ڪتاب جو نالو | لاڙي ۽ ڪڇي محاورا |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-10-9 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 21 September 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 8785 ڀيرا پڙهيو ويو |
زبانون ايتريون ئي قديم آهن، جيترو انسان قديم آهي. قديم انسان جي تخليق سان زبان ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ظاهر ٿي. اُها جنهن به ابتدائي ۽ نامڪمل روپ ۾ هئي ته به اُها زبان يا ٻولي ليکي ويئي. اُن جي تخليق بابت ماهرن ڪي نه ڪي نظريا ظاهر ڪيا. قديم ماڻهو (Primitive man) فطرت جي وڌيڪ ويجهو هو. اُن ويجهڙائيءَ ۽ رابطي هن کي ٻوليءَ ۾ بتدريج واڌاري طرف آندو. هو فضا ۽ فطرت ۾ پيدا ٿيندڙ آوازن طرف ڌيان ڏيڻ لڳو جن زبان کي درجي به درجي وجود ۾ آندو. لساني ماهرن اِن سلسلي ۾ مختلف نظريا پيش ڪيا آهن، جيڪي ٻوليءَ بابت لکيل ڪتابن ۾ موجود آهن.
اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته دنيا جي سڀني کنڊن جون زبانون قديم آهن ۽ هر هڪ جي پٺيان ارتقاء جي هڪ ڊگهي تاريخ موجود آهي. عرب سياحن ۽ جاگرافيءَ جي ماهرن جا سنڌي زبان جي موجودگيءَ بابت رايا ته ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. هزار ٻه هزار سال ته ڳڻپ ۾ ئي نه ايندا. حضرت عيسيٰ کان گهڻو اڳ سنڌو، ميسوپوٽيميا ۽ ٻين ويجهڙين تهذيبن جو دؤر هو. اُهو عروج جو دؤر هو. تهذيب ۽ ثقافت، تمدن ۽ زندگيءَ ۾ زبان جو مرڪزي ڪردار هو. موهن جي دڙي، هڙاپا، ٽئڪسيلا، گنڌارا ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ لُٿل جي سڀيتا قديم ڀارت ورش ۾ نمايان هئي. هن سلسلي ۾ اعتقادن ۽ عقيدن جو به اهم ڪردار آهي.
سنڌيءَ جي ارتقاء صدين تي محيط آهي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي تصنيف ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ سنڌيءَ جي مختلف ارتقائي مرحلن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اُهي مرحلا يا دؤر آهن: قديم دؤر، بنيادي دور، تعميري دور ۽ علمي دور. انهن دورن دؤران سنڌ ۾ سنڌي يا ڪا ٻولي رائج ٿي، سنڌيءَ جي تشڪيل ٿي، ترقي ڪيائين ۽ ادبي حيثيت مليس. آخري دور ۾ علمي پد تي پهتي. هيءَ تقسيم ڊاڪٽر صاحب پنهنجي طرفان ڪئي آهي ۽ دليلن سان نهايت سهڻي نموني پنهنجو موقف بيان ڪيو اٿس.
ٻوليءَ کي ترقيءَ جي عمل مان لنگهڻ لاءِ لپي (Script) کپي. هن سلسلي ۾ قديم دنيا، خاص طور مصر ۽ چين ۾ تصويري (Pictographs) لفظن جو رواج رهيو آهي. اُنهن جو ذڪر هنٽر تفصيل سان ڪيو آهي. هتي موهن جي دڙي جي لپيءَ يا رسم الخط کي ڊاڪٽر پارپولا ۽ سندس ٽيم پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي چاليهن سالن کانپوءِ سنڌيءَ جي بهترين مترجم ۽ جاکوڙي اديب جناب عطا محمد ڀنڀري هن لپيءَ کي پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي. اُن جو ذڪر اخبارن ۾ به آيو ۽ ٽي وي پروگرام ۾ به چارٽ تي سمجهايائين. سندس خيال موجب ڪي تصويرون، اکر/ آواز/ سُر آواز يا وينجن آهن. اُن لاءِ ڪهڙيون ثابتيون آهن، تن جي دليلن سان سمجهاڻي ڏبي. آءٌ چين ۾ هڪ سال (1966ع) رهي چيني زبان پڙهيو آهيان. مون چيني لفظ (Words) پڙهيا. اُهي تصويرن جي آڌار تي مڪمل ٺهيل ٺڪيل لفظ ئي آهن. نه الف ب آهن نه اکر/ آواز/ (Letters) يا ٻيو ڪجهه! تصويري انداز جي نظام ۾ ڪنهن به طرح الف - ب يا آواز (سُر ۽ وينجن) ڳولهڻ اجايو عمل آهي. اڄ دنيا ۾ فقط چين ۽ جپان ۾ هي تصويري لفظ رائج آهن. جپان ۾ ڪي نشان به آهن جيڪي زائد آهن. نه ته چيني ۽ جپانيءَ ۾ تحريري لفظ ساڳيا آهن، پر اُچار جدا جدا اٿن. مثال طور لفظ جپان ٻنهي زبانن ۾ لکبو هڪجهڙو پر اُچاربو رِپن (چيني) نِپان (جپاني).
بهرحال زبانن جي ارتقا ۾ لکت جو اِن سلسلي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. سنڌيءَ جي لپين جي باري ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پنهنجي ڪتاب ”ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ ۾ تفصيلي ۽ مدلل بيان ڪيو آهي.
ٻوليءَ جي لکت واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اُن ڪري لکت جي به اهميت آهي؛ پر ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ ٻيون به اهم ڳالهيون ڳڻجن ٿيون. اُن سلسلي ۾ آبادي ۽ اُن جي سماجي ترقيءَ جو به هٿ آهي. تمدن ۽ تهذيب ٻوليءَ جي ترقيءَ جا ٿنڀا آهن. سنڌيءَ جي ارتقاء جا مختلف دؤر آهن. انهن جي دؤران مرحله وار ترقي ڪئي اٿس. 712ع کان عرب راڄ سان سنڌيءَ تي عربيءَ جو اثر پيو ۽ مختلف روپن ۾ عربي رسم الخط اختيار ڪيو ويو. خاص طور عالمن اُن خط ذريعي قرآن، تفسير،حديث ۽ فقهه بابت ڪتاب لکيا. اُن سلسلي جي تاريخ اُن وقت تائين مرتب ٿي نه سگهندي جيستائين عرب دؤر جي ابتدا کان وٺي تحرير ڪيل ڪتاب هٿ نه ايندا. البت اهڙن ڪتابن جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ جي تصنيف ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، ۾ موجود آهي جيڪي اندازاً اڄ کان ڇهه- ست سؤ سال اڳ لکيا ويا آهن. اُهي مذهبي ڪتاب آهن ۽ ڪن ٻين موضوعن تي به آهن. اُن کان اڳ اندازاً يارهين صدي عيسوي کان ڪي سنڌي شعر به هٿ آيا آهن جيڪي سنڌي ادب جي تاريخ جو ڄڻ منڍ آهن. اُتان ادبي تاريخ جي ابتدا ڳڻجي ٿي. ذڪر ڪيل مذهبي ڪتاب ۽ ابتدائي سنڌي شعر هڪ علمي ادبي دؤر جي پيڙهه جو پٿر آهن. اُن ڪري چئبو ته گذريل هڪ هزار سالن کان سنڌي زبان موجوده روپ ورتو ۽ اُن کان اڳ جو علم و ادب پراڻي لپيءَ جي ڪري اونده ۾ رهجي ويو.
انسان ۽ ٻي مخلوقات جو جنم وٺڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ جو هڪ ارتقائي عمل آهي تئن زبان به هڪ ارتقائي عمل مان لنگهندي اڳتي وڌندي رهي ٿي. هيءَ ارتقا ۽ تبديلي فطري آهي.
تبديلي ترقيءَ لاءِ آهي يا بگاڙ لاءِ؟ ڪنهن حد تائين ڪي لفظ ۽ نحوي بناوتون بگاڙ ڏانهن به وڃن ٿيون. عوام جي زبان رابطي واري ٻي زبان ۽ ميڊيا جو اثر وٺي ٿي. ميڊيا ۾ هاڻي موبائيل فون به شامل ٿي ويئي آهي. هٿ هٿ ۾ موبائل فون پهچي ويئي آهي. ان حد تائين جو اوهين رات جو ڪنهن رستي تي هجو ته اوهان کي ٻنهي پاسن کان ٻنين ۾ کُڙکٻيتا موبائيل فون جي صورت ۾ چمڪندا نظر ايندا ۽ سنڌ جا ماڻهو موبائيل فون جي سحر ۾ وڪوڙبا نظر ايندا. زبان تي اِهو به ڄڻ هڪ نئون اثر آهي.
هن اثر جو دائرو قديم دؤر کان ڳڻجي ته هڪ حوالو نئون به ذڪر ڪرڻ جهڙو آهي. ڊاڪٽر محمد رضا ملڪ جيڪو ايران جو اسڪالر آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ 93-1994ع ۾ رهي چڪو آهي. اُن سنڌي ادب بابت به ڪي مقالا لکيا آهن، جيڪي شيراز يونيورسٽيءَ جي ببليو گرافي ۾ شامل آهن. تازو 2007ع ۾ هن ٻه ننڍا ڪتاب موڪليا آهن، جن ۾ فردوسيءَ جي شاهنامي مان ”داستان رستم و سهراب“ ۽ ”داستان رستم و اِسفنديار“، مان پوئين ڪتاب ۾ هن شاهنامي ۾ سنسڪرت ۽ سنڌي لفظن جي هجڻ جو مثالن سان ذڪر ڪيو آهي. اُهي لفظ تمام گهڻا آهن. مثال طور پالڻ ۽ مرڻ وغيره (ص 12). هن مان قديم زماني (چوٿين صدي هجري) ۾ سنڌي زبان جي ايران طرف پهچ جي خبر پوي ٿي. سنڌي زبان ۽ ادب بلڪ سنڌ سان سندس محبت جو اندازو ٿئي ٿو جو هو پنهنجي نالي سان مهراني (مهراڻي) لفظ شامل ڪري ٿو.
سنڌيءَ جي قدامت ۽ بڻ بنياد بابت لسانيات جي ماهرن اڳ ۾ تفصيل سان لکيو آهي، اُن ڪري هن مختصر جائزي کان پوءِ ايندڙ عنوان ڏانهن اچون ٿا.