لاڙي ۽ ڪڇي محاورا

ڪتاب جو نالو لاڙي ۽ ڪڇي محاورا
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-10-9
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     8780   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ستون ڪڇيءَ جا نمونا


ڪيترن ئي ڪڇي اديبن، سنڌي زبان ۾ شعر ۽ مڪمل ڪتاب لکيا آهن. ڪي لوڪ شاعر ۽ سگهڙ به ٿيا آهن. اُنهن ۾ ڀاڳو ڀان ۽ سُمنگ چارڻ جا نالا مشهور آهن. خاص طور ويهين صديءَ جي اديبن ۽ شاعرن جا نالا لاڳاپو رکندڙ ڪتابن ۾ اچن ٿا. محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب ”ڪڇين جا قول“ ۾ هيٺين اديبن جي مختصر سوانح ۽ ادبي ڪم جو ذڪر ڪيو آهي: اسحاق ڪڇي، عبدالرحمٰن ٿيٻو مڏئي وارو، خليفو محمد يوسف سائل، احمد سمون، پير غوث محمد شاه، ابراهيم جت، منٺار شاه، باقر شاه ناڙاپي وارو ، رتن ٻائي، سونل ٻائي، ميران ٻائي، ابراهيم حجام، اَڻندو مينگهواڙ، واگهو، الهڏنو مُتوو، عمر منڌرو، ملوڪ کوڙ، علي ذوالفقار شاه، رب رکيو جت، سيد جلال شاه، ڦل ڪوراڙ، ولي محمد ڪوراڙ، ميان صاحب آرکاڻي، احمد لوهار، منگهو چارڻ، عبدا﷢ شاه، جميل کانائي، ابو لنگهو، رڻمل ٻاروٽ، عمر لوهار، حيدر شاه موکائي، قاضي ابراهيم، سيد قاسم شاه، حاجي حسن سهتو، حاجي هارون صباغ، عبدالرزاق کٽي، الهڏنو پڇمي، عبدالرحيم پڇمي، مولوي حاجي احمد جت ۽ سيد علي شاه گوهري.

هن ۾ پير غوث محمد ۽ ڦل ڪوراڙ وڏا شاعر آهن. جن جي ڪلام جا مجموعا موجود آهن. سيد علي شاه گوهري جو ادبي ڪم نهايت وزنائتو آهي. هن سان ملاقات بابت محمد سومار شيخ هي دلچسپ باب لکيو آهي. هُو لکي ٿو-: ”سن 1952ع جي ڳالهه آهي، جڏهن گوهري صاحب سان ملاقات ٿي ۽ پوءِ سالن تائين ملندو رهيو (1)“. اُن کان پوءِ هن جي ڳوٺ گوهر شريف جو ذڪر ڪيو اٿس. گوهري صاحب 1882ع ۾ ڀڄ ويجهو ڄائو ۽ 1965ع ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪيائين. سندس هيٺيان ڪتاب لکيل آهن: اذڪار قلندري، ڪرامت نامو، گلزار غوثيه، گلشن غوثيه ۽ روضة السادات، جي ٽنڊي محمد خان واري دور ۾ ڇپيا. اُن کانسواءِ ڪي قلمي ڪتاب شايد ڇپجڻ کان رهجي ويا. هي غوثيه پيرن ۽ درگاهن جو ديوانو هو، جن بابت مواد گڏ ڪرڻ لاءِ هن ڪڇ سميت سنڌ ۽ پنجاب جا پنڌ ڪيا.

اڪثر ڪتاب سنڌي بيت ۽ نظم جي ٻين هيئتن ۽ صنفن ۾ لکيائين. شعرن جو نمونو هي آهي:-

گوهر گام اعليٰ، جِت ظاهر پير جلال،

فائق ڦاٽل توب کي، ٻڌي ڪيو ڪال،

منجهان نوڙيءَ مس ٿيو. اهڙو ڏين احوال،

ستر سؤ ڇهاسي، سورنهن لکيو سال،

سيد سڻي سوال، راضي رکيو راءِ کي.

-

بدر ڪامل چنڊ چوڏهين جو، بهاءُالدين پير،

ٻيا حضرات سڀ چؤگرد، جيئن تارن چوان.

 

گوهري صاحب وانگر اڄ ڪلهه جي ڪڇ جا شاعر ۽ اديب پنهنجا ڪتاب احمد آباد مان خاص طور ڇپائين ٿا. اُنهن ۾ ڪَلاڌر مُتوا (ٻنيءَ جو) ۽ گوبند خوشحالاڻيءَ جا ڪتاب احمد آباد مان ڇپجن ٿا. گوبند جا ڪيترائي ناول ڇپيا آهن.

2 ادبي سطح تي ڪڇيءَ جو نمونو جناب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي تحريرن ۾ ملي ٿو. سندس هڪ ناٽڪ واڀيڙو (وهابي) مان هڪ اقتباس هي آهي، جنهن ۾ ڪڇيءَ (۽ ٿريءَ) جو استعمال ٿيل آهي. پهريون نظارو ڀُڄ جي هڪ مسجد جو آهي:

ميانجي: (کنگهڪار ڪري) پِنڊ جا مسلمان ڀائرو! تي مرشيد سڳورين جا معتقدو! آن ڪي چوئان، اڄوڪي ڏين. ا﷢ سائين ڪين سڳورو آئي. ڪُري لاءِ ته اين ڏين حجهرت ڀاتشا پير رحمة ا﷢ پنڊ جهي مولا پاڪ سين واصل ٿيا هُوئا. حجهرت جهو قدم مڙني ولين سڳورين تي آئي. تنهنڪري جيڪي ماڙُو ڪين پڻ مرشد جا مريد آئينِ سي حقيقت ۾ ڀاتشا پير جا مريد آئين. ڀاتشا پير جهون ڪرامتون ني موججا تان هجارين لڪين آئينِ. پَڻ اُنين منجا هيڪڙو موججو ايڙو آئي جين منجا گهڻي هدايت ٿئي تِي.

اُو اِي، تان ڀاتشا پير جو هيڪڙو مريد وڦات ڪري ويو. جين ٽاڻي ماڙُو اُن ڪي قبر ۾ رڪي ني وريا، تڏين منڪر ۽ نڪير پڻ آويا. اُن ڪنان پڇئون؛ ”توجهو رڀ ڪيڙو آئي؟ ني تو جهو نٻي ڪيڙو آئي؟ ني توجهو دين ڪيڙو آئي؟“

تان اُن جباب ڏنو؛ ”ٻاوا مون ڪي تان نڪا آئي کبر رڀ جهي، نڪا نڀي جهي، نڪا ڌين جهي. آءٌ تان هيڪڙي ڀاتشا پير ڪي سڃاڻان.جيٻو پڻ ڪي نه –“ تڏين ملڪ سڳورا ويا ا﷢ سائين وٽ، ني اُن ڪي سمورو احوال سڻائون. ا﷢ سائين حڪم ڪيو ته وڃي هيور جو هيور دوجڪ منجه وجوس“.

ملڪ سڳورا آويا مُرڌي وٽ- جيڙو اندر گِڙيا تان حجهرت ڀاتشا پير پڻ منج ويٺو هو، سو ٻِني ڪي زلي ني ڌَسي گوڏين ايٺ ڏِي وِي رِيو. تڏين اُنين وائڙو ٿي پڇيو: ”اي سائين! اسان ڪي ڪُري لا ڌسيو آئيني؟“- چي آن مونجهي مريد ڪي هجاب ڪرڻ آويا آئيو. سو هاڻ پيرين تان آءٌ آن ڪي پُرڙيان. پو جي مون ڪَنان ڀچي ويا ته ڀلين پيا هجاب ڪريجا.“

ملڪين سڳورين مِڙي جور لڳايا، تڏين عاجرود ٿي پڇئون؛ ”ڀلا سائين! اسان ڪي ڪين قول ڇڏينڌين؟“ پاڻ ڦرمائين: ”جهي آئين مون ڪي لِڪي ڏيو تان هاڻ ڪڏين مريڌ ڪي هجاب نه ڪنڌا، تان آءٌ آن ڪي ڇڏيندس، نتان ايڙو تان ڪندس، جو اَن جي ڀِشتَ منجا لَجَتَ هلي ويندي. نين ڌوَجڪ منجا ڌيشت!“

ملاڪين چيو: ”پَڻ سائين! هيوَر هنن مس ني قلم ني ڪاگج ڪِيان آويا”- تان ڀاتشاه پير پِنڊ جي کيچي منجا مس ني قلم ني ڪاگج سب ڪڍي.....

حافظ سليمان: (وچ ۾ ڳالهه ڪپي) اڙي پليت! خدا جي گهر ۾ ڪوه تو ڪُوڙ ڪريين! (2)

ڪڇين ۽ سنڌين جا هڪ ٻئي سان چرچا ۽ جملن جي ڏي- وٺ به مشهور آهي. اُن جو مطلب هڪٻئي جي طور طريقن، نالن، ٻوليءَ تي ٽوڪون ڪرڻ آهي. اهڙي ٽوڪبازي اڪثر هوٽلن، بازارن ۽ دوڪانن تي ٿيندي هئي. اڪثر اُن ٽوڪبازيءَ ۾ گٿا ۽ نامناسب لفظ ڪم ايندا هئا ۽ ٻئي کي بي سمجهه ظاهر ڪرڻ مقصود هوندو هو. لفظ ”ڏر“ جو عام استعمال ٿيندو هو جنهن جو جو مطلب”بيوقوف“ ورتو ويندو هو. مثال؛ ”اي آئين سندي ڏَر ڪُرو تا ٻجو ”سنڌي چوندا:“ اي آئين ڪڇي ڏر ڇا ٿا ڄاڻو.“

هن هيٺ ڪي ٻڌل ۽ ڪي پنهنجي طرفان جملا لکجن ٿا:

  • اي آن سندئين جا نان ڪُرو- گُل

ني ڦل! پان واري ڀيڻ ..... ٻدي

تان هينسي هينسي ........ وجي!

  • اي آئين ڪڇيڙا بصر کي

چئو ڏونگري ۽ زال کي چئو ٻائڙي!

  • آئين سندي ڏر ڪُرو تا ٻجو! آن

ڪي تان چاءِ ڪڊڻ پڻ نتي آئي.

اسان ڪڇين آن ڪي سيکاري.

  • اي آئين ڪڇيڙا! کانٽي ۽ لاباري لاءِ سنڌ ۾ اچو ۽ ڀونگيون اڏي ويهو! آن کي گهر اَڏڻ جي به اٽڪل ناهي!
  • اي ٻاوا! مزور ماڙو آهيون. مند تي وري ڪڇ وِڃڻو پئي تو.
  • اي ڪڇي ڏر! آئين ڌيءَ ۽ ڀيڻ کي گار ڏئي ڪڍو ٿا!
  • اي ٻاوا! جبان تي ٻه اکر چَڙي وڃين تا- گار لڳي ته نتي وِڃي!
  • اي آنجو پڙو سٺو پهرواس ڪونهي!
  • اي با! آن جي ڪانچين ڪنان پڙو ڦُٽرو ريو. ري گُنا جو بوش ڪري لا ڪرئين تو؟

اِن هوندي به موجوده صورت حال هيءَ آهي جو سنڌ (خاص طور لاڙ ۽ ٿر) ۾ ڪڇي ماڻهو ٻوليءَ جي لحاظ کان گڏجي مسجي ويا آهن ۽ گهر  ۾ پنهنجو ڪڇي محاورو قائم رکيو اچن. زبانن جا هي محاورا هڪ حقيقت آهن ۽ انهن جو علمي مقام مڃيل آهي. اِن ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته سنڌي هڪ وسيع زبان آهي ۽ موجوده سنڌ جي سرحد پار، سنڌي موجود آهي ۽ سندس محاورا به نشانبر آهن. ڪڇي اُنهن ۾ اِن ڪري به اهم آهي جو سنڌ جي ڏاکڻين سرحد ۽ ڪڇ جي وچ ۾ رڻ موجود آهي. جي قديم وقت ۾ رڻ بدران آباديون هونديون ته اُن جي امڪان کي رد ڪري نٿو سگهجي.

 

حوالا

    1. شيخ، محمد سومار. ڪڇين جا قولَ، سنڌي

ادبي بورڊ 2006ع، ص 305

    1. ڏيپلائي، محمد عثمان. ناٽڪ، سنڌالاجي،

1985ع، ص ص 103، 104 ۽ 105.

باب اٺون

ڪڇي محاوري جون خصوصيتون

 

ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، پهريون عالم هو، جنهن پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ مختلف محاورن جو ذڪر ڪندي ڪڇيءَ جو به ذڪر ڪيو. ڪڇيءَ جي مختلف پهلوئن جو بيان ڪندي هُن ڄاڻايو ته:

  1. لفظن جي پڇاڙيءَ واري اعراب ڪڍيو ڇڏين. اُن جو مطلب ٿيو پنجَ بدران پنج، کَٽَ بدران کٽ چون.
  2.  ’اِ‘ (زير) جو اُچار ڪرڻ جي عادت اٿن. اِن جو مطلب ٿيو وَڃ بدران وِڃ، چون (پر فعلن کي ڇڏي ڪن لفظن ۾ زير بجاءِ زبر ڏين، جئن پِڻ بدران پَڻ چون.
  3. اُچار کي سُسائين- جئن ڏنائين بدران ڏنئين چون. اهڙي طرح ڏنائون کي ڏنئون چون ۽ ڪيائون کي ڪئون چون.
  4. اوسرڳائي (un-aspiration) عام آهي. ڪنهن، تنهن، جنهن، جڏهن، تڏهن، ڪڏهن بدران ڪين، تين، جين، جڏين، تڏين ۽ ڪڏين اُچار ڪن. اسمن ۾ به اوسرڳائي عام آهي. مثلاً: گر (گهر)، گوڙو (گهوڙو) بَت (ڀَت) بِت (ڀِت) ۽ با (ڀاءُ) وغيره.
  5. اِتان کان اِئان، جتان کي جيان چون.
  • ادا اِئائين، ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو. (شاه)
  • جِئان ڏنائين، پير مبارڪ (شاه)

6 ڪرڻ بدران ڪيڻ چون.

7 عام طور واحد مان جمع ۾ اين پڇاڙي ملائين. جئن ماڻهوءَ جو ماڙئين، جانور جو جانورين، گهر جو گهرين ۽ ڀاءُ جو بارين جمع ڪن.

8 ڇا کي ڪُرو چون.

9 ضميرن ۾ به اوسرڳائي عام آهي: جئن اوهان بدران آن ۽ اوهان جو بدران آنجو چون.

10 آءٌ ماريو آهيان بدران ماراڻو چون. رسيو بدران رساڻو چون: رسالي ۾ به آهي: جا منزل جي ماري سان قادر ڪيچ رساڻئين- (1).

76

 

 

اُن کان پوءِ ڪاڪي ڀيرومل ڪڇيءَ تي گجراتي ۽ راجسٿانيءَ جي اثر ۽ ڪن علحدن لفظن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪيترا ڪڇي شاعر آهن جن جو ڪلام موجود آهي اهڙو ڪلام محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب ڪڇين جا قول ۾ ڏنو آهي. ڀيرومل هڪڙو ئي بيت ڏنو آهي –

ميا ڀري مال، اُڃي اُچارا ڪيا،

نه ڄاڻان ٻي ڳالهه، ڪيهر هليو ڪڇ ڏي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي مقالي ۾ ڪڇ ۽ ڪڇي محاوري جو ذڪر ڪندي ڪڇ جي شاعرن مان مئين ملوڪ، منٺار ۽ ميان صاحب آرکاڻيءَ جون ڪافيون درج ڪري اُنهن ۾ آيل ڪڇي لفظن جو حوالو ڏنو آهي. اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪڇي محاوري ۽ لاڙي محاوري ۾ ٿورو ئي فرق آهي. لفظن جون فهرستون ٺاهجن ته اُهي طويل ٿي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر بلوچ جي ذڪر ڪيل مقالي ۾ به هڪ فهرست آهي. اُها هوبهو هيءَ آهي:

 

ورياري =          وڏف

ڪرئي =            گهر

ڏيلو =                اوطاق

ڦاريو =              پٽڪو

پڳرکو =            جتي

پراڻو =              بانس جي لٺ

چيڻي =              سُٿڻ

تنيه =                 ميها

گهلڪي =           توري

سيلري =            ڪماند

متو =                ٻلو

هولو =               ڳيرو

سوڙو =             طوطو

اَساڏ =                آکاڙ

سيراڻ =             ساوڻ

کاوو =               ڀَت

گڏو =    رينڪڙو= ڏاند گاڏي

ٻائو =                سيد

سيڻ =               سِرڻ پکي

ڪُرو =               ڇا

ڪُلا =                ڇا لاءِ

ڪماڙ =             در

ڍينگلو =             پئسو

-

جهمڻ =              کائڻ

ڳٽا =                 گراهه

ريڱڻا =              واڱڻ

ڏونگري =           بصر

گيسوڙي =         توري

جوڙو =              جُتي

پوتارو =             پوتي، گوڏ

ويان =                وهانءُ

گاگرو =             پڙو

ڦڳڻ =                ڦڳڻ

ڳنپڻ =               ڳنهڻ، وٺڻ

ٻائڙي =              زال

ڪاڳڙو =            ڪانگ

ڦڙڪو =                         پٽڪو

-

آما =                  انب

پڳ =                پير

وانگي=              پهر، ماڻهو

سنڀوڙڻ =           سنڀرڻ

گڍ =                  قلعو

سومار =             سومر

-

ساڳ =               ڪوبه ٻوڙ

چڀڙ =                گدرو

ڪاٺ چڀڙ =        پپيهو، ڪاٺ گدرو

ونجهه =              بانس جي لٺ

77

 

 

چوپٽ =             طوطو

ٻائي =                ڀيڻ

            -

ٺاهري = ٺاهري مهينو (لاڙ- نهاري)

ويلو =                وهلو، جلد

ويساخ =             ويساک

جِڻس =               جنس

آرتار =               آرتوار

گڏوڙو =            گڏه

پاريلو =             پاريهل (لاڙ- پاريل)

کائو =                کاڌو

جهرڪلي =         جهرڪي

آفيڻ =               آفيم

ڇڻيڇ =              ڇنڇر

گوڙو = گهوڙو (مونث- گوڙي)

ميڙي =              ماڙي

ججو =               جهجو

-

حِيا =                 جلدي

سڪر =              کنڊ

آوڻ =                 اچڻ

تج =                  دالچيني

 

لسڻ =                ٿوم (2).

 

ڪي جملا به انوکا آهن. ’هُو ايندو‘ بدران چون: هُو اچيندو. ڪڏهن ويندو کي وينو چون ته ڪڏهن وڃيندو چون.

اهڙي طرح  سنڌيءَ کان مختلف لفظ ۽ علحده نوعيت جا جملا ڪڇي محاوري کي سنڌ جي معياري محاوري کان جدا ڪري بيٺا آهن.

 

حوالا

  1. آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي

     ادبي بورڊ، 1956ع ص ص 150- 151  152

  1. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)

     مقالو؛ ”سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ اُن جو ڪڇي محاورو“

   .3مهراڻ جون موجون، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي، 1956ع

     ص ص 236 کان 240.