارو حصو.

گِرَڻِ =                ڪتي جو گير ڪرڻ ۽ بهڪڻ:

جاڳايس جنبورَ، ڪُتي قريبن جي،

بهي بهڪي اُٿيو، گهڏي مَنجهان گورَ،

سَڀ لاٿائين سُورَ، گِري هن غريبَ تَان.

گِرگِلو =             ڍرو، ويڪرو، ڪپڙو جسم جي ماپ کان وڏو هجي ته به گِرگلو چون. چوڙي ٻانهن ۾ ويڪري لڳي ته به گِرگلي چئبي.

گِر گان =            پوڙهي عورت.

گِڦَ =                بڪواس.

گُڪو =              ماڻهو جيڪو سڌو بيهي نه سگهي ۽ ڪُٻو هجي.

گوپي =              گهپي. ٻار جو کيٽو.

گُوچانِي =           کِيسو.

گولو =               غلام، نوڪر:

                        سچو اصل کان آهي، گولو غلام تنهنجو (سچل)

گِيسر =             ڪم ۾ دير ڪرڻ.

گيگهه =             مِکِر ((To pretend.

گيلاٽِي=             ليٽاڙا ڪندو وڃڻ، ڪو ليٽ پيٽ ڪري يا اُڀڪپري کان هيٺ تي ليٽندو وڃي ته اُن ليٽڻ کي ’گيلاٽي کائڻ‘ چون.

گينداڙڻ =           گِهلڻ، هيڏانهن هوڏانهن ڇڪڻ.

گينگهو=            هڪڙو ننڌڙو سرندڙ جيت.

گينوار  =           بي خيالي. ڌيان نه ڏيڻ.

ڳ

ڳالهوڙو =          ٿوري ڳالهه مان ڪو وڏو معاملو ٿي پوي ته چون: ’ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي پيو.‘

ڳانٽِي =             ڪپڙا ڌوئڻ يا مٿو ڌوئڻ وقت عورتون وڏي گَنديءَ جي گوڏ ٻڌنديون آهن، جنهن جا ٻه ڇيڙا ڇاتيءَ تان آڻي ڪنڌ وٽ ڳنڍ ڏبي آهي ۽ سڄو بدن بڪين تائين ڍڪجي ويندو آهي، فقط ٻانهون ۽ پٺا کليل رهندا آهن.

ڳَٽِ =                 سانَ کي ڪاٺ ۽ رسي سان ڪنڌ ۾ ٻڌڻ:

                                ’زيريين ٻيڙئين لوه ۾، ڳٽن ڪيس ڳاهه‘ (شاه).

ڳٽَڻِ =                مينهن يا ٻڪريءَ مان کير جون سيڙهون هڻڻ.

ڳَرانُ =               کان

ڳَري =               وٽ.

ڳُڱ =                ٿڌو، برف جهڙو، ٺَري ڳَڱَ ٿي پوڻ.

ڳِلو =                 لولو. جيڪو سوڪ نه هجي، آلي زمين کي به ڳِلي زمين چئبو آهي.

ڳُنڌڻ =               لسي، کير، چٽڻي يا ٻوڙ، جيڪو ماني سان کائجي. ’ڳنڌ‘ به چون، ’ڳُنڌي کائڻ‘ يعني ٿورو ٿورو ڳنڌَڻَ سان ملائي کائڻ.

ڳِنهڻ =               وٺڻ، خريد ڪرڻ (ڪڇي).

                        جانينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي، مامري (شاه)

ڳَڻِ ڳوت =          دل ۾ حساب لڳائڻ، ويچارڻ.

ڳوڌو=               اُن ٻار کي چئبو آهي، جنهن لاءِ سوچجي ته هاڻي اُهو ننڍڙو ناهي، پر ڳوڌو (وڏو) اچي ٿيو آهي.

ڳهه ڳَٺو =           زيور.

گهه

گهارِيِ =             سنگت ۾ ويڇو.

گهاڙوُ =                         منظور ٿيل ۽ وهندڙ رستو.

گهٻِيڙ =                         ڪٽ مست ۽ اٽل ارادي وارو مڙس.

گُهتَ =               ڪنهن ڪم کان بچڻ لاءِ ڦيرو ڏيئي لِڪي وڃڻ، درين راند ۾ به ليڪو ٽپڻ لاءِ جيڪا ڦيري ڏبي آهي، ان کي گُهتَ چئبو آهي.

                        هل هنئين سين هوت ڏي، گُهتون گوهيون ڇڏ- (شاه).

گُهمِتاريِ =         گُهتَ يا ڦيرو ڏيئي ڪيڏانهن هليو وڃڻ.

گهڻمَتيو =          گهڻن جي صلاح تي هلندڙ، پر متڙيو.

گُهڻو=               جيڪو نَڪَ مان ڳالهائي.

گهوٻاٽو =           ڏنڊو، جنهن کي هڪ ڇيڙي تي مٿو ٺهيل هجي.

گهُوچو =            لوڏو، اوچتو خيال.

ل

لاٻڙ چَٽو =          کايار، چَٽو ڪندڙ، وقت بي وقت کائيندڙ.

لاٽَڻِ =                گهر (چؤنڪيءَ) ۾ بنيادي ۽ وچ وارو ڪاٺ.

لاڪاس =           هُن لاءِ

لالانگهري =        آسري تي.

لانڊارو =            مسخرو.

لانئُون =             معمولي، سادو، گهٽ قيمت وارو (Inferior).

لَبِ =                 لالچ.

لَٽاڪو لاهڻ =      ڪنهن ڪم مان واندو ٿيڻ.

لُٽڪائڻ =           ڪُتي جو پڇ لوڏڻ.

لِڇَ =                  ٿورو، اڻ لکو تعلق (A slight link).

لَرِ لَرِ =               بڪواس، زبان درازي.

لَڙهَڻِ =               گهوٽڻ، حمام دستي ۾ ڪا سُتي ڦڪي گهوٽڻ.

لَڙهو =               وڏي لٺ، جيڪا تازي وڍيل هجي.

لَڙهه لڳڻ =         ڪنهن جي ٻٽاڪ تي لڳي وڃڻ.

لَڙهو هڻڻ =        ڪوڙ ۽ گشو هڻڻ. ڪنهن کي ٺڳڻ لاءِ غلط بيان ڪرڻ.

لِکَ =                ذرو، ’ لکئي منجهان لِکَ، ذرو ضايع نه ٿئي- ‘ (شاه).

لَلِ =                  ڪرم:

لَنڊوري =            بدمعاش عورت.

لنگوتاڙي =         بدمعاش ۽ بي حيا عورت.

لَنڱو =               ڪمزور، عيب وارو:

                        ’سپريان جي ساٿ، لانئو لنڱو ميڙئين‘- (شاه).

                        ’ڏيئي ريچ رائڪ کي، ڪيائين لوتڙي تي لل‘ (شاه).

                        ٻي معنيٰ: ’اهليت‘ جي اٿس. مثال: ’فلاڻي ۾ لل ڪونهي.‘

لوٺيو =              رولاڪ، بيڪار.

لورو =               ڪنهن خواهش جي تڪميل لاءِ رلندڙ.

لُوهَ =                 گُهتَ. اُٻهرائيءَ سان ڦيرا پائڻ، ڪو ماڻهو پئسن خاطر تنگيءَ ۾ هجي ته چون: ’لوهن ۾ آهي‘.

ليلڙاٽ =            ليلائڻ.

م

ماترائڻ =            پرچائڻ، ٻار کي ضد تان لاهڻ.

ماٺِ ماٺوڙو =        چِپ چپات، خاموشي.

ماڃِي =              شاديءَ ۾ ڪنوار جي طرف جا ماڻهو، ’ڄاڃي ماڃي ڄڃ مڙي ريجهي آيو راڄ‘.

ماچ =                ٿولهه.

ماڇو =               گهوڙن جي بيماري، جنهن ۾ گهوڙو هڪ پير کان منڊو ٿي پوندو آهي.

ماديءَ مُنهُون =   زالاڻي منهن وارو، جنهن جي منهن ۾ حشمت نه هجي.

مَار =                 مينگهواڙ چمڙي کي صاف ڪرڻ لاءِ ان کي ڇوڏن جي پاڻيءَ ۾ وجهي رکندا آهن، مٿان چمڙو ٽنگيل هوندو آهي ۽ هيٺ هڪ ڪونڊي ٺاهيندا آهن. ان کي مار چئبو آهي، اها مار گهر کان پرڀرو ٺاهبي آهي.

ماڙُهو =             ماڻهو.

ماندِ =                (مهند)، اڳ.

ماندان =             (مهندان)، اڳيان.

ماندوڻون =         اڳوڻوُ.

                        ’هيءَ جا ڪيئي هاءِ، سا ماندان ايندءِ منهن ۾-‘ (شاه).

ماندري =            همراه، ساٿي. مثال: ’ماندري وارو ڪر، هي بار ته کڻاءِ.‘

مانَدِيون =           اڳيون.

مانگڙاتِ =          مهانگائي.

ماهبَڙَ =              مينهون ڌاريندڙ. لاڙ ۾ رهندڙ هڪ ذات، جيڪي پاڻ کي منڌرن جي هڪ شاخ (اوڙڪ) سڏائين ٿا.

مائِي =               ماتا (Small Pox).

مُتَقِي =              لاڙ ۾ هن لفظ کي اصل معنيٰ سان گڏ ٻي معنيٰ به آهي، ڪو ماڻهو مسلسل هڪ ڪم ڪندو رهي ته چون: ’هُو متقي هي ڪم ڪندو رهي ٿو.‘ يعني نماز وانگر.

مَٿير =               بهادر، جوڌو جوان.

مَٽَڻ =                لنگهڻ، بدلائڻ.

مُٺ ڀيڙڻ =         مُٺ بند ڪرڻ:

                        ’مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جو اُپٽي ته واءُ-‘ (شاه ڪريم).

مَٺَگُهرو =           بدخواه (ضد: گَهَڻگُهرو).

مُٺيس =             ڦاٿيس، مري ويس (زالاڻي ٻولي):

                        ’مُٺيس جهل مهار، ڪٺيس ڪاه م ڪرهو‘ (شاه).

مِجيجي =           جيڪو ڪنهن جي احوال کان پورو واقف هجي.

                        چوندا آهن: ’مائٽ مري وڃن، مجيجي نه مرن‘.

مُڇو ڏيڻ =          ڪاٺيءَ يا ڌڪي کي هڪ پاسي کان ڇلڻ.

                        ’ڪامون مڇيجاه، گهڻيون گهرجن اوٺيا‘ (شاه).

مَرجات =             لوڪ لڄ.

مِرچ لڳڻ =         ڪنهن ڳالهه تي هروڀرو ڪاوڙ لڳڻ.

مِرگهِيِل =           بيمار، مرڻ جهڙو.

مروٽڻَ =             زور سان موڙڻ.

مَرهَڻ =              معاف ڪرڻ. ’فلاڻي کي خدا مرهي‘.

مَڙهو =              پوڙهو، ڪمزور. مَڙههَ (مُردي) جهڙو.

مسِڪِڙو =          ظاهر نماڻائي ڏيکاري ۽ خوشامد ڪندڙ، اندر ۾ چالاڪ.

مَسِيت =             مسجد (اڪثر ’مِسِيتِ‘ به چون).

مَڪ =                ننڍڙا پيرون.

                        ’مارو وڃن مال سان، ميڙيو آڻين مڪ‘- (سانوڻ).

مَڪو مَچڻ =       مزو لڳڻ، جيئن ڇڙواڳيءَ سان سڀڪجهه ڪري سگهجي.

مُکبو =              ڍڪ وارو ٿانءُ، خاص طور ڪاٺ جو چٽيل مرتبان.

مَکِ چَکِ =         هار سينگار، ڦڻي ڦوڪارو.

مَلِٽَڻِ =               گهر جي ڪم ۾ گيسر ڪرڻ ۽ ٺلهو وقت وڃائڻ.

مَلوائِي =            تَڙي، دڙڪو داٻ.

مَمَڻ =                جهيڙو.

مَناڙَڻِ =              مهٽڻ. ’مناڙين هٿن سين، اکئين ڪين ڏسن-‘ (شاه).

مُندو اٽڪائڻ=      سامهان جواب ڏيڻ ۽ ننڍ وڏائي نه ڪرڻ.

مَنگلي =             ٿلهي چوڙي.

منگوچا ماڻڻ=         مزا ڪرڻ. خرچ ۾ بي اعتدالي ڪرڻ ۽ پئسو اُڏائڻ.

مِنڌو =                ڍرو. کائڻ يا هلڻ ۾ ڍرائي ڏيکاريندڙ.

مُنڊيون پائڻ=       ٻنهي هٿن جي آڱرين کي پاڻ ۾ ڀچائي، هٿن کي ڪنڌ پٺيان رکبو ته ان کي ’منڊيون پائڻ‘ سڏبو ۽ اِها نڀاڳ جي نشاني ليکجي.

مَنڻ =                 ڪپڙن کي ڌوئڻ لاءِ ڪونڊيءَ ۾ يا داٻڙي تي مهٽڻ.

مَنوتِي =             دلجاءِ، اطمينان.

مُنهن اونڌائي=     سج لٿي مهل کان ٿورو پوءِ جو وقت.

مُنِي =                مال ٻڌڻ لاءِ وڏو آدم قد ڪِلو.

مَواڙِ =               ٿلهو متارو پاڏو يا ٻيو ڍور، اڪثر چرچي طور ماڻهوءَ کي به چون.

مَواسِجَڻِ =          آپي کان نڪري وڃڻ ۽ ڪنهن ۾ اک نه ٻڏڻ.

موٿُو =               ڍلو، منجهيل. ’موٿارو‘ به چون.

مورڻ =              اُڀڙڻ، پيدا ٿيڻ (گاه جو)، پکيءَ جا کنڀ مورڻ.

مورو =              مُنهن جو ڪچو، کاڌي وقت حجاب ڪندڙ، ڏوراڇو.

                        شاه ڀٽائي نَڪَ جو مورڻ به چيو آهي:

                        وڍيا تان نه وڃن، پاڻان موريا منهن ۾.

موڙهاٽَ =          هُرکُر، شوق، جنسي بک.

مولاٽو =             اڏو ڦڏو پڳڙ، پٽڪو.

مِهاڳ =              مينهون.

مَهِنڊِ =               ڌاڳن ۽ مڻين سان ٺهيل ننڍي ڳاني، ڏور کي ڳنڍيون ڏيئي ڦرن لاءِ مهنڊ ٺاهين.

ن

ناڏَ =                  رڙيون، پار ڪڍڻ ۽ اوڇنگارون ڏيڻ:

                        ’ناريون ناڏَ ڪرين، راجا رات رم ڳَيو‘- (شاه)

ناسَ پِتو =          نڪ پتو، حيا جو احساس، شرم.

نالَ =                 مينهن کي ’مان مان‘ ڪري سڏڻ.

نالتَ =               لعنت.

نِبار =                نِج، بنان ملاوت جي.

نَتَرِ =                 گهڻن پکين يا جيتن وغيره کي ڏسي چئبو آهي. ’ماڪوڙين جي نتر‘ گهڻائيءَ جو مفهوم ادا ٿئي ٿو.

نِپُوٽَڻِ =              ڪنهن شيءَ کي هٿ ۾ جهلي زور ڏيڻ. مثال: ’ڪو ٻارڙو تازي ڦُٽل ڪڪڙ جي ٻچي کي هٿ ۾ زور ڏي ۽ نپوڙي.‘

نِڌانِ =                نيٺ، آخر. گراهڪ دوڪاندار سان ريڙه پيڙه ڪندي چوندو آهي: ’ڪاوڙ لٿي، نيٺ نِڌان ڪيترو وٺندين.‘

نِرَهِ =                  مايوسي، نا اُميدي.

نِرجو =               نڪ جو ڏاڍو، جٺ ڦٺ سهي ويندڙ، بي شرم.

نڪ چپ وڍيو=       بي حيا، بي لڄو.

نُکوتَر نڪرڻ=        ٻار جو کرڻ ۽ ڏنگو ٿيڻ. اڪثر چون: مائٽن جي لاڏ ڪوڏ ٻار جو نکوتر ڪڍي ڇڏيو آهي.

نؤڃڻ =              رسي جو ٽڪر، جنهن سان مال کي ونگجي، (ٻيو اُچار: ڃوڃڻ).

نؤد =                 نڪ جو نرجو، ملامت کان بي پرواه.

نُوسِ نُوسِ=        ڪتي وانگر سونگهڻ، ’ڪو ماڻهو ڪٿي گهڻو ڏسن ته ان لاءِ ٽوڪ طور چون ته نوس نوس پيو ڪري.‘

نِياتِ =               ذات پات، قبيلو. نيات مان ان کي ڪڍبو آهي، جنهن تي ڪنهن ريت ميار هوندي آهي.

نيساڪو =          ٿڌو ساهه، ٻار اڪثر اهڙو وڏو ۽ گهرو ساه کڻي ڄڻڪ ڪنهن شيءَ جي گهر ٿو ڪري.

و

واتِ رادو =         گهڻو ڳالهائڻ وارو- خاص طور وڙهڻ جهڙو ڳالهاءَ ڪرڻ وارو.

واتَ ڦاٽو =          پيٽ جو هلڪو- جيڪو بنا سوچ جي ۽ بي ترتيبيءَ سان ڳالهائي يا منجهس ڪو لَڇڻ نه هجي.

وات ڪرڻ =        بڪ ڪرڻ.

وات وجهڻ =       وڙهڻ.

واڇان =              چري، بي سمجهه، چوڻي آهي:

واڌانِي =            ريسَ، ٻار کي ريس ڏيارڻ کي ’واڌاني ڏيارڻ‘ چئبو آهي.

                        چريون ڏيئي چار، واڇان ورتيسين هڪڙي، تنهن جا ڪهڙا پارَ، رسو کڻي ٿي ڇيڻا چونڊي.

واسِرو =             فرحت، ٿڌڪار (ضد: گُهٽ، رُگههَ).

وائکائِي =           ٿڌڪار ۽ واسرو- ڪنهن جي راز جي ڳالهه ظاهر ٿي پوي، جنهن مان سندس شخصيت تي اثر پوي ته چون: ’پت وائکي ٿي ويس‘ (To be exposed).

وَٽاپو =              حاصلات. ’فلاڻي کي هِن ڪم مان ڪهڙو وٽاپو آهي_‘

                        محبت وٽڻ چرين ڪنا ....الخ (گل).

وَٽ ڪرڻ =         موسم جو ميوو پهرين کائڻ.

                        ’پنهوار ڪي پکڙين، وڃي ڪريان وٽ‘- (شاه).

وڌاڻو =              شاديءَ جي پڌري ٿيڻ يا طهر وغيره جي موقعي تي خوشي ڪرڻ، وڄائڻ، ڳيچ ڳارائڻ ۽ ڳڙ وغيره ورهائڻ.

وڏاندرو =           وڏو- ’وٽائي وڏاندرا لاڄو لڳائينس‘.

                        ’وڏاندريون وه سامهيون، جهجهي زور جنبن‘- (شاه).

وڍ ڪري کائڻ=         گهڻو ۽ گهرج کان وڌيڪ کائڻ.

وڍي =                چمڙي جو پٽو، جيڪو ڪتي جي ڪنڌ ۾ ٻڌجي.

وِڄا =                 اهليت، طاقت، ڄاڻ.

وِڇاڻ =               بسترو.

وڇورڻ =            ڪپڙو پاڻيءَ ۾ وجهي ڌوئڻ، ٿانءَ پاڻيءَ مان ڪڍڻ، خاص طور صابڻ يا ڪا ٻي شيءَ ڪم نه آڻجي، بت تان پاڻي وجهڻ کي ’لڱ وڇورڻ‘ چون.

وِرچَڻ =              ڪڪ ٿي پوڻ-  جيڪو ڪڪ نه ٿئي، ان کي ’اورچٗ چئبو:

                        ’سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه ويو‘. (شاه)

وَرِنائِڻ =             ٻڌي وٺڻ (۽ جواب ڏيڻ)، تدارڪ ڪرڻ:

                        ’راجا رتولن ۾، ورنائي وائي-‘ (شاه).

وَرَندِيِ =             جواب (سوال جو).

وَڙِڪَڻ =            گهمڻ، پسار ۽ چهل قدمي ڪرڻ.

وسِتو =              دير سان.

وِسِلَڻ  =             خراب ٿي وڃڻ. خاص طور ماني سوڪ نه ٿئي. ۽ آڏي ڦڏي ٿي سِلجي وڃي.

وِسِهَڻِ =             اعتبار ڪرڻ.

وِکِ =                زهر. 

ولاڙ =                ڊوڙ ڊُڪ:

                        ’توڙي ولاڙون ڪرئين، توڙي هلين وک‘- (شاه).

وِلِلَ =                وِڦِلَ، بيماريءَ ۾ اجايو ڳالهائڻ.

وِناڻِ =                ساز (سُرندو، نڙ وغيره).

وَنَاهه =               ونواه.

وَنَڪَ =               رنگ، ظاهري روپ:

                        وکر هڻي ونڪ، ڪٽجي ڪارو ٿيو. (شاه).

ووءِ ووءِ =           هاءِ هاءِ.

                        ’ووءِ ووءِ ڪندي وتِ، مڇڻ ووءِ وسارئين‘- (شاه).

وِههِ =                 زهر

                        ’وٽيون وهه گاڏڙيون، ڀري ڪوه نه پئين‘-  (شاه)

                        ’عاشق زهر پياڪ، وه پسيو وهسن گهڻو‘- (شاه).

وِهائِڻ =              گذارڻ، رات جاڳي گذارڻ، روئندي رات وهائڻ.

وِهِسڻ =             خوش ٿيڻ (ڏسو: وهِ).

وِهِڪڻ  =           مينهن وغيره جو کير گهٽجي وڃڻ.

وِهِڪُو =            پنهنجي زور ويهي سگهندڙ ٻار.

وَهلو =               جلدي. ’وهلو وچائين ويو، ڪري غم گذار‘- (شاه).

وِينکَڻ =             گهڻا مڇر کائن ته چئجي. مثال: رات مونکي مڇرن وينکي، ڇڏيو.

وِيئَرِيِ =             ننڍو ۽ ڪچو کوه.

هه

هارياڙ =             سڀ هاري. مثال: ’سڄي هارياڙ اچي گڏ ٿي.‘

هار ياڙ =            ڀاڄوڪڻ، بد اخلاق، لانگ ڇوٽي ۽ ٻاهر پيري عورت.

هامَشڪا =          همت ڏيارڻ، ﺗﻨﺒﻴﮧ ڪرڻ، وڙهڻ، زور ڀري ڪو ڪم پورو ڪرائڻ.

هٿن تي پاڻي وجهڻ=       ڏاڍي مار ڏيڻ.

هٿوراڙيون ڏيڻ =    اونده ۾ ڪا شيءَ ڳولهڻ لاءِ هٿ هيڏانهن هوڏانهن وڌائڻ.

هُج رکڻ =          اُميد رکڻ.

هِڏڪوئِي=          هِڏڪي Hiccup .

هُرڻ =                حافظي ۾ ڪجهه ياد رهڻ.

هَرين هَرين =       آهستي آهستي.

هَڙٻا ڏاڪڻ =       لُچي ۽ وڏ واتي عورت.

هُڙڪڻ =            تپ ۾ ڏڪڻ ۽ ڪِنجهڻ.

هِڪ =                اُڃَ - ’پيتم ٿي پرين سان، هڏ نه ڀڳيم هِڪَ‘- (سچل).

هِڪَ ٽِڪَ =          پورو ۽ تير بهدف (علاج).

هِڪَ ڌڙو =          يڪو، مسلسل، بخار جيڪو هڪجهڙو بيٺو هجي ۽ لهي نه.

هُڪڻ =              حسد ۽ رشڪ وِچان ڪجهه چوڻ.

هَڪيو =             تيار، موجود- ’هڪيو موجود هجڻ‘.

هُل =                  گوڙ.

هَلان =               حملو:

                        ’ڇو هڻي هر هر هلان ڪيو، تيغ اکڙين جا تِکا-‘ (حامد).

هَلَٽِ =                سڀڪجهه، سامان، ڌنڌو وغيره.

هل ڇتي ٿيڻ = اجايو ڪم ڪرڻ واري لاءِ چون: ’هلَ ڇتي ٿي آهيس‘-’اِڏوهي کائڻ‘ ۽ ’ڏُگهي وڃڻ‘ به هم معنيٰ آهن.

هُلڻ =                مشهور ٿي وڃڻ.

هَنبس =              هنبوڇي، گوڙ شور، ناز نخرو ۽ پڏڻ.

هُندُون =             ٺونٺيون هڻڻ، اشاري سان ڪنهن کي اُڀارڻ.

هِنياچو =            تِليءَ (Spleen) جو وڌي پوڻ.

هنيون لاهڻ =      مايوس ٿيڻ.

هَوانو =              پروگرام- ’اڄ فلاڻي جي اچڻ جو هوانو آهي‘.

هو روالو =         رولوُ- ’هڪ قبيلو، جيڪو اڪثر وهٽ ڀاڙي تي ڏيئي پنهنجو گذران ڪندو آهي.

هُوڙائي =           تڪڙ- ’کم کمندن کٽيو، هارايو هُوڙن‘-(شاه).

هوڙيو هوڙيو =    اِهو اِهو ڪرڻ، ڪنهن چرئي يا ڏوهاريءَ پٺيان اِهو اِهو ڪري پوڻ، ڪڇيءَ ۾ ’هُوريِو‘ چئبو آهي، ممڪن آهي ’هُوريو‘ مان ’هوڙيو‘ ٿيو هجي.

هَئودِ =               وڏي کَڏَ.

هؤلِ =               خوف. دل هؤل ٿيڻ يعني دل ۾ وهم ٿيڻ.

هيرڻ =              هيرائڻ. ’اَڻ هيريا مَ هير متان هرنئي

هَيو =                هَچارو.

                                    هيريا م ڦير، متان وڙهنئي‘ (پهاڪو).

ي

 

يَنبل =               وڏو گرهه کڻڻ.