سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس

ڪتاب جو نالو سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس
ليکڪ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
سنڌيڪار / ترتيب ڦلومل ميگهواڙ، (نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين)
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-116-3
قيمت 350    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     544593   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي پهاڪن جو لسانياتي اڀياس


 

4.1 ٻوليءَ جي سرشتي ۾ پهاڪا:

آمريڪا جي مشهور لسانياتي ماهرن برنارڊ بلوخ ۽ جارج ايل ٽريجر ٻوليءَ جي وصف هن ريت ڏني آهي:

“A language is a system of arbitrary vocal symbols by means of which a social group cooperates.” ·

يعني، ٻولي عام ماڻهن جي وهنوار تي ٻڌل ۽ اُچاريل آوازي علامتن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن لساني سماج ٻولي ڳالهائيندڙ سماج جا ماڻهو پاڻ ۾ وهنوار ڪن ٿا.

هرهڪ ٻوليءَ جي بيهڪ ۾ مقرر سرشتو هوندو آهي. اُن جا ٻه طرف يا پاسا (aspects) آهن:

  • - اظهار وارو طرف (Expressional aspects)
  • - معنيٰ وارو طرف (Semantic aspects)

اسين آوازن جا اُچار ڪري پنهنجن ويچارن ۽ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. اِهي آواز فقط علامتون يا نشانيون (symbols) آهن، جن جي ذريعي معنيٰ جو اظهار ڪجي ٿو. ٻوليءَ جي سرشتي ۾ ڪتب ايندڙ آوازن جو تعداد تمام گهڻو محدود هوندو آهي، پر اُنهن آوازن مان جيڪي لفظ (Words)، لفظي ميڙ (Phrases)، اڻ پورا جملا (Clauses) ۽ جملا (Sentences) ٺهن ٿا، اُنهن جي ذريعي اسين بيشمار (Unlimited) ويچارن ۽ احساسن جو اظهار ڪري سگهون ٿا. ٻوليءَ جي اظهار واري طرف جي ڄاڻ اسان کي اُنهيءَ جي آوازن جي سائنس ۽ وياڪرڻ مان پوندي آهي.

ڪوبه شخص جڏهن ٻوليءَ  ذريعي پنهنجا ويچار ظاهر ڪري ٿو، تڏهن هو سُڀاويڪ نموني پنهنجيءَ مرضيءَ موجب لفظن جي چونڊ ڪري ٿو. هُن تي استعمال وقت هو، اُنهيءَ ٻوليءَ جي وياڪرڻي (گرامر) سرشتي جي ڀڃڪڙي نه ڪري. جيڪڏهن هُن ائين ڪيو ته ٻُڌندڙ مٿس ٺٺولي ڪندا يا کلندا ته کيس دُرست طريقي سان ڳالهائڻ نه ٿو اچي يا محسوس ڪندا ته هو غلطيون ٿو ڪري. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن جي خواهش آهي ته هوُ سنڌ گهمڻ وڃي، ته هُن کي هو جدا جدا طريقن سان ظاهر ڪري سگهي ٿو. جيئن ته:

  • - مان سنڌ وڃڻ چاهيان ٿو.
  • - منهنجي مرضي آهي ته مان سنڌ گهمڻ وڃان.
  • - منهنجي ڏاڍي خواهش آهي ته هڪ دفعو سنڌ گهمي اچان
  • - سنڌ گهمڻ جو موقعو مليم ته ڏاڍو سٺو.
  • - مان هڪ دفعو سنڌ ضرور گهمڻ ويندس.

اهي سڀيئي جملا وياڪرڻ موجب دُرست آهن ۽ ڳالهائيندڙ جي دل جي تمنا کي ظاهر ڪن ٿا. لسانيات جي ماهرن اهڙن جملن کي ”آزاد استعمال“ (Free Expressions) چيو آهي، ڇاڪاڻ ته اِنهن ۾ ڳالهائيندڙ کي آزادي آهي ته هو پنهنجي خواهش کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مرضيءَ مطابق لفظن جي چونڊ ڪري، اُنهن کي جدا جدا جملن ۾ ڪتب آڻي سگهي ٿو.

اهڙن آزاد استعمال وارن جملن جي ڀيٽ ۾ ٻوليءَ ۾ اسان کي ٻيا گهڻيئي استعمال انهيءَ قسم جا ملن ٿا، جن جي لساني بيهڪ يا ٻوليءَ جي ساخت مقرر ٿي ويئي آهي. مطلب ته اُهي استعمال اُن ٻوليءَ ۾ نسل درنسل ڪنهن گهربل خواهش يا ويچار کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ’رُوڙهه‘ (رواج موجب مقرر شڪل اختيار ڪيل) ٿي ويا آهن. اُنهن ۾ لفظن جي چونڊ ڪرڻ يا جملي ۾ انهن کي مرضيءَ مطابق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڳالهائيندڙ کي نه آهي. اِن قسم جي استعمالن کي ٻوليءَ جي ماهرن سُوتر پريوگ (قاعدي موجب مقرر ٿيل استعمال) يا Formulary usages or fossilized usages سڏيو آهي. جيئن ته:

  • - انڌن ۾ ڪاڻو راجا
  • - سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
  • - ڪم لٿو، ڊکڻُ وسريو.

اِهي سنڌيءَ ۾ سُوتر پريوگن (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) جا مثال آهن. گهربل مطلب کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هرڪو انهن کي اِن مقرر شڪل ۾ استعمال ڪندو آهي. مثال طور ”انڌن ۾ ڪاڻو راجا“ جو مطلب آهي، اڻ ڄاڻ ماڻهن ۾ ٿوري ڄاڻ رکندڙ شخص به هوشيار ليکبو آهي. اِن خيال کي ظآهر ڪرڻ لاءِ جڏهن اسين اِهو استعمال ڪريون ٿا، تڏهن اُهي ئي ساڳيا لفظ ڪتب آڻبا. اسين جيڪڏهن اُن جي شڪل ۾ هيٺين طرح تبديل ڪنداسين ته پوءِ اُن کي سُوتر پريوگ (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) نه چئبو. ٻُڌندڙ سمجهي ويندا ته ڳالهائيندڙ کي ٻوليءَ جي پُوري ڄاڻ نه آهي.

  • - انڌن ۾ ڪاڻو راجا.
  • - انڌن ۾ هڪ- اکيو بادشاهه.
  • - نابين ۾ نور وارو سلطان.
  • - انڌن ۾ ڪاڻو راءُ

اِنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ فقط پهريون سُوتر پريوگ (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) آهي. پر باقي ٽيئي سٽون اِن شڪل ۾ تسليم ٿيل نه آهن، چاهي اُنهن مان ساڳي ئي معنيٰ ظاهر ٿي رهي آهي. ساڳيءَ طرح ’سِيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي‘ کي اسين بدلائي هن ريت استعمال نه ڪري سگهنداسين:

  • - سيرو کائي پاتل ڦاڙي ڦٽي ڪيائين.
  • - حلوو کائي پاتل ڦاڙيائين.

انهيءَ طرح ’ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو‘ ۾ ’ڊکڻ‘ جي بدران ’واڍو‘،
’کاتِي‘ يا ’ترکان‘ لفظ ڪتب نه آڻي سگهبا. چاهي گهربل مطلب ۾ ڪوبه فرق نه ٿو اچي.

اندرا پنهنجين ساهيڙين کان اِها ڳالهه ٻُڌي پاڻي پاڻي ٿي ويئي. هن جملي ۾ ’پاڻي پاڻي ٿي وڃڻ‘ هڪ سوتر پريوگ (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) آهي. ان ۾ ’پاڻي‘ لفظ جا هم معنيٰ ٻيا لفظ وجهي جيڪڏهن چئون ’نير نير ٿي ويئي‘ يا ’آب آب ٿي ويئي‘ ته اِهي سنڌي ٻوليءَ جي رواج موجب درست نه چئبا، نه ڪو اُنهن مان گهربل مطلب نڪرندو.

ساڳيءَ طرح ”هُوءَ گونگي گانءِ آهي.“ يعني ٿڌي مزاج خاموش رويي/ طبيعت واري آهي. اِتي جيڪڏهن اسين هم معنيٰ لفظ وجهي چئون: ”هوءَ گونگي ڍڳي/ ڳئون/ گابي آهي“ ته اُن مان گهربل معنيٰ ڪانه ملندي ۽ اِهو جملو ٻوليءَ جي رواج موجب ليکبو.

4.1.2 سُوتر پريوگن (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) جا قسم:

لساني بيهڪ يا ٻوليءَ جي ساخت ۽ معنيٰ جي لحاظ کان سُوتر پريوگ (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) چئن قسمن جا آهن، جيڪي اڳتي ڏنل چارٽ ۾ ڏيکاريا ويا آهن:

سُوتر پريوگ يا قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال

(Formula  Usages)

 

   جُملي جو حصو                                 پورو جملو يا ايڪو

       
     
   
 

 

(4) ٻي معنيٰ ۾           (3) آخري معنيٰ ۾

    (محاورو)                   (محاورو)

 
   

 

(2) ٻي معنيٰ ۾         (1) آخري معنيٰ ۾

   (پهاڪو)                   (چوڻي)

(1) چوڻي:

اُهو سُوتر پريوگ جيڪو بيان ۾ الڳ استعمال ٿيندڙ هڪ پورو جملو يا ايڪو آهي، ۽ پنهنجيءَ لفظي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو، تنهن کي ’چوڻي‘ سڏجي ٿو. مثال طور:

  • - جڳهه ٺهرائڻ ۾ ٻه سال لڳي ويس، پر اهڙي سهڻي عمارت اڏائي اٿائين جو هر ڪو ڏسي واهه واهه ٿو ڪري. ”دير پيا، دُرست ٿيا.“ هتي ’دير پيا، دُرست ٿيا‘ هڪ ايڪو آهي، جيڪو بيان ۾ الڳ ڪتب آندو ويو آهي، ۽ چيل ڳالهه جي پٺڀرائي ڪري ٿو. اِهو لفظي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي، اِن ڪري ’چوڻي‘ آهي. ’چوڻيءَ‘ جا ڪجهه ٻيا مثال هن ريت آهن:
  • - لالچ بُري بلا آهي.
  • - جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي
  • - يار اُهو جو اؤکيءَ ويل ڪم اچي.
  • - ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.

(2) پهاڪو:

اُهو سُوتر پريوگ يا (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) جيڪو بيان ۾ ڪتب ايندڙ هڪ پورو جملو يا جملن جو ايڪو آهي، ۽ لفظي معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنيٰ ڏئي ٿو، تنهن کي ’پهاڪو‘ چئجي ٿو. جيئن ته:

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ هزارين هندستاني سپاهي يورپ ۾ لڙندي شهيد ٿي ويا، پر سوڀ جو شرف مليو برطانيا سرڪار ۽ اُنهن جي ساٿي ملڪن کي. ”ٻري تيلُ، کامي وَٽ“، واهه ڙي ڏيئا واهه!“

مٿي ڏنل بيان ۾ ”ٻري تيل، کامي وٽِ، واهه ڙي ڏيئا واهه!“ پهاڪو آهي، اهو هڪ اهڙو ايڪو آهي، جيڪو بيان ۾ ڪيل ڳالهه جي پٺڀرائيءَ ۾ ڪتب آيو آهي. اِن جي بيان ۾ لفظي معنيٰ گهربل نه آهي، پر اُن بدران اُن جو مطلب کڻبو جيڪو آهي ته نقصان ٿئي هڪڙن جو يا قربانيون ڏيڻ هڪڙا، پر ساراهه ٿئي ٻين جي. پهاڪن جا ڪجهه ٻيا مثال ڏسو:

  • - مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانه، ڳئون کي چوي هل ڙي پُڇ ڪاري.
  • - گدڙ ڊاک نه پُڄي، آکي ٿو کُٽا.
  • - پُڄي کانئس ڪونه، لک لعنت گوڏن کي.
  • - ٻليءَ جي خواب ۾ ڇِيڇڙا.
  • - ڪُتي جو پُڇ ٻارنهن مهينا نڙ ۾ وِجههُ ته به ڏنگو جو ڏنگو.

(3) ورجيس:

اُهو سوتر پريوگ يا (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال)، جيڪو بيان ۾ ڪنهن جملي جو حصو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ لفظي معنيٰ ۾ ئي استعمال ڪبو آهي، تنهن کي ’ورجيس‘ چئبو آهي.

دُشمن کي پري کان ايندو ڏسي هُو ائين ڀڳو، جيئن کاريءَ هيٺان ڪانُ. هتي ”ائين ڀڳو، جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ“ اُهو سُوتر پريوگ (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ ئي جملي ۾ کپي ۽ اِهو جملي جو هڪ حصو آهي. ورجيس جا ڪجهه لفظي ٻيا مثال هن ريت آهن:

  • - اهڙو ڪُڇي جهڙي ڀت.
  • - اڇو جهڙو کير.
  • - ڇوڪر ٻاڪر، واڻيا وڪال، چور چڪار، گهڻو تڻو، پيلو جهڙو هئڊ.

(4) محاورو يا اصطلاح:

اُهو سُوتر پريوگ يا مقرر فقرو جيڪو بيان ۾ ڪنهن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ لفظي معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب اُن جي ٻي معنيٰ کڻبي آهي، تنهن کي محاورو يا اصطلاح چئبو آهي. جيئن ته:

جواب ڇونه ٿو ڏين؟ وات ۾ مڱ پيا اٿيئي ڇا؟ هتي ”وات ۾ مڱ پوڻ“ محاورو آهي، جنهن جو مطلب آهي: نه ڪُڇڻ، چپ ٿي وڃڻ. محاورن جا ڪجهه ٻيا مثال هن ريت آهن:

  • - دال نه ڳرڻ. (پُڄي نه سگهڻ)
  • - پيٽ تي لت ڏيڻ. (ڪنهن جي روزي کسڻ)
  • - کير کنڊ ٿي وڃڻ. (ميل ميلاپ ۾ رهڻ)
  • - باهه ٿي وڃڻ. (غصي ۾ اچڻ)
  • - هٿ ڊگها هُئڻ. (پهچ وارو هئڻ)

هتي اسان کي اِن ڳالهه جو ڌيان رکڻ گهرجي ته پهاڪو يا چوڻي هڪ اهڙو ايڪو آهن، جيڪو وياڪرڻي بيهڪ جي لحاظ کان هڪ جملو هوندو آهي يا اُن ۾ هڪ کان وڌيڪ جملا هوندا آهن، جيئن ته:

(الف) هڪ جملو:

  • - ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا.
  • - آهه غريبان، قهر خدائي.
  • - يار اُهو جو اؤکي ويل ڪم اچي.
  • - بک ۾ بصر به مٺا

(ب) هڪ کان وڌيڪ جملا:

- مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانه، ڳئون کي چوي هل ڙي پڇ ڪاري.

- ڏکڻ مينهن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي،

  ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، جي هڻي ته جهوري.

جيئن ته پهاڪا ۽ چوڻيون ٻوليءَ جي بيهڪ جي لحاظ کان پورا جملا يا جملن جا ايڪا آهن، انهيءَ ڪري گهڻا ماڻهو اُنهن جي وچ ۾ فرق نه رکندا آهن، پر جيڪڏهن معنيٰ جو باريڪ ڌيان رکجي ته پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ تفاوت مڃڻو پوندو. چوڻي لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ايندي آهي، پر پهاڪي جي ٻي معنيٰ گهربل هوندي آهي.

4.1.3 پهاڪن جي لساني بيهڪ ۾ فرق:

اسان کي سنڌيءَ ۾ گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا، جن جي لساني تخليق ۾ تفاوت آهي. جيئن ته:

  • - لکيا لوهارن کي ٽِپر تي ٽانڊا.

(يا لِکيون لوهارن کي چڏن ۾ چڻنگون)

  • - ٻُڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون.

(يا ٻُڏي ٻيڙي جو لوههُ به ڀلو)

  • - ٻيو سڀ رهندو هِتِ، نيڪي نيندين پاڻ سين.

(يا نيڪي نيندين پاڻ سين، ٻيو سڀ رهندو هِت)

  • - ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.

(يا ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانهن ڦيرائي تيڏانهن سَنئين)

          اهڙي قسم جي پهاڪن ۾ اسان کي اهو چوڻو پوندو ته اهي پهاڪا ٻن يا ٻن کان وڌيڪ شڪلين ۾ مشهور آهن. زباني روايت ذريعي پهاڪن جو پرچار جڏهن جُدا جُدا هنڌن تي ٿيو آهي ته اُنهن مان ڪن جي لفظن ۾ ٿوري گهڻي تبديلي ٿي ويئي آهي.

4.1.4 پهاڪن جي عبارت:

پهاڪا لوڪ ادب جو هڪ مکيه حصو آهن. ادب جي سرجڻ ڪرڻ يا ويچارڻ جي اظهار جو ذريعو آهي- ٻولي. روزاني زندگيءَ ۾ ويچارن جي ڏي وٺ دؤران ڪنهن لساني سماج جا ماڻهو پاڻ ۾ گفتگو ڪندي جيڪا ٻولي ڪتب آڻين ٿا، اُها ساڌارڻ يا عام رواجي ٻولي آهي. پر ليکڪ يا شاعر ادب ۾ جڏهن پنهنجين خواهشن جو اظهار ڪري ٿو، تڏهن هو ٻوليءَ کي خوبصورت شڪل ڏي ٿو، اُن کي رَس، گُڻن ۽ النڪارن سان سينگاري دلڪش بڻائي ٿو ڇڏي. اِن ڪري سنسڪرت ۾ ادب يا شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾، ماهرن، خوبصورت گهاڙيٽو هئڻ به ضروري ڄاڻايو آهي. جيئن ته:

(1) ”ڪاويه پرڪاش“ جي ليکڪ آچاريه مَمَٽِ شاعريءَ جي وصف هن ريت ڏني آهي:

- پَدِ اڌوشؤ شبدارِٿئو سُگُڻئو انلنرڪرتي پُنهه ڪواپِ لفظ ۽ معنيٰ جي اُن ميلاپ کي شاعري چئجي ٿو، جيڪا بي عيب آهي، گُڻن سان ڀريل آهي ۽ عام النڪارن سان سينگاريل هوندي به ڪڏهن ڪڏهن بنا النڪارن جي هوندو آهي.

(2) ”ساهتيه درپڻ“ جي رچيندڙ آچاريه وِشوَناٿ شاعريءَ ۾ رس جي هئڻ تي زور ڏيندي لکيو آهي:

- واڪيم رساتمَڪَمَ ڪاويَمَ

(رس ڀريل جملو شاعري ئي آهي)

  • (1) ”رس گنگاڌر“ جي ليکڪ آچاريه جگنناٿ به شاعريءَ ۾ دلڪشيءَ کي گهڻي اهميت ڏني آهي.
  • - رمڻِيا ارٿ پرتيپا دڪهه شبدهه ڪاويَمُ

(خوبصورت معنيٰ جي سمجهاڻي ڏيندڙ لفظ شاعري آهي)

          ٿوري ۾ چئجي ته ادب يا شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ رَس، گُڻ، النڪار خوبصورتي ۽ اثرائتي عبارت جو هئڻ ضروري سمجهيو ويو آهي. پهاڪا لوڪ ادب جو هڪ حصو هئڻ ڪري، اُنهن ۾ ادب جون خاصيتون به سمايل آهن. پهاڪن ۾ اسان کي ٻوليءَ جي نرالي هيئت واري شڪل ملي ٿي. اِن کي ڌيان ۾ رکي اسان کي پهاڪن جي ٻوليءَ جي شعرن کي علم جي اصولن موجب به اڀياس ڪرڻ گهرجي. اِن ۾ لفظن جي طاقت، ڇند، النڪار، تُڪ، لئه وغيره شامل آهن. هِن باب ۾ پهاڪن جي لساني تخليق ۽ عبارت جي لحاظ کان اڀياس ڪيو ويو آهي.

4.2 پهاڪن جي لساني تخليق:

لساني تخليق جي لحاظ کان پهاڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن لفظن جو هئڻ ضروري آهي. جيئن ته:

  • - پنهنجي سنهنجي

(پنهنجي شيءِ هوندي آهي ته اُن ۾ گهڻو سهنج هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪم پوڻ تي ٻئي اڳيان هٿ نه ٽنگڻو پوندو آهي).

  • - لاڙ ساڙ

(سنڌ جو لاڙ وارو حصو يعني ڏاکڻو ڀاڱو ساڙيندڙ آهي، گهڻو پريشان ڪندڙ آهي. اُتي پوسل هئڻ ڪري مڇر گهڻا ٿيندا آهن.)

  • - قرض مرض.

(قرض وٺڻ هڪ وڏي بيماريءَ وانگر آهي. قرضدار ٻئي اڳيان پنهنجو مُنهن مٿي نه ڪري سگهندو آهي.)

          ٻئي طرف محاورا يا اصطلاح هڪ لفظ وارا به هوندا آهن. ڪنهن هڪ لفظ جو ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنيٰ ۾ استعمال ڪبو ته اُن کي محاورو چئبو آهي. مثال طور:

          گڏهه! ڌيان ڏي نه ته مار کائيندين.

          هِن جملي ۾ ’گڏهه‘ لفظ لفظي معنيٰ بدران پنهنجي ٻي معنيٰ ’مُورک، بيوقوف‘ ۾ ڪتب آيو آهي.

  • - هُو ميريءَ تي مُئو ته هُن تي لکين رُپيا لُٽائي ڇڏيائين.

هن جملي ۾ ’مُئو‘ فعل جي اصطلاحي معنيٰ آهي: فِدا ٿيڻ، موهت ٿيڻ، عاشق ٿيڻ.

پهاڪو چاهي ٻن لفظن جو هجي ته به ٻوليءَ ۾ مُروج استعمال هئڻ ڪري اُهو پوري معنيٰ جو اظهار ڪندو آهي. هتي پهاڪن جا جيڪي مثال ڏنا ويا آهن، اُنهن ۾ ڪِريا پَد يا فعل ”آهي“ جو لوپُ (غائب) ٿيل آهي. هاڻي اچو ته پهاڪن ۾ لفظن جي ترتيب تي ويچارُ ڪريون.

4.2.1 پهاڪن ۾ لفظن جي ترتيب:

پهاڪن ۾ لفظن جي ترتيب جا ٻه قسم آهن:

(الف) وياڪرڻي ترتيب.

(ب) اَوِياڪرڻي ترتيب.

(الف) وياڪرڻي ترتيب:

سنڌي وياڪرڻ جي اصولن موجب عام طور جملي ۾ لفظن جي ترتيب ۾ پهرين ڪرتا (فاعل)، اُن کان پوءِ ڪرم (مفعول) ۽ آخر ۾ ڪِريا (فعل) جو استعمال ٿيندو آهي. جيئن ته ”موهن ڪتاب پڙهي ٿو“ جملي ۾ ’موهن‘ ڪرتا (فاعل) آهي، ’ڪتاب‘ ڪرم (مفعول) آهي ۽ ’پڙهي ٿو‘ ڪِريا (فعل) آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته پهرين اديشيه (مالڪ) ۽ اُن کانپوءِ وڌييه (فرمانبردار) هوندو آهي. سِنڌي پهاڪن ۾ اِن وياڪرڻي اصول موجب لفظن جو استعمال تمام گهٽ نظر اچي ٿو. اُن جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته پهاڪا ٻول چال جي ٻوليءَ ۾ روزاني زندگيءَ جي گفتگوءَ مان پيدا ٿيا آهن. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ لکيل وياڪرڻي ٻوليءَ جو استعمال گهٽ هوندو آهي. ڳالهائيندڙ جنهن ڳالهه تي وڌيڪ زور ڏيڻ چاهيندو آهي، اُنهيءَ کي ظاهر ڪندڙ لفظن کي جملي ۾ مکيه جڳهه ڏيندو آهي. ٻيو ته سنڌيءَ ۾ جملي ۾ لفظن جي جڳهه کي گهڻي اهميت نه آهي. لفظ چاهي جملي ۾ اڳيان پٺيان يا وچ ۾ استعمال ٿين، اِن هوندي به اُهي ورهايل ۽ ٻين ورهايل معنيٰ ذريعي جدا ۽ ٻين جُدا ٿيل معنائن ذريعي گهربل معنيٰ کي ظاهر ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا.

وياڪرڻي ترتيب وارن ڪن پهاڪن جا مثال هن ريت آهن:

  • - ابو گَسي، ڌيءَ وَسي.

(ڏيتي ليتي ڪري، پيءُ جي هڙ گَسي ٿي ۽ ڌيءَ جو ساهرو گهر وسي ٿو.)

  • - اڄ جو ڪم سڀان تي نه وجهجي.

(جيڪو ڪم اڄ ڪرڻو آهي، اُهو سُستي ڪري سڀاڻي ڪرڻ لاءِ نه روڪي رکجي.)

  • - اکر نه کَٽي، مَڪرُ کُٽي.

(اڄ جي زماني ۾ علم وارو، لکيل پڙهيل ماڻهو نه ٿو کَٽي کائي، پر جيڪو مڪار يا حرفتي آهي، اُهو ڪامياب ٿئي ٿو.)

  • - پاڙو اَبو امان آهي.

((پاڙي وارن کي پنهنجي ماءُ پيءُ وانگر يعني وڏن مائٽن جهڙي عزت ڏجي.)

  • - پنجئي آڱريون برابر نه آهن.

(مطلب ته سڀ ماڻهو هڪجهڙا نه آهن.)

  • - سکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي.

(ڪُنيءَ ۾ جيڪڏهن چانور گهٽ هوندا ته رڌڻ وقت اُن ۾ پاڻي گهڻو اڀامندو.)

  • - ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ اُن ۾ پوي.

(ڪوري ڪپڙي اُڻڻ وقت جتي آڏاڻو رکندو آهي، اُتي آڏاڻي هيٺان کڏ کوٽيندو آهي، جيئن پيرن سان آڏاڻو سولائيءَ سان هلي سگهي ۽ پير پٽ سان نه لڳن. مطلب ته جيڪو ٻئي کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو، سو پهرين پاڻ خطا کائي ٿو.)

  • - هٺُ مارائيندو آهي.

(هٺُ ڪبو ته سزا ڀوڳڻي پوندي.)

(ب) اَوياڪرڻي ترتيب:

          سنڌيءَ ۾ گهڻا پهاڪا اُهي آهن، جن ۾ لفظن جي ترتيب وياڪرڻ جي اصولن موجب نه هوندي آهي. اُن ۾ لفظن جو استعمال جملي ۾ پنهنجي مقرر جڳهه جي اڳيان يا پُٺيان هوندو آهي. اِن جا مکيه ٻه ڪارڻ آهن:

  • (1) ڪنهن لفظ تي وڌيڪ زور ڏيڻ.
  • (2) تُڪ ملائڻ ۽ لئه پيدا ڪرڻ لاءِ لفظن جي ترتيب بدلائڻ. اِنهن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
  • (1) ڪنهن لفظ تي وڌيڪ زور ڏيڻ:
  • - آهي ته عيد نه ته روزو.

(پئسو يا شيءِ اٿس ته ائين ٿو اُڏائي، ڄڻ ته عيد ٿو ملهائي، ۽ جي پئسو نه اٿس، ته بُکون ٿو ڪڍي. هتي ’هئڻ‘ جي
ڳالهه تي زور ڏيڻ لاءِ ’آهي‘ فعل کي پهاڪي جي شروع ۾ رکيو ويو آهي.)

  • - آيا مير، ڀڳا پير.

(ڏاڍا مڙس آيا ته هيڻا يا ڪمزور ڀڄي ويا. هتي ’اچڻ‘ ۽ ’ڀڄڻ‘ جي فعل تي زور ڏيڻ لاءِ فعلن کي فاعلن کان اڳ استعمال ڪيو ويو آهي.)

  • - اڻ گهُريو ماءُ به پُٽ کي نه ڌارائي.

(هتي ’گهُرڻ‘ ۽ ’نه گهُرڻ‘ جي ڳالهه تي زور ڏيڻ لاءِ ’اَڻ گهُريو‘ لفظ کي پهاڪي جي شروع ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. ماءُ به پنهنجي ٻار کي تيستائين نه ڌارائيندي آهي، جيستائين هوُ روئي پنهنجي بُک جو اظهار نه ڪندو آهي.)

  • - جهڙو لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پُٺ.

(هتي فعل تي زور ڏيڻ لاءِ اُن کي مفعول جي اڳيان رکيو ويو آهي.)

  • (2) تُڪ ملائڻ ۽ لئه پيدا ڪرڻ لاءِ لفظن جي ترتيب بدلائڻ:
  • - اوٽ پڙي موٽ ۾، ڪنوار پڙي گهوٽ ۾.

(ڪجهه ڏبو ته اُن جي موٽ ۾، ڪجهه ملندو به. اهو ’موٽ ۾‘ ۽ ’گهوٽ ۾‘ جي تُڪ ملائڻ لاءِ فعل
’پڙي‘ کي پهرين ڪتب آندو ويو آهي.)

  • - مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو وسي ڇهه پهر.

(برسات وسي بند ٿي ويئي، پر ڀونگيءَ جي ڇِت اڃا تائين ٽمي. معاملو ختم ٿيڻ کان پوءِ به جيڪو اُن جو ذڪر ڪري، تڏهن ائين چئبو آهي. هن پهاڪي ۾ ’پهر‘ جي تُڪ ملائڻ لاءِ فعل کي اُن کان اڳ ڪتب آندو ويو آهي.)

4.2.2 پد لوپ (لفظن جو حذف ڪرڻ):

          ٿور- اکرائي پهاڪن جي مکيه خاصيت آهي. ان جو مطلب آهي ته ٿورن لفظن جي استعمال سان گهڻو مطلب ظاهر ڪرڻ. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ به گهڻو ڪري ڪن لفظن جو استعمال نه ڪرڻ سان به بيان جي حوالي مان پورو مطلب ظاهر ٿي ويندو آهي. جيئن ته، اچُ، کاءُ، ۾ اسين ڳالهائڻ ۾ فاعل جو استعمال نه ڪندا آهيون. ”ممبئي ڪڏهن ويندا“؟ ”مان سڀاڻي ممبئيءَ ويندس“. اِن سڄي جملي چوڻ جي ضرورت نه آهي. فقط هڪ لفظ ’سڀاڻي‘ چوڻ سان ئي مڪالمي جي ذريعي سمورو مطلب ظاهر ٿئي ٿو. حقيقت ۾ ڏسجي ته روزاني ڳالهه ٻولهه جي ٻوليءَ ۾ اِن ريت ڳالهائڻ پاڻ وڌيڪ سُڀاويڪ آهي. ان ريت پهاڪا به گهٽ ۾ گهٽ لفظن جو استعمال ڪرڻ سان گهڻي ۾ گهڻي معنيٰ جو اظهار ڪن ٿا.

          پهاڪن ۾ جدا جدا لفظن جي حذف ڪرڻ جا ڪجهه مثال هن ريت آهن.

(الف) فاعل کي حذف ڪرڻ:

  • - چونڊيندي ٻير، وڃي پيا ککرين.

(هوُ ٻير چونڊڻ لڳا، ٻير ته ڪين ملين، پر فقط ککرا هٿ لڳن).

  • - اُٺ نه پُڄي، ٻورن هڻي لتون.

(جت اُٺ تي مال جا ڀريل ٻورا رکي اُنهن تي پاڻ چڙهي ويٺو. اُٺ کي هڪلڻ يا تڪڙو هلائڻ لاءِ هُن کي لتون هڻڻ لڳو، پر سندس پير ته اُٺ تائين ڪين پهتا، هوُ ٻورن کي ئي لتون هڻندو رهيو. جڏهن ڪو هڪ جا ساڙ ٻئي مان ڪڍي، تڏهن ائين چئبو آهي.)

  • - اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رَڇ.

(مينهون اڃا جهنگ ۾ ئي آهن، ته ميهارن ٿانوَ صاف ڪري کير ڏُهڻ لاءِ تيار ڪري رکيا آهن. مطلب ته اڃا ڪم ۾ گهڻي دير پئي آهي، پر هو ان کان گهڻو اڳي ئي پيا تياريون ڪن. هتي ’ميهارن‘ يا ’هُنن‘ فاعل لفظ کي جملي ۾ حذف ڪيو آهي.)

  • - ويئي سِڱن کي، ڪن به ڪپائي آئي

ڳئون يا مينهن ويئي، سڱن کي ٺيڪ ڪرائڻ، اُلٽو پنهنجا ڪن به ڪپائي آئي.)

(ب) مفعول جو حذف ڪرڻ:

  • - انڌن آندو، ڪُتن کاڌو، ٻلن چٽيو.

(هتي ”انڌن کاڌو آندو، ڪتن اُهو کاڌو يا ٻلن اُن کي چٽيو.“ هڪ پورو جملو آهي، پر پهاڪي ۾ مفعول (’کاڌو‘، اُهو ۽ ’ان کي‘) ڪتب نه آندو ويو آهي.

  • - هڪڙي لٽي، سهسين پَٽي.

(ڌڻي سائين ڪنهن جي روزگار جي هڪڙي واٽ بند ڪري ته سهسين ٻيون واٽون کولي ٿو. هن پهاڪي ۾ ”روزگار جي واٽ“ مفعول ڪتب نه آيل آهي. نه ڪو فاعل جو استعمال ڪيو ويو آهي.)

  • - جي ڄَڻين، سي نپائين.

(جيڪي ٻارَ ڄڻين ٿيون، سي ئي اُنهن کي نپائين ٿيون. هتي ’ٻار‘ فاعل جو حذف ٿيل آهي.)

  • - هڻ ڌيءَ کي ته، سکي نُونهن.

(ڌڪ يا طعنو هڻُ ڌيءَ کي ته سکي نُونهن.)

  • - جو هٿُ ڪري، سو هٿُ پائي.

(جو هٿ ڪم ڪري، سو هٿ نتيجو پائي. هِتي
’ڪم‘ ۽ ’نتيجو‘ ڳجها مفعول آهن.)

  • - ڏي ته ڏيَئي، سَلو سائو ٿيئي.

(تون ڌنُ يا ڌان يا مدد ڏي، ته اڳلو شخص به توکي ضرورت وقت مدد ڪندو. هتي ’ڏي‘ فعل جو مفعول ڪتب نه آندو ويو آهي.

(ج) فعل حذف ڪرڻ:

  • - پنهنجي سهنجي.

(پنهنجي شيءِ سهنج واري آهي.)

  • - سنسارُ مهاڄارُ.

(سنسار مهاڄار آهي)

  • - اڳينِ پاڻي، پوين چِڪ.

(اڳين کي پاڻي ملندو، پوين کي چِڪ ملندي.)

  • - انسان خطا جو گهر.

(انسان خطا جو گهر آهي.)

  • - ٻه ته ٻارنهن.

(ٻه ته ٻارنهن آهن.)

  • - جڏهون ڪا مينهن، تڏهون ڪيون چِڪون.

(جڏهن مينهن پوندو، تڏهن چِڪون ٿينديون.)

  • - وڏن ۾ وڏي ڪلا.

(وڏن ۾ وڏو هُنر هوندو آهي.)

  • - انڌي پيهي، ڪُتي چٽي.

(انڌي پيهي ٿي، ڪتي چٽي ٿي.)

  • - ترت دان مها پُڃ.

(ترت خيرات ڪرڻ سان وڏو ثواب ٿيندو آهي.)

  • - دل کوٽي، عُذر گهڻا.

(دل کوٽي آهي ته، بهانا گهڻا آهن.)

(د) پهاڪن ۾ ٻين لفظن جو حذف:

          پهاڪن ۾ تعداد ضمير، صفت، حرف جر، حرف جملو وغيره جو به حذف ٿي ويندو آهي. انهن جا ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا. حذف ٿيل لفظن کي پهاڪن جي معنيٰ سمجهاڻيءَ ۾ هيٺان ليڪ ڏيئي ڏيکاريو ويو آهي.

  • - پُڇڻا نه منجهڻا.

(جي پُڇڻا، سي نه منجهڻا. صفت جو حذف

  • - چُلههِ تي، سو دل تي.

(جيڪو چُلهه تي هوندو، سو دل تي ٿيندو. صفت ’جو‘ ۽ فعل ’هوندو‘ جو حذف.

  • - هُنرِ واري جو هُنرِ، بي هنرِ جي جندُ.

(هُنر واري جو هنر ٿيندو، ۽ بي هنر جي جند ڳري ويندي. فعل حرف جملي ”۽“ جو حذف.

  • - ڪک چور، سو لک چور.

(جو اڄ ڪک جو چور آهي، سو سڀاڻي لکن جو مال چورائيندو صفت ۽ فعل صفتي جو حدف ڪيل.)

  • - ٻي سڀڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀُي اُٺِ.

(هتي ’سڀڪا‘صفت جا موصوف يعني ڳئون، رڍ، مينهن وغيره ڪتب نه آندا ويا آهن. ڌڻار ٻين سڀني ننڍن جانورن کي ويهي ڏُهندو آهي، پر اُٺڻيءَ کي ڏُهڻ لاءِ کيس اُٿي بيهڻو پوندو آهي.

  • - جهڙي نيت، تهڙي مُراد.

(جيڪو جهڙي نيت رکندو، تنهن کي تهڙي مراد ملندي يا اُجورو ملندو.)

  • - ڀريءَ ڇِني کان، ڀيري ڇنو چڱو.

(ڀريءَ جي ڪري ڇِني کان، ڀيري جي ڪري ڇِنو چڱو. گهڻو وزن کڻي ماڻهو بيمار ٿئي، اِن کان چڱو آهي ته گهڻا ڀيرا ڪري ٿورو ٿورو سامان کڻي پهچائجي. اِن سان جيڪو ٿَڪ ٿيندو اُهو ٿوريءَ دير کان پوءِ آرام ڪرڻ سان لهي ويندو.

  • - ڀُڳڙن کاڌي هٿ ڌوتا ئي پيا آهن.

(ڀُڳڙن جي کاڌي سان هٿ ڌوتائي پيا آهن. سٺا ڪم ڪبا ته اُن سان گلا ٿيڻ جو ڪوبه امڪان نه رهندو.)

  • - ڀُلي ٻاڻ آئِي، سابه نه ڀُلي.

(ڀُلي ڳئون، مينهن، وڇَ وغيره جيڪڏهن ڀٽڪي ڀٽڪي شام جو پنهنجي وٿاڻ تي هلي آئي، ته اُن کي ڀُليل نه چئبو. هِتي ”ڀُلي“ صفت آهي، اُنهيءَ جو موصوف ڪتب آندل نه آهي.)

  • - ٿوري کٽئي، گهڻي برڪت.

(ٿوري کٽئي سان، گهڻي برڪت ٿئي ٿي.)

  • - ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.

(ٺونٺ لڳي ۽ ساهڙي ڀڳي. ٿوري يا رواجي ڳالهه تي جيڪي دوستي ٽوڙي ڇڏين، تن لاءِ چئجي.)

  • - پاڻ مرندي، ڪهڙا سيڻ؟

(پاڻ مرندي کان پوءِ ڪهڙا سيڻ؟ جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي جان جو خطرو آهي، يا جڏهن پنهنجا سيڻ سڄڻ ئي ڪنهن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ته پوءِ اُنهن جو ڪهڙو لحاظ رکبو؟)

  • - پنهنجي لاهي جنهن هٿ ۾ ڪئي، تنهن کي ٻئي جي لاهيندي ڪهڙو ڀؤ؟

(جنهن پنهنجي پڳ يا عزت لاهي هٿ ۾ ڪئي، تنهن کي ٻئي جي آبروُ وٺندي دير نه لڳندي. هتي ’عزت‘
يا ’پڳ‘ لفظ ڳجهو آهي.)

  • - ڦڙي ڦڙي تلاءُ.

(ڦڙي ڦڙي سان تلاءُ ٺهي ٿو.)

  • - جنين ڪاڻ ڪيم لائي چائي، سي نه ٿيم سورن ڀائي.

(جن لاءِ مون لائي چائي ڪئي يعني جهيڙو جڳهڙو يا ٻيا کوٽا ڪم ڪيا، اُهي پڻ سورن ۾ يعني تڪليف وقت منهنجا ساٿي نه ٿيا.)

  • - جوَ ڍيري، گڏههُ رکپال.

(جَوَن جي ڍيري رکي آهي، ته گڏههُ ان جو رکوالو ٿيو آهي.)

  • - جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لهندا ڪن.

(جيڪا ٻڪري ڌاريان ٿو، تنهن جا ڪن پيا لمن، يعني جيڪو ماڻهو پاڻ وٽ نوڪريءَ تي رکان ٿو، تنهن ۾ هڪ نه ٻيو عيب نظر اچي ٿو.)

  • - مانَ بکيو سڀ ڪو، نانَ بکيو ڪو ڪونه.

(نان جو بُکيو سڀ ڪو، مانَ جو بُکيو ڪو ڪونه.)

4.2.3 حالتن جون پراڻيون شڪليون:

          سنڌيءَ ۾ اصطلاحن جون حالتون ٺاهڻ لاءِ حالتِ مفعولي (oblique or formative case) ۾ اسم جي پٺيان حرف جر (post position) لڳائي اسم جو فعل يا جملي جي ٻين لفظن سان تعلق ڏيکاريو ويو آهي. جيئن ته:

  • - هٿ کي (حالت جري)
  • - هٿ لاءِ (حالت سببي)
  • - هٿ، سان، کان، مان، تان (حالت اپادان)
  • - هٿ جو، جا، جي (حالتِ اضافت)
  • - هٿ ۾، تي (حالت مڪاني)

اِن طريقي کان سواءِ سنڌيءَ ۾ پُراڻا جوڙ يا پڇاڙيون (حرف جر جون نشانيون) به آهن، جيڪي اسم سان لڳائي اصطلاح ٺاهڻ کي ظاهر ڪبو آهي. اهڙا آڳاٽيون روپ پهاڪن ۾ چڱي تعداد ۾ ملن ٿا. حرف جر وارا جوڙ ”آن، اَئون، اوُن، اَين“ پهاڪي ٺاهڻ ۾ جدا جدا حرف جر جي معنيٰ ظاهر ڪندا آهن. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ به اِنهن جو استعمال ڪن. اسم عام جي لفظن سان ڪبو آهي. مثال طور:

  • - هُو گهران آيو آهي.
  • - هوُ ڳوٺ ويو آهي.
  • - مان ڳوٺئون آيو آهيان.
  • - هوُ ٻارين ٻچين آيا آهن.
  • - هيءَ ڳالهه هنڌين ماڳين ڦهلجي وئي.

هاڻوڪي ٻوليءَ ۾ اِنهن جو استعمال گهڻو گهٽجي ويو آهي. اِهو گهڻو ڪري محاورن ۽ پهاڪن ۾ ئي نظر اچي ٿو. جيئن ته:

  • - ٿوري گِرهين گهڻو کائجي.

(ٿورن يعني ننڍن گِرهن سان، گهڻو کائڻ ٺيڪ آهي.)

  • - پُٽُ پيٽئون، ناٺي اکيَئون.

(پُٽ پيٽ مان ٿو ڄڻجي ۽ ناٺي اکين مان يعني اکين جي پريت مان پيدا ٿئي ٿو. مطلب ته ٻئي برابر آهن.)

  • - پاڻ نه پلي پوپرِي، لوڪان متيون ڏئي.

(پوپري پاڻ کي نٿي پلي يعني روڪي ۽ ماڻهن کي متيون ٿي ڏئي.)

  • - پرائي بدئوُن، ڪاٺ ڪپهه ڪونئرو.

(پراوَن بيدن تي يعني اُٺن تي ڪاٺ يعني ڳورو سامان لڏبو، ته به سمجهبو ته اُهو ڪپهه کان ڪونئرو آهي.)

  • - پرائي دُهلين، احمق نچي.

(پراوَن دهلن تي جيڪو نچي ٿو، اُهو احمق يعني بيوقوف آهي.)

  • - پنهنجي ڪکين، ڪوئي نه لَکي.

(پنهنجي ڪکن ۾ يعني پنهنجي ڀونگي يا گهر ۾ ڪوئي نه ٿو لَکي يا ڏسي. مطلب ته پنهنجي گهر ۾ ماڻهو ڪيئن ٿو رهي يا ٻيا کيس ڇا چوندا، اِن جي کيس پرواهه نه هوندي آهي.)

  • - هٿان پيئي نانڪا، در در ڌڪا کائي.

(نانڪ چوي ٿو ته هُن پنهنجي هٿان ئي غلط ڪم ڪيو آهي ته پوءِ ٻئي کي هوءَ ڪهڙو ڏوهه ڏي؟ هاڻي در در تي پئي ڌڪا کائي.)

  • - پيٽُ ٻه ناهين چنتا ناهي.

(جنهن کي ڌڻي سائين کاڌو کائڻ لاءِ، هڪ پيٽ ۽ ڪمائڻ لاءِ ٻه ٻانهون ڏنيون آهن، تنهن کي ڀلا ڪهڙي ڳالهه جي ڳڻتي؟)

  • - ڪڏهن هاري هوس، اُڄ ڀيچان ڀيچي ڪونه ٿئي.

(ڪڏهن مان سندن اڳواڻ هوس، اڄ اُنهن همراهن يا ساٿين مان ڪوبه منهنجو مددگار نٿو ٿئي.)

  • - جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پِريُنِ.

(جهڙو اسان حبيبن جو حال آهي، تَهڙو توهان پرين جي پيش ڪريون ٿا.)

  • - ڪنڌيئون پار، قنڌارئون پار.

(جيڪو درياهه جي ڪنڌيءَ کان پري، يعني ٻي ڪناري تي بيٺو آهي، سو قنڌار کان به پري آهي. مطلب ته ٿوري دوري رکندڙ ڏينهون ڏينهن پري ٿي وڃي ٿو.)

  • - ڏِئي مٿيون، پر ڪنهن جي هٿوُن.

(سڀني کي ڏيڻ وارو ڌڻي آهي، پر اُهو ڪنهن جي هٿان يعني ٻئي ڪنهن جي ذريعي ڏيئي ٿو.)

  • - راجا اکئين ڪِه ڪنين؟

(راجا نياءُ ڪندو اکين ڏٺي ڳالهه موجب، يا ڪنن سان ٻڌل ڳالهه موجب؟ مطلب ته ٻُڌل ڳالهه تي اعتبار نه ڪندو.)

  • - زالان ڌاوَڻ، مردان کاوَڻ.

(زالُنِ جو ڌاوڻ يعني سنان ڪرڻ يا وهنجڻ ۽ مردن جو کاوڻُ يعني کاڌو کائڻ. مطلب ته زالن کي وهنجڻ ۾ گهڻي دير نه لڳائڻ گهرجي ۽ مردن کي چستيءَ سان جلد ماني کائي تيار ٿيڻ گهرجي.)

  • - ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال.

(ست ويلا بُک ڪاٽڻ کان پوءِ، جيڪڏهن ڪنهن ڪُتو کاڌو يعني منع ڪيل حرام جي شيءِ به کاڌي، ته پوءِ اُها به حلال سمجهڻ کپي. مطلب ته بک ۾ ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ نيچ ڪم ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو.)

  • - سَڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا

(ڪڏهن ڪڏهن شريفن جا ڄاول ٻار نالائق ٿي پون ٿا ته ڪڏهن بداخلاقن جو اولاد تمام سٺو ٿي پوي ٿو.)

  • - واتوُن خرار کاڄن، نَڪوُن ڪڻو نه کاڄي.

(وات سان يعني سُهائيندي نموني گهڻوئي کائي سگهبو، پر نڪ مان يعني اڻ سونهائيندي طريقي سان ٿورو به کائي نه سگهبو.)

  • - نانءُ مردان، ڌن آوي جاوي.

(ناموس يا نالو مردن جو ڌنُ آهي، باقي ٻيو ڌن يا ناڻو ته اچڻو وڃڻو آهي.)

  • - مِروئان موت، ملوڪان شڪار.

(مِروُئن جي لاءِ موت آهي، پر ملوڪن جي لاءِ اِهو فقط شڪار آهي يا دل وندرائڻ لاءِ هڪ راند آهي.)

  • - گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين مردين هر نه هلي.

(گهڻين زالن سان گهر ٺيڪ هلي نه سگهندو، ساڳيءَ طرح گهڻن مردن سان ٻني ٻاري جو ڪم بگڙندو.)

  • - انبان ٻور، ڪلالان لاها.

(انبن جو ٻور گهڻو ٿئي ٿو، پر اُن مان آخر ۾ انب ٿورا لهن ٿا. ساڳيءَ طرح ڪلال جي ڪمائي گهڻي ٿي نظر اچي، پر اوڌر سوڌر ۾ ناس ٿي، باقي صافي ٿوري ٿي بچي.)

  • - پنِئين منڱئي گهر هلي، ته کُههِ اُڌاري واٽ.

(پنڻ مڱڻ سان جيڪڏهن گهر هلي ٿو ته پوءِ اُڌاري جي واٽ وٺڻ کُههِ پوي يعني پوءِ اُڌر سوڌر وٺي ڇو گذر ڪجي؟)

  • - صلاحين شينهن ٻَجهن، ڪم ڪرهين نه ٿئي.

(صلاحن ڪرڻ سان يعني اٽڪل يا مٺ محبت سان شينهن به پڃري ۾ ٻڌجي وڃن ٿا، پر اُهو ڪم جهيڙن سان نه ٿي سگهندو.)

  • - گولاڙو ڳُئيان پَچي.

(گولاڙو ڳُئيان يعني هيٺان کان پچڻ شروع ڪندو آهي.)

  • - جيڪي فِراقان، سو وِصالان نه ٿئي.

(ورهه مان جيڪا پريم جي پيڙا يا تڙپ پيدا ٿئي ٿي، سا وصال يعني ميلاپ سان نه ٿي ٿئي.)

4.2.4: فعلن ۽ ڪردتن جا پراڻا روپ:

  • - ڪرند، پسند، ڏِيند لهند.

(جيڪو ڪندين، سو پسندين؛ جيڪي ڏيندين سو لهندين.)

  • - سڄڻ هُجن سنوان، مِرُون ڏيهه ڏنگايون ڪن.

(ڌڻي سائين اسان سان سولو هجي، يعني مهربان هجي ته پوءِ لوڪ ڀلي ڏِنگو هَلي ته به نقصان پهچائي نه سگهندو.)

  • - ماءُ ڄڻيندي پُٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊِ.

(ماءُ پٽ ڄڻيندي، پر انهن کي ڀاڳ ونڊي ته ڏيندي. هرهڪ جو نصيب ته ڌڻي سائين ٺاهي ٿو. هتي ’ونڊي‘ جو روپ ’ونڊ‘ ڪتب آيو آهي.)

  • - نيچ نؤڪري،ا ُتم کيتي، وڌنتُ واپار.

(نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌندڙ واپار.)

  • - مُنڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي،

مُنڱ پچي، ڪارڙو مَچي،

مُنڱ لُئو، ڪارڙو مُئو.

(هتي ’لُڻڻ‘ مصدر جو ڪردنت (اسم مفعول) ’لُئو‘ پراڻي
شڪل آهي.)

          (ڪيولرام سلامت راءِ ’گل شڪر‘ ۾ اِن پهاڪي کي سمجهائيندي لکيو آهي ته، ”ڪارڙو، هڪڙي ڪاري تر کان پڻ ننڍو جيت لاڙ واري خطِي ۾ ٿيندو آهي، ۽ ماڻهن کي چڪ پائي، جو مُنڱن جي پوک ڄاپڻ وارن ڏهاڙن ۾ ڄاپي، ۽ مُنڱن جي لاباري ۾ ناس ٿي وڃي، تنهن جو حال ڏيکارڻ لاءِ سياڻن هيءُ پهاڪو ڏنو آهي.“ (ص 217)

  • - هٿان پَيئي نانڪان، در در ڌِڪا کاءِ.

(پنهنجن هٿان جيڪو غلط ڪم ڪيو اٿائين ته هاڻ هُو در در ڌڪا پيو کائي. هتي ’کائي‘ فعل جي ننڍي شڪل ’کاءِ‘ آهي.)

  • - ڇٺي مُوروُن ونٺي، ٻانڀڻ ڪهڙو ڏوهه؟

(جنم پتري اصل جي ونٺي يعني وِنڌيل آهي، خراب آهي، ته پوءِ ٻانڀڻ کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي؟)

  • - جنين ڪاڻ مُياس، سي ڪُلهي ڪانڌي نه ٿيا.

(جن ڪاڻ مان مُئس، سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا. هتي ’مُئس‘ جي جهوني شڪل مُياس‘ آهي.)

  • - رِڻي ۽ رائر جو، سڏ جنهين کي هوءِ،

منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وِسري.

(رِڻ= قرض، رائر = راج ڪر، ڍل، ٽئڪس. جنهن کي بازار جي قرض چُڪائڻ ۽ سرڪاري ڍل چُڪائڻ لاءِ سڏ ٿئي ٿو، تنهن کي منجي (کٽ) تي ڀاڪر ۾ ويٺل جوءِ به هڪدم وسري ويندي آهي.)

  • - ڄٽهو نه وِسهو، وِسهو ته مُسهو.

(ڄٽن تي ويساهه نه ڪريو، جي ويساهه ڪندا ته مُسجي ويندا. هتي ’مُسجڻ‘ فعل جي ’مُسهو‘ شڪل پراڻو آهي.)

  • - سوٽي هوءِ ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري.

(سوٽي هجي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري. ’هُجي‘ جي پراڻي شڪل ’هوءِ‘ آهي.)

  • - آسرُمَ لاهيج، سڄڻُ ٻاجهيندڙُ گهڻو.

(آسرو نه لاهج، سڄڻ يعني ڌڻي سائين گهڻو رحيم آهي.)

  • - اک اُلٽي ڌار، وَنءُ اُلٽو عام سين.

(تون اُبتي اک ڌار، عام لوڪن کان ابتو وڃ. مطلب ته دنيا کان ڌيان هٽائي ڌڻيءَ جي ڌيان ۾ گم ٿي.)

  • - وهم ورساياس، نا ته پنهوُن آئون پاڻ هُئي.

(وهم جي ڪري ڀُلجي ويس، نه ته پُنهون آئون پاڻ هُئس.)

          ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽُرنپ جهوني سنڌيءَ ۾ ’هئڻ‘ يا ’هجڻ‘ فعل جون ٻه شڪليون ڏنيون آهن. *

آئون هُجان/ هُئان

تون هُجين، هُجين/ هُئن، هُئين

هُو هُجي/ هُئِه، هوءِ/ هوئو

اسين هُجون/ هُئُون

توَهين هُجو/ هُئو، هو.

هُو هُجنِ/ هُئنِ.

          يعني: هوءُ/ هوئو هاڻوڪي ٻول چال واري سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري، ’هجڻ‘ مان ٺهيل شڪليون ڪتب اچن ٿيون، پر جهوني سنڌيءَ ۾ ’هُئڻ‘ مان ٺهيل شڪلين جو وڌيڪ استعمال نظر اچي ٿو. شاهه جي ڪلام ۾ به ’هئڻ‘ مان جوڙيل شڪلين جو وڌيڪ استعمال نظر اچي ٿو. سنڌي پهاڪن ۾ به اهڙيون آڳاٽيون شڪليون وڌيڪ ڪتب آيون آهن.

4.2.5: اَوياڪرڻي (غير وياڪرڻي) جملا ٺاهڻ:

          ڪن پهاڪن جي جملي جي بيهڪ نرالي ڍنگ جي آهي، جيڪا عام طور پهاڪن کان سواءِ ٻوليءَ ۾ ٻئي هنڌ نظر نٿي اچي. اهڙن پهاڪن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:

  • - آئون به ويندي پيڪي، مون به لهندي سڪ.

(هتي هاڻوڪي ٻوليءَ ۾ ’آئون به وينديس پيڪي‘
چئبو آهي.)

  • - جنهن جي هيڪار ڪيائين ڪُوڙي ٿي،

تنهن جي ٻيهار سچيءَ ساک نه وِسهان.

(يعني: هيڪار ڳالهه ڪيائين، اُها جنهن جي ڪوڙي ٿي، تنهن جي ٻيهار سچيءَ ساک تي به مان ويساهه نه ڪريان. هتي پهرئين بيهڪ ننڍي جملي جي بيهڪ نرالي آهي، جنهن ۾ ”ڳالهه“ لفظ ڪتب نه آيو آهي.)

  • - اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي؟

(ڦاٽل اُڀ کي به ڪڏهن اَڳڙي پوي صفت موصوف جي پُٺيان آيو آهي.)

  • - ويئي سِڱن کي، ڪن به ڪپائي آئي.

(ويئي سِڱن کي يعني سِڱ ٺاهرائڻ لاءِ، پر ڪن به ڪپائي آئي.)

  • - ڪاڻي وِسُوڙي، چي مُڙس ويو اَکِ کي.

(ڪاڻي اِن ويساههُ ۾ ويٺي آهي ته منهنجو مڙس منهنجي لاءِ اک خريد ڪرڻ لاءِ ويو آهي.)

4.2.6. پهاڪن ۾ جملن جا جدا جدا قسم:

          نثر ۾ گهڻا پهاڪا بياني جملن جي شڪل ۾ هوندا آهن. پر اسان کي اهڙا پهاڪا به ملن ٿا، جيڪي سوالي ۽ عجب اظهار ڪندڙ وغيره جملن جي صورت ۾ به آهن. هتي ڪجهه مثال ڏجن ٿا:

                (الف) سادا بياني جملا (Simple narrative sentences)

  • - پَتِ نَنهَن تي پاڻي آهي.

(عزت نَنهن تي پاڻي وانگر تِرڪي ويندي آهي.)

  • - ڌيئَڪو ڌَڻَ سِگهو وڌي.

(ڌيئرون جلدي وڌنديون آهن.)

  • - ڌڻي به سڃاڻي ٿو سڱ ڏي.

(جيڪو انسان جنهن لائق آهي، ڌڻي سائين اُن کي اوترو ڏئي ٿو.)

  • - دِلي دُور آهي.

(ڪم پورو ٿيڻ ۾ اڃا گهڻو وقت آهي.)

  • - دولتمندن جا ڏاند به ويامن.

(ڀاڳ وارن کي ڪڏهن اهڙي هنڌان به ملي وڃي ٿو، جتان ملڻ جي ڪابه اُميد نه هوندي آهي.)

  • - جُڙيءَ کي جَسِ.

(جُڙيءَ کي جَسِ آهي، ڌڻي سائين جيڪي ڪري ٿو، ان تي شڪر ڪر.)

(ب) عجب ظاهر ڪندڙ جملا (Exclamatory sentences):

  • - عقل ري عذاب گهڻا، پسندين جندڙي!

(اڙي جند! عقل کان سواءِ گهڻا ڏک ڏسندين.)

  • - جيڪا جوڙيائين سان واهه واهه!

(ڌڻي سائين جيڪا جوڙي جوڙِي آهي، تنهن تي راضي رهجي.)

  • - ٻري تيل، کامي وٽ، واهه ڙي ڏيئا واهه!

(ٻري پيو تيل، کامي يعني جلي پئي وَٽِ، ۽ هرڪو شاباس ڏئي ٿو ڏيئي کي ته واهه واهه! ڏيئو ته سٺو ٿو ٻري.)

  • - آپ نه پالي، پالي ڏوُن!

(پاڻ کي ته پالي نٿو سگهي، اُهو هليو آهي ٻين کي پالڻ.)

(ج) سوالي جملا (Interrogative sentences):

  • - آرسي ڙي آرسي، مون جهڙو ڪو ٻيو؟

(جيڪو سونهن ۾ پاڻ کي ڪنهن جهڙو نه سمجهي، تنهن لاءِ چئبو آهي.)

  • - ڇڏڻ کان پوءِ اَڏڻُ ڪهڙو؟

(ڪنهن ڳالهه يا شيءِ کي ڇڏڻ کان پوءِ اُن جو ڌيان رکڻ مان ڪهڙو لاڀ؟)

  • - هٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جو ڪهڙو ضرور؟

(جيڪا ڳالهه صاف ظاهر هجي، اُن لاءِ ٻئي ڪنهن کان پُڇڻ جي ڪهڙي ضرورت؟)

  • - نَنهَن سان ڇَڄي ته ڪاتي ڇو وِجهجي؟

(ٿوري ڳالهائڻ سان ڪم ٿئي ته پوءِ اُن لاءِ زور زبردستيءَ کان ڇو ڪم وٺجي؟)

  • - گهوٽ ڪنوار راضي ته ڇا ڪندو قاضي؟

(ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ٺهي ويا ته پوءِ ٽئين کي وچ ۾ آڻڻ جي ڪهڙي ضورت؟)

(د) گفتگو وارا جملا (Conversational sentences):

  • - کڏ چئي، جيءُ سڏ.

(کڏ کي هُن سڏ ڪيو ته هڪدم کڏ وراڻيو، ”اَبا جيءُ! تنهنجي سڏُ تي مان حاضر آهيان.“ مطلب ته ڪنهن کڏ ۾ ناڻو پُوري رکيو آهي ته اُهو ضرورت وقت هڪدم ڪتب ايندو.)

  • - تون ڪير؟ چئي ”سِکيو“

(تون ڪير آهين، هُن جواب ڏنو، ”مان سِکيو آهيان“. مطلب ته ڪنهن جي ڀلائي ڪندي جيڪڏهن ڪنهن کي ڏوهه اچي ته هُو چوندو آهي ته اڳتي لاءِ مان سِکيو آهيان.)

  • - ٻائي ٻير؟ اڍائي سير.

(ٻائي ٻير ڪهڙي اگهه تي ٿي وڪڻين؟ هُن جواب ڏنو، ”پئسي جا اڍائي سير“ مطلب ته شيءِ گندي يا خراب آهي.)

  • - اگههُ ڪنهن وِڌو؟ چئي، ”جنهن جي نه سَري.“

(ڪنهن شيءِ جي قيمت ڪنهن وڌائي؟ اِن تي هُن چيو، ”جنهن جي اُن شيءِ کان سواءِ نه سري سگهي.“
مطلب ته ضرورت پوڻ تي ماڻهو مهانگي شيءِ به خريد ڪندو آهي.)

(چ) حڪم وارا جملا (Imperative sentences):

  • - ڌيئڙي سوڪرِ، جو ڏِٺُئه ماءُ گهر.

(نونهنڙي سوڪر، جو ڏٺئه سَسُ گهر.

  • - خرچ کاءُ، ته ڏِئي شاهه.

(دل کولي خيرات ڪر ته پئسو سُٺن ڪمن ۾ خرچ ڪر ته ڌڻيءَ توکي پاڻ ئي ٻيو به ڌنُ ڏيندو.)

  • - پيءُ ڏيکارِيا شراڌ ڪر.

(جيڪڏهن پڻهين جيئرو آهي، ته اُن کي وٺي اچي حاضر ڪر. جيڪڏهن مري ويو آهي ته پوءِ سندس شراڌ (مري ويل مائٽن جي عزت ۾ برهمڻن کي سالياني بخشيش ڏيڻ جي رسم) ڪر. مطلب ته ڳالهه جي هڪ هيڪاڻي ڪر.)

(ڇ) مرتب جملا (Complex sentences):

  • - آپ سُکي ته جڳ سُکي.

(جي پاڻ آسودو آهي ته کيس سڄو جڳ آسودو نظر اچي ٿو.)

  • - آڱرِ رکڻ ڏينس ته سڄي ٻانهن ڳڙڪائي وڃي.

(ڪنهن جي ڀلائي ڪر ته هو اُن ناجزئز فائدو وٺي تنهن لاءِ چون.)

  • - چُلهه تي، سو دل تي.

(جو چلهه تي آهي، سو دل تي آهي.)

  • - چڱا سي چئجن، جن جا پويان چڱا.

(اُهي چڱا ٿا چئجن، جن جو اولاد چڱو آهي.)

  • - ڄٽ پڙهيو، الله اڙيو.

(اناڙيءَ علم حاصل ڪيو ته، الله جي نالي جو غلط استعمال ڪندو.)

  • - جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي.

(جنهن مهرباني ڪئي آهي، تنهن جا ڳڻ ڳائجن.)

(ج) مُرڪب جملا (Compound Sentences):

  • - آڌيلو نه ڏِئي، آڌيو ڏئي.

(جيڪو وقت تي ٿورو خرچ ڪري ڪم نه ڪري، پر پوءِ اُن لاءِ گهڻو خرچ ڪرڻو پويس، تنهن لاءِ چئبو آهي.)

  • - ڄڻيندڙ ڇُٽا ۽ پرڻيندڙ مُٺا.

(جن ڇوڪري ڄڻي سي ته کيس پرڻائي ڇُٽي ويا، ۽ جيڪي کيس پرجڻ کان پوءِ پنهنجي گهر وٺي ويا، سي مُسجي ويا. خراب ڇوڪريءَ لاءِ چئبو آهي.)

  • - ڦِٽِ بُجو ڪَج، پر گِهه ذرو ڏج.

(جيڪو پنهنجي عزت جو خيال نه رکي ۽ ٻئي اڳيان هٿ ٽنگي، تنهن لاءِ چئبو آهي.)

  • - وٿُ نه کٽي، وٿُ جو وٺڻ کٽي.

(شيءِ پاڻ ڀلي ملهائتي نه هجي، پر اُن جي پئڪنگ سهڻي آهي ته اُها شيءِ عوام ۾ پسند پوندي.)

4.2.7: شعرن يا بيتن ۾ پهاڪا:

          نثر ۾ جدا جدا جملن جي صورت ۾ پهاڪا گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا، پر بيتن جي شڪل ۾ به چڱي تعداد ۾ پهاڪا ملن ٿا. اُنهن ۾ تُڪ کي ملائي سُر، تال ۽ لئه جو گڻ پهاڪن ۾ پيدا ڪيو ويندو آهي. اهڙن پهاڪن تي تفصيل سان ويچار هيئت يا شاعريءَ جي اصولن هيٺ ڪيو ويو آهي. هتي اهڙن پهاڪن جا فقط ڪجهه مثال ڏجن ٿا:

  • - پُلاهه جهڙي پدمڻي، جي هَڪي حاضر هوءِ،

بوُسي وجهه پيٽ ۾، مَرُ پيٽ ڦاٽي پوءِ.

(سُٺو لذيذ کاڌو ملڻ تي ماڻهو جڏهن هٻڇ ڪري کائيندو آهي ۽ پوءِ بيمار پوندو آهي، ان ڏانهن اشارو ڪندي هيءُ پهاڪو چيل آهي.)

  • - ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مُقام ۾،

واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.

(انسان ڪڏهن جوان ۽ سهڻو آهي ته ڪڏهن اُن جو مڙهه مُقام ۾ پيو آهي. هيءَ زندگي واريءَ جو ڪوٽ آهي، يعني فاني آهي. اُن کي انسان ڪيترو وقت قائم رکي سگهندو؟)

  • - ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

(سڀيئي ماڻهو سُٺا ۽ سهڻا نه هوندا آهن. سڀيئي پکي هنج نه هوندا آهن. اهڙا ماڻهو تمام ٿورا آهن، جن مان بهار جي مند جي خوشبوءِ اچي ٿي.)

  • - ڄٽيءَ سُٽ پسايو، واڻئي وِڌس وَٽِي،

ڄٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻئي ليکي ڄٽي،

مُٺي اُهائي ڄٽي، مُٺي اُهائي ڄٽي.

(ڄٽي پاڻيءَ ۾ سُٽ پُسائي آلو ڪري واڻئي جي دُڪان تي وڪڻڻ لاءِ کڻي ويئي. واڻيو اِها ڳالهه سمجهي ويو. هُن وري کوٽا وٽ ساهميءَ ۾ رکي سُٽ توريو. جنهن ڪري سُٽ جي تور گهٽجي ويئي. ڄٽي پنهنجي دل ۾ خوش هُئي ته مون واڻيئي کي ٺڳيو آهي. ٻئي طرف واڻيو خوش هو ته غلط وٽن جي خبر ڄٽيءَ کي ڪانه پئي آهي. نتيجو اِهو نڪتو ته اِن سودي ۾ نقصان ڄٽيءَ کي ئي پيو.)

4.2.8: پهاڪن ۾ ماڻهن جا نالا:

          هرهڪ سماج ۾ ٻار جي ڄمڻ تي مٿس نالو رکڻ جون جدا جدا ريتيون آهن. هندوُ گهڻو ڪري جيوتش جي حساب موجب جنم جي ويلو وقت، گرهه گوچر، راسيون وغيره جاچي اُن موجب نالو رکندا آهن. سِک پنٿ وارا گروگرنٿ صاحب مان وچن وٺي ٻار تي نالو رکندا آهن. ڪن حالتن ۾ عوامي عقيدو، ڀرم- سنسار به نالن جي بُنياد ۾ هوندا آهن. جيئن ته:

          جنهن ڪٽنب ۾ ٻار نه ڄمندو آهي ۽ پوءِ سِڪي سِڪي جڏهن ٻار پيدا ٿئي ٿو ته اُن تي اهڙي خواهش وارا نالا رکندا آهن (بچارام، بچومل، جيئندراءِ، دولهه ڏنو وغيره). سِڪي لڌي ٻار کي بُري نظر کان بچائڻ لاءِ مٿس اڻوڻندڙ نالو رکڻ جي به روايت آهي. مثال طور: مِرچُومل، کوتارام، ڪؤڏومل، غريب داس وغيره.

          ٻار تي گهڻو ڪري اهڙو نالا رکڻ پسند ڪبو آهي، جنهن سان هُن جي گُڻن، مزاج، بهادري وغيره جي ڄاڻ ملي. پهاڪن ۾ اهڙي قسم جي نالن جو استعمال مکيه طور جن مقصدن سان ڪيو ويو آهي، اُهي مقصد هن ريت آهن:

  • (1) تجنيس حرفي جي لاءِ نالا چونڊي ڪنهن احساس جو اظهار ڪرڻ.
  • (2) گڻن موجب رکيل نالن جو اظهار ڪرڻ.
  • (3) گڻن جي ابتڙ نالا کڻي طنز يا ٽوڪ ڪرڻ.
  • (4) خاص شخص جو نالو کڻي عام حقيقت ڄاڻائڻ.

(1) تجنيس حرفي جي لاءِ نالا چونڊي ڪنهن احساس جو اظهار ڪرڻ:

گهڻن پهاڪن ۾ اهڙا نالا ڪتب ايندا ويا آهن، جيڪي پهاڪي ۾، تجنيس حرفيءَ جي سونهن پيدا ڪن ٿا. اِن ڪري اُهي آسانيءَ سان ياد پوڻ ڪري عام ماڻهن ۾ جلدي عام ٿي وڃن ٿا.

  • - ڏيهه ڪري ڏياري ته هرِچندُ ڪري هولي.

(جڏهن ڪو ماڻهو عام رواج جي اُبتڙ هلت ڪري تڏهن چئبو آهي.)

  • - پهريائين پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ.

(ڪو خود مطلبي ماڻهو فقط پنهنجي ڳڻتي ڪري ۽ ويجهن ڀاتين جو به خيال نه رکي تڏهن چئبو آهي.)

  • - لکي لکانو، پڙهي اِلهانو.

(جڏهن ڪنهن جي لکڻي اهڙي خراب هجي جو ٻيو ڪوبه ماڻهو پڙهي نه سگهي، تڏهن چئبو آهي.)

  • - موٽوُ مڱيوئي نه آهي ته پُڇي پيئي کٽ ڪٿي وِجهان.
  • - پمن پرڻيوئي نه آهي ته پُڇي پئي کٽ ڪٿي وِجهان.

(انهن ٻنهي پهاڪن جو مطلب آهي ته ڪم جي ٿيڻ ۾ اڃا گهڻي دير آهي، پر اُن لاءِ تيارين ڪرڻ ۾ اجائي تڪڙ پيئي ڪجي.)

  • - ڪيڏانهن مُنهن مريم جو، ڪيڏانهن الهيار.

(الهيار جو ٽنڊو هڪ طرف آهي ته مائي مريم اوڏانهن وڃڻ لاءِ اُبتي ڏس ۾ پيئي هلي.)

  • - ڀائي ڀُورو، ليکو پورو.

(جڏهن ڪو ماڻهو، دعوت وغيره ۾ کاڌي پيتي جو بلڪل پورو پورو حساب رکي، جو ڪجهه به زيان نه ٿئي، تڏهن چئبو آهي.)

(2) گُڻن موجب رکيل نالن جو ذڪر ڪرڻ:

  • - جتي وڃي ڀاڳان، اُتي لڳيس ڀاڳُ.

(ڀاڳ ونتي (ڀاڳ واري) جتي وڃي ٿي، اُتي سندس ڀاڳ به کيس مدد ڪري ٿو.)

  • - لُڏڻ ٻائيءَ پڱرو ڪيو، ڇنڊيندي ڏينهن ويو.

(جڏهن ڪا عورت فئشن ۽ ٺاهه ٺوهه ۾ لڳي رهي ۽ فقط پنهنجا پيئي ڪپڙا ڏسي تڏهن چئبو آهي.)

  • - لڇمي، ڪُلڇڻ ڍڪڻي.

(لڇمي يعني ناڻو ڪُلڇڻن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.)

  • - گنگا گئي گنگاداس، جمنا گئي جمناداس.

(گنگا ويو ته گنگا جو پُوڄارو ٿي ويو ۽ جمنا ويو ته جمنا جو پوڄاري بڻجي ويو. هي هندي ٻوليءَ جو پهاڪو سنڌيءَ ۾ به مشهور آهي.)

(3) گڻن جي اُبتڙ نالا کڻي طنز يا ٽوڪ ڪرڻ:

  • - لهي لوهه به ڪونه، نالو سون ٻائي.
  • - لڀنس لوڻ ڪڻا به نه، چئي منهنجو نالو سون ٻائي.

(آهي تمام غريب عورت، پر نالو اٿس سون ٻائي.)

  • - بدن ۾ دمُ ٺهيس ڪانه، نالو زوراور خان.

(جڏهن ڪنهن ڪمزور شخص جو نالو زوراور خان هجي.)

  • - ڄاڻي اکر به ڪونه، نالو محمد فاضل.

(جڏهن ڪنهن اڻپڙهيل جو نالو ’فاضل‘ هُجي.)

  • - اکيون چُنجهيون، نالو نيناونتي.

(اکين جي آهي چُنجهي ۽ نالو اٿس سندر نيڻن واري.)

(4) خاص شخص جو نالو کڻي عام حقيقت ڄاڻائڻ:

سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن کي کڻي ڪافي پهاڪا سنڌيءَ ۾ مشهور آهن. اُنهن ۾ ڪردارن جو مثال ڏيئي ڪنهن عام سچائي يا حقيقت طرف اشارو ڪيل هوندو آهي. هتي اهڙن پهاڪن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا. اِنهن لوڪ ڪهاڻين جو بيان ثقافتي اڀياس واري باب ۾ ڪيل آهي.

  • - دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي، هن جي ڪسر هُن ۾ آئي.

(دودو ۽ چنيسر ٻه ڀائر هئا، جن جي وچ ۾ راڄ تخت جي ڪري جنگ لڳي هئي. اُن ڪري عوام بيزار ٿي هي پهاڪو چيو. مطلب ته جڏهن ٻئي حاڪم هڪجهڙائي نڪما هُجن، تڏهن هي پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.)

  • - اڃا اُٺ ڪڍن سسُئي.

(سسئي پيرين پنڌ پنهونءَ کي ڳولهڻ نڪتي، هُوءَ برپٽ ۽ جبل جهاڳيندي رهي. ان تي شاهه لطيف چوي ٿو ته: ”سسئي اُٺن تي هجي ته شايد پنهنجي منزل تي پهچي وڃي. پيرين پنڌ پهچڻ ته مشڪل اٿس.“ مطلب ته ڪم نهايت ئي اوکو آهي.)

  • - ناهي راڻو راڄ ۾، تڏهن مومل ٿي ماندي.

(مومل راڻي جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي بيٺل پهاڪو آهي. ڪنهن جو محبوب وٽس نه هجي ۽ هوءَ بيقرار ٿي وڃي، اِن تي اِهو پهاڪو چئجي.)

  • - دلوراءِ جي نگريءَ جيان، ناس ٿي ويندين.

(دلوراءِ نالي هڪ ظالم راجا ٿي گذريو آهي. سندس ظلمن جي ڪري قدرتي ڏمر ٿيو، جنهن ۾ هُن جي راڄڌاني ناس ٿي ويئي. اِن طرف اشارو آهي.)

4.2.9 : پهاڪن ۾ انگن جو استعمال:

سنڌي پهاڪن ۾ انگ ڏيکاريندڙ لفظن جي استعمال کي اسين ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهون ٿا:

  • (1) تجنيس حرفيءَ ۽ تڪُ ملائڻ لاءِ.
  • (2) ٻن شين جي وچ ۾ فرق ڏيکارڻ لاءِ.
  • (3) هڪجهڙين ڳالهين کي هڪ هنڌ رکڻ لاءِ.
  • (1) تجنيس حرفي ۽ تُڪ ملائڻ لاءِ:
  • - چڱائيءَ کي چار، ڳڻي هڻجن موچڙا.

(ڪنهن سان ڀلائي ڪجي ۽ موٽ ۾ هوُ نقصان ڪري، تڏهن چئجي.)

  • - چئن پئسن جي چٽاڀيٽي، پنجن پئسن جي ملهم- پٽي.

(ڪنهن ننڍڙي تماشي کان پوءِ، اُن پٺيان وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوي، تڏهن چون.)

  • - پنج گنج.

(پنج آهن ته سڀڪي آهي. ڄڻ اسان کي وڏو ئي خزانو مليو آهي.)

  • - نئين ڪنوار نَوَ ڏينهن، لٿي پٿي ڏهه ڏينهن.

(ساهُري گهر ۾ جڏهن ڪنوار داخل ٿئي ٿي، تڏهن نَوَن يا وڌ ۾ وڌ ڏهه ڏينهن سندس عزت ٿئي ٿي. اُن کان پوءِ هوءَ ٻين وانگر گهر جي ڪمن ۾ لڳي وڃي ٿي. هتي تجنيس حرفي ۽ تُڪ ملائڻ جو استعمال ڪيل آهي.)

  • - ٻارنهين ڪوهين ٻولي ٻي.

(ٻارنهن ڪوهن جي فاصلي کان پوءِ ٻوليءَ ۾ ڪجهه فرق نظر اچي ٿو.)

  • (2) ٻن شين جي وچ ۾ فرق ڏيکارڻ لاءِ:
  • - ٻارنهن گدرا، تيرنهن لاڳدار.

(ٻارنهن گدرا آهن ته تيرنهن ڄڻا ان جو حصو گهرندڙ آهن.)

  • - هڪ لٽي، سهسين پٽي.

(ڌڻي سائين هڪ واٽ بند ڪري ٿو ته انسان لاءِ ٻيا هزارين رستا کولي ٿو.)

  • - اڌيلي جي پڳڙي، رُپيو ٻڌاڻي.

ڪِري پوي کوُهه ۾ ته ٻه رُپيا ڪڍاڻي.

(ڪنهن خسيس شيءِ تي جڏهن گهڻو خرچ ڪرڻو پوي، تڏهن چون.)

  • - هڪ/ يڪ تندُرستي، هزار نعمت

(جيڪڏهن هڪ تندرستي ماڻهوءَ کي حاصل ٿيل آهي ته پوءِ هزار نعمتون ملن ٿيون.)

  • - ويري هڪڙو به گهڻو، سڄڻ سوين به ٿورا.

(دشمن چاهي هڪ هُجي، ته به کيس وڌيڪ ليک، پر سڄڻ يا دوست سوين هجن ته به اُنهن جو تعداد گهٽ سمجهه.)

  • - انڌو گهرُي الله کان هڪ اک،
  • - پر جي ٻه مِلنس، ته ٻيو ڇا کپيس.

(ڪو ماڻهو جي گهٽ ۾ گهٽ ضرورت جي شيءِ چاهي ٿو، پر جيڪڏهن کيس اُن کان وڌيڪ اُها شيءِ ملي ٿي، تڏهن هي پهاڪو چون.)

  • (3) هڪجهڙين ڳالهين کي هڪ هنڌ رکڻ لاءِ:

سُگهڙن جا جوڙيل اهڙي قسم جا گهڻيئي ٻول يا بيت ملن ٿا، جن ۾ هڪجهڙن گڻن واريون ڳالهيون هڪ هنڌ بيان ڪيون وينديون آهن. اِهي انگن جي ڳڻپ موجب رکيل هونديون آهن. اِن قسم جا ٻول پهاڪن جي شڪل ۾ مشهور ٿي ويا آهن. هتي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب ”پروليون، ڏِٺون، معمائون ۽ ٻول“ مان ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:

  • - نه ڪو گهرُ نه ڪوتڙُ، نه ڪا گهرواري.

هڪ ڄڻي کي ننڊ پياري.

(جنهن کي گهر نه هجي ۽ نه ڪا زال هجي، اُهو اڪيلو مُڙس ڀلي ته پيو ننڊون ڪري.)

  • - ڇنل جُتي پير ۾، گهُرُ جُهرُ ڪئي جوءِ،

اِهي ٻئي نه هوءِ.

(ڇنل جُتي ۽ زال جي ڪُرڪُر، اِهي ٻئي نه هُجن ته چڱو آهي.)

  • - انڌو ۽ اڻ سُونهون ٻئي هڪ آچار،

(انڌو ۽ اڻ سُونهون ماڻهو ٻئي برابر سمجهو.)

  • - ڏيڻ، روئڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ٽيئي ٽول ڏُکيا،

سي قادر پنهنجي قدر سين، هيئين هيٺ رکيا.

  • - حاڪم، باهه ۽ پاڻي، اِهي ٽيئي گهٽ نه ڄاڻ.
  • - مِڪو ماڻهو، گونگو مينهنُ، بيٺل پاڻي، جُهڙ جو ڏينهن، اِهي چارئي ٻوڙين.

(مِڪو= اندر جو کوٽو، مِيسِڻو)

  • - نه ڪَسيئي ڪماڻ، نه پڙيئي جماڻ،

نه ٽپيئي کوُها، نه رَميئي جُوئا.

(ڪمان ڪشڻ (ڇڪڻ)، ضامن پوڻ، کوهه ٽپڻ ۽ جوئا کيڏڻ، اِهي چارئي ڪم نه ڪجن.)

  • - ڪاچ ڪٽورو، گيهه گهڙو، موتي ۽ من،

ڀڳا وري نه ٺهن، تن جو ڪجي جتن.

(شيشي جو پيالو، گيهه جو گهڙو، موتي ۽ من، اهي چارئي ڀڳا ته وري سڄا نه ٿين. اِن ڪري اِنهن چئني جي سنڀال ڪجي.)

  • - ڪوري، ڪُنڀر، ڪڪڙ ۽ ڪانءُ،

اُٺي مينهن چئني جو وڃي هانءُ.

  • - ڪاٺين کي باهه مان، مِرونءَ کي ماهه مان،

بخيل کي مال مان، عالم کي علم مان،

سائل کي خيرات مان، پنجني ڍَءُ نه ٿئي.

  • - اڪ ٻارڻ، جَوَ توَڻُ، ڪِر ڪِريو ڀتارُ،

چُنجهي زال، ٽِمِڻو گهر، اِهي پنجئي آزار.

  • - هڪ انڌو، ٻيو پوڙهو، ٽيون ٻوڙو، چوٿون ٻار،

پنجون بيمار، اهي پنجئي بيمار.

  • - هٽُ، چٽُ، ڦٽُ، سرُ، سُوئرُ،

اهي پنجئي ٻڌا ڀلا.

  • - کٽر ڍڳي، چَڪِرُ گهوڙو، اُٺ نه کڻي بار،

ڪُتو وڃائي ٿانوءَ کي، نِهائينءَ اُگهاڙي نار،

اهي پنجئي مارِ.

          ان طرح سگهڙن جا سياڻپ ڀريا ٻيا به گهڻيئي ٻول آهن، جيڪي سمورا يا اُنهن جا ڪجهه بند پهاڪن وانگر لوڪن ۾ مشهور آهن. هتي ڪجهه بند مثال طور ڏجن ٿا:

  • - اُٺ کي ته لاڻو ڀلو، گهوڙي کي ته داڻو ڀلو،

مرد کي ته ناڻو ڀلو، معشوق کي ته ماڻو ڀلو.

  • - ڄيٺ جو آ مِينهن ڀلو، سياري سندو ڏينهن ڀلو،

ننڍپڻ سندو نينهن ڀلو، پڃري ۾ آ شينهن ڀلو.

  • - ٻني سا جا ٻنين ڀلي، پوک سا جا پَنين ڀلي،

گهوڙي سا جا هَنين ڀلي، عورت سا جا ونين ڀلي.

  • - اڪ جي سؤٽي تي، پاڻيءَ جي ڦوٽي تي،

دل جي کوٽي تي، قد جي ڇوٽي تي،

ڀروسو نه ڪجي.

  • - سون پرکجي ڪسؤٽيءَ، رُپو پرکجي باهه،

ماڻهو پرکجي، تڏهن، جڏهن بار مٿس اڇلاءِ.

          ان قسم جي ٻولن ۾ به چاهي انگن جو استعمال نه ٿيل آهي، ته به هڪجهڙن گڻن يا وصفن واريون ڳالهيون هڪ هنڌ رکيون ويون آهن.

4.2.10: پهاڪن ۾ پراڻن لفظن جو ذخيرو:

          سنڌي پهاڪا صدين کان وٺي سيني بسيني زباني روايت موجب هلندا ٿا اچن. اِهي هڪ قسم جا ”سوُتر پريوڳ“ (مقرر ڪيل قاعدي موجب استعمال) آهن، جن جي وياڪرڻي بيهڪ ۽ لفظن ۾ ڦيرگهير ڪانه ٿي ٿئي. اِن ڪري گهڻيئي پراڻا وياڪرڻي شڪل ۽ لفظ چاهي عام ڳالهه ٻولهه واري سنڌيءَ ۾ واهپي مان نڪري ٿا وڃن، ته به اُهي پهاڪن ۾ جيئن جو تيئن قائم رهندا آيا آهن.

          اُهي سنڌي پهاڪا جن جو بنياد سنڌ جي ڪِن خاص ايراضين تي آهي، يا اُنهن ۾ اهڙين شين جا نالا آهن جيڪي فقط سنڌ ۾ پيدا ٿيون آهن، اُهي ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي قدر واهپي مان نڪري ويا آهن. مثال طور: ٻِڏِ، ڏُٿُ (جهنگلي گاهه)، گولاڙو، (هڪ قسم جو ڦل)، ڪارڙو، (لاڙ ۾ مُڱن جي فصل ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍڙو ڪارو جيت) وغيره سان واسطو رکندڙ پهاڪا هاڻي ڀارت جي سنڌيءَ ۾ ڪتب نه ٿا اچن. ساڳيءَ طرح ”گوُني سدا اوُنهي“، ”چانڊيا چور شابراڻي شاهد“، ”چٽي چَنيجن جي وڃي پُرڻ تي پيئي“. اهڙا پهاڪا به ڀارتي سنڌيءَ مان گم ٿي ويا آهن.

          اسان پراڻن وياڪرڻي شڪيلن تي هن کان اڳ ويچار ڪيو آهي. هتي ورڻ مالا موجب اهڙن ڪن پراڻن سنڌي لفظن جا مثال ڏجن ٿا، جيڪي پهاڪن ۾ سلامت آهن، پر عام ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ اُنهن جو استعمال بلڪل ختم ٿي ويو آهي يا گهڻي قدر گهٽجي ويو آهي.

اَهو = تِير، ڪانُ (سنسڪرت ۾ اِشُ)

  • - اَهو به ويو ته سَهو به ويو.

(تير به گم ٿي ويو ته سهو به ڀڄي ويو)

آڪرو = مهانگو.

  • - ناڻو ڏجي آڪرو، ته گيههُ ڇو وٺجي ٻاڪرو.

(اگهه وڏو ڏجي ته ٻاڪري کير مان ٺهيل گيهه ڇو وٺجي؟)

آگو = پرماتما، ڀڳوان، خدا، ڌڻي سائين.

  • - ڏس آگي جا اسرار، جو عيبدار اڳي ڪري.

(ڌڻي سائين جا عجيب کيل ڏس، جو هُو ڪڏهن ڪڏهن عيبدارن تي مهربان ٿي کين سڀني ۾ اڳيان ٿو آڻي.)

آرهڙ= گرميءَ جي مُند، تپت، اونهارو.

  • - آرهڙ جي تپي ڏينهن، سانوڻ جي وسندي مينهن،

سياري جي آڌي رات، شل نه پوي هنگڻ تات.

(مطلب ته بيان ڪيل وقتن تي ڪاڪوس جو خيال ٿئي ته گهڻي پريشاني ٿيندي آهي.)

آهِري = آرسي.

  • - انڌي اڳيان آهِري، ڪر تئو ٽنگيو آهه.

(انڌي اڳيان آرسي ائين آهي، جيئن ٽنگيل تئو)

آهِرُ = جهنگلي ماڻهو، گهٽ ذات ماڻهو.

  • - آهرُ کٽي اوبڻي، رن وڃائي رنبو.

(جهنگلي ماڻهو ٿورو ڪمائي اچي ته سندس زال اُن کان وڌيڪ خرچي نقصان ڪري.)

آههُ = کوُهه جي ڀرسان پاڻي ڪٺو ڪرڻ لاءِ ٺهيل حوض.

  • - جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو آههُ ۾ پوندو.

(کوهه ۾ جي مٺو پاڻي هوندو ته حوض ۾ جانورن کي به مٺو پاڻي ملندو. مطلب ته جهڙو ڪم/ عمل ڪبو، تهڙو ڦل ملندو.)

آهُرُ = ڍورن جي کاڌي لاءِ ٺهيل حوض.

  • - آهُرُ جي آسري، جهنگ نه چُنائون.

ڍڳيون مِينهون جهنگ ۾ چرڻ ويون، پر اُتي پورو گاهه نه کاڌائون، آسرو هون ته وٿاڻ ۾ پهچڻ تي آهُر ۾ اِن کان وڌيڪ سٺو چارو ملندو.)

اُماڙ/ اُماڙي = جلندڙ ڪاٺي.

  • - ڪتيءَ کي ڪنهن اُماڙ ڏنو هو.

سا تارا ڏسي ٿي ڊني.

(ڪُتيءَ کي ڪنهن ٻرندڙ بُنڊي ڏيکاري ته هوءَ باهه ڏسي ڀڄي ويئي. پوءِ ته رات جو تارن جي روشني ڏسي به اُن کان پئي ڊني.)

اوجهه = اوجهري، پيٽ.

  • - ڦاڙهو جاتي کائي، تاتي اوجهه ڏِئي.

(ڦاڙهو جهنگ ۾ جتي وڃي کائي ٿو، اُتي ئي پوءِ ڦاسي شڪارين هٿان مري ٿو.)

اوٽڻُ = مدد ڪرڻ، ڪم ڪرڻ، زمين کيڙڻ.

  • - جنهن اوٽيو، سو ارجن.

(جنهن ڪم جي شروعات ڪئي، سو ارجن§ وانگر بهادر آهي.)

اوبڻي = سُٽ ڪتڻ جي ٽڪُلي.

  • - آهِر کٽي اوبڻي، رن وڃائيس رنبو.

(مڙسن ٿورو ڪمائي ٿو اچي ته سندس زال اُن کان وڌيڪ خرچي نقصان ٿي ڪري.)

اوههُ = شِيردان، ٿڻن ۾ اُهو حصو جتي کير ڪِٺو ٿئي ٿو.

  • - هر ڪنهن کي ٻئي جي مينهن جو اوهه وڏو نظر ايندو آهي.

(هر ڪو ماڻهو پنهنجي شيءِ جي ڀيٽ ۾ ٻئي جي شيءِ کي سٺو سمجهندو آهي ۽ چاهيندو آهي ته اُها وٽس هجي.)

ڪر = ڄڻ، سمجهو ته.

  • - انڌي اڳيان آهِري، ڪر تئو ٽنگيل آهي.

(انڌي اڳيان آرسي ائين آهي ڄڻ ته تئو ٽنگيل آهي. مطلب ته، اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ کي اُن ڳالهه مان ڪوبه لاڀ نه ٿيندو.)

ڪَرَهن = ڪَلههَ، جهيڙو، وِکاند.

  • - جاسين لال کڻي لٺ، تاسين ڪَرهَن وڃي اجهامي.

(جيسين لال لٺ کڻي لڙڻ لاءِ پهچي تنهن کان اڳ جهڳڙو ئي ختم ٿي وڃي.)

ڪَلِ = هڪ قسم جو ڊگهو ۽ گهاٽو گاههُ.

  • - انڌي گهوڙي ڪل ۾.

(گهوڙي اڳي ئي انڌي آهي، وري وڃي ڦاٿي ڪلِ ۾، اِها ٻاهر نڪرڻ جي واٽ ڪِٿان ڳولي سگهندي؟)

ڪنواٽ = ٻن سالن جو ننڍو اُٺ، اُٺ جو سيکڙاٽ ٻچو.

  • - اُٺ ٻڍو ته به ٻَه ڪنواٽ لهي.

(اُٺ چاهي ٻڍو ٿي وڃي ته به ٻن نوجوان اٺن جهڙو ٻوجهو ڍوهي سگهي ٿو.)

ڪاڍارو= وياج تي وٺڻ.

  • - ڪڍي ڪاڍارا، ڏئي اُڌارا.

(جيڪو وياج تي ناڻو وٺي ۽ بنا وياج ٻين کي اڌارو ڏئي، تنهن جو هاڃو ٿيندو.)

ڪارِڙو= سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍو ڪارو جيت.

  • - مُڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي،

مُڱ پچي، ڪارڙو مچي،

مُڱ لُئو، ڪارڙو مُئو.

(منڱن جي پوک ۾ ڪارڙو پيدا ٿيندو آهي. فصل لُڻڻ تي اُهو مري ويندو آهي.)

ڪانياري = ڪاڻي يا گهُرج واري، ڊڄڻي.

  • - ڪانياري ٻلي، ڪوئي جي جوءِ.

(ڊڄڻي ٻلي چاهي ڪُوئي کان ڏاڍي آهي، ته به ڊپ جي ڪري هُن جي ڄڻ زيردست بڻجي ٿي وڃي.)

ڪِنگِرُ = ٺڪر جو ڪُپڙو.

  • - ڪنِگرُ ۾ ڪَڪِڙا، پڙي مبارڪ.

(ڪپهه پوکڻ لاءِ ڪِنگر ۾ پاڻي وجهي اُن ۾ ڪڪڙا پسائڻ لاءِ وڌا اٿس. اڃا پوک ئي ڪانه ٿي آهي ته جوءِ کي چوي ٿو ته مان ڪپهه مان توکي پَڙي ٺهرائي ڏيندس.)

ڪيهو = ڪهڙو.

  • - جنهن جي ساهه کنئي ڪَلَ نه پوي،

تنهن کي سورُ ڪيهو سلجي؟

(جنهن کي ٻئي جو دک درد سڃاڻڻ جي لياقت نه آهي، تنهن سان پنهنجي سورن جو ڪهڙو حال ڪجي؟)

ڪوههُ = ڇا.

  • - گهوٽ ڪنوار رازي ته ڪوهه ڪندا قاضي؟

(جڏهن ٻه ڌريون سرچي وڃن، تڏهن ٽئين جي وچ ۾ پوڻ جي ضرورت نه آهي.)

ختما = فوت ٿيل لاءِ قرآن شريف پڙهڻ.

  • - جهڙا روح، تهڙا ختما.

(جهڙي درجي جو ماڻهو مري وڃي ٿو، اُن لاءِ قرآن شريف جو اهڙو دؤر ٿئي ٿو.

کٿوري = ڪستوري.

  • - خون کٿوري ڳجها نه رهن.

(خون ۽ کٿوريءَ جي خوشبوءِ ڪڏهن به لڪي نه سگهن.)

کَلو = جُتي، موچڙو.

  • - کڻ کلو ته ٿئي ڀلو.

(ڪنهن تي جُوتو کڻ يعني اُن سان سختي ڪر ته پوءِ تنهنجو ڀلو ٿيندو.)

کُههِ = کڏ ۾، کوهه ۾.

  • - پِنِئي منڱئي گهُر هلي ته کُههِ اُڌاري واٽ.

(آلسي يعني سُست ماڻهو محنت مزدوري ڪري ڪمائڻ کان نٽائي ٿو. هوُ چوي ٿو ته پنڻ سان جيڪڏهن منهنجو گذر ٿئي ٿو ته پوءِ اُڌارو وٺي يا پني ڇو کاوان؟)

کيٽُ = کيترُ، ٻني (سنسڪرت- ڪشيتر)

  • - جي وسي چيٽ ته اَن نه ماپي کيٽُ.

(جيڪڏهن چيٽ ۾ برسات پوي ته کيت ۾ ايترو ان پيدا ٿئي جو اُهو ماپي نه سگهي.)

کودڙو = کوتو، گڏهه جو ٻچو.

  • - سهسين ڪري سينگار ته به کودڙيءَ پٽ کودڙو.

(ڪميڻو چاهي ڪيترو به هار سينگار ڪري ته به اشراف ڪين ليکبو.)

گام = وِک، قدم، مفاصلو.

  • - آمو، ڏهه گامو.

(انبن جو وڻ ڏهن ڏهن وکن تي پوکڻ گهرجي ته جڏهن وڻ ٿيندو ته ميوو گهڻو ٿيندو.)

گور = قبر.

  • - ميان گور لائق، بيبي سيج لائق.

(مڙس قبر ۾ پورجڻ تي وڃي پهتو آهي، پر سندس زال جوان آهي، سيج تي سمهڻ لائق آهي.)

گراس = گِرههُ، کاڌي جي ڳِٽي.

  • - جنهن ساس ڏِنو آهي، سو گراس به ڏيندو.

(ڌڻي سائين انسان کي پيدا ڪيو آهي ته کيس روزي روٽي به ڏيندو.)

ڳَڀُ = گرڀُ، پيٽ ۾ ٻارُ.

  • - اگهه ۽ ڳڀَ جي سُڌ الله کي.

(ڪنهن شيءِ جي قيمت وڌندي يا ڪِرندي، گرڀ يعني حمل ۾ ٻار پٽ آهي يا ڌيءُ، ان جي خبر فقط الله کي آهي.)

چڙو = گهنڊڻي.

  • - ٺلهو چڙو، وڄي گهڻو.

(کوکلي گهنڊڻي گهڻي زور سان وڄندي آهي، جنهن ۾ لياقت نه آهي، سو وڏو ڏيک ڪندو آهي.)

گهگهيرو = اِٽوُن هڻندڙ، ٺيڪ نه هلندڙ جانور.

  • - گهگهيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو مهل ۾ ڪم نه اچڻ.

(اِٽون هڻندڙ گهوڙو ۽ پيٽ قوت تي رکيل نوڪري، ٻئي وقت تي ڪم نه اچن.)

چُوڻو = پکين کي چُڳڻ لاءِ ڏنل داڻا، کاڌو.

  • - چوڻو نه اوُڻو.

(چڳڻ يا کاڌي لاءِ اناج جي ڪڏهن به کوٽ نه ٿيندي آهي.)

چيري = سَوَڙ، رَضائي.

  • - چيريءَ آهر پير ڊگهيرجي.

(سَوَڙ جي ڊيگهه مطابق پير ڊگهيرجن مطلب ته آمدنيءَ موجب خرچ ڪجي.)

ڇائِي = مٽي، ڌوڙ.

  • - آزمائي کي آزمائي، سو ڇائي منهن ۾ پاڻي.

(جيڪو آزمايل ڳالهه کي وري وري آزمائيندو، تنهن جي منهن ۾ ڌوڙ پوندي.)

جال = گهڻو، وڌيڪ.

  • - ڪلر منجهان ڪين ٿئي، توڙي جال پيارينس جَرُ.

(ڪلر ۾ پوک لاءِ چاهي ڪيترو به گهڻو پاڻي وجهه، ته به اُن ۾ ڪابه پوک نه ٿيندي.)

ڄڱُرُ = جهنگلي وڻ جو قسم.

  • - ڄڱر ۽ ڄار اگهه مڙيئي هِڪڙو.

(ڄَڱرُ ۽ ڄار، ٻئي جهنگلي وڻ آهن. ڄَڱُرِ جا ڦل ڄاڱورا ۽ ڄار جا ڦل پيرُون آهن. ڄَڱر جي ڪاٺي مضبوط ۽ ڄار جي ڪمزور ٿيندي آهي.)

جهارِ = پکي، پکين جو جُهنڊُ.

  • - جاڏي پوي جهارِ تاڏي ڳوڙهو نه هڻي.

(ٻَنيءَ ۾ جتي پکي ويٺا آهن، هاري اُتي غُليل نه ٿو هڻي، پر ٻئي پاسي ٻيو ڳوڙها اُڇلي. مطلب ته صحيح طرف ڪوشش نه ڪندڙ لاءِ ائين چئبو آهي.)

ٽُوئو = ڀُونگي جي ڇت اَڏڻ لاءِ سُڪل گاهه، پَکو.

  • - اَڏي ڪاٺُ پڏي ٽُوئو، وچ واري کي لڳي سُوئو.

(ڀُونگي جي اَڏاوت ۾ اندر ته ڪاٺ ٿو ڪم ڪري، پر ٻاهران ڪاٺ تي رکيل گاهه ٿو نظر اچي. ڀُونگي جي سُونهن ڏسي وري ٽِياڪُڙ جلن ٿا.)

ٽوههُ = جهنگلي ول جو ڦل، ننڍڙي گدري جهڙو پر سواد ۾ ڪؤڙو ٿئي.

  • - سُهڻا ٽوههَ پَٽن ۾ گهڻا.

(ٻاهران سونهن ڏسي اُن تي ڀنڀلجي نه وڃ. خبر ناهي ته هو اندر جو ڪيترو ڪارو هجي.)

ٽوڙهو = نوڙي، رسي.

  • - ڪتو ۽ ڪُپاٽُ ٽوڙهي ساڻُ ٽِپائجي،

ساڌ ۽ سُپاٽُ وهارجي وچ ۾.

(ڪتي ۽ ڪُپاٽ کي نوڙيءَ تان ٽپائي ڀڄائي ڪڍجي، پر ساڌ سنت ۽ سپوٽ پُٽ کي سڏي وچ ۾ وهارجي.)

ڊاءُ = ڊَپ، ڀَئهُ.

  • - ڊِڄ تنهنجي ڊاءَ، جنهن جي وائيءَ ۾ وَر گهڻا.

(اُن شخص کان تون ڊپ ڪر، جيڪو ٺڳُ يا دوکيباز آهي.)

ڏِس = دِشا، طرف.

  • - ڏِس ڪاڻيءَ کان اک ڪاڻي چڱي.

(ڪنهن سان بي ايماني يا دوکو ڪجي، اُن کان بهتر آهي ته پاڻ نقصان سَهجي.)

ڏُچَر= گهٽ ۽ خراب کائيندڙ.

  • - ڏُچر گهوڙو ۽ سُچر زال، ٻئي ٻنِ پيا.

(گهٽ ۽ خراب گاهه کائيندڙ گهوڙو ۽ گهڻو کائيندڙ زال ٻئي ٺيڪ نه آهن.)

ڏُٿُ = ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ قسم جو جهنگلي اناج.

  • - آڻين ۽ چاڙهين ڏُٿ ڏهاڙي سومرا.

(اي سومرا، منهنجا مائٽ غريب آهن، اُهي روز جهنگلي اناج ڪَٺو ڪن ۽ رڌي کائين.)

ڏينو = ڌاتوُري يا ڪپهه جي گُل جو کوپو.

  • - ڌاتُوري ڌاري جي ڪجي ڪار ڪماند جي،

ته به اصل انهي پار جو ڏينا ڏيکاري.

(ڌاتورو هڪ جهنگلي ۽ زهريلو ٻوٽو آهي، جيڪو جهنگ ۾ پاڻيهي پيدا ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُن کي ڪمند جي پوک وانگر گڏ ڪري ڀاڻ ۽ پاڻي ڏئي، ته به منجهانئس ڦل اُهو ئي ساڳيو ڌاتوري جا ڏينا ئي نڪرندا. مطلب ته ڪنهن نيچ ماڻهوءَ سان ڪيتري به ڀلائي ڪر ته به هُو پنهنجي ڪميڻائپ نه ڇڏيندو.)

ڏوم = لنگهو.

  • - لک کٽيا ڏومڻي، جو ڏوم سلامت آيا.

(ڏومڻيءَ لک کٽيا، جو هن جو مڙس ڏوم سهي سلامت موٽي گهر آيو. ڪمائي نه ٿئي پر موڙي سلامت بچي، تڏهن چون.)

تَڪِيو = آسرو، سهارو، ڪنهن پير يا اوليا جو آستانو.

  • - تڪيا سڀ تڪيام، توڙي تڪيو ناهي ڪو.

(سڀ سهارا مون ڳولي جاچيا، پر ڌڻي سائين کان سواءِ ٻيو ڪوبه بهتر سهارو نه آهي.)

تَوَڻِ = رات ڏينهن جو کاڌو، روزانو قوتُ.

  • - توَڻ جي تڪرار سان سڏُ جنهن کي هوءِ،

منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.

(روزاني گذر لاءِ به جيڪڏهن ڪنهن کي ٿورو کاڌو به نه ملي سگهندو ته پوءِ منجي يعني تي گڏ ويٺل جوءِ به کانئس وسري ويندي.)

توههُ = مهرباني، ڪرپا.

  • - شُڪر ڪر سهي ته توءِ سان توههُ ٿئي.

(تون ڌڻيءَ جي رضا تي راضي رههُ ته پوءِ هميشه هُن جي مهر تو مٿان ٿيندي رهندي.)

نَئن = ندي، جبل تان وهي ايندڙ تيز برساتي ندي.

  • - نئن به تکي، ڳُڙ به مٺو.

(رندي به تيز رفتار سان پيئي وهي، پر ڳُڙ به مٺو آهي. سو ماڻهو مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ تڪليفون سهي اُن تائين پهچي ٿو.)

نَکَٽَ = نڪشتر، تارا.

  • - ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾ نکٽ گهڻا.

(عيبن واري يا ڪمزور انسان جي ڪم ٿيڻ ۾ گهڻيون رنڊڪون پونديون آهن.)

نائو = جنڊ اُگهڻ لاءِ ڪپڙي جو ٽڪرو.

  • - پٽُ پراڻو، ته به ڪو جنڊ جو نائو.

(ريشمي ڪپڙو چاهي پراڻو ٿي وڃي ته به جنڊ اگهڻ ۾ ڪتب نه آڻبو.)

نيوالو = گِرههُ.

  • - چاڪريءَ چورُ، نيوالي حاضر.

(ڪم مهل ڀڄي وڃي ۽ کاڌي مهل اچي حاضر ٿئي.)

پَئهِ = مُڙس.

  • - پَريو مڙس پَئِه نه ڪجي، وڃائجي نه وهي.

ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا ته ماريو پوندو ڊهي.

(مطلب ته ڪنهن جوان ڇوڪريءَ کي ٻُڍي سان شادي نه ڪرڻ گهرجي، اُن سان سندس زندگي خراب ٿي ويندي.)

پَٽُ = درياهي ناريل جو اڌ کوپو.

  • - جيڏو پٽُ، تيڏي بکيا (خيرات).

(جيڏو پَٽُ هوندو، فقير کي خيرات به اوتري ملندي.)

پَلِي = ان رکڻ جي جاءِ.

  • - ان پلي، ذات ڀلي.

(جنهن وٽ اَن جي پلي آهي، يعني جيڪو پئسي وارو آهي تنهن جي ذات به اُوچي ليکجي ٿي. سڀ کيس مانُ ڏين ٿا.)

پَهِيرُ = ٻنيءَ چوڌاري اَن جي بچاءُ لاءِ لوڙهو يا گهيرو.

  • - پَهِيرُ چورُ ٿئي ته واهي ڪير وهي؟

(جيڪڏهن بچاءُ لاءِ ٺهيل لوڙهو ئي فصل کي نقصان پهچائي ته پوءِ ٻيو ڪير مددگار ٿيندو؟)

پارڻُ = پالڻ.

  • - پاڻ نه پاري، ڪُتا ڌاري.

(پاڻ کي پالي نه ٿو سگهي ۽ هليو آهي ڪتا پالڻ.)

پاهَڻُ = پٿر (سنسڪرت = پاشاڻ)

  • - پاهڻ ڪُونئرا هئا ته هُوند گدڙن کائي ڇڏيا.

(پٿر نرم هجن ها ته جيڪر گدڙن جهڙا گيدي جانور به اُهي کائي ڇڏين ها.)

پاهوڙو = لِڏِ وغيره کڻڻ لاءِ ڪاٺ جي ڪوڏر.

  • - مڙس جو پاهوڙن سان ميڙي آڻڻ،

زال جو سُئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ.

(مُڙس گهڻوئي ڪمائي اچي ٿو ۽ سندس زال اُن کي ڪفايت سان خرچي ٿي.)

پِراچت = پرايشِچت، پڇتاءُ.

  • - پاپ جي مايا، پراڇت جاءِ.

(پاپ، ٺڳيءَ سان ڪمايل دولت پاپ جي پرايَشچت ڪرڻ ۾ ئي ناس ٿي ويندي آهي.)

پِنڊو = ٽوڪري.

  • - گُگُر گُگُر پنڊا اڙيا.

(پساري گُگُر وڪڻڻ لاءِ پنڊي ۾ رکيو ته اُهو پنڊي کي چنبڙي ويو. پنڊو گُگرُ مان اڙجي ويو.)

پُڻائِڻُ = بدنام ڪرائڻ، گِلا ڪرائڻ.

  • - بڇڙو ڪُتو، ڌني پُڻائي.

(بڇڙو ڇتو ڪتو ٻين کي ڏاڙهيندو ته ٻيا ماڻهو ان ڪتي جي مالڪ کي گاريون ڏيندا.)

پيٽيرو= فقط پيٽ لاءِ ٿوري کاڌي تي ڪم ڪندڙ نوڪر.

  • - گهگهيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو،

مهل ۾ ڪم نه اچن،

(اِٽوُن هڻندڙ گهوڙو ۽ پيٽ قوت تي ڪم ڪندڙ نوڪر وقت تي ڪم نه اچن.)

ڦُلِهيرَ = رک، ڇار.

  • - ڦِلهير ۾ ٿو ڦوڪون ڏئي.

(رک ۾ ٿو باهه ٻارڻ لاءِ ڦوڪون ڏئي. مطلب ته اهڙا ڪم ٿو ڪري، جن مان مقصد حاصل ڪونه ٿيندو، اُلٽو نقصان ٿيندو.)

بُربَلا = ٿلها، ڳؤرا.

  • - پراڻي ڳوٿري بُر بَلا ٽڪا.

(پراڻي ڳوٿريءَ ۾ جيڪڏهن ڳؤرا ۽ گهڻا سِڪا وجهبا ته ضرور ڦاٽندي.)

بِگهُڙي = پوک جي لاءِ زمين ٽڪري.

  • - گهڻ پيٽاري بِگهڙي، کائي ويئي جهار.

(گهڻن جي ڀائيواريءَ وارو فصل ڪوبه نه سنڀاليندو، اُن کي پکي کائي ويندا.)

ٻهُون= گهڻو، وڌيڪ (سنسڪرت = ٻههُ.)

  • - اندر ٻِڏ ٻهُون ٻاهر آٽڻُ اَن جو.

(اندر سادي جهنگلي گاهه جي پاڙن جو چورو آهي، باهر فقط ڪڻڪ جي اٽي جو آتڻ لڳل آهي.)

ٻاروتا = ٻار جا ڪپڙا.

  • - ٻارُ ٻاروتڻ ۾ ئي پڌرو.

(ٻار سٺو ٿيندو يا خراب، اِن جي ڄاڻ تڏهن پئجي ويندي آهي، جڏهن هو پنهنجن ٻاراڻن ڪپڙن ۾ ڍڪيل هوندو آهي.)

ٻِڏ = لاڙ ۾ پيدا ٿيندڙ گاهه جي پاڙ، جيڪا ماڻهو ڏُڪر جي وقت پيهي کائين.

  • - اندر ٻِڏ ٻهون ٻاهه آٽڻ ان جو.

(اندر ته ٻِڌَ جو چورو آهي، پر فقط ڪڻڪ جي اٽي جو آٽڻ لڳل اٿس.)

ڀاڻُ = وٿاڻ، جاءِ.

  • - ڀُلي ڀُلي ڀاڻِ آئي، سا به نه ڀُلي.

(ڳئون، مينهن وغيره، جيڪڏهن سڄو ڏينهن ڀٽڪي ڀٽڪي شام جو پنهنجي وٿاڻ تي پهچي وڃي ته ان کي ڀٽڪيل نه چئبو.)

مڌُ = شراب، مدِرا.

  • - مڌُ پيئڻ، ذات پرکڻ.

(ماڻهو شراب پيئڻ کان پوءِ جيڪي دِل ۾ اٿس سو بڪي ٿو، اُن وقت سندس ذات ظاهر ٿي پوي ٿي.)

مَيو = مُهاڻو، مڇيون ماريندڙ.

  • - جيڪي ڏسي ڄارُ، سو جي ڏسي مَيو ته ڦاٽي مري.

(ڄار ۾ جيڪي مڇيون ڦاسن ٿيون، تن مان گهڻيون کِسڪي ڀڄي ٿيون وڃن، جيڪڏهن مهاڻو اُهو سڀ ڏسي ته جيڪر خوشيءَ وچان چريو ٿي پوي.)

منڊُ = منترُ.

  • - ڄاڻي وڇونءَ جو منڊُ به نه،

هٿ وجهي ٿو نانگن جي ٻِرن ۾.

(مطلب ته خطري جا ڪم ٿو ڪري، پر پنهنجي بچاءُ جو اُپاءُ نٿو ڄاڻي.)

مارنگُ = چُلهه تي دانگيءَ هيٺان رکڻ لاءِ ڀِترُ.

  • - گهر جو پيرُ، چلهه جو مارنگُ.

(گهر جي وڏي ماڻهوءَ جو به قدر نه ٿيندو آهي.)

مُهابو = لحاظ.

  • - مُلو مُئو، مُهابو لٿو.

(جيسين تائين مُلي وٽ ڇوڪرا پڙهن پيا، تيسين تائين هُن جو لحاظ ڪن ٿا. مُلو مُئو ته پوءِ ڇوڪرن اُستاد جو لحاظ ڪرڻ به ڇڏي ڏنو.)

مُهارو = سُهاڳ رات ماڻڻ لاءِ گهر ۾ ور- ونيءَ (زال مڙس) جو ڪمرو.

  • - آهاري وهنواري گهوٽ مُهاري، لڄا ڪري ته هاري.

(کائڻ پيئڻ، وهنوار ڪرڻ ۽ مُهاري ۾ جنهن لڄ شرم ڪيو، سو پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو.)

رَڇُ = وڏو باسڻ (برتن/ ٿانءُ).

  • - اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌاريائون رَڇُ.

(مينهون اڃا تائين جهنگ ۾ پيون چرن، ته پٺيان ميهارن ٿانءُ ڌوئي کيرُ ڏهڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.)

رڙا = سخت چڻا جيڪي رڌڻ تي به نه ڳرن.

  • - رڙا ڪين رجهن، توڙي ٻارڻ ٻارن ٻپُرا.

(چاهي تون ٻيڻيون ڪاٺيون ٻار ته به رڙا نه رجهندا. مطلب ته خراب ماڻهوءَ کي سمجهائڻ تي به مٿس اثر نه ٿيندو.)

رَنبو = گاهه کوٽڻ لاءِ اوزار.

  • - آهِرُ کٽي اوبڻي، رن وڃائي رنبو.

(اڻ ڄاڻ جهنگلي ماڻهو ٿورو ٿورو ڪمائي اچي ته سندس زال گهڻو خرچ ڪري نقصان ڪري.)

رائَر= راجڪر، ڍل، ٽئڪس.

  • - رڻي ۽ رائر جو، سڏُ جنهن کي هوءِ،

منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.

(قرض ۽ ڍل جي ادا ڪرڻ لاءِ جنهن کي سڏ ٿئي ٿو، تنهن کان کٽ تي گڏ ويٺل پنهنجي جوءِ به وسري وڃي ٿي.)

رائِرو= راجا جو.

  • - رائِري گهران گيههُ، جهلجي پاند ۾.

(راجا جي گهران جيڪي خيرات ۾ ملي سو خوشيءَ سان قبولجي.)

رِڻو = قرض.

  • - رِين ۽ رائر جو سڏ جنهن کي هوءِ،

منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.

(قرض ۽ سرڪاري ٽئڪس جي ادا ڪرڻ لاءِ سڏ ٿيڻ تي ماڻهوءَ کان کٽ تي گڏ ويٺل پنهنجي جوءِ به وسري ويندي آهي.)

رينگٽ = نار جي هلڻ جو آواز.

  • - وهي نه وهي وٺ رينگٽ کي.

(نار جي هلائڻ سان پاڻي وهي يا نه وهي، پر نار جي هلڻ جو آواز ته پيو ٻڌجي.)

رُومي = ڄؤر هڻائڻ کان پوءِ رت ڪڍڻ لاءِ اوزار.

  • - رت ڏسي رُومي هڻجي.

(جتي رت آهي اُتي رومي هڻي اُهو ڪڍجي، مطلب ته جتان شيءِ ملڻ جو امڪان آهي، اُتي ڪوشش ڪجي.)

لاس = رسُ، گوشت جو ٻوڙ.

  • - پرائي آس ڪُني جي لاس.

(ٻئي جي آس تي ويهڻ سان ڪڏهن ڪم نه ٿيندو.)

وَڇُ = وَڇِڙو. (سنسڪرت = وتس).

  • - مَيهر مينهُنِ مان نڪتو، وڇنِ ڪهڙي پارت؟

(ميهار جيڪڏهن مينهن کي ڇڏي نڪتو آهي، ته پوءِ وڇُن جي سنڀال لاءِ ڪهڙي پارت ڪندو؟)

وريام = وِير، بهادر.

  • - جاتي پُڄي نه سگهجي، تاتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.

(سياڻي ماڻهوءَ کي کپي ته، جيڪڏهن دشمن سان پُڄي نه ٿو سگهي ته پوءِ هُن کان ڀڄي ڪنارو ڪري پُٺ تي هليو وڃي.)

واهيرو = آکيرو، گهونسلو.

  • - اُهي وڻ به ويا، وهيرا به ويا.

(اُهي وڻ به هليا ويا ته اُنهن تي ٺهيل پکين جا آکيرا به ناس ٿي ويا. مطلب ته اُهي سٺا ڏينهن گذري ويا.)

وِههُ = زهر، وِکُ. (سنسڪرت: وِش)

  • - وِهُه وڻجي، سو وِههُ مان کائي.

(جيڪي زهر وڪڻن ٿا، سي اُن تي واپار مان به ڪمائي کائين ٿا.)

وِيڃائڻ = ويچار ڪرڻ، سوچڻ.

  • - اِياڻو چوي، سِياڻو ويڃائي.

(نادان ڪا ڳالهه چوي ٿو ته سياڻي کي گهرجي ته اُن تي پوري طرح ويچار ڪري ويساهه ڪرڻ گهرجي.)

ويڄُ = حڪيم، وئد.

  • - پنهنجي ڪَئي جو نه ڪو ويڄ نه ڪو طبيب.

(پنهنجي هٿان جيڪا غلطي ٿئي ٿي، اُن کي ٻيو ڪوبه سڌاري نه ٿو سگهي.)

ويڻُ = وچن، ٻول.

  • - ننڍي واتان، وڏو ويڻ نه ڪڍجي.

(مطلب ته ماڻهوءَ کي سنڀالي ڳالهائڻ گهرجي، جيئن ٻين کي ڏک نه ٿئي.)

سنگٽُ = سنڪٽُ، رُڪاوٽ.

  • - ڪاڻيءَ جي وِهانءَ ۾ سنگٽ گهڻا.

(ڪمزور يا وِڏ واري انسان جي ڪم پوري ٿيڻ ۾ گهڻي ئي رڪاوٽون پون ٿيون.)

سندو = جو.

  • - ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ.

(جيڪو ڳالهيون ڪري ٿو، اُن جو ڪم نٿو ٿئي، پر جيڪو ڪنهن ڪم لاءِ اڳواٽ پئسا ڪٺا ڏئي ٿو، تنهن جو ڪم ٿئي ٿو.

ساههِ = زيورن جو سيٽ.

  • - اُها ساههِ ئي گهوري، جا سِرُ تڪي.

(اُهي مڻيا ۽ زيور ئي کڏ پون، جن جي پائڻ ڪري جان کي خطرو ٿئي ٿو.)

سِياندري = ويجهي حد، ويجهي مٽي مائٽي.

  • - سوڙهي سِياندريءَ، وهنوار نه ڪجي.

(ويجهي مٽي مائٽي يا دوستيءَ ۾ وهنوار نه ڪجي، اُن مان ڪلفت ٿيڻ جو انديشو آهي.)

سيئن = سيما، حد، دنگ.

  • - سٻر سان سيئن ڪبي ڪيئن.

چوندو جيئن، ٿيندي تيئن.

(ڏاڍي سان زمين جي حد وغيره تي ڪيئن جهڳڙو ڪبو؟ جيئن سٻل يعني ڏاڍو مڙس چوندو، تيئن فيصلو ٿيندو. مطلب ته ڏاڍي سان هيٺين واٽ وٺڻ گهُرجي.)

سينڱ = ڪمان، ڌنُش.

  • - صبر جنين جي سينڱ، تير نه گُسي تن جو.

(جنهن صبر جو سهارو ورتو آهي، اُهي پنهنجي مقصد تي ضرور پهچندا.)

سُچرُ = گهڻو کائيندڙ.

  • - ڏُچر گهوڙو، سُچر زال ٻئي ٻنِ ٿيا.

(گهٽ ۽ خراب گاهه کائيندڙ گهوڙو ۽ گهڻو کائيندڙ زال ٻئي کڏِ پون.)

سيڏائڻ = سِڪڻ، نهارڻ.

  • - ستي ٿي سيڏائي، لُنڊي ٿي کائي.

(شريف عورت پيئي پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سڪي، ٻئي طرف ڪميڻي عورت پئي موجون ڪري.)

سيتِي = سان، گڏ.

  • - کيتي سِر سيتي.

(کيتي اُها سٺي ٿيندي آهي، جيڪا ماڻهو پاڻ پنهنجي محنت سان ڪندو.)

سيلهه = ڪنڊا.

  • - جي پوندا سوڙهين، سيلهه به لڳندا تِنِ.

(جي اوکن رستن تي ويندا، تن کي ڪنڊا به سهڻا پوندا.)

هَسُ = ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ٿُلهو سونو زيور.

  • - اَن جو واپار هَسَ مان ڇلو، ڇلي مان هَسُ ڪري.

(ان جي واپار ۾ ڪڏهن گهڻو لاڀ ته ڪڏهن گهڻو گهاٽو ٿيندو آهي.)

هُرائي = هلڪڙائي، هلڪي حالت/ طبيعت.

  • - هر هر هُرائي، وڃڻ در دوستن جي.

(دوست وٽ به هر گهڙيءَ نه وڃجي اِن ۾ هلڪائي آهي. هر هر ڪنهن وٽ وڃڻ سان بي عزتي ٿيندي آهي.

4.2.11 سنڌيءَ جي لهجن جا پهاڪا:

          سنڌيءَ ۾ جدا جدا لهجا ڳالهايا وڃن ٿا. اُنهن مان وچولي سنڌيءَ جي ايتري قدر ارتقا ٿي ويئي، جو اُها تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪتب اچڻ لڳي. انگريز سرڪار سنڌ تي 1843ع ۾ قبضو ڪرڻ کان پوءِ اِن علائقي جي انتظامي، سماجي ۽ ٻين ڳالهين بابت سڌارا ڪرڻ شروع ڪيا. سنڌي ٻولي جدا جدا لپين ۾ لڳي ويندي هئي، جن مان عربي سنڌي لپي ضروري سُڌارا ڪري، اُن کي پَڪي شڪل عطا ڪري، سرڪار اُن ۾ درسي ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا. حڪومتي ڪاروبار ۾ به فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکپڙهه ڪرڻ کي همٿايو ويو. جيئن ته درسي ڪتاب تيار ڪندڙ تعليمدان گهڻو ڪري وچولي سنڌ ۽ ساهتي ايراضيءَ جا هئا. اِن ڪري وچولي سنڌيءَ کي ادبي درجو حاصل ٿي ويو، پر ٻين لهجن جو زباني طور ته لاڳيتو استعمال هلندو پيو اچي. چاهي اُنهن کي لکيل ادب ۾ جاءِ نه ملي سگهي آهي.

          پهاڪا زباني روايت ذريعي مشهور ٿيا آهن. اِن ڪري اُنهن ۾ وچولي سنڌيءَ سان گڏ ٻين لهجن جا پهاڪا به اسان کي ملن ٿا. اُنهن ۾ خاص طور سرائڪي لهجي جا پهاڪا گهڻا آهن. اُتر سنڌ جي سرائيڪي لهجي ۾ صوفي درويشن پنهنجو ڪلام به چيو آهي. اُن کان سواءِ ٿري (ڍاٽڪي) ۽ ڪڇي لهجن جا به گهڻي ئي پهاڪا سنڌ جي ٻين ايراضين ۾ مشهور ٿي ويا آهن. هتي سنڌ جي لهجن جي ڪجهه پهاڪن جا مثال پيش ڪجن ٿا:

(الف) سرائيڪي پهاڪا:

  • - ٻلي شير پڙهايا، ڦِر ٻلي ڪون کاوڻ آيا.

(ٻلي شينهن کي پڙهايو ته شينهن ڦري وري ٻليءَ کي کائڻ لاءِ آيو.)

  • - ماءُ ڄڻيسين ٻچڙي، ونڊ نه ڏيسين ڀاڳ.

(ماءُ ٻچڙن کي جنم ڏيندي آهي، پر ڀاڳ ورهائي نه ڏيندي آهي. ان جو سنڌي روپ به مشهور آهي: ”ماءُ ڄڻندي پُٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ“.)

  • - پاڻ نه پلي ڏوُجهيان متيان ڏيوي.

(پاڻ کي براين کان پري نٿو ڪري، پر ٻين کي ڪُڌا ڪم نه ڪرڻ جو نصيحتون ٿو ڪري.)

  • - شينهن نه ويکيائي ويک ٻلاڙا،

چور نه ويکيائي ويک سونارا.

(شينهن نه ڏٺو اٿئي ته ٻلو ڏس، چور نه ڏٺو اٿئي ته سونارو ڏس. سونارو پنهنجي ماءُ جي نٿ مان به سون چوري ڪري وٺندو آهي.)

  • - لُچان چوران پت نه ڪائي، توڙي هوَن سڳي ڀائي.

(لُچن ۽ چورن تي ذرو به ويساهه نه ڪجي، چاهي هو پنهنجا سڳا ڀائر ڇونه هجن.)

  • - مينهان اُٺان دا ڪيها ميلا، اوُ چرن جهنگ تي اوُ چرن ٻيلا.

(مينهنِ ۽ اُٺن جو پاڻ ۾ ڪهڙو ميلاپ ٿي سگهندو؟ هو چرن جهنگ ۾، ته هُو چرن ٻيلن ۾.)

  • - اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيويئي.

(پنهنجي گهاٽي ڀنگ گهوٽي پيءُ ته نشو ٿِئيئي. مطلب ته پنهنجي محنت ڪر.)

  • - اپڻا مال هَئه، روسان ڀي کاسان ڀي.

(پنهنجو مال آهي؛ چاهي اُهو سٺو نه آهي، اِن ڪري روئيندس به ته کلندس به. هڪڙي ماڻهوءَ پئي ڪچن بصرن سان ماني کاڌي. بصر تيز هئڻ ڪري، اُن جي اکين مان پاڻي به پئي وهيو ته هُن ماني به پئي کاڌي. اِن تي اهو پهاڪو چيائين.)

  • - بي شرمي دي سيري ڪَنون ساڳ سرنهن دا چوکا.

(بي شرم ٿي سيرو کائڻ کان چڱو آهي ته پنهنجي گهر ۾ سادو سرنهن جو ساڳ کائجي.)

  • - ڦرندي گهرندي نامردان دي، مردان دي هئه اِڪ.

(نامرد پنهنجي ڳالهه تان بار بار پيا ڦرندا آهن، پر مرد هڪ ڳالهه تي اٽل هوندا آهن.)

(ب) ٿري لهجي جا پهاڪا:

  • - لنب مکڻ چنب

(لنب نالي گاهه کائڻ سان ڍڳيون مکڻ جام ڏينديون آهن.)

  • - کدڙن جا اوتارا، ڪنڀارن جي گهر.

(ٿر ۾ کدڙا ڪنڀارن جي گهر ۾ ٽڪندا آهن.)

  • - سنپت آهي برڪت.

(ٻڌي يا ايڪتا ۾ برڪت آهي.)

  • - وُٺو ته ٿر، نه ته بر.

(برسات پئي ته ٿر ۾ سُڪار ٿيندو آهي، نه ته اُهو برپٽ آهي.)

  • - اونگهه، آرسُ، اوٻاسي، تيني روڳ رِي ماسي.

(ننڊ، سُستي ۽ اوٻاسي، اِهي ٽيئي بيماريءَ جون ماسيون آهن.)

  • - ڀلو نه ڀاڻيجو، ڀيڙي نه رَکجي بوُئا.

اسَتِري نون انت نه ڏيجي، تينين رکجي جوئا.

(نڪو ڀاڻيجو پاڻ سان رهائڻ چڱو آهي، نڪو پُڦيءَ کي پاڻ سان گڏ رهائجي. نڪو زال کي پنهنجو مُنجهه ڏجي، اِهي ٽيئي جدا رکجن ته سُٺو آهي.)

  • - ڄيٺو گهر گيهي نه رَکِئي، ڀادورو ڪپاس،

ديئان گهر، بَهوُئان پيهر، اتني رکيئي وڻاس.

(ڄيٺ واري مهيني جو گيهه، بَڊي مهيني جي ڪپهه، ڪنواري ڌيءَ گهر ۾ ۽ نونهن پنهنجي پيڪن ۾، اِهي چارئي پنهنجي گهر ۾ نه رکجن، ڇاڪاڻ ته اِن سان ڏک پيدا ٿئي ٿو.)

  • - رُوکا ڀوڄن، ڀُون پوڍڻ، ڪرهه ڪميڻي نار،

چوٿا ميلي ڪپڙي، نرڳ نشانيون چار.

(اڻڀو کاڌو، زمين تي سُمهڻ، جهيڙيڪار عورت ۽ ميرا ڪپڙا، اهي چارئي نرگ (دوزخ) جون نشانيون آهن).

  • - مينهن موران، بن ڪوُنجران، آنٻان ڏار سوُئان،

ويڻ سڄڻ، جنم ڀومي، وسرسي موُئان.

(مورن کي مينهن، ڪونجرن (هاٿين يا ڪونجن) کي جهنگ، طوطن کي انبن جو ڏار، سڄڻ جو طعنو ۽ پنهنجو وطن، اِهي پنجئي مُئي کان پوءِ وسرن.)

  • - شاهه وچنُ، شينهڻ گَمن، ڪيلو ڦري اِڪ وارِ،

تِران تيل، همير هٺُ، چڙهي نه ڏوجهي وار.

(شاهه جو وعدو، شينهڻ جو ويامڻ، ڪيلي جي وڻ ۾ ڦل لڳڻ تِرن مان تيل ڪڍڻ ۽ همير (بادشاهه) جو هٺ، اهي پنجئي هڪ ڀيرو ٿين.)§

(ج) ڪڇي پهاڪا:©

  • - عقل وِراڻِي، تڏين اٽي ڇاڻِي جلين.

(جڏهن عقل ٿي وِرهايو، تڏهن هُن اٽي- ڇاڻي يعني پرڻُ جهليو هو. مطلب ته بيوقوف آهي.)

  • - اک ڪاڻي ڪجي، پڻ ڏِس ڪاڻي نه ڪجي.

(اک ڪاڻي ڀلي ٿئي، پر ڪنهن سان دوکو نه ڪجي.)

  • - انڌي ڏري، ني ڪُتو کايه.

(انڌي ويٺي اَنُ پيهي ۽ اُهو ڪُتا ويٺا کائين.)

  • - انڌي جي موُن تين، انڌو نه چاجي.

(انڌي جي مُنهن تي، کيس انڌو نه چئجي.)

  • - انڌو هنگي ني ڏونيهَ ڪي کوٽي ڪري.

(انڌو هنگي ۽ ٻن کي کوٽي ڪري. ڀيٽيو: انڌو هنگي ٻه سيڙائي.)

  • - آڀ ڦاٽي، تڏين ٿِگڙو نه اچي.

(اُڀ ڦاٽي کي اڳڙي نه لڳي.)

  • - ڪم، ڪم ڪي سِکايه.

(ڪم، ڪم کي سيکاري ٿو.)

  • - ڪِڏان راجا ڀوج ني ڪِڏان گنگو تيلي؟

(ڪيڏانهن راجا ڀوڄ ۽ ڪيڏانهن گنگوُ تيلي؟)

  • - ڪُني اوڻنڌي، ته پِنڊ جا ڪنٺا کينڌِي.

(ڪَني اُڀامندي ته پنهنجا ڪنا کائيندي.)

  • - ڪويَلين جي ڌلالي ۾ ڪارا هاٿ ٿيئين.

(ڪوئلن جي دلاليءَ ۾ هٿ ڪارا ٿين.)

4.2.12: سنڌيءَ ۾ آڳاٽين ٻولين جا پهاڪا:

          سنڌي، هند- آريائي ٻولين جي ڪٽنب جي ٻولي آهي. اِن ڪري اُن کي سنسڪرت، پالي، پراڪرت ۽ اَپڀرنش ٻولين جا چڱا ئي پهاڪا وراثت ۾ مليا آهن. ٻئي طرف ڏسجي ته اٺين عيسوي صديءَ ۾ اسلام جو ڦهلاءُ سنڌ ۾ شروع ٿيو. 712ع ئي کان وٺي 1843ع تائين سنڌ جو ڳچ حصو مسلمان حاڪمن جي هٿ هيٺ هو. اِن ڪري اول عربيءَ ۽ پوءِ فارسيءَ جو سنڌي ٻوليءَ تي گهڻو اثر ٿيو. اِنهن سببن جي ڪري اِنهن ٻولين جا پهاڪا هُوبهو ساڳيءَ شڪل ۾ يا ڪي قدر بدليل شڪل ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج ٿي ويا. ڪن حالتن ۾ اُهي ترجمي جي ذريعي سنڌي ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويا. هِتي اِنهن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:

 (الف) سنسڪرت:

  • - يَٿا راجا تَٿا پرجا.

(جهڙو راجا، تهڙي پرجا (عوام)

  • - يٿا ديوا: تٿا ڀگتا: (ساڳئي روپ ۾)

(جهڙا گرو تهڙا چيلا.)

  • - يٿا لاڀ سنتُشٽ. (ساڳئي روپ ۾)

(جيڪي ملي تنهن ۾ راضي رهجي.)

  • - شٺن پرِتِ شاٺين ڪُريات. (ساڳئي روپ ۾)

(لُچ سان لُچُ ٿي هلجي يا جهڙي سان تهڙو.)

  • - مُڻڊي مُڻڊي مِترِڀِنا. (ساڳئي شڪل ۾)

(هر دماغ ۾ پنهنجي پنهنجي سمجهه آهي. جيترا ماڻهو تيتريون ڳالهيون.)

  • - جَنني جنم ڀوُمشچ سوَرگاردَ پِ گرييَسي.

(ماءُ ۽ جنم ڀومي بهشت کان به وڌيڪ پياريون آهن.)

          سنڌيءَ ۾ ٻيا ڪجهه پهاڪا اهڙا به ملن ٿا، جيڪي سنسڪرت جي ساڳين ويچار وارين چوڻين جو ڄڻ ترجمو آهن. اهڙين حالتن ۾ اِهو به ممڪن آهي ته ٻنهي ۾ تجربي جي هڪجهڙائيءَ جي ڪري هڪجهڙائي هجي. مثال طور:

  • - پُٽُ ڪُپُٽ ٿِئي، ماتا ڪُماتا نه ٿئي.

(ڪُپتِرو جا ييت ڪَوَ چِدَپِ ڪُماتا نه ڀَوَتِ.)

  • - جهڙو اَن، تهڙو مَنُ.

(يادرشن ڀڪسييدُ انن بُڌهه ڀَوَتِ تادرشِي.)

  • - جتي وڻ ناهي، اُتي ڪانڊيرو به درخت.

(نِرَستپادَپي ديشي ايرَڻڊو اَپِ دُرُمايَتي.)

  • - آهاري وهنواري گهوٽُ مُهاري لَڄا ڪري ته هاري.

(آهاري وَيَوَهاري چَه تَيَڪتَلجهه سُکي ڀَويت.)

  • - واپار ۾ لڇميءَ جو واسو آهي.

(واپاري وستي/ ورڌتي لڪشميهَه)

  • - عادت مِٽي نه عادتي، علت مُور نه جاءِ.

(سوَڀاوو دُرتِڪِرم هه.)

  • - مُنهن ڪُنئرائي ڳِٽا پٽائي.

(مردُهه هِه پَرِ ڀوُيَتَي.)

  • - لڙن سپاهي، نانءُ سردار جو.

(سيناپَتئو يشو گَنتا، نه تهُ يوڌان ڪٿنچنهَه.)

  • - جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.

(يٿا ڪرنت، تٿا ڀُنڪتي.)

  • - لکيو منجهه للاٽ، قلم ڪياڙي نه وهي.

(يتُ ڇاترا نجڀال پٽم، لِکن، تتم مارجنتُ ڪو ڪشمههَ.)

  • - سنئين ڪاٺيءَ جو واڍو ويري.

(سرلاستتر ڇِدينتي ڪُبجا سِتشٺنتِ پادپاهه.)

  • - وڏو ڀاءُ پيءُ برابر.

(جييشٺ ههَ پِترسمو ڀراتا.)

  • - تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي.

(يٿئيڪين نه هستينَ تالِڪهَه سنپر پَديَتي.)

          سنسڪرت ٻوليءَ جي طرز تي سنڌيءَ ۾ ڪجهه پهاڪا ٺهيل آهن، جن ۾ سنسڪرت سنڌيءَ جو ميل نظر اچي ٿو:

  • - ڀڄ ڪلدار ڀڄ ڪلدارم،

ڀڄ ڪلدارم مُوڍ متي.

(اڙي بيوقوف تون ڪلدار يعني ناڻي جي پوڄا ڪر.)

  • - ٽڪا ڌرمهه ٽڪا ڪرمهه ٽڪا ههِ پرمهَه پدهَه،

يَسيي گرهي ٽڪا ناسِت سَ اَيوَ ٽڪٽڪايَتي.

(ٽڪوئي ڌرم آهي، ٽڪوئي ڪرم آهي، ٽڪوئي اعليٰ عهدو آهي، جنهن جي گهر ۾ ٽڪو نه آهي، سو خود پوءِ ٽڪ ٽڪ ڪري ٿو، يعني خالي برتن وانگر وڄي ٿو.)

  • - تُرڪن نه مِتر جي مِتر ته دَگدگا.

(تُرڪ ڪڏهن به دوست نه ٿيندو، جيڪڏهن دوست بڻيو به ته وقت تي دغا ڏيندو.)

(ب) پالي پراڪرت- اَپڀرنش:

  • - وڏو سک آهي نيروڳي سرير،
  • - اِڪ تندرستي هزار نعمت.

(پالي: آرو گيموُ اِڇو پرمن چه لاڀن.)

  • - تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي.

(پراڪرت: نه ههُ دِجَئه تالي دِيهَرِڇِ ائڪيڻ هٿيڻ. هي ديرگهاڪِش! هڪ هٿ سان تاڙي نه وڄندي آهي.)

  • - انڌي جي هٿ ۾ ڏيئو ڏِيڻ مان ڪهڙو لاڀ.
  • - انڌي اڳيان آنهري ڪر تئو ٽنگيو آهي.

(پراڪرت: جاينڌيَسيَه دِيوو هَٿڪَئو نِڦلو چچَيوَ. جنمانڌ جي هٿ ۾ رکيل ڏيئو بيسود ئي آهي.)

  • - هٿ جي ڪنگڻ کي آرسي جو ڪهڙو ضرور؟

(اپڀرنش: ڪَري ڪنڪڻ ُ ڪِه آرسي دِيسئي؟ هٿ جي ڪنگڻ کي آرسي ۾ ڇو ڏسَجي؟)

  • - پاڻيءَ ولوڙڻ سان مکڻ نه ملندو.

(اَپڀرنش: ڪِن گِههُ هوءِ وِرولِئي واڻِئي؟ ڇا گِههُ ٿيندو پاڻيءَ ولوڙڻ سان؟)

(ج) عربي- فارسي:

  • - تڪڙ ڪم شيطان جو.

(عربي: التعجيل عمل الشيطان.)

  • - ڪُتي جا ڏند، گڏهه جو ماس.

(عربي: انسان الڪلاب لحم الحمار)

  • - ٻه ڀائر ٽيون ليکو.

(فارسي: دو برادر سيوم حساب.)

  • - پنهنجي ڪَئي جو نڪو ويج نڪو طبيب.

(فارسي: خود ڪرد هُرا علاج نيست.)

  • - آهه غريبان، قهر خدائي.

(آهه غريبان، قهر خدائي.)

  • - هڪ تندرستي هزار نعمت.

(فارسي: يڪ تندرستي، هزار نعمت.)

  • - اٽو چي گهوٻاٽو.

(فارسي: سوال از آسمان، جواب از ريسمان. مطلب ته سوال آسمان بابت ته جواب نوڙيءَ بابت.)

  • - دِلي دوُر است.

(فارسيءَ ۾ به ساڳيو.)

  • - دراز رِيش، خضر يا ابليس.

(ڊگهي ڏاڙهي اٿس، درويش آهي يا شيطان آهي.)

  • - پڇڻا نه منجهڻا.

(فارسي = جوَينده يابنده.)

  • - انسان خطا جو گهر آهي.

(فارسي = انسان نسِيان.)

  • - عشق نه شدُ، چٽي شدُ.

(عشق نه ٿيو، پر چٽي ٿي. سنڌي ۽ فارسيءَ جو ميل.)

  • - ڏيل در گنبذ، آواز در فِس.

(جسم ته وڏو اٿس، پر طاقت نه اٿس. فارسي ۽ سنڌيءَ جو ميل.)

  • - زر بِسيار ته عشق ٺهه پهه.

(پئسو آهي ته پوءِ جلدي عشق ڪري سگهندين.)

  • - جيڪي اُسهيا سي وسريا.

(فارسي: از ديدهه دوُر، از دلِ دُور.)

  • - ڀتين کي به ڪن آهن.

(فارسي: ديوار هموُ گوش دارد.)

  • - هڪ هٿ سان تاڙي نه وڄندي آهي.

(فارسي: صدا از يڪ دست نمي آيَد.)

  • - نادان دوست کان دانا دُشمن چڱو.

(فارسي: دشمن دانا به از دوست نادان.)

4.2.13: سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جا پهاڪا:

          جدا جدا ايراضين ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، اُنهن جو هڪٻئي تي اثر پوڻ لازمي آهي. سنڌ جي ڀر وارين ايراضين مهاراشٽر، گُجرات، پنجاب، راجسٿان، بلوچستان جا ماڻهو به صدين کان وٺي سنڌ ۾ رهندا هئا، نه فقط ايترو پر اوڀر ۾ آسام، بنگال ۽ ڏکڻ ۾ تامل ناڊو، ڪيرل، آنڌر ۽ ڪرڻاٽڪ جا رهاڪو به سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين ۽ واپار سانگي پيا ايندا ويندا هئا. ساڳيءَ طرح سنڌي ٻولي به ٻين پرڳڻن جي رهاڪُن سان لهه وچڙ ۾ پيئي ايندي هئي. اِن ڪري هاڻوڪين ڀارتي ٻولين وچ ۾ لفظن، محاورن ۽ پهاڪن جي ڏي وٺ به فطري ڍنگ سان پيئي ٿيندي هئي. سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت به 1843ع کان 1947ع تائين هئي، جنهن دؤر ۾ انگريزي ٻولي تهذيب ۽ ثقافت جو اثر به سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ واسين تي ٿيو. گهڻيئي انگريزي لفظ اسان جي ٻوليءَ جو حصو بڻجي ويا آهن. ساڳيءَ طرح گهڻيئي انگريزي پهاڪا ۽ محاورا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي جي صورت ۾ جذب ٿي ويا آهن.

          هاڻوڪين ڀارتي ٻولين ۾ هندي ۽ اُردو جا ڪافي سارا پهاڪا سنڌيءَ ۾ ساڳيءَ صورت ۾ يا ڪي قدر بگڙيل صورت ۾ واهپي ۾ پيا اچن. انهن جي ڀيٽ ۾ ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ آيل پهاڪن جو تعداد گهڻو گهٽ آهي. هتي اهڙن پهاڪن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:

(الف) هندي پهاڪا:

  • - ايڪ پنٿ دو ڪاج.
  • - انڌيرنگري، چرٻٽ راجا،
  • - ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاجا.
  • - ناڪ ڪٽا تو ڪٽا پرگهي تو چَٽا.

(سنڌيءَ موجب هتي ’ناڪ‘ جو جنس مذڪر ۾ استعمال آهي.)

  • - سستا رووي بار بار، مهنگا رووي ايڪ بار.
  • - آج نقد ڪل اُڌار.
  • - سانچ ڪو آنچ نهين.
  • - دمڙي ڪي هانڊي گئي، پر ڪُتي ڪي ذات پهچاني.
  • - اپنا هٿا جگنناٿ.
  • - آپ ڀلا تو جگ ڀلا.
  • - اوُڌؤ! ڪرمن ڪي گتِ نياري.
  • - سچي ڪا بول بالا، جهوٽي ڪا مُنهه ڪالا.
  • - رام ڪري سب ڪام.
  • - رام سِمر، جگ لڙني دي.
  • - اَجگر ڪري نه چاڪري، پنڇي ڪري نه ڪام.
  • - داس ملوُڪا ڪهه گئي، سب ڪي داتا رام.

(ب) اردو پهاڪا:

  • - همتِ مردان، مدد خدا.
  • - مُلا کي دوڙ مسجد تک.
  • - مدعي سُست، گواهه چُست.
  • - آئي تو روزي، گئي تو بلا.
  • - تُخمِ تاثير، صحتِ اثر.
  • - دل ڪي قضا دل جاني، ڪيا جاني قاضي.
  • - جلي توُ جلال توُ، آئي بلا ڪو ٽال توُ.
  • - يار وهي جو ڀيڙ ۾ ڪام آئي.
  • - يار زنده، صحبت باقي.
  • - زبان شيرين، مُلڪ شيرين، زبان ٽيڙهي مُلڪ بانڪا.
  • - دل لگا گدي سي تو، پري ڪيا چيز هئه.
  • - ساري خدائي ايڪ طرف، جوروُ ڪا ڀائي ايڪ طرف.
  • - مفت ڪا شراب، قاضي ڪو ڀي حلال هئه.
  • - اول طعام، بعد ۾ ڪلام

(ج) راجسٿاني پهاڪا:

  • - آج هَمان، ڪل تَمان.

(اڄ اسين، سڀاڻي توهين.)

  • - ڪرنتا سو ڀوگنتا، کودنتا سو پڙنتا.

(جو ڪندو سو ڀوڳيندو، جو کوٽيندو سو پاڻ کڏ ۾ ڪرندو.)

  • - واڻيو لکي، پڙهي ڪرتار.

(لکي لکانو، پڙهي خدا.)

  • - لوُٽيو باڻيو، جُونا خط جووي.

(کُٽو واڻيو جهونيون وهيون (بنديون) جانچي.)

  • - ساسرو سُک واسرو، پڻ چار ڏِنان رو آسرو.

(ساهرا سک جو هنڌ (جتي سک هجي) آهن، پر چئن ڏينهن کان وڌيڪ نه رهجي.)

  • - ڌن کيتي، ڌِڪ چاڪري، ڌن ڌن بڻج ويوهار.

(کيتي ڪرڻ اُتم ڪم آهي، نوڪريءَ کي ڌِڪار آهي، پر اِنهن ٻنهي جي ڀيٽ ۾ واپارُ وڌيڪ لاڀائتو آهي.

  • - بَڪري دوُڌ تو دي، پڻ دي مينگڻا ڪرڪئي.

(ٻڪري کير ڏئي ڦولهڙين گاڏڙ.)

4.2.14: سنڌي پهاڪن جو تقابلي اڀياس (Comparative study) :

          سنڌي پهاڪن تي ٻين ٻولين جي اثر جو مختصر جائزو وٺندي اسان ڏٺو ته سنڌيءَ ۾ هڪ طرف قديم ٻولين (سنسڪرت، پالي، پراڪرت، اپڀرنش) جا پهاڪا هوبهو ساڳي شڪل ۾ يا ترجمي جي شڪل ۾ ملن ٿا، ته ٻئي طرف هاڻوڪين ڀارتي ٻولين (هندي، اردو، پنجابي، راجسٿاني، وغيره) جا پهاڪا به ساڳي شڪل ۾ يا ڪي قدر بدليل شڪل ۾ عام ٿي ويا آهن. اِن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي ڀر وارين ڪِن ٻولين جو اثر سنڌيءَ تي پيو آهي.

          ڀارت جي ٻولين جو تفصيل سان تُلناتمڪ يعني مشابهتي (comparative) اڀياس ڪجي ته معلوم ٿيندو ته اُنهن ۾ گهڻي قدر هڪجهڙائي آهي. اها هڪجهڙائي ڇاجي ڪري اچي ٿي؟ منهنجي ويچار ۾ اِن جا مکيه ٽي ڪارڻ آهن:

  • - تاريخي ارتقا (اتهاسڪ وڪاس) ۾ هڪجهڙائي.
  • - ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر.
  • - روزاني زندگيءَ ۾ ساڳيا تجربا.

(1) تاريخي ارتقا ۾ هڪجهڙائي:

هاڻوڪيون هند- آريائي ٻوليون پنهنجي پنهنجي علائقي جي اُنهن ويدڪ سنسڪرت (ويدن واري سنسڪرت) جي لهجن مان ڦُٽي نڪتيون آهن، جن جي ڳالهه ٻولهه واري شڪل جي پُوري پوُري ڄاڻ حاصل ٿي نه سگهي آهي، پر اِن چوڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سڀيئي رگ ويد جي ٻوليءَ جي تمام نزديڪ هيون. انهن تي پوءِ ادبي سنسڪرت (اُها سنسڪرت جنهن ۾ ويدن کان پوءِ ادب آيو)، پالي، پراڪرت، اَپڀرنش جو ارتقا دؤران گهڻو اثر پيو. اِن ڪري هاڻوڪين ڀارت جي ٻولين وراثت ۾ پراڻين ٻولين جا ڪافي پهاڪا حاصل ڪيا. هاڻوڪين ڀارتي ٻولين ۾ گهڻيئي پهاڪا سنسڪرت جي سُڀاشتن فصيح زبانن، اخلاقي سخنن ۽ انصاف جي قاعدن (نيايه سوُترن) جي بنياد تي ٺهيل آهن، جن جا مثال اڳتي هلي ڏنا ويا آهن.

(2) ٻولين جو هڪٻئي تي اثر:

وهنواري زندگيءَ ۾ جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندڙ شخص هڪ ٻئي سان رابطو رکن ٿا. ان ڪري هڪ ٻوليءَ جا لفظ ۽ پهاڪا فطري طرح ٻيءَ ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ اپنائن ٿا. ادبي تخليقن جي ترجمي ڪرڻ سان به لفظن، پهاڪن ۽ خواهشن توڙي ويچارن جي ڏي وٺ الڳ الڳ ٻولين ۾ ٿئي ٿي. اِن ڪري ڪيترين ئي ٻولين جي پهاڪن ۾ برابري يا هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.

(3) روزاني زندگيءَ ۾ ساڳيا تجربا:

جدا جدا ملڪن جي ٻولين ۾ به گهڻن ئي پهاڪن ۾ هڪجهڙائي ملي ٿي. مثال طور، انگريزي ٻوليءَ ۾ گهڻيئي پهاڪا اهڙا آهن، جن جا ويچار هوبهو سنسڪرت ۽ پراڪرت جي پهاڪن جي ويچارن سان ملن ٿا. جيئن ته:

(الف) سنسڪرت: شٺي شاٺُيمو سماچريت.

انگريزي: Tit for tat

سنڌي: جهڙي سان ٿيءُ تهڙو.

هندي: جيسي ڪو تيسا.

(ب) سنسڪرت: شوهه ميوُرات اَديَههَ ڪپوتو وَرههَ.

(ڪل ڪي مور سي آج ڪا ڪبوتر ملي تو وه بهتر هئه.)

سنڌي: اڌ کي ڇڏي جيڪو سڄيءَ ڏانهن ڀڄي، تنهن جي اڌ به وڃي.

انگريزي: A bird in hand is worth two in the bush.

(ج) اپڀرنش: ڀُڪُئهُ ڇڻيَندههُ سارميئهُ.

(پُشپدنت ڪا مهاپُراڻ)

(چندرما ڪي طرف ڪُتي ڀونڪتي هين تو ڀونڪني دو)

انگريزي: The moon does not heed the barking dog

سنڌي: قلندرن پٺيان ڪُتا پيا ڀؤنڪن.

اهڙن پهاڪن کي ڏسي اِهو چوڻ ٺيڪ نه ٿيندو ته انگريزيءَ اِهي پهاڪا سنسڪرت- پراڪرت تان کنيا آهن. جُدا جُدا ملڪن جي ٻولين ۾ هڪجهڙن احساسن وارن پهاڪن جو بنياد انسان جي تجربي جي هڪجهڙائيءَ جي ڪري به آهي.

اِن طرح سنڌي پهاڪن جو تقابلي اڀياس ڪرڻ سان اسين پهاڪن کي اڳتي ڏنل ٽن نمونن ۾ ورهائي سگهون ٿا:

  • (1) خاص سنڌ جي سرزمين سان واسطو رکندڙ پهاڪا.
  • (2) ڀارتي روايتن وارا پهاڪا، جيڪي ڀارت جي هاڻوڪين ٻولين ۾ ساڳي معنيٰ ۾ ملن ٿا.
  • (3) عالمي (Universal) پهاڪا جيڪي دنيا جي جدا جدا ٻولين ۾ ساڳي معنيٰ ۾ ملن ٿا.

پوني (مهاراشٽر) جي عالم وِشوَناٿ نروَڻي پنهنجي تصنيف
ڀارتييه ڪهاوت سنگرهه“ ۾ موضوع موجب ڀارت جي ٻولين جا سمان ڀاونا هڪجهڙن احساسن يا ويچارن وارا پهاڪا گڏ ڪري ڏنا آهن. اُن ۾ سنڌي پهاڪا به ڏنل آهن، هتي اُن مان ٻه مثال پيش ڪجن ٿا:§

(1) سنڌي:                    انڌن ۾ ڪاڻو راجا.

(اڻڄاڻ ماڻهن جي وچ ۾ ٿوري ڄاڻ رکندڙ به عالم ليکيو وڃي ٿو.)

جتي وڻ ناهي، اُتي ڪانڊيرو به درخت.

(جنهن ايراضيءَ ۾ وڻ ٽڻ پيدا نه ٿا ٿين، اُتي ڪنڊن وارو ننڍو ٻوٽو به وڻ سمجهيو وڃي ٿو.)

هندي:             انڌون ۾ ڪانا راجا.

راجسٿاني:          اُوجڙ گانوَ ۾ ايرنڊيو روَنکَ.

                    (اُوجڙ گانؤ (گاؤن) ۾ ايرنڊ هي پيڙ مانا جاتا هئه)

اُردو:               سؤ نڪٽو ۾ اِيڪ ناڪ والا نڪوُ.

(سؤ چپٽي ناڪ والون ڪي بيچ ۾ اِيڪ ٺيڪ ناڪ والا آدمي ڀي سُندر ڪهلاتا هي.)

پنجابي:             انِيان وچ ڪاڻا راجا.

                    (انڌون ۾ ڪاڻا راجا.)

ڪشميري:                    انُيَن منج ڪانيه سوَندر.

                    (انڌي اسَتريون ۾ ڪاني سندري.)

مراٺي:             انڌليا گايينت لنگڙي گايه پرڌان.

                    (انڌي ڍڳين ۾ لنگڙي گايه پرڌان)

- اوساز گاوِي ايرنڊ بَلي.

(نرجن گانوَ ۾ ايرنڊ ڪا ورڪش بڙا هي.)

گجراتي:            انڌلا مان ڪاڻو راجِيو.

                    (انڌون ۾ ڪانا راجا.)

- اُجڙگام مان ايرنڊو پرڌان.

(اجاڙ گانوَ ۾ ايرنڊ ڪا پيڙ پرمُک هئه.)

بنگلا:              انڌيري ديشي ڪانا راجا.

                    (انڌون ڪي ديش ۾ ڪانا راجا)

- نيئِه ديشي ايرنڊ گاڇ، نيئي بني کٽاش باگهه.

(بِنا ورڪش ڪي پرديش ۾ ايرنڊ هي ورڪش، بنا هِنس پشئون ڪي بن ۾ بلي هي شير هئه.)

اُڙيا:               انڌ گانڪُ ايڪ اکِيا راجا.

                    (انڌون ڪي گانوَ ۾ ايڪ آنک والا راجا.)

اوُ مئيڪُ توتوُواپن اُيرندوايو چسالڪن.

(گونگي ڪي سامني هَڪلا ڀي واڪپَٽ هي.)

تيلگوُ:              گوولينِ اللو گوڊڊُگيدي دي شري مهالڪشمي.

(جهان گاءِ نه هو، اُس گانوَ ۾ بانجهه ڀينس هي شري مهالڪشمي هئه.)

ملايالم:            اُومرِل ڪوڃن مهاواگمِي.

                    (گونگون ڪي بيچ هڪلا هي واڪُپَٽ هئه.)

ڪنڙ:              ايليگَرُ وِلد مَنيلِ مُدگرُوي مُدُ.

(جس گهر ۾ بڇڙا نهين، وهان بوڙها بيل هي پيارا.)

سنسڪرت:          نِرست يادپي ديشي ايرڻڊو پي دُرمايَتي.

(جس ملڪ ۾ ايڪ ڀي پيڙ نهين هي، وهان ايرنڊ کا پيڙ ڀي بڙا ورڪش مانا جاتا هئه.)

(2) هندي:                          ٺلهو چَڙو وڄي گهڻو.

(پورو (خالي) گهنڊ زور سان وڄندو آهي.)

کڻي ڪُني گهني اُڀامي.

(جنهن ڪُنيءَ ۾ اَن گهٽ ۽ پاڻي وڌيڪ آهي اُن ۾ رڌڻ وقت پاڻي گهنُ اُڀامندو آهي.)

هندي:                                  اڌجل گگري ڇُلڪت جاءِ،

ڀري گگريا چُپي جاءِ.

- ڪڙا ڪڙ باجي ٿوٿي بانس.

راجسٿاني:                         خالي باسڻ گهڻا کڙکَڙا وئِي.

(خالي برتن گهڻو کڙڪندا آهن.)

ٿوٿا چنا باجي گهڻا.

(پورو يا کوکلو چَڻو رڌڻ تي گهڻو آواز ڪندو آهي.)

پنجابي:                ڪهو ڪبير ڇُوڇا گهَٽَ بولي،

ڀريا هووي سو ڪب نه ڊولي.

(ڪبير چوي ٿو ته اڌ ڀريل دِلو گهڻو آواز ڪندو آهي، پر جيڪو ڪنا تار پاڻيءَ سان ڀريل هوندو آهي، اُن ۾ پاڻي ڇلڪندو نه آهي.)

مَراٺي:                                 ارد ڪُڙا ڪلسو هايسُلتا.

(اڌ ڀريل ڪلش (لوٽو) گهڻو آواز ڪندو آهي.)

گجراتي:                               آڌورو گهڙو ڇُلڪايَه گهڻو.

(اڌُ ڀريل گهڙو ڇُلڪي گهڻو.)

بنگالي:                                اَلپَ جَلير تِه تو پُنٽِ، تار ايت ڦٽڦٽِ.

(ننڍي ۽ ڪؤڙي مڇي تانگهي پاڻيءَ ۾ گهڻي ڦڙ ڦڙ ڪندي آهي.)

آسامي:                                 پُٺِ ماڇر ڦرڦرڻِيي سار.

(ننڍڙيءَ مڇيءَ جا ٺينگ ٽپا وڌيڪ.)

اوڙيا:                        تُڇا مِٽيار شبد بيش.

(خالي مٽڪي جو آواز وڌيڪ.)

تامِل:                        ارئي ڪڙم تَلُ بُم.

(اڌ ڀريل مٽڪو ڇلڪي گهڻو.)

ڪنڙ:                            تُنبِدَ ڪوڙ تُلُ ڪُبُ دِيل.

(ڀريل گاگر ڇلڪندي ناهي.)

ملايالم:                     نرڪُٽم تُلُ مبُڪَ اِليا.

(ڀريل دلو ڇلڪندو ناهي.)

سنسڪرت:                انگُٽمُ دَڪَماتريڻ شفري ڦُر ڦُرايتي.

(شفري مڇي ٿوري پاڻيءَ ۾ به گهڻو ڦڙ ڦڙ ڪندي آهي.)

- سنپورڻ ڪُمڀو نه ڪروتِ شبدم،

ارڌو گهٽو گهوشمُپئيتِ نونم.

وِدوان ڪُلِينو نه ڪروتِ، گرون،

گُڻئيروهينا بهُجلپَينت.

(پاڻيءَ سان ڀريل دلو آواز نه ڪندو آهي، پر اڌ ڀريل دلو گهڻو آواز ڪندو آهي. خانداني عالم ڪڏهن به گهمنڊ نه ڪندو آهي. بي گڻا ماڻهوءَ ئي وڌيڪ بڪواس ڪندا آهن.)

سنسڪرت سُهڻا سخن (نيتي سوُتر) اخلاقي نُڪتا ۽ پهاڪا:

          هن کان اڳ جيڪي ٻه مثال ڏنا ويا آهن، انهن مان صاف ظاهر آهي ته هاڻوڪين ڀارتي ٻولين ۾ گهڻيئي اهڙا پهاڪا آهن، جن ۾ هڪجهڙائي آهي. ڪن ٻولين ۾ ساڳئي ويچار يا احساس کي ميدان جي خاصيتن مطابق جدا جدا مثالن سان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڀارت جي پهاڪن ۾ هڪجهڙائيءَ جو مکيه ڪارڻ اوائلي ڀارتي ادب آهي، جيڪو سنسڪرت، پالي، پراڪرت، اَپڀرنش ۾ لکيل آهي. دراوڙي ٻوليون به اُنهن اوائلي ٻولين جي اثر کان آجيون نه آهن. سنسڪرت ۾ چاڻڪيه (چاڻڪ نالي مُني جي خاندا جي نيتي سوُترن، پُراڻن ۽ ڪٿا ساهتيه جي فصيح زبان ۽ خوبصورت جملن جيڪي هاڻوڪين ڀارتي زبانن نياءَ جي ويچارن جي بنياد تي گهڻيئي پهاڪا ٺهيا آهن، جيڪي هاڻوڪين ڀارتي ٻولين ۾ عام ٿيا آهن. هتي اِنهن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا:

(1) بيوقوف کان ڪنارو ڪجي (نيتي سُوتر) اخلاقياتي نُڪتا:

سنسڪرت:                         پَنڊتواپي ورن شتروههَ، نه مورکو هِتڪارَڪهه.

(گهڻگهري بيوقوف کان عقلمند دشمن ڀلو.)

هندي:                                  چَترُ تو بئري ڀلا، مورک ڀلا نه ميت،

ساڌ ڪهي مت ڪرو مورک سي پيت.

اردو:                                      نادان دوست سي دانا دشمن بهتر.

سنڌي:                                  نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.

مراٺي:                         شهاڻياچا وهاوي چاڪر، مورکاچا هوئوُ نه ڌنِي.

(مورک جو ڌڻي ٿيڻ کان سياڻي جو نوڪر ٿيڻ بهتر آهي.)

گجراتي:                    مورک مِتر ڪرتا داناوَ دشمن سارو.

     (بيوقوف دوست کان داناءُ دشمن سُٺو.)

بنگلا:                        نادان دوستير چييي دانا دشمن ڀالو.

     (نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.)

اَسامي:                     مورک پُتر تڪئي نِربش هووا ڀال.

(بيوقوف پٽ پيدا ٿئي اُن کان ڀلو آهي ته ماڻهو بي اولاد هجي.)

اُڙيا:                         مورکٺارُ شُکِلا ڪاٺ سهسري گُڻي ڀَل.

(مورک ماڻهوءَ کان سُڪل ڪاٺ هزار دفعا ڀلو.)

(2) ناڻي جي تعريف (مهاودائي) ناڻي جي اهميت:

سنسڪرت:

  • - ارٿسيه پُرُشو داس هَه.

(ماڻهو پئسي جو غلام آهي.)

  • - دروييڻ سروي وشا هَه.

(پئسي سان سڀيئي وس ۾ ڪري سگهجن ٿا.)

  • - يسياسِت وِتن س نر هَه ڪُلين ههَ،

سَ پنڊِت هَه سَ شرُتِمانَ گُڻگيههَ.

س ايوَ وڪتا سَ چَ درشنيَيههَ،

سَروي گُڻاهه ڪانچنم آشرنتي.

(جنهن ماڻهوءَ وٽ پئسو آهي، اُهو خانداني سمجهيو وڃي ٿو. اُن کي سڀ پنڊت، پڙهيل، گڻوان، خوبصورت مقرر ۽ خوبصورت سمجهن ٿا. حقيقت ۾ اِهي سڀيئي گڻ دولت جي سهاري سان پيدا ٿي وڃن ٿا.)

هندي:

  • - ڪؤڙي نهين پاس تو ميلا لگي اُداس.

(پاڻ وٽ جي پيسو نه آهي ته ميلي جي رونق به اُداس نظر ٿي اچي.)

  • - گهر ۾ ناڻا، بِند پرڻيجئي ڪاڻا.

(گهر ۾ پئسو هجي ته ڪاڻي ڇوڪري جي شادي ٿي وڃي ٿي.)

  • - زرِ هئه تو نر هئه، نهين تو پنڇي بي پر هئه.

(زرَ يعني پئسو آهي ته ماڻهو زوردار ۽ طاقتور آهي، نه ته هُو پر ڪٽيل هڪ پکيءَ وانگر آهي.)

  • - دام ڪري سڀ ڪام.

(دنيا ۾ پئسو ئي سڀ ڪم ڪري سگهي ٿو.)

  • - مايا تيري تين نام، پرسو، پرسا، پرسرام.

(دولت تنهنجا تي نالا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ تون نه آهين ته هرڪو کيس ’پرسو‘ سڏي ٿو، پر جڏهن وٽس ڪجهه دولت ڪٺي ٿئي ٿي ته کيس ’پرسا، پرسا‘ ڪري ٿا پُڪارين، پر اُن کان وڌيڪ شاهوڪار ٿيڻ تي سڀيئي ماڻهو ان کي عزت ڏيئي ’پرسرام جِي‘ ڪري ڪوٺين ٿا.)

  • - باپ ڀلا نه ڀئييا، سب سي ڀلا رپئيا.

(نه ڪو پيءُ، نه ڪو ڀاءُ ڀلو آهي، سڀ کان ڀلو رپيو آهي.)

  • - گانٺ ۾ زر هئه تو نر هئه، نهين تو خر هي.

(جيڪڏهن ڳنڍ ۾ ناڻو آهي، ته ماڻهو نر آهي، نه ته کر يعني گڏهه آهي.)

سنڌي:

  • - هجيئي ڳنڍ ۾ ناڻو ته گهُم خان لاڙڪاڻو.
  • - اُٿ به ناڻو، ويهه به ناڻو.

ناڻي بنا نرُ ويڳاڻو.

  • - زر بسيار ته عشق ٺهه پهه.

زر نيست ته عشق پوُن پوُن.

  • - جن جي گنديءَ ۾ ناڻا،

تن جا چريا به سياڻا.

  • - جيڪي ڪري ڪلدار، سو نه ڪري ڪرتار.
  • - جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو.
  • - پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پئسا.
  • - پئسو ناهي پاس ته جيرو آهي اُداس.
  • - شاهوڪار جو ٽِٽُ به کستوري.
  • - لڇمي ڪلڇڻ ڍڪڻي.

پنجابي:

  • - او ڀلا مانس ڪئسا، جدي ڪول نئين پئسا.

(اُهو ڀلو ماڻهو ڪيئن چئبو، جنهن وٽ پيسو ناهي.)

  • - جس دِي ڪوٺي وچ داڻي، اُس دي يملي وِي سياڻي.

(جنهن جي ڪوٺيءَ ۾ داڻا يعني پئسا آهن، اُن جا چريا به سياڻا مڃيا ٿا وڃن.)

مراٺي:

  • - جياچي کِشات سُرتِي، توچ منگلموُرتي.

(جنهن جي کيسي ۾ سورتي يعني ناڻو آهي، اهوئي خوبصورت آهي.)

  • - شري منتاچا ڪُترا، سگٺيانچا لاڊڪا.

(شاهوڪار جو ڪتو سڀني جو لاڏلو.)

  • - هوڏان گانڊ سگلي اِ ڌُتات،

گريبا تونئهُ پوليتا ڪوڻ؟

(وڏن ماڻهن جي گانڊ ڌوئڻ لاءِ به سڀ تيار هوندا آهن، پر غريب جو منهن ڌوئڻ لاءِ ڪو به تيار نه ٿيندو آهي.)

گجراتي:

  • - گَرٿَنا گانگا شاهه، ني وَگر گرٿنا گانگا.

(ڳنڍ ۾ ناڻو اٿس ته سڀ کيس گانگاشاهه چئي ٿا ’نمسڪار‘ ڪن، پر ڳنڍ خالي هئڻ تي هن کي ’گانگا‘
چئي سڏ ٿا ڪن.)

  • - پئسا هاٿ مان تو دوست ساٿ مان.

(پئسو هٿ ۾ آهي ته دوست به گڏ آهن.)

  • - پئسي آئي، پيسي ٻائي، پيسي بِگرني نهين سگائي.

(پئسو آهي ته ماءُ گڏ آهي، پيسو آهي ته جاءِ گڏ آهي، پيسي بنا ڪوبه رِشتو نه آهي.)

سنسڪرت جا سهڻا سُخن ۽ سنڌي پهاڪا:

          هاڻي سنسڪرت سڀاشت (فصيح زبان) جي شلوڪن جي ويچارن سان سمانتا (هڪجهڙائي) رکندڙ سنڌي پهاڪن جا وڌيڪ مثال هتي ڏجن ٿا:

(1) سنسڪرت:

  • - ماتا ڪُپيَتِ ڪَنيايئي سُنشا ڀوِتِ وِهلا.

(ماءُ ڪاوڙ ڪري ٿي پنهنجي ڌيءَ تي، ته سندس نُنهن اهو ڏسي بيچئن ٿي وڃي ٿي.)

سنڌي:

  • - ڌڪُ هڻ ڌيءَ کي ته سکي نُنهن.

(2) سنسڪرت:

  • - لالنادو وهوو دوشاهَه تاڏ ناد بَهَوو گُڻاههَ.

تسمات پُترن چ شين چ تاڏ ييت نَه تُ لالييت.

(گهڻو لاڏ پيار ڪرڻ سان گهڻيئي خرابيون پيدا ٿين ٿيون، ۽ مار ڏيڻ سان گهڻيئي گُڻ جنم وٺن ٿا. اِن ڪري پُٽ ۽ شاگرد سان سختيءَ سان ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، نڪي کيس گهڻو لاڏ ڪرڻ گهرجي.)

سنڌي:

  • - اُستاد جي مار، ٻار جي سنوارِ.
  • - ڇڙيءَ جو صرفو ڪريو ته ٻار کريو.
  • - پُٽ ٻٽيهه لکڻو، موچڙو ڇٽيهه لکڻو.

(3) سنسڪرت:

  • - پِنڊي پِنڏي متِرڀَنا، تُنڏي تُنڏي سَرَسوتِي.

ديشي ديشي اَنيڀاشا سيات، نانارتنا وسُنڌرا.

(هرڪنهن ۾ جدا جدا سوچ ٿئي ٿي ۽ هرڪنهن مُنهن ۾ الڳ الڳ ٻولي، جدا جدا ملڪن ۾ الڳ الڳ ٻوليون آهن ۽ ڌرتيءَ ۾ به گهڻن ئي قسمن جا موتي آهن.)

  • - ڀِن رُچِرههِ لوڪهَه.

(سنسار ۾ الڳ الڳ پسند وارا ماڻهو آهن.)

  • - نه پَنچانگُليههَ سماههَ.

(پنجئي آڱريون برابر نه آهن.)

  • - نئڪو رشي ههَ يسيه وَچ هه پرماڻمَ.

(هڪ به رشي اهڙو نه آهي جنهن جي سوچ ساڳي مڃي وڃي. يعني هر ڪنهن رشيءَ جا ويچار الڳ الڳ آهن.

سنڌي:

  • - کوپڙيءَ کوپڙيءَ مت نياري.
  • - ڄڻي ڄڻي جو پنهنجو راڳُ.
  • - جيترا ماڻهو اوتريون ڳالهيون.
  • - پنجئي آڱريون برابر نه آهن.
  • - آڱر آڱر جو سنڌو آهي.

(4) سنسڪرت:

  • - پروپديشي پانڊِ تيَم.

(ٻين کي نصيحت ڪرڻ ۾ هرڪو عالم آهي.)

  • - پروپديش ويلايان شِشٽاهه سروي ڀونتي وئي.

(ٻين کي درس ڏيڻ وقت سڀ عظيم بڻجي پوندا آهن.)

سنڌي:

  • - پاڻ نه پلي پوپري،

لوڪان متيون ڏِئي.

  • - پَر اُپديش ڪُشل بهُتيري.

(ٻئي کي نصيحت ڪرڻ سولو ڪم آهي.)

(5) سنسڪرت:

  • - پُستڪسٿا تهُ يا وديا پرهستگتن ڌنم.

ڪاريڪالي سَمُتپَني نَه سا وِديا نه تد ڌنم.

(فقط ڪتاب ۾ رکيلُ ڄاڻ ۽ ٻئي وٽ رکيل دولت، اهي ٻئي ڪم جي وقت تي ڪتب نه ٿا اچن.)

سنڌي:

  • - ناڻو سو جو ڳنڍ، واڻِي سا جا ڪنٺ.

(ناڻو اُهو جو ڳنڍ ۾ هجي، واڻي ڪنٺ ڳالهه يا ٻول اُهي جي ياد ڪيل هجن ۽ استري يعني زال اُها جا سنگ گڏ هجي.)

(6) سنسڪرت:

  • - پنڪوههِ نڀسِ ڪِشپتَ ههَ، ڪشيپتُ هه پتِتِ مُورڌنِ.

(گپ جيڪڏهن آسمان ۾ اڇلائبي، ته اُها اڇلائيندڙ جي مُنهن تي ڪرندي.)

سنڌي:

  • - اُڀ ۾ ٿُڪ اڇلائي، سو مُنهن ۾ پائي.

(7) سنسڪرت:

  • - نِرستپادَپي ديشي ايرنڊو اَپي دُمايَتي.

(جتي وڻ نه آهن، اُتي هيرڻ جو وڻ به وڏو وڻ ليکجي ٿو.)

سنڌي:

  • - جتي وڻ ناهي، اُتي ڪانڊيرو به درخت.

(8) سنسڪرت:

  • - وياگهرن نئيوَ گجن نئيوَ، سينهن نيئوَ، چ نئيوَ چِ.
  • - اجا پُترن بَلن ددياتَ، ديوو دُربَگلگهاتڪ ههَ.

(چيتي کي، هاٿيءَ کي ۽ شينهن کي ته ڪڏهن به قربانيءَ ۾ نٿو ڏنو وڃي. ويچارو ٻَڪر قربان ٿئي ٿو. ديوتا پڻ ڏُٻري کي ڪُهن ٿا.)

سنڌي:

  • - ڏُٻري ڍور کي مڇر گهڻا.
  • - گدرو ڪِري ڪاتيءَ تي، ته به گدري جوکو،

ڪاتي ڪِري گدري تي، ته به گدري جوکو.

(9) سنسڪرت:

  • - وِناشڪالي وِپريتٻُڌُ.

(تباهيءَ جي وقت ماڻهوءَ کي اُبتي مَتِ ايندي آهي.)

سنڌي:

  • - ڳوهه کي جڏهن کٽي کڻي،

تڏهن ڳولهي شڪارين جا گهر.

  • - دَشا ڦِري ته ٻُڌي به ڦري وڃي.

(خراب ستارن جي طرف اچڻ تي ماڻهوءَ کي سمجهه به اُبتي اچي.)

(10) سنسڪرت:

  • - مَڌُ تِشٺَتِ جِهواگي، هرديي تُه هلاهلم.

(دُشٽ يا نيچ جي زبان تي ماکي، پر دل ۾ ڀينڪر زهر هوندو آهي.)

سنڌي:

  • - وات ۾ ماکي، دل ۾ ڪاتي.
  • - مُنهن ته موسيٰ جهڙو، سيرت شيطان.
  • - مُنهن جو مٺو، اندر جو ڪارو.
  • - اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج ٿي.

(11) سنسڪرت:

  • - پِبَنتي اُدڪن گاوو منڊوُڪيشُ رُوَتسُ اَپِ.

(ڏيڏرن جي ٽان ٽان ڪرڻ تي به گانيُون بي فڪر ٿي تلاءَ مان پاڻي پيئنديون آهن.)

سنڌي:

  • - قلندرن پٺيان ڪتا پيا ڀؤنڪن.
  • - فقير! تون پنهنجي راهه وٺ، ڪتن کي ڀؤنڪڻ ڏي.
  • - ڀلي ڪتا پيا ڀؤنڪن، پر هاٿي هلي مستاني چال.

(12) سنسڪرت:

  • - اَرَڪِشتن تِشٺتِ دئيور ڪِشتم.

سُرِڪشتن دئوَهتن وِنشيتِ.

(جنهن جو ڪوبه رکوالو ناهي تنهنجو ڌڻي سائين سنڀاليندڙ آهي، پر جنهن کان ڌڻي سائين منهن موڙي ڇڏيو آهي، سو ڪيترو به پاڻ کي بچائي، ته به ناس ٿي وڃي ٿو.)

سنڌي:

  • - ڌڻي همراهه ته ڪنهنجو ڊپ نه ڊاءُ.
  • - راکي رام ته ماري ڪير؟
  • - سڄڻ هجن سنوان، مر ڏيهه ڏنگايون ڪن.
  • - ڇا جي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگومَ ٿئي.

چاڻڪيه جا ’نيتي سُوتر‘ (اخلاقي قاعدا) ۽ سنڌي پهاڪا:

چندرگپت موريا جي گُرو آچاريه وشڻوگُپت جو نالو ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ ڀارت جي تاريخ ۾ هو ’چاڻڪيه‘ ۽ ’ڪوٽليه‘ جي نالن سان وڌيڪ مشهور آهي. هُن پنهنجي ماهرانه راڄنيتيءَ سان اُتر- اولهه ڀارت تي حملو ڪندڙ يوناني سڪندر (اليگزينڊر) کي ڀارت جي ڌرتيءَ تان هڪالي ڪڍيو هو. هن نند خاندان جو خاتمو ڪري پنهنجي شاگرد چندرگُپت کي ڀارت جو سمراٽ شهنشاهه بڻايو. چاڻڪيه جو لکيل ’ارٿ شاستر‘ ڀارتي ادب جو انمول ڪتاب آهي، جنهن جي گهڻن ئي يورپي عالمن به ساراهه ڪئي آهي. ’ارٿ شاستر‘ ۽ ’راجنيتي شاستر‘ جو سارُ آهن. ’چاڻڪيه سوُتر‘.* اُنهن سُوترن جي آڌار تي ٺهيل ڀارت جي هاڻوڪين ٻولين ۾ ڪافي پهاڪا ملن ٿا. هتي ڪن سنڌي پهاڪن جا مثال ڏجن ٿا، جن جا ويچار چاڻڪيه جي اُنهن ’سوترن‘ ۾ ظاهر ڪيل ويچارن سان ملن ٿا. اُهي ويچار اسان کي سنسڪرت جي ڪن چوڻين ۾ به نظر اچن ٿا.

  • (1) آيَسئي ههَ آيَسن ڇيديم.

(لوهه کي لوهه سان ڪٽجي.)

  • - لوهه کي لوهه ڪٽيندو آهي.
  • - جهڙي سان ٿيءُ تهڙو.
  • (2) سوَڀاوو دُرتڪرم ههَ.

(سڀاوَ کي اورانگهڻ مشڪل آهي.)

  • - عادت مٽي نه عادتي، عِلت موُر نه جاءِ.

اُٺ پَوي جي ڪڻڪ ۾ ته به ڪنڊا چُڻ چُڻ کاءِ.

  • - ڪُتي جو پُڇ ٻارنهن مهينا نڙ ۾ وجهه، ته به ڏنگي جو ڏنگو.
  • - ڪنهن جو به سڀاءُ بدلجڻو ناهي.
  • (3) شوو ميوراد اَديه ڪپوتو ورم.

(سڀاڻي مورُ ملڻ جي اُميد کان اڄ جو ڪبوتر هٿ ۾ هئڻ بهتر آهي.)

  • - اڌ کي ڇڏي سڄي پٺيان ڊُڪي تنهن جو اڌ به وڃي.
  • (4) يَٿَا بيجن تٿا نِشپتِ.

(جهڙو ٻج تهڙو ڦلُ.

  • - جهڙو ٻج، تهڙو سَلو.
  • - ڪڻڪ پوکبي ته جوَ ڪين مِلندا.
  • - جهڙو ٻج وجهبو، تهڙو ڦل ملندو.
  • (5) اَناريه سنبنڌت ورم آريه شتُرتا.

(نيچ جي دوستيءَ کان بهتر آهي سچن جي دشمني.)

  • - نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.
  • (6) شوَههَ ڪاريه ادَيهُ ڪُروِيت.

(سڀاڻي جو ڪم اڄ ڪجي.)

  • - اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه وجهجي.
  • (7) اگِنداهاداپِ وشِشٽن واڪپَارُ شيَم.

(باهه جي جلائڻ کان به تيز آهي زبان جي ڪؤڙاڻ.)

  • - تلوار جي گهاءُ کان ويڻن جو گهاءُ تيز آهي.
  • (8) ڪشُڌارتو نَه ترڻن چرِت سنهه ههَ.

(بکايل شينهن به گاهه نه کائيندو آهي.)

  • - شينهن بک مرندو پر گاهه نه چرندو.
  • (9) پلالم اپِ پردروين نه هَرڌويمر.

(ٻئي جي پلال يعني گاهه به نه چورائجي.)

  • - ڪک چورُ، سو لک چورُ.
  • (10) مورکيشُ وِوادو نَه ڪرتويَهَه.

(نادان سان بحثُ نه ڪجي.)

  • - مورک کي اُپديش، جيءَ جو ڪليش.
  • - مورک کي گيانُ*، جيءُ جو زيان.
  • - چرين کي ڪي ٻيا سڱ ٿين؟
  • - چرين ڪهڙا چِت، مئن ڪهڙا مامرا؟
  • - مورک ماڻهو، ٻه گهر ٻار، ٻئي ٻَنُ ڏِجن.
  • - بي عقل کي بازار ۾ کڻي نه وڃجي ساڻُ.

پهرين ڪٽائي پاڻ، پوءِ سارُ لهي سنگتي جي.

  • - ڄَٽُ پڙهيو الله اڙيو.
  • - ڪر چڱائي ڄٽ سان، ته ڦيري هڻيئي پٽ سان.
  • (11) ارٿوان سروَلوڪسيه بَهُومت هه.

(دولتمند پنهنجي دولت جي زور تي سڀ هنڌ عزت پائي ٿو.)

  • - جيڪي ڪري ڪلدار، سونه ڪري ڪرتار.
  • - دام ڪري سڀ ڪام.
  • - جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو.
  • - جن جي گهر داڻا، تن جا چريا به سياڻا.
  • - پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پئسا.
  • - شاهوڪار جو ٽِٽُ به کستوري.
  • - سڀ ڪو بيٺي جو يار آهي.
  • (12) دارِ ديمَ کلُ پَرَشسيه جيتِوڻ مرڻم.

(غريبي انسان لاءِ جيئري ئي موتُ آهي.)

  • - غريبي زنده موت آهي.
  • - غريب جي جوءِ جڳ جي ڀاڄائي.
  • - سُڃن اباڻن ڌوُڙ مَرڪن ڌيئرون.
  • - غريب رکن روزا ته ڏينهن به ٿين وڏا.
  • - پنڻ کان مرڻ بهتر.

سنڌي ۽ انگريزي پهاڪا:

سنڌي ۽ انگريزي ٻولين جي پهاڪن جي ڀيٽ ڪندي اسان ڏٺو ته هڪ طرف هاڻوڪين ڀارتي ٻولين ۾ هڪجهڙن ويچارن ۽ احساسن وارا پهاڪا ملن، ته ٻئي طرف اُهي قديم ڀارتي ٻولين سان به هڪجهڙائي ڏيکارين ٿا. هتي اسين سنڌي پهاڪن سان ويچارن ۾ هڪجهڙائي رکندڙ انگريزي پهاڪن جا ڪجهه مثال ڏيون ٿا. اِن مان ثابت ٿئي ٿو ته دنيا جي جدا جدا ٻولين جي پهاڪن ۾ به گهڻن ئي هنڌن تي ويچارن جي هڪجهڙائيءَ جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو. اِن جو مکيه ڪارڻ آهي انسان جي سوچ ويچار، فڪر، ۽ تجربي ۾ هڪجهڙائي.

هتي سنڌي ۽ انگريزي پهاڪن ۾ هڪجهڙائيءَ جا مثال گهڻو ڪري روچي رام گجومل جي ڪتاب مان چونڊيا ويا آهن. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيل آهي، پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌي پهاڪن سان گڏ انگريزي هم معنيٰ پهاڪا ڏنل آهن، ٻئين ڀاڱي ۾ سنڌي ٻوليءَ جا خاص چونڊ پهاڪا فقط انگريزي عنوان سان گڏ ڏنل آهن. هن مجموعي ۾ ڪل اٺ سؤ سنڌي پهاڪا گڏ ڪيل آهن.

  • (1) اُ ڀ ۾ ٿڪ اڇلائي، سو منهن ۾ پائي.
  • - Who spits against the wind, spits in his own face.
  • - Spit not against heaven, it will fall back on the face.
  • (2) اٽو کاڌو ڪُئي، مار پئي گابي کي.
  • - The ox ate the corn and they beat the donkey for it.
  • - One doth the blame, another bears the shame.
  • (3) اپني گهوٽ ته نشا ٿيويئي.
  • - Paddle your own canoe.
  • (4) اڇي پڳ ۾ پسُ، اندر مڙيئي اڳڙيون.
  • - All is not gold that glitters.
  • - A clean glove often hides a dirty hand.
  • - Judge not according to the appearance.
  • (5) اڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ ڏي ڊوڙي، تنهن جو اڌ به وڃي.
  • - Catch not at the Shadow and loose the substance.
  • - Quit not certainty, for hope.
  • - A bird in hand is worth two in the bush.
  • (6) اُستاد جي مار، ٻار جي سنوار.
  • - Better the child cry, than the father sigh.
  • - Spare the rod and spoil the child.
  • (7) اُکِريُن ۾ جي مٿا وجهن، سي مُهِرينَ ڀرِ ڪيئن ڊڄن؟
  • - Those who play with edge tools, must expect to cut them- selves.
  • - Don’t play with bears if you are afraid of being bitten.
  • (8) اڳياڙي تڏهن سَرهي، جڏهن پڇاڙي سَرهي.
  • - All is well that ends well.
  • - Praise a fair day at night.
  • (9) اُهو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.
  • - Lay up something against a rainy day.
  • - Make hay while the sun shines.
  • - In a fine weather prepare for foul.
  • (10) ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
  • - Money has no blood relations.
  • - Make every bargain clear and plain, that none may afterwards complain.
  • (11) ٻه ته ٻارنهن.
  • - Union is strength.
  • - Three helping each other are as good as six.
  • (12) لَڙن سپاهي، نانءُ سردار جو.
  • - The blood of the solder makes the glory of the general.
  • (13) ڀتين کي به ڪن آهن.
  • - Walls have ears.
  • (14) تاڙي هڪ هٿي ڪين وڄندي آهي.
  • - It takes two to make a quarrel.
  • (15) ترار جو ڦٽ ڇٽي وڃي، زبان جو ڦٽ نه ڇٽي.

وڻو لهي وڃي، رڻو ڪين لهي.

  • - The tongue is not steel, but it cuts.

Evil words cut worse than swords.

Slander, whose edge is sharper than the sword.

Whose tongue out venoms all the worms of nile. (Cymbeline)

  • (16) پاپ جو گهڙو ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
  • - The mills of God grind slowly, but the grind exceedingly small.
  • (17) پير عيسيٰ، پير موسيٰ، وڏا پير پئسا.
  • - Money makes the mare go.

Money is the God of world.

  • (18) جنهن جو بُڻ بڇڙو، تنهن جو ميوو سٺو نه ٿئي.
  • - A wild goose never lay a tame egg.
  • - As the seed, so the sprout.
  • (19) جهڙو سنگ، تهڙو رنگ.

سنگ جو پرسنگُ

  • - Tell me the company you keep and I will tell you who you are.
  • - Bad company is the devil’s net.
  • (20) ڪر چڱائي ڄٽ سان، ڦيري هڻي پٽ سان.
  • - Kindness is lost upon an un grateful man.
  • - To do good to the ungrateful is to throw rose water into the sea.
  • - Save the thief from the gallows and he will be the first to cut your throat.
  • (21) ڏاڍو سو گابو.
  • - Might is right.
  • (22) سَکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي.
  • - Empty vessel thunders much.
  • (23) ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئجي.
  • - Why call a spade, a spade.
  • (24) مرڻ مُهُورتُ نه پڇي، پڇي تِٿِ نه وار.
  • - Death keeps no calander.
  • (25) همتِ مردان مددِ خدا.
  • - God helps those who help themselves.

سنڌي ٻوليءَ جي مشهور عالم مرزا قليچ بيگ ”پهاڪن جي حڪمت“ نالي هڪ ننڍڙو ڪتاب لکيو هو.§ اهو ”نئين سنڌي لائبريري“ سيريز اندر ڄيٺمل پرسرام 1925ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ۾ قليچ بيگ دنيا جي مکيه ٻولين جا چونڊ پهاڪا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا آهن. اُن ڪتاب ۾ 600 کن پهاڪا ڏنل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جو هيءَ پهريون مجموعو آهي. اِن جي اڀياس مان ظاهر ٿئي ٿو ته الڳ الڳ مُلڪن جي لهجن ۾ جيڪي پهاڪا آهن، اُنهن ۾ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ويچارن جي هڪجهڙائي آهي.

4.3: سنڌي پهاڪن جو  شاعريءَ جي علم موجب اڀياس:

پهاڪا لوڪ ادب جو هڪ حصو آهن. اِن ڪري اُنهن ۾ ادب شاعريءَ جي خوبصورتي پاڻمرادو اچي وڃي ٿي. اِها خوبصورتي لفظن جي سگهه، النڪارن، ڇندن وغيره جي ذريعي پيدا ٿئي ٿي. ٻوليءَ جي ذريعي معنيٰ کي خوبصورت طريقي سان ظاهر ڪرڻ ۾ شيليءَ يا عبارت جا اِهي مکيه جزا آهن. هتي ٿوري ۾ انهن تي ويچار ڪجي ٿو.

4.3.1. سنڌي پهاڪن ۾ شبد شڪتي (لفظن جي سگهه):

جڏهن اسين ڪجهه ڳالهايون ٿا ته اُن ۾ اُچار ڪيل لفظن جي ذريعي اسان ڪنهن اَرٿ يا معنيٰ جو اظهار ڪريون ٿا. اُن مان صاف ظاهر آهي ته ٻوليءَ يا ڀاشا ۾ لفظ ۽ معنيٰ جو گڏ هئڻ تمام ضروري آهي. ادب ۾ ته شبد هين لفظ کان سواءِ معنيٰ ۽ ارٿ هين شبد (معنيٰ کان سواءِ لفظ) جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڪري ڪن عالمن ’ساهتيه‘ لفظ جي ويئتپتي (اشتقاق) ئي اِن ريت ڪئي آهي ته جنهن ۾ لفظ ۽ معنيٰ جي گڏ هئڻ جي حالت لازمي آهي. (سَهِتسيه ڀاون ساهتيم). ساهتيه ۾ ”ستيم شِوم ۽ سُندرم“ جو سنگم آهي. اُهو هِتڪاري (فائديمند) آهي. اِن ڪري اُن کي ساهتيه چئجي ٿو. (س + هِت= فائديمند، هِت ڪارڪ= ڪلياڻڪاري).

بيان ۾ پرِسنگ موجب لفظ جي معنيٰ بدلجي ويندي آهي. مثال طور ”ڌوٻي گڏهه تي ڪپڙن جي هڙ رکي نديءَ ڏانهن وڃي پيو.“ هن جملي ۾ ’گڏهه‘ لفظ هڪ خاص جانور جو عڪس اسان جي ڌيان تي آڻي ٿو. پر جڏهن اسين ڪنهن شرارتي ڇوڪري کي ڇينڀيندي چئون، ”گڏهه! هي ڇا ڪُيئه؟ آرسي ڀڃي ڇڏيئه“. ته هن جملي ۾ ’گڏهه‘ لفظ جو مطلب کڻبو. بيوقوف، مورک.

ڀارتي ڪاويه شاستر (شاعريءَ جي علم) جي اُستادن معنيٰ جا ٽي قسم ٻڌايا آهن. اُن موجب هُنن لفظن جا به ٽي قسم مڃيا آهن. جنهن  لائقي جي ڪري لفظ ڪنهن معنيٰ جو اظهار ڪن ٿا، اُن کي شبد شڪتي يا لفظ جي سگهه چئجي ٿو.

  • (1) اظهار (Expression):

هرهڪ لفظ جنهن طاقت ذريعي پنهنجي مکيه معنيٰ کي ظاهر ڪري ٿو، تنهن کي ’اڀڌا شڪتي‘ يا اظهار چئجي ٿو. اهڙي لفظ کي ”واچِڪ شبد“ ۽ اُن جي معنيٰ کي ”واچيارٿ“ يا ”اَڀڌدييارٿَ“ چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ اُن کي لفظي معنيٰ (Primary or literal meaning) چوندا آهن. جيئن ته، ڪتاب، وڻ، پکي، زال، مرد، گهوڙو، گڏهه، مينهن، گائون، وغيره لفظن جو اظهار ڪرڻ سان جنهن شيءِ پکيءَ، جانور شخص وغيره جو عڪس اسان جي دماغ ۾ پيدا ٿئي ٿو، اُهو اُن لفظ جو ’واچيارٿ‘ يا اکري معنيٰ آهي. ڪهڙو لفظ ڪهڙي معنيٰ جي اظهار لاءِ ڪتب اچي ٿو، اُهو اُن لساني سماج ۾ لوڪچار موجب مقرر ٿي ويو آهي.

  • (2) لڪشڻا يا ڏَسُ (Indication):

هرهڪ ٻوليءَ جي رواج موجب اُن ٻوليءَ جا گهڻيئي لفظ ٻي معنيٰ  جي ڏسڻ لاءِ نمونا ٿي ويندا آهن. جيئن ته ”گڏهه“ لفظ بيان جي مفهوم موجب ’مورک، بيوقوف‘ معنيٰ به ٿئي ٿي. ”ٻگهلو“،  ’ٻگهه پکي‘ کان سواءِ ’ٺڳ‘، ڌوکيباز، مڪار جي معنيٰ به ڏسي ٿو. مثال طور: ”هو اٿيئي ٻهگلو ڀڳتُ. هن کان سنڀالي وهنوار ڪجان“. هن جملي ۾ ’ٻگهلو‘ لفظ ’ٺڳ يا دوکيباز‘ مطلب طرف اشارو ڪري ٿو.

ڪوبه لفظُ جڏهن بيان ۾ پنهنجي لفظي معنيٰ بدران ٻي  معنيٰ ڏسي ٿو، تڏهن لفظ جي جيڪا طاقت ڪم ڪري ٿي، اُن کي ’لڪشڻا شڪتي‘ (Power of Indication) چئجي ٿو. اهڙي معنيٰ کي لڪشيارٿ  (Metaphorical or secondary meaning) چئبو آهي. اِن قسم جي معنيٰ ڏسيندڙ لفظ کي ”لاڪشڻڪ شبد“ چئبو آهي.

  • (3) تجويز يا اِشارو (Suggestion):

بيان ۾ ڪنهن ڳالهه جي حوالي ۾ جڏهن گهربل معنيٰ استعاري ذريعي نه ٿي ملي، تڏهن اُن تائين پهچڻ لاءِ لفظ جي جيڪا طاقت ڪم ڪري ٿي، ان کي وينجنا شَڪتي (Power of Suggestion) چئبو آهي. اهڙي معنيٰ کي ٽوڪ يا اشارتي معنيٰ (Suggested meaning) چوندا آهن ۽ اِن قسم جي معنيٰ ڏيندڙ لفظ کي ’اشارتي لفظ‘ (Suggesting word) چئبو آهي. مثال طور: ”هُن پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي هيتري ترقي ڪئي آهي.“

هن جملي ۾ هڪ معنيٰ ته اِها آهي ته هُن شخص پنهنجي محنت ۽ عزم، طاقت سان هيتري ترقي ڪئي آهي، پر جيڪڏهن حوالي ۾ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو بيان آهي، جيڪو ڪنهن شاهوڪار گهر مان پرڻيو آهي ۽ پنهنجي ساهورن جي مدد سان هن ترقي ڪئي آهي ته پوءِ چوندڙ جو اشارو اُن جملي جي ٻئي گهربل مطلب ڏانهن ٿيندو. اُن حالت ۾ ’ٻانهن‘ جو مطلب ٿيندو. زال، پتني.

اُهو ضروري نه آهي ته جملي ۾ ڪنهن لفظ جي آڌار تي ئي وينگيارَٿَ (ٽوڪزني) حاصل ٿئي. ڪن حالتن ۾ ڳالهائڻ جو طريقو يا ڍنگ ۽ جنهن سان ڳالهائجي ٿو، اُن جي آڌار تي به ٻي معنيٰ طرف اشارو ٿيندو آهي. جيئن ته جڏهن ڪلاس ۾ ڪو ماستر مُشڪندي ڪنهن موڳي ڇوڪريءَ کي ٽوڪيندو چوي ٿو، ”تون ته امتحان ۾ ضرور پهريون نمبر ايندين.“ ته هتي جنهن کي چيو ويو آهي. اُن مان سمجهبو ته ماستر جو مطلب آهي- ”تون امتحان ۾ پاس نه ٿي سگهندين، پر جي پاس ٿئين به ته پوين نمبرن ۾ هوندين.“

هڪ شخص ٻئي کي چيو، ”تنهنجي مُنهن مان شيطاني پيئي جهلڪا ڏئي.“ ٻيو شخص به حاضر جواب هو. هُن هڪدم اڳلي کي چيو، ”مون کي اِها خبر ڪانه هُئي ته مُنهنجو منهن ڪا آرسي آهي.“ هن گفتگوءَ جو آنند تڏهن ملندو جڏهن اِن مان اِشاري طور ملندڙ گهربل مطلب کڻون، جيڪو هن ريت آهي- ”سچُ پچُ ته شيطان تون ئي آهين. پنهنجي بدمعاشيءَ جو عڪس منهنجي صورت ۾ پيو پسين.“

اِن طرح ٽوڪزني جو گهڻو دارومدار بيان جي پرسنگ ۽ اُنهن جي حالتن تي به ٿئي ٿو، جن ۾ اُها ڳالهه چئي ويئي آهي.

چوڻيون جيڪي پنهنجي لفظي معنيٰ ۾ ڪتب اچن ٿيون، اُنهن ۾ ’اَڀڌا شڪتي‘[1] ڪم ڪندي آهي. اُنهن ۾ سڌو سنواٽو بيان هوندو آهي، يا چئجي ته اُنهن ۾ اظهار جي خوبصورتي نه هوندي آهي. مثال طور: ترتُ دانُ، مها پُڃُ. (برڪت، خيرات معنيٰ وڏو ثواب).

  • - ڏُک بنا سُک ڪونهي.
  • - جهڙو ديس، تهڙو ويس.
  • - ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.

ٻئي طرف ڏسجي ته پهاڪن ۾ اظهار جي خوبصورتي سمايل آهي. اُتي لڪشڻا[2] يا وينجنا[3] ذريعي لفظي معنيٰ کي ڇڏي ٻيءَ گهربل معنيٰ کي ڏسين ٿا يا اُن طرف اِشارو ڪن ٿا. ڪجهه مثال ڏسو:

  • - هِيانءَ تتي کان کُڙي تتي چڱي.

(هن پهاڪي ۾ ”هِيانءَ تتي“ جو مطلب آهي ”اُهو ماڻهو جيڪو من ۾ دُکي پيو ٿئي.“ ٻئي طرف ’کُڙي تتي‘ جو مطلب آهي. ”پنڌ ڪري يا محنت ڪري ڪم کي پورو ڪرڻ.“ اِن طرح پهاڪي جي واڌو معنيٰ (secondary meaning) آهي- ٻيو ڪو اوهان کي نقصان پيو پهچائي، اُن ڪري دل ئي دل ۾ دُکي ٿيڻ کان بهتر آهي ته هڪ ڊوڙ ڪري اهڙي ڪوشش ڪجي جيئن خرابيءَ کي روڪي سگهجي.)

  • - لڄُن تان لک قُربان.

(پنهنجي گهر جي عورتن جي عزت بچائڻ لاءِ لکين رپيا به قربان ڪري ڇڏجن. هتي ’لڄ‘ لفظ جو اظهار (Expression) آهي. ’شرم، حياءُ‘ ۽ اشارتاً ٻئي معنيٰ آهي ’عورت، زال‘.

  • - عشق انڌو آهي.

(’عشق‘ لفظ جو لڪشيارٿ (ٻي معنيٰ) آهي. ’عاشق، عشق ڪندڙ‘. عاشق ڪوبه آڳو پيڇو نه ٿو سوچي. هوُ جنهن تي فدا ٿئي ٿو اُن پٺيان انڌن وانگر گهمي ٿو ۽ کيس لوڪ- لڄ جي پرواهه نٿي ٿئي.

  • - چلههُ تي سو دِل تي.

(هتي ’چلهه‘ جو لڪشيارٿ (ٻي معنيٰ) آهي گهر ۾ هڪ چلهه وٽ گڏجي کائيندڙ پيئندڙ. ’دِل‘ جي ٻي معنيٰ آهي يادگيري. مطلب ته جيڪي هڪ گهر ۾ گڏ رهن ٿا، گڏجي ڪري کائن پيئن ٿا، سي هميشه ياد رهن ٿا. پر ٻئي طرف پري رهندڙ وسري ويندا آهن.)

          جن پهاڪن ۾ فاعل، فعل وغيره ڏيکاريندڙ لفظن جو لوپُ (حذف) ٿي وڃي ٿو، اُتي گهڻو ڪري استعاري يا اشاري سان اسان کي گهربل مطلبُ ملندو آهي. جيئن ته:

  • - هڻُ ڌيءَ کي ته سِکي نُنهن.

(هتي ڪرم ’ڌڪُ/ طعنو‘ لفظ جو لوپُ (حذف ٿيل) آهي، جيڪو اشاري سان اسين سمجهون ٿا. گهربل مطلب آهي ته تون هڪ کي طعنو هڻُ يا ٽَوڪ ته ٻيو پنهنجو پاڻ اُن مان سبق سکي ويندو.)

  • - هاسي ڪَرهن جي ماسي.

(کل ڀوڳ ڪرڻ جهيڙي جي ڀيڻ آهي. اشاراتي معنيٰ آهي ته اسان کي ڪنهن به ڌارئي سان کِل ڀوڳ نه ڪرڻ گهرجي يا مٿس ٺٺولي نه ڪرڻ گهرجي. اِن سان جهيڙي ٿيڻ جو اِمڪان آهي.)

  • - هٿ جن جا هيئن پتڻ سي پهچن.

(ندي پار ڪري ٻئي ڪناري جي پتڻ تي اُهي پهچي سگهندا جن جا هٿ هيئن يعني کُليل، پئسي خرچڻ لاءِ تيار آهن.)

  • - سُورُ پوي ساٽيءَ کي ته ڏنڀجي گڏههُ.

(بدن ۾ سُور پيو ساٽيءَ کي يعني مڇيون وڪڻندڙ کي ته هُن ڏنڀ ڏياريا پنهنجي گڏههُ کي. اشارتي معنيٰ آهي ته هڪ جا ساڙ ٻئي مان ٿو ڪڍي.)

  • - نئين ڪُنوار نوَ ڏينهن، لٿي پٿي ڏهه ڏينهن.

(هتي نئين ڪنوار جو وينگيارٿ (اشارتي معنيٰ) آهي ڪا به نئين شيءِ يا گهر ۾ آيل ڪوبه نئون ماڻهو. اُنهن جو قدر يا مانُ ٿورا ڏينهن ٿئي ٿو. اُن کان پوءِ وري ٻين سمان اُن سان وهنوار ڪيو وڃي ٿو.

          اِن طرح لڪشڻا (پهرين معنيٰ) ۽ وينجنا (ٻي معنيٰ) شڪتيءَ ذريعي پهاڪن ۾ اظهار جي نرالائي اچي ٿي. اِن ڪري روزاني عام گفتگوءَ واري ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ پهاڪن جي ٻوليءَ ۾ خوبصورتي ۽ اثر به پيدا ٿئي ٿو.

4.3.2. سنڌي پهاڪا ۽ النڪار (صنايع بدايع):

          ’النڪار‘ جو مطلب آهي؛ ڳهڻو، زيور، زيب زينت. شاعريءَ جي علم ۾ النڪار يا صنايع بدايع اُن کي چئجي ٿو، جيڪي ٻوليءَ جي سونهن کي وڌائن ٿا. يعني ٻوليءَ ذريعي ڪيل اظهار کي سهڻو ۽ دلڪش بڻائين ٿا. صَنايعُ بدائع کي سنڌيءَ ۾ ”رنگين زبان“ (Figures of speech) به چوندا آهن.

صنايع بدايع يا سينگار ٻن قسمن جا آهن:

  • - شبد النڪار (لفظي صنعتون)
  • - ارٿ النڪار (معنوي صنعتون)

سنڌي پهاڪن ۾ اسان کي ٻنهي قسمن جون صنعتون يا صنايع ملن ٿا. هتي اُنهن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا:

(الف) شبد النڪار (لفظي صنعتون):

          اِنهن ۾ لفظن ۽ آواز جي ذريعي اظهار جي خوبصورتي پيدا ڪئي ويندي آهي. لفظي خوبصورتيءَ جا مکيه قسم هيٺينءَ ريت آهن:

  • (1) تجنيس حرفي: جيڪڏهن جملي جي لفظن ۾ هڪ يا گهڻيئي وينجن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا هڪ ئي ترتيب سان اچن، تڏهن تجنيس حرفي پيدا ٿيندي آهي. هن صنعت جو استعمال گهڻو ڪري سڀني ٻولين جي پهاڪن ۾ ججهي تعداد ۾ ملي ٿو. اِن جو سبب اِهو آهي ته تجنيس حرفي جي ڪري پهاڪا جلدي ياد ٿي وڃن ٿا. سنڌي پهاڪن ۾ تجنيس حرفي گهڻو ڪتب آيو آهي، ڪجهه مثال ڏسو:
  • - اڪن کان ٿو انب گهُري ۽ ٻٻرن کان ٻير.

(جنهن وٽان ڪجهه ملڻ جو آسرو نه آهي، اُن ۾ ڪو آس رکي، تڏهن چئبو. هتي ’ٻ‘ وينجن لفظ جي شروع ۾ ٻه ڀيرا آيو آهي.)

  • - اٽو ٻاٽُ چي گهوٻاٽو.

(مان ڪريان اَٽي ۽ ٻاٽ جي ڳالهه، ته تُون سمجهين گهوٻاٽو يعني مُدگرُ يا ڏنڊو. هتي لفظن جي آخر ۾ ’ٽ‘ وينجن جو دهراءُ ٿيو آهي.)

  • - ٻه ته ٻارنهن.

(ٻڌي ۾ طاقت آهي. هتي ’ٻه‘ وينجن جو دُهراءُ آهي.)

  • - سڳا سيئي سيڻ، پکا جِني اوڏڙا.

(جيڪي ويجهو ٿا رهن ۽ سُک دُک ۾ ڪتب ٿا اچن، سي ئي سڳا مائٽ آهن. هتي ’س‘ وينجن جو دُهراءُ آهي.)

  • (2) گهڻ معنائون سينگار: جڏهن هڪ ئي لفظ رڳو هڪ دفعو ڪتب اچي، پر اُن جا اصل ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مطلب نڪرن، تڏهن گهڻين معنائن وارو لفظ چئبو آهي. جيئن ته:
  • - رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايمُ جَتَ سين. (شاهه)

(رتيءَ جي رهاڻ لاءِ مُون پنهنجو جيءُ جت سان اڙائي ڇڏيو.)

هتي ’رتي‘ لفظ جون ٻه معنائون آهن: (1) پريم، ڪام (2) ٿورو وقت.

          گرو چيلي جي سوال وارا ٻول پرولين وانگر مشهور آهن. اُنهن مان ڪي پهاڪن وانگر به استعمال ٿيندا آهن. اهڙن ٻولن ۾ گهڻين معنائن وارن لفظن جي صنعت ئي دوهي جو بنياد هوندي آهي. جيئن ته:

  • - ڪرڙ وڻ نه وڻي، اوڏُ نه مِٽي چاءِ.

بيمار سُتي نه پِيئي، ڪهو چيلا ڪِس ڀاءِ،

گروُجي پسي نهين.

(هتي پُسي لفظ جدا جدا معنيٰ ۾ کڻبو، تڏهن سوال جواب جو مطلب نڪرندو. ڪِرِڙ جو وڻ نه ٿو وڻي جو اُن ۾ پُسي (ڦل) ناهي. اوڏ مٽي نه ٿو کڻي، ڇاڪاڻ جو مٽي پُسي (آلي، ڀِنَل) نه آهي. بيمار سُتي نه ٿو پئي ڇاڪاڻ ته اُها پُسي (پاڻيءَ ۾ پُسيل) نه آهي.)

  • (3) تجنيس تام: جيڪڏهن هڪ ئي لفظ يا لفظن جو ميڙ جدا جدا معنائن ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا ڪتب اچي، تڏهن تجنيس تام چئبو آهي. جيئن ته:
  • - ڪَلِجُگُ آهي ڪلجُگ يا ڪرجُگ.

(هتي ’ڪل‘ لفظ جدا جدا معنائن ۾ ڪتب آيو آهي. (1) ڪلجُگُ هڪ يگُ يا دؤر جو نالو، (2) ڪَلَههَ، جهيڙو ڪرڻ (3) ڪلجُگُ اُهو دؤر آهي، جنهن ۾ ڪَلهه يعني جهيڙو يا فساد آهي. يا هيءُ اهڙو دؤر آهي، جنهن ۾ انسان جيڪي به بُرا ڪم ڪري ٿو، تن جي سزا پاڻ هتي ئي ڀوڳي وڃي ٿو.

  • - وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن ور وڏو ڪيو. (شاهه)

(منهنجي پريتم پُنهونءَ ۾ ته ڪوبه دوکو نه آهي، پر ڏيرن مُون سان دولابُ يا دوکو ڪيو آهي.)

  • (4) لفظي ورجاءُ: ڪنهن ويچار يا ڀاونا کي وڌيڪ دِلڪش ۽ پُرُ اثر بڻائڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهن لفظ يا لفظي ميڙ جو ٻه يا ٻن کان وڌيڪ دفعا دُهراءُ ڪجي ته اُهو ’پُنرُ ڪت النڪار‘ هوندو آهي.
  • - گُگرُ گُگرُ پنڊا اَڙيا.

(پِنڊيءَ ۾ گُگرُ رکيو هو ته جتي ڪٿي اُهو پنڊيءَ کي چنبڙي پيو. ويچاري پنڊي ڄڻ ڦاسي پيئي.)

  • - مَرسان مَرسان، پر ڊڀ نه چرسان.

(مرندي مري ويندس، پر ڊڀ نه چرندس.)

  • - ڌيري ڌيري ري مَنا، ڌيري سڀ ڪُڇ هو.

(هرڪو ڪم آهستي آهستي پنهنجي وقت تي ٿيندو آهي.)

  • - داڻي داڻي تي لکيل آهي کائڻ واري جو نانءُ.

(هرهڪ داڻي تي ڌڻي سائين لکي ڇڏيو آهي ته اُهو ڪير کائيندو.)

(ب) معنوي صنعتون:

          انهن ۾ لفظن وسيلي جيڪو مفهوم يا معنيٰ جو اظهار ڪجي ٿو، اُن معنيٰ ۾ سونهن سمايل هوندي آهي. ارٿا النڪار جا گهڻي ئي قسم آهن. اُنهن جا ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا:

          (1) مماثلت يا هڪجهڙائي: مماثلت ۽ تشبيهه ٻن شين جي وچ ۾ فرق هئڻ تي به اُنهن جي هڪجهڙي معنيٰ جي ڪري ڀيٽ ڪرڻ کي مماثلت چئبو آهي.

  • - انڌو ۽ اڻسونهون، ٻئي هڪجهڙا.
  • - تلوار جي گهاءُ کان زبان جو گهاءُ وڌيڪ تيز آهي.

(ڪؤڙا لفظ ڳالهائڻ سان دل تي جيڪو زخم ٿئي ٿو، اُهو تلوار جي زخم کان به تکو آهي.)

  • - مرض اچي گهوڙي وانگي، وڃي جُونءَ وانگي.

(بيماري گهوڙي وانگر تيزيءَ سان ايندي آهي، پر جُونءَ وانگر آهستي آهستي ويندي آهي.)

          (2) تشبيهه ۽ استعارو: استعاري ۽ تشبيهه جي وچ ۾ مشابه جو بيان ڪرڻ (يعني ڳُجهي ڀيٽ ڪرڻ) کي استعارو چئبو آهي.

  • - پَتِ نَهن تي پاڻي آهي.
  • - برهمڻ جو وچن سورج جي ساک.
  • - غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.
  • - گهر جو پير، چُلهه جو مارنگ.

(گهر جو پير چُلهه تي رکيل پٿرُ آهي.)

  • - سنسارُ مها ڄارُ

(سنسارُ وڏي مايا چارُ آهي.)

          (3) تمثيل: فقرن ۾ فرق ڄاڻندي به جڏهن اُن ۾ ڀيٽ کي ممڪن ڪجي، تڏهن تمثيل آهي. جيئن ته:

  • - انڌي اڳيان آرسي، ڪر تئو ٽنگيو آهي.

(انڌي اڳيان آرسي ٽنگڻ ائين آهي ڄڻ ته هُن جي اڳيان تئو ٽنگيو پيو آهي.)

(ٻ) مبالغو: جڏهن ڪنهن ڳالهه جو حد کان وڌيڪ وڌاءُ ڪري بيان ڪجي، تڏهن ان کي مبالغو چئبو آهي.

  • - ڇڪ ايندي ئي نڪُ ڪٽجي ويو.

(ڇڪ اچڻ شرط ئي خراب ڳالهه ٿي يا نقصان ٿيو.)

  • - حجام کي ڏسندي ئي حجامت وڌي وڃي.

(مطلب ته حجام کي ڏسڻ سان ماڻهوءَ کي ويچار اچي ٿو ته اڳو پوءِ پنهنجي حجامت ڪرائي ڇڏيان.)

          (4) ٻٽا فقرا: جڏهن هڪ ئي سادي مقصد کي ٻن جدا شين لاءِ الڳ جملن ۾ بيان ڪجي، تڏهن آهي. جيئن ته:

  • - سسُ ري نه ساهُرا، ساليءَ ري نه نِينهن.

چنڊ ري نه راتڙي، سج ري نه ڏينهن.

(جهڙيءَ طرح چنڊ کان سواءِ رات ۽ سج کان سواءِ ڏينهن نه ٿو سونهي، تهڙيءَ طرح سَسُ کان سواءِ ساهُرا ۽ ساليءَ کان سواءِ ساهُرن ۾ سِڪ پيار نه هئڻ ڪري ساهُرا سهڻا نه ٿا لڳن.)

  • - گهڻي زالين گهرُ نه هلي، گهڻي مردين هَرُ نه هلي.
  • - هَسڻو جوڳي، پڏِڻي نار، گدُو چوي هي ٻئي مار.

(چرچو گهٻو ڪندڙ جوڳي ۽ پاڻ کي پڏائيندڙ عورت، اهي ٻئي ٺيڪ نه آهن.)

  • - گدڙ ڊاک نه پُڄي آکي ٿو کٽا.

ناچوُ ناچ نه ڄاڻي آکي ڀُون سوڙهي.

(مطلب ته پاڻ ڪم نه ڪري سگهن ۽ پوءِ ڏوههُ ٻين کي ڏين.)

  • - ڏکڻ مينهن نه وسڻو، وسي ته ٻوڙي.

ڪانئر ڌڪُ نه هڻڻو، هڻي ته جهوري.

(سنڌ ۾ ڏکڻ طرفان برسات نه هوندي آهي. پر جي آئي ته تمام گهڻو نقصان ڪندي آهي. ساڳيءَ طرح ڪانئر ڌڪُ نه هڻندو آهي. پر جي هنيائين ته تمام زور سان هڻندو آهي.)

          (5) لڪل مختلف معنيٰ واري خوبي: جتي عام يا خاص جي هُن کان الڳ ڳالهه وسيلي حمايت ڪجي. جيئن ته:

  • - ذات جي پر نه ڇُٽي، ڪُتو ٽنگ کڻي مُٽي.

(ساهوارو پنهنجي ذات جي مطابق ئي هلت ڪندو آهي. جيئن ڪتو هميشه پنهنجي ٽنگ کڻي مُٽندو آهي.)

  • - عادت نه مِٽي عادتي، عِلت مورُ نه جاءِ.

اُٺ پوي جي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چُڻ چوڻ کاءِ.

(عادت ڪڏهن به نه ويندي آهي. جيئن اُٺُ جي عادت ڪنڊن وارا ٻوٽا کائڻ جي آهي ته هُو ڪڻڪ جي ٻني ۾ چرندي به اُتي چُونڊي چُونڊي پيو کائيندو.)

          (6) اڻ برابر ڀيٽ: جڏهن اهڙين ٻن ڳالهين کي گڏ بيان ڪجي جن جي وچ ۾ تعلق بي دليو، بي جوڙ آهي، اهڙو مفهوم جيڪو برابر نه هجي. اُن جا ڪجهه مثال ڏسو:

  • - ڪٿي راجا ڀوڄُ، ڪٿي گنگو تيلي.

(راجا ڀوجُ وڏو سخي ۽ سورهيه هو ته گنگو تيلي هڪ عام ماڻهو. ٻنهي جي برابري ڪيئن ڪبي؟)

  • - ويئي سِڱنِ کي، ڪَن به ڪپائي آئي.

(ڳئون، مينهن وغيره ويئي پنهنجا سِڱ گهڙائي سهڻا ڪرائڻ لاءِ، پر ماورڳو پنهنجا ڪن به ڪپائي آئي.)

          (7) صنعت تضاد: ڪنهن ڳالهه جو اهڙو بيان ڪجي جو اُهو تڪراري لڳي، پر حقيقت ۾ اُن ۾ تضاد نه هوندو آهي.

  • - ڀاءُ برابر دوست ناهي، ڀاءُ برابر دشمن ناهي.

(اوکي وقت تي ڀاءُ ئي ساٿ ڏئي ٿو، پر جيڪڏهن اُهو وڙهيو ته پوءِ جاني دشمن بڻجي پوي ٿو.)

  • - اُهائي زبان اُس ۾ وِهاري، اُهائي زبان ڇانوءَ ۾ وِهاري.

(ماڻهو جيڪڏهن ڪوڙُ ڳالهائيندو ته دُک ڀوڳيندو، پر جيڪڏهن مٺو ٻوليندو ته مانُ پائيندو.)

  • - باڪِري بڪرُ کائي، يا بڪرُ باڪريءَ کي کائي.

(ميوو وڪڻندڙ ميوي جي ڌنڌي مان ڪمائي کائي ٿو. پر ميوو خراب ٿيندو ته باڪري اُن جي نقصان ۾ کاڄي ويندو.)

          (8) طنز ملامت: ڪنهن جي خلاف چوڻ يا ٽوڪڻ کي اهڙي طريقي سان چئجي جو اُهو اُن کي خراب نه لڳي.

  • - گوگو وڏو يا رام؟ چئي وڏو ته اُهو آهي، پر نانگن جي ديوتا کي سچي ڳالهه چئي ڪير رُسائي؟

(9) ٽوڪبازي: جڏهن غير موجود جو اهڙي ڍنگ سان بيان ڪجي، جو اُن سان موجود جي ڄاڻ پئجي وڃي، تڏهن هيءَ صنعت آهي. هي صنعت گهڻن ئي پهاڪن ۾ ملي ٿي، ڇاڪاڻ ته پهاڪا اڪثر نه گهُربل ڳالهه جو بيان ڪري اُن ذريعي گهُربل مطلب کي ظاهر ڪندا آهن. جيئن ته:

  • - مينهن پنهنجي ڪارنهِن ڏسي ڪانه،

ڳئون کي چوي هلُ ڙي پُڇ ڪاري.

(برو ماڻهو پنهنجون برائيون ڏِسي ڪونه ۽ ٻين ۾ ٿوري وڏ يا اُوڻائي ڏِسي به پيو کين ٽوڪي.)

  • - ٻري تيلُ کامي وٽ، واهه ڙي ڏيئا واهه!

(جلي ٿو تيل ۽ سڙي ٿي وٽ، پر هرڪو چوي ته واهه ڏيئو ته سٺو ٿو ٻري. گهُربل معنيٰ آهي ته وڙهن يا مرن هڪڙا، پر نالو ٿئي ٻين جو.)

  • - سُڪن گڏُ آلا ڀرن.

(لچُن سان گڏ هوندي، شريف به بدنام ٿي وڃن ٿا.)

  • - هڪ مياڻ ۾ ٻه ترارُون نه ماپن.

(ٻه طاقتور ماڻهو هڪ هنڌ نه رهي سگهندا.)

          (10) متبادل ٻول: جڏهن سبب هڪ هنڌ هجي ۽ اُن جو ڪم اُتي نه ٿي ٻئي هنڌ ٿئي، اِن طرح ٻنهي جي گڏ هئڻ ۾ اختلاف محسوس ٿئي، پر اُهو سچ پچ نه هجي، تڏهن اُهو اسنگت النڪار (بي جوڙ سينگار) آهي.

  • - کائي وات، لڄائن اکيون.

(کاڌو ته وات کائي ٿو، پر لڄ اچي ٿي اکين کي ته جنهن جو کاڌو اٿم، اُن سان وفادار رهان.)

  • - سُور پوي ساٽيءَ کي، ڏنڀجي گڏههُ.

(جنهن کي سُور ٿئي ٿو، اُن کي ڏنڀ ڏجن ته هُن جو سُور لهي. پر هتي سُور ٿئي ٿو ساٽيءَ کي ته هو ڏنڀ وري پنهنجي گڏههُ کي ٿو ڏياري.)

  • - اٽو کاڌو ڪُوئي، مار پيئي گابي تي.

(جيڪو ڏوههُ ڪري ته سزا اُن کي ملي، پر هتي اُبتي ڳالهه آهي. اٽو ڪُوئي کاڌو ته مار گابي کي ملي.)

  • - وڙهن شينهن، لتاڙجن ٻوڙا.

(شينهن جي لڙائيءَ ۾ ميدان تي گاههُ لتاڙجي ٿو.)

          (11) اڳ وٺڻ: جڏهن سبب نه هوندي به اُن جو ڪم ٿئي ٿو ته اُتي جهڙوڪر اڳ وٺڻ آهي. جيئن ته:

  • - مسيت اڃا ٺهي ناهي ته فقيرن جي ڌُم لڳي ويئي آهي.

(مسجد ٺهڻ کان اڳُ ئي فقير اچي اتي ڪٺا ٿيا آهن.)

  • - پُٽُ پرڻايو ئي ناهي ته پوءِ پُڇي کٽ ڪٿي وجهان.

(مائيءَ جي پُٽُ جي اڃا تائين شادي نه ٿي آهي، پر هوءَ پيئي ٻين کان پُڇي ته گهوٽ ڪنوار لاءِ بسترو ڪٿي وڇايان؟)

  • - مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو وسي ڇهه پهر.

(مينهن ٻه پهر وسي بند ٿي ويو آهي، پر اُن کان پوءِ به جهوپڙي مان پاڻي پيو ٽمي.)

          (12) جيوت- روپ: بيجان شين جو جڏهن اِن ريت بيان ڪجي، ڄڻ اُهي ساهه واريون آهن، تڏهن جيوت- روپ آهي.

  • - مرڻ مُهورتُ نه پڇي پڇي تٿ نه وارُ.

(هتي موت جو ماڻهوءَ وانگر ذڪر ڪيل آهي. موت تاريخ يا ڏينهن پُڇي نه ايندو آهي.)

  • - عشق انڌو آهي.

(عشق انڌي انسان وانگر آهي، جيڪو پنهنجو ڀلو بُرو نه ٿو ڏسي سگهي.)

  • - جاءِ چوي جوڙائي ڏسُ، شادي چوي ڪري ڏس.

(مطلب ته جڳهه اڏائڻ ۽ شادي ڪرڻ ۾ پنهنجي اندازي کان وڌيڪ خرچ ٿي ويندو آهي.)

  • - ڀِتيُن کي به ڪَنَ آهن.

(نازڪ ڳالهيون زور سان نه ڪجن.)

  • - هاسي ڪرهن جي ماسي.

(کل ڀوڳ ڪرڻ، جهيڙي جي ڀيڻ آهي.)

          صنايع بدائع جي استعمال سان پهاڪن ۾ سونهن ۽ اثر پيدا ٿئي ٿو. انهن جو استعمال سهج سُڀاوَ پهاڪن ۾ نظر اچي ٿو. ٻوليءَ جي انوکي اظهار يا معجزي جا گهڻي ئي نمونا آهن. اِن ڪري ’النڪار شاستر‘ ۾ مختلف اُستادن ۽ ماهرن جيڪي النڪار يا صنعتون ڄاڻايون آهن، اُنهن جو تعداد هڪ جيترو نه آهي. هتي فقط پهاڪن ۾ انهن جي استعمال جا ڪجهه مثال ڏنا ويا آهن. هتي سڀني انهن جو بيان ڪري انهن جي آڌار تي پهاڪن جي ورهاست ڪرڻ اسان جو مقصد نه آهي.

4.3.3. سنڌي پهاڪن ۾ تُڪ:

          پهاڪي ۾ تُڪ، کير ۾ کنڊ مثال آهي. جيئن کنڊ جو صحيح مقدار کير کي وڻندڙ ۽ سوادي بڻائيندو آهي، تيئن تُڪ جو صحيح استعمال پهاڪي جي خوبصورتي وڌائيندو آهي. پهاڪن جي ٺهڻ ۾ تُڪ جي وڏي اهميت آهي. تُڪ سان پورو ٿيندڙ پهاڪو آسانيءَ سان ياد ٿئي ٿو ۽ ذهن ۾ گهڻي وقت تائين پنهنجو هنڌ ٺاهي وٺي ٿو. جيڪڏهن پهاڪو وسري وڃي ٿو ته تُڪ جي ڪري وري ياد اچڻ ۾ وڌيڪ دير نه ٿي لڳي. تُڪ سان پورو ٿيڻ وارو پهاڪو، خشڪ نثري پهاڪي کان وڌيڪ دِلڪش ٿئي ٿو. اِنهيءَ سبب ڪري تُڪ وارا پهاڪا عام ماڻهن ۾ جلد مشهوري حاصل ڪن ٿا.

          سنڌي پهاڪن ۾ تُڪ جون جيڪي مختلف صورتون ملن ٿيون. اُهي هن ريت آهن:

  • (1) ٻن حصن ۾ ورهايل تُڪ وارا پهاڪا:

تُڪ سان پورا ٿيڻ وارا پهاڪا گهڻي ڀاڱي ٻن حصن ۾ ورهايل هُجن ٿا ۽ اُنهن حصن جا اکري لفظ تُڪ ۾ پورا ٿين ٿا. جيئن ته:

  • - اک ڪڍڻ سؤکي، پر وجهڻُ اوکي.

(ڪنهن کي نقصان پهچائڻ ته سؤلو آهي، پر اُن کي وري ٺيڪ ڪرڻ اوکو آهي.)

  • - عقلمند کي اِشارو، احمق کي ٽارو.

(سياڻي ماڻهوءَ لاءِ اِشارو ڪافي آهي، پر بيوقوف کي ٽارو يا چابُڪ هڻي هُن کان ڪم وٺجي.)

  • - عقل بنا انڌو، پئسي بنا منڊو.

(عقل کان سواءِ ماڻهو انڌو آهي، پر پئسي کان سواءِ هُو منڊو يعني لنگڙو آهي.)

  • - پيٽ ۾ نه جيسين روٽي، تيسين ڳالهه مڙئي کوٽي.

(جيسيتائين ماڻهوءَ کي کاڌو نه مليو آهي، تيسيتائين هُو ڪوبه ڪم ٺيڪ نموني سان نه ڪري سگهندو.)

  • - بڻي ته بڻي، نه ته دال روٽي گهڻي.

(ڳالهه بڻجي ويئي ته سُٺي آهي، جي نه بڻي ته به حياتي گذارڻ لاءِ گهُربل وسيلا ڪافي آهن.)

          ڪي پهاڪا اهڙا به آهن، جيڪي ٻن حصن ۾ ورهايل ته آهن پر اُنهن جي ٻنهي حصن ۾ شروعاتي ۽ آخري لفظ ساڳيءَ تُڪ وارا آهن. جيئن ته:

  • - چوري نه موري، موري ته به گهوري.

(چوري ڪڏهن به فائديمند يا ڦل واري نه آهي، پر جي ڦلُ ڏئي ته به اُن کي گهوري ڇڏجي.)

          ڪجهه پهاڪا اهڙا به ملن ٿا، جن جي ٻنهي حصن جا آخري ٻه ٻه لفظ ساڳيءَ تُڪ وارا هجن ٿا.

  • - اڳيان ڀائي ڀائي، پٺيان ڇائي ڇائي.

(مُنهن سامهُون ته ڀاءُ ڀاءُ چوي ٿو، پر پٺيان گلا ڪري ٿو.)

          ڪي پهاڪا اهڙا هجن ٿا، جن جي ٻنهي حصن جا آخرين لفظ ساڳيا ئي هجن ٿا. مثلاً:

  • - اک ڪاڻي ڪجي، پر ڏِس ڪاڻي نه ڪجي.
  • - اڪيلو نه کلندو سُونهي، نه روئندو سُونهي.

تُڪن جو لڳاتار وهڪرو:

ڪن پهاڪن ۾ لفظن ۽ جملن جا ٻنڌن (بندشون/ رڪاوٽ) ڪونه ٿيندا آهن. اُنهن ۾ تُڪ پاڻيءَ جي وهڪري جيان لڳاتار هوندي آهي، جنهن سبب ڪري پهاڪي ۾ لئه پيدا ٿيندي آهي. جيئن ته:

  • - اَٽي تي اٽو، نڪو کارو، نڪو کٽو.

(اٽي ۾ اٽو گڏبو ته اُن جو سواد ساڳيو ئي رهندو. اُهو کٽو يا کارو نه ٿيندو.)

  • - ابي چاڙِهي، ادِي چاڙهي،

مون نه چاڙِهي ته ڪنهن نه چاڙهي.

(جيسيتائين مون پاڻ ڪمائي ڪري گهر نه هلايو آهي، تيسيتائين فقط ٻين جي ڪمائيءَ تي آسرو رکڻ، ٺيڪ نه آهي.)

  • - اُٺُ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو.

(اُٺُ کي لاڻو کائڻ سٺو لڳي ٿو، گهوڙي کي اناج کائڻ وڻي ٿو. مرد ناڻي سان سونهي ٿو ته زال وري ماڻا ڪرڻ جي ڪري سونهي ٿي.)

          ڪي پهاڪا اهڙا به ٿين ٿا جن کي حصن ۾ يا بندن (بيهڪن) ۾ ورهائي نه ٿو سگهجي. اُنهن جي هڪ ئي بند ۾ تُڪ وارا لفظ هجن ٿا.

  • - آتم گهاتي مهاپاپي.

(آپگهات يا آتم هتيا (خودڪشي) ڪندڙ مهاپاپي (وڏو گناهگار) آهي.)

  • - کيتي سر سيتي.

(کيتي اُها آهي، جيڪا پنهنجي سر يعني پاڻ ڪجي.)

  • - ڪماليت کي زواليت.

(هر ڪمال کان پوءِ زوال هوندو آهي.)

  • (2) ٽن حصن ۾ ورهايل تُڪ وارا پهاڪا:

گهڻيئي پاهاڪا ٽن حصن يا بَندن ۾ ورهايل هجن ٿا، جن ۾ هرهڪ حصي جي آخرين لفظن جي تُڪ ملي ٿي. مثال طور:

  • - اُٿُ به ناڻو، ويههُ به ناڻو، ناڻي بنا نرُ ويڳاڻو.

(زندگيءَ جي هرهڪ قدم تي ناڻو يعني پئسي جي ضرورت آهي، اُن کان سواءِ ڪوبه ماڻهو ويڳاڻو ٿي پوي ٿو.)

  • - پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پئسا.

(عيسيٰ موسيٰ پيغمبر ٿي ويا آهن. پر هن سنسار ۾ انهن کان به وڏو پير پئسو آهي.)

  • - آئون به راڻي، تُون به راڻي، ته ڪير ڀريندو پاڻي؟

(هرڪو پاڻ کي وڏو سمجهندو ته ڪم ڪيرُ ڪندو؟)

  • - هڪ ڀيرو جوڳي، ٻه ڀيرا ڀوڳي، ٽي ڀيرا روڳي.

(سڄي ڏينهن ۾ ضروري حاجت لاءِ جيڪو هڪ دفعو وڃي ٿو اُهو يوگي آهي، جيڪو ٻه دفعا وڃي ٿو، اُهو ڀوڳي يعني عياش آهي ۽ جيڪو ٽي ڀيرا وڃي ٿو، اُن کي بيمار سمجهڻ کپي.)

  • - ڌُوڙ ڀَڪُليو ماءُ پرين،

ڌن ڀڪُليو جوءِ پِرين،

اڇي ڪپڙين سسُ پِرين.

(مٽيءَ ۾ راند ڪري ڌُوڙ سان ڀريل ٻار ماءُ کي وڻي ٿو. پئسي وارو مرد پنهنجي زال کي پيارو لڳي ٿو ۽ سُٺا ڪپڙا پائيندڙ ناٺي سسُ کي سٺو لڳندو آهي.)

  • (3) چئن حصن ۾ ورهايل تُڪ وارا پهاڪا:

گهڻن ئي پهاڪن جي بناوت ڇند جي چئن مصرعن يا سِٽن مثل ٿئي ٿي. هيٺ ڏنل پهاڪن ۾ پڻ چئن سِٽن وارا مثال ملن ٿا، جن جي سڀني آخرين لفظن جي تُڪ پاڻ ۾ ملي ٿي. جيئن ته:

  • - پنهنجو گهر، ڪِن سان ڪري ڀرُ،

پرايو گهر، ٿُڪ اُڇلي ڏرُ.

(پنهنجي گهر ۾ جيڪڏهن ڪو گندگي ڪري ٿو ته کيس ڪوبه چوڻ وارو نه آهي. پر پرائي گهر ۾ ماڻهو ٿُڪ اُڇليندو ته به ڊڄندو ته متان ڪو کيس ڌمڪائي.)

  • - ڌيئڙي سو ڪِر، جو ڏٺُئه ماءُ گهر.

نُونهنڙي سو ڪر، جو ڏٺُئي سسُ گهر.

(هتي ڌيءَ کي چيل آهي ته تون پنهنجن پيڪن ۾ پنهنجي ماءُ جي گهر جي رواج موجب هلت ڪر. پر جڏهن پرڻجي ساهُري گهر وڃين ته پوءِ ساهُرن جي ريتين ۽ رسمن موجب هل.)

  • - ماءُ سا ماءُ، ٻيو سڀ دنيا جو واءُ،

ماسي نه ٿئي ماءُ، توڙي ڪڍي ڏئي ساهه.

(دنيا ۾ ماءُ جهڙو امُلهه رشتو ٻيو ڪوبه نه آهي. ماسي به جيڪڏهن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏي، تڏهن به هوءَ ماءُ جي جاءِ نه وٺي سگهندي.)

  • - سِڪي سِڪي مڙس ڪيائين، ٻي جا ٻڌائين سڳي،

اڳي کاڌائين لوڙهه مڇي، هاڻ لُڏڻ لڳي.

(سِڪي سِڪي هُن شادي ڪئي آهي ته پاڻ کي ٺاهه ٺوهه ۾ گهڻو وقت ٿي وڃائي. اڳي ته هوءَ غريب گهر ۾ پلي هُئي، پر هاڻي شاهوڪارن ۾ شادي ٿيڻ تي پوءِ پاڻ تي گهمنڊُ غرور.)

حصن جي اندر تُڪ ملائڻ:

          سنڌيءَ ۾ ڪي پهاڪا اهڙا به ملن ٿا، جن جي چرڻ اندر تُڪ وارا لفظ سمايل هجن ٿا.

  • - گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين مردين هر نه هلي.

(گهڻين زالن سان گهر جو گاڏو نه هلي سگهندو آهي ۽ گهڻن مردن سان کيتي نه ٿي سگهندي آهي. هتي ’گهر‘ ۽ ’هر‘ ۾ تُڪ سمايل آهي.)

  • - سؤکيءَ ڀائي سڀڪو، اوکيءَ تُون آڌار.

(سُک ۾ سڀ ڪو ويجهو مائٽ بڻجي ٿو، پر اوکيءَ ويل ڌڻي سائين ئي سهارو آهي.)

  • - اوٽ پڙي موٽ ۾، ڪنوار پڙي گهوٽ ۾.

(جيڪي ڏنُئه ته موٽ ۾ توکي اوترو ئي مليو. ساڳيءَ طرح ڪنوار کي گهوٽ مليو ته وري گهوٽ کي ڪنوار ملي. اِن طرح ٻئي برابر ٿيا.)

  • - ڪُني ڦُرائجي، ٻني نه ڦُرائجي.

(دوستن سان گڏ ڀلي ونڊي ورهائي ويهي کائجي، پر جتان روزي روٽي ملي ٿي، اُن ۾ ٻئي سان حصيداري نه ڪجي.)

  • - زالان ڌاوڻُ، مردان کاوڻُ.

(زالن کي وهنجڻ گهڻو وقت نه لڳائڻ کپي ۽ مردن کي وري کاڌي پيتي ۾ اجائي ڊيگهه نه ڪرڻ کپي.)

تُڪ ۽ انگ:

          ڪن پهاڪن ۾ انگن جو استعمال فقط تُڪ ملائڻ لاءِ اچي ٿو. جيئن ته:

  • - آمو ڏهه گامو.

(انبن جا وڻ ڏهن ڏهن وِکنِ تي يعني هڪ ٻئي کان پري پري پوکجن ته ڦلُ ڏيندا.)

  • - اسِي مت کسِي.

(اسِي سالن جي عمر ۾ ماڻهوءَ جي ذهني قوت گهٽجي ويندي آهي.)

  • - ساٺو ته پاٺو.

(سٺ سالن جي عمر ۾ به مرد طاقتور هوندو آهي.)

تُڪ ۽ نالا:

          تُڪ ملائڻ لاءِ ڪِن پهاڪن ۾ اسم خاص به ڪتب آندا ويا آهن. مثال طور:

  • - جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو.

(پئسي ۾ وڏي طاقت آهي، جيڪو ڪم پئسي جي معرفت ٿي سگهي ٿو، اُهو ڪم پوڻ تي راڻو يعني وڏو ماڻهو به نه ڪري سگهندو.)

  • - هُجيئي ڳنڍ ۾ ناڻو، ته گهُمُ خان لاڙڪاڻو.

(ڳنڍ ۾ پئسو اٿيئي ته پوءِ لاڙڪاڻو گهُمُ يعني عيش ۽ آرام جي زندگي گذار.)

تُڪ ۽ حقيقت:

          پهاڪا ماڻهن جي آزمودن تي ٻڌل هجن ٿا، اِنهيءَ ڪري اُنهن ۾ حقيقت هئڻ لازمي آهي، ۽ ٻئي پاسي تُڪ جي مدد سان پهاڪا وڌيڪ اثر پيدا ڪن ٿا. پهاڪن ۾ تُڪ ۽ حقيقت، ٻنهيءَ جي ساڳي اهميت آهي، پر جيڪڏهن تُڪ کي اهميت ڏيڻ سبب حقيقت جي قرباني ڪبي ته رڳو تُڪ جي ڀروسي پهاڪا گهڻي وقت تائين زندهه ڪونه رهي سگهندا. اِنهيءَ لاءِ جن پهاڪن ۾ تُڪ ۽ حقيقت جي طاقت ساڳي هجي ٿي، اُهي پهاڪا مشهور ٿي گهڻي وقت تائين عام ماڻهن ۾ عام ٿين ٿا. تُڪ ۽ حقيقت تي ٻڌل ڪجهه پهاڪن جا مثال هن ريت آهن:

  • - هاسي، ڪرهن جي ماسي.

(کل مسخري جهيڙي جي ماسي آهي، يعني اُن مان مسئلا ٿين ٿا؛ اِن ڪري مهل ڏسي کِل چرچو ڪجي.)

  • - هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو.

(هڙ به گسي يعني خرچ به ٿئي ۽ ٻيا ماڻهو به پاڻ تان کلائجن. ٻه ڀائر پاڻ ۾ وڙهي ڪورٽ تائين به ويا، جنهن ۾ سندن خرچ ٿيا ۽ پنهنجو مانُ به گهٽايائون.)

  • - ماءُ ڄڻيندي، ڀاڳ نه ڳڻيندي.

(سڀ ڪنهن جو نصيب پنهنجو پنهنجو ٿيندو آهي. ماءُ پنهنجي ٻارن کي جنم ته ڏي ٿي، پر اُنهن کي ڀاڳ ورهائي نه ٿي ڏيئي سگهي.)

  • - پيءُ سندس پيهُون ڪُٽيوُن، ڏاڏي سندس ڌاڻا،

اڳي پُڇيائون ٿي ذات پات، هاڻي پُڇن ٿا ناڻا.

(هيءُ پهاڪو تُڪ ۽ حقيقت جو بهترين مثال آهي، جنهن ۾ ناڻو يعني پئسي جي وڌندڙ اهميت جي حقيقت پيش ڪيل آهي.)

4.3.4. سنڌي پهاڪا ۽ ڇند رچنا:

          ساهت يا ادب جي رچنائن يعني تخليق کي مکيه طور ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي آهن:

  • (1) گديَه يا نثر (Prose)
  • (2) پديهَ يا نظم (Poetry)

پديهَ رچنا يعني Poetry ۾ ڇند کي گهڻي اهميت آهي. ڇندن جا جدا جدا قسم آهن، جيڪي ماترائن يا ورڻن جي ڳڻپ، ورام يا يتِ (پابند ڪيل)، لئه (آواز جي لهڻ ۽ چڙهڻ) ۽ تُڪ وغيره جي اصولن سان ٻڌل يا پابند هوندا آهن. ڇند جي ڪري نظم ۾ سنگيت جو ميٺاج پاڻ مرادو پيدا ٿي ويندو آهي. جنهن ڪري اُهو ٻُڌندڙن جي ذهن تي گهڻو اثر ڪندو آهي.

نثر ۾ چاهي ڇند رچنا تخليق جي پابندي نه آهي، پر اُن ۾ لفظن جي چُونڊ، ورام ۽ لئه جي ذريعي موسيقيءَ جو ميٺاج پيدا ڪري سگهبو آهي. اهڙي رچنا کي لئه يلترنم وارو يا نظماڻو نثر (Rhythmic prose) چئبو آهي.

شاهه لطيف، سچل، ساميءَ وغيره شاعرن جي شاعريءَ جا يا اُنهن جون تُڪون اڪثر پهاڪن وانگر مشهور ٿي ويون آهن. اِن ڪري اُنهن ۾ ڇند جي پابندي به سمايل آهي. پر گهڻا پهاڪا روزمره جي تجربي جي پيدائش آهن. اِن ڪري اُنهن ۾ ڇند جي بندش رکيل نه آهي. هائو، سڀاويڪ طرح جيڪڏهن اُنهن ۾ موسيقي جي لئه ۽ ميٺاج اچي وڃي ٿو ته اُها ٻي ڳالهه آهي. گهڻو ڪري پهاڪن ۾ تجنيس حرفي يا تُڪ لئه جو جزو مکيه هوندو آهي. اِن ڪري پهاڪا جلدي ياد ٿي وڃن ٿا ۽ ذهن تي گهڻو اثر ڪن ٿا.

ڇند جي لحاظ کان پهاڪن کي چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ڇند ۾ ماترائن يا ورڻن جي ڳڻپ جو ڌيان رکبو آهي.

  • (1) ڇند ۾ ٻڌل پهاڪا (Proverbs in verses)
  • (2) لئه ۾ ٻڌل پهاڪا (Proverbs with rhythm)
  • (3) نظماڻي نثر وارا پهاڪا (Proverbs in Poetic prose)
  • (4) سادا ڇند بغير نثري پهاڪا (Simple prose utterances)
  • (1) ڇند ۾ ٻَڌل پهاڪا:
  • - ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين،

لڏيو لاڏاڻو ڪيو، پنهنجي ديس وڃن. (شاهه)

(پنهنجي ديس وارن سان پريت ڪجي، پرديس پرين تي ڪهڙو اعتبار؟ هو ته پريم جو پيچ پائي، پوءِ لڏي پنهنجي ديس هليا ٿا وڃن.)

  • - وَڳر ڪيو وتن، پِرِت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن ماڻُهان ميٺُ گهڻو.

(پکين کي ڏسو ته هُو ڪيئن پاڻ ۾ وڳر ڪيو اُڏامن ٿا. هُو ڪڏهن به پريم جي پيچ کي نه ٿا ڇنن. هنن ۾ ته ماڻهن کان به وڌيڪ پاڻ ۾ سِڪ ۽ پريم آهي.)

  • - سامي سڀُ ديدارُ، اٿيئي عجيبن جو،

ڏسي ٻُڌي پاڻ ٿو، ٻولي ٻولڻهار،

تِراڪارُ آڪارُ، ڌاري آيو جڳ ۾.

(سامي چوي ٿو ته هن دنيا ۾ جيڪي ڏسان ٿو سو سڀُ ڌڻي سائين جو پسارو آهي. هو پاڻ ئي ٻُڌي ٿو، ڏسي ٿو ۽ ٻولي ٿو. نراڪار (بي شڪل) نرگڻ (بي صفات) ڌڻي سائين هن جڳت ۾ آڪاسر (مختلف روپ) اختيار ڪري انسان جي شڪل ۾ جنم وٺي آيو آهي.)

  • - ڄٽيءَ سُٽُ پُسايو، واڻئي وِڌيسِ وٽي،

ڄٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻئي ليکي چٽي،

مُٺي سائي ڄٽي، ته مُٺي سائي ڄٽي.

(ڄٽي سُٽُ پسائي واڻئي کي وڪڻڻ ويئي ته آلي سُٽ جي تور گهڻي ٿيندي. واڻيو وڌيڪ سياڻو هو. هُن وري ڪُوڙا وَٽَ وجهي ڄٽيءَ کي تور ۾ ٺڳي ڇڏيو. نتيجو اِهو نڪتو جو هن سودي ۾ ڄٽي ٺڳجي ويئي.)

  • - پڻس سندس پيهون ڪُٽيون، ڏاڏي سندس ڌاڻا،

اڳي پُڇيائون ٿي ذات پات، هاڻي پڇن ٿا ناڻو.

(هُن جو پيءُ پيهون ڪُٽيندو هو ۽ ڏاڏو ڌاڻا ڪُٽيندو هو. اڳي ته ذات پات کي ڌيان ۾ رکي مِٽي مائٽي ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ته ناڻو ٿا ڏِسن.)

  • - انڌير نگري چرٻٽ راجا،

ٽڪي سيرُ ڀاڄي، ٽڪي سيرُ کاڄا.

(چرئي راجا جي راڄ ۾ انڌير آهي؛ ڀاڄي ۽ کاڄا ساڳئي اگهه تي پيا وڪامن.)

  • - ڪلر ويري ڪوٽ جو، آهي مڇيءَ ويري ڄارُ،

مُڙس ويرياڻي ننڊڙي، زال ويري سينگار.

(ڪلر جي ڪري قلعي جون ديوارون ڪري پون ٿيون. مڇيءَ جو ويري آهي ڄارُ، جنهن ۾ هُو ڦاسي ٿي. مرد لاءِ ننڊ ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. زال گهڻو سينگار ڪري ته اُهو به سٺو نه آهي.)

  • - ڏُک سُکن جي سُونهن، گهوريان سُک ڏُکن ري.

(زندگيءَ ۾ ڏکُ سُور سهڻ کان پوءِ ملندڙ سُکن جو قدر ٿئي ٿو. اِن ڪري اُهي سک مان ڇڏي ڌيان، جيڪي ڏکن کان سواءِ ملن ٿا.)

ڇندن يا بيتن جون تُڪون:

  • - اندر تُون اُجار، پنا پڙهندي ڪيترا؟

(تُون پنهنجي من کي صاف ڪر. ڌرم جون پوٿيُون (مذهبي ڪتاب) ڪيتريون پڙهندين؟)

  • - ڇاجي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهُن ڏنگومَ ٿئي.

(جيڪڏهن ڏير خراب ٿيا ته اُنهن مان مون کي ڪهڙو نقصان رسندو؟ شال منهنجي قسمت خراب نه ٿئي.)

  • - جنين هٺُ هاريو، تنين جيتيو جڳ کي.

(جن غرور، کي وڃايو آهي، تن هِن سنسار تي سُوڀ پاتي آهي.)

  • - پَتِت کي پاونُ سامي ڪيو ستگُروءَ.

(ستگروءَ (مُرشد) پنهنجي مهر جو هٿ ڌري پاپيءَ (گناهگار) کي به پوتر (پاڪ) ڪري ڇڏيو آهي.)

  • (2) لئه ۾ ٻڌل پهاڪا:

اُنهن پهاڪن ۾ تُڪبندي هوندي آهي، پر لئه جو استعمال صاف نظر اچي ٿو. اِن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:

  • - سيد ۽ سپاهي، تنهن کان رکج يا الاهي.

(سيد ۽ سپاهي، ٻئي ويساهه جوڳا نه آهن.)

  • - عامل نه دوست، ڦڦڙ نه گوشتُ.

(جهڙي طرح ڦڦڙ گوشت وانگر نه کائبا آهن، تيئن سرڪاري ڪامورو به اوکيءَ ويل دوستي نه نڀائيندو آهي.)

  • - ڌڪُ هڻ ڌيءَ کي ته سِکي ٺهن.

(پنهنجي ڌيءُ کي ڌمڪي ڏي ته ٺهن پاڻيهي سِکي ويندي.)

  • - پرڻُ چوي ڏُونگهي کي، هلُ ڙي ٽِٽُنگُا.

(پرڻ پنهنجا سوراخ ڏسي ڪونه ٿو ۽ ڏُونگهي کي چوي ٿو ته تو ۾ ٽي ٽنگ آهن.)

          لئه جو ميٺاج پيدا ڪرڻ لاءِ پهاڪن ۾ گهڻو ڪري پابند ڪيل، تجنيس حرفي يا لفظن جي دُهرائڻ جو استعمال نظر اچي ٿو.

  • - آزمائي کي آزمائي، سو ڌوُڙ مُنهن ۾ پائي.

(پرکيل کي وري پرکبو ته پاڻ کي ئي خراب ڪبو.)

  • - جهل رن کي ته لَڏ پيئي وڃي،

جهل لَڏ کي ته رن پيئي وڃي.

(هڪ شيءِ کي سنڀال ته ٻي هٿن مان نڪري وڃي.)

  • - آرسي ڙي آرسي، مُون جهڙو ڪو ٻيو؟

(جيڪو پاڻ کي سهڻو سمجهي ۽ رڳو ٺاهه ٺُوهه ۾ وقت وڃائي، اُن لاءِ چئبو آهي.)

  • - آيا مير، ڀڳا پير.

(زورآور ماڻهن جي اچڻ سان ڪمزور ڀڄي ڪنارو ڪن.)

  • - ٻٻرن کان ٿو ٻير گهُري.

(اُن ماڻهوءَ لاءِ چئجي جنهن مان ڪمُ سِڌ نه ٿي سگهي.)

  • (3) نظماڻي نثر وارا پهاڪا:
  • - آءُ ته ڀيڻ ڪرهن ڪريُون.

(ڄاڻي واڻي جيڪو جهڳڙو ڪرڻ چاهي تنهن لاءِ چئبو.)

  • - ابي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي، ڪنهن نه چاڙهي.

(جيستائين مون خود ڪوشش ڪري نه ڪمايو آهي، تيسيتائين ٻين جي ڪمائيءَ تي جيئڻ ۾ ڪهڙو لاڀ؟

  • - اٽو کاڌو ڪُوئي، مار پيئي گابي تي.

(ڏوهه هڪ ڪيو، پر اُن جي سزا ٻئي کي ڀوڳڻي پيئي.)

  • - اُهي وڻ به ويا، واهيرا به ويا.

(اُهي وڻ ۽ اُنهن تي ٺهيل آکيرا ٻئي ختم ٿي ويا. مطلب ته سٺو سمو گذري ويو.)

  • - اڇي پڳ مَ پسُ، اندر مڙيئي اڳڙيُون.

(ٻاهرين چمڪ دمڪ تي موُهت نه ٿيءُ. اُن شيءِ جي اندر سادو مالُ آهي.)

  • - ٻري تيل، کامي وٽِ، واهه! ڙي ڏيئا واهه!

(قرباني ڏين هڪڙا، ته نالو ٿئي ٻين جو.)

  • (4) بنا ڇند يا سادا نثري پهاڪا:
  • - وڏن ۾ وڏي ڪلا.

(بزرگن ۾ گهڻي سياڻپ هوندي آهي.)

  • - اُٺ پٺيان گهنڊڻي.

(وڏي ڄمار واري سان ننڍي ڄمار واري ڇوڪري پرڻجي، تڏهن چون.)

  • - اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه وجهجي.

(مطلب ته سُستي ڇڏي هرڪو ڪم جلد ڪجي.)

  • - کچڻي نه آهي جا کائي وٺبي.

(مطلب ته کچڻي کائڻ جهڙو سؤکو ڪم نه آهي.)

  • - آڱرن پِيٺي هٿ ڪارا.

(خراب ڪم ڪبو ته بدنامي ٿيندي.)

  • - اَن جو مُنهُن جنڊ ڏي.

(ماڻهو جتي روزي روٽي ڪمائي ٿو، اوڏانهن ئي ويندو.)

  • - انڌن ۾ ڪاڻو راجا.

(اڻ پڙهيلن ۾ ٿوري ڄاڻ وارو به وڏو ليکجي ٿو.)

  • - اِنسان خطا جو گهر آهي.

(اِنسان کان ڀُل چُڪ پيئي ٿيندي آهي. هُو مڪمل نه آهي.)

  • - هڪ تندرستي، هزار نعمت.

(جيڪڏهن ماڻهو تندرست آهي ته هُو دنيا جُون هزارين نعمتون ماڻي سگهي ٿو.)

  • - بڇڙو ڪتو، ڌڻي پُڻائي.

(ڇتو يا ڀؤڪندڙ ڪُتو ٻين کي ڏاڙهي پنهنجي مالڪ کي بدنام ڪندو آهي.)

 

  • Bernard Bloch & George L. Trager, Initalics 13, Munshiram Manoharlal, New Delhi, Indian Edition, 1972.

*  Ernest Trump, A Grammar of Sindhi Language, Leipzig, 1872.

  • هندُن جي رزميه منظوم مذهبي ڪتاب ”مهاڀارت“ جو هڪ هڪ ڪردار، پنجن پانڊوَن ۾ ٽيون نمبر ڀاءُ.
  • بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”پروليون، ڏِٺون، معمائون، ٻول“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، 1965ع.

© ڪاراڻي، دُليراءِ، ’سارٿ ڪڇي ڪهيوَتو‘ گجرات راجيه لوڪ ساهتيه سميتي، احمد آباد، 1975ع.

  • نروَڻي، وِشوَناٿ دِنڪر، ڀارتييه ڪهاوت سنگرهه (ٽن حصن ۾)، تِرويڻي سنگم، پرڀات روڊ، پُڻي، (1985 – 1978).

*  شري رام اوتار وديا ڀاسڪر، سمڀارڪ / ايڊيٽر ۽ تعارف ڪرائيندڙ، چاڻڪيه سوُتراڻِ، پرڪاشڪ منتري نيايه ڀاون جموتوي (ڄموُن ڪشمير)، 1958ع.

  • اُپديش: نصيحت، ڪليش: ڏُک.

*  گيان: ڄاڻ، سمجهاڻي.

  • مرزا قليچ بيگ، پهاڪن جي حڪمت، پبلشر ڄيٺمل پرسرام، نئين سنڌي لائبريري، حيدرآباد، سنڌ، 1925.

[1]. اَڀڌا شڪتي: لفظ جي قوت.

[2]. لڪشڻا: Metaphor

[3]. ويَنجنا: Satire. لفظ جي اُها طاقت جنهن جي رواجي معنيٰ جي بدران خاص مطلب نڪري.