سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس

ڪتاب جو نالو سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس
ليکڪ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
سنڌيڪار / ترتيب ڦلومل ميگهواڙ، (نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين)
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-116-3
قيمت 350    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     544558   ڀيرا پڙهيو ويو

پهاڪن جي بيهڪ ۽ وصف


 

2.1 پهاڪن جي اهميت:

”ايڪهه شبدههَ سُپرِيُڪتَ، سميَگَ گياتَ، سَوَگي لوڪي چه ڪام- ڌُگڀوَتِ.“ (پتنجلي مهاڀاشيه)

’سُپريُڪَت شبد‘ اڪيلو ئي هِن لوڪ هن دنيا ۽ پرلوڪ (هُن دنيا) ٻنهي ۾ گهربل ڦل ڏيندڙ آهي.

هن ڪٿ جي پٺڀرائي هيٺ ڏنل هڪ پراڻي سلوڪ مان ٿئي ٿي.

شلوڪ:                 

يَستُو پريُڊوُڪَتي ڪُشلو وشيشي،

شَبَدانُ يَٿاوَد وَيَوَهارڪالي،

سو اننتماپنوتي جين پَرَتَر،

واگيو گوِوِد دُشيتِ چاپشبدئي هه

جيڪي وهنواري شخص ڪنهن خاص وقت تي ’سپريُڪت شبدن‘ (واڪيانش، کنڊ واڪيه، مها واڪيه، وغيره) جو ٺيڪ استعمال ڪندو آهي، اُنهيءَ کي بيحد عزت ملندي آهي. اِنهيءَ جي اُبتڙ سُپريڪت لفظن ’اشٽ پريوگن‘ پهاڪن جو ڄاڻو جيڪڏهن فحش لفظن يا گُٿن لفظن جو استعمال ڪري ٿو ته هو پاپ جو ڀاڳيدار ٿئي ٿو.

اِنهيءَ ’سُپريُڪت‘ لفظ کي هِن شلوڪ ۾ ويدن جي رِشين‘، ’واگيوگ‘ (يعني آواز جا خاص فقرا يا پهاڪا) جو نالو ڏيئي ڪري، اِنهن جي استعمال سان ڪهڙا فائدا آهن ۽ وري انهن جي جاءِ تي گٿن لفظن يا فحش لفظن جي استعمال سان ڪهڙا نقصان ٿين ٿا، اُنهن کي چِٽو ڪري پهاڪن جي اهميت ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.

سچل سرمست جي چوڻي ”ڪُٽ مُلان جي ٺوڙِهه، قاضيءَ وارو مُصلو“ يا وري ڪبيرداس جي چوڻي ”پٿر پُوجي هرِي ملي تو مين پوجون پهاڙ“ عملي ميدان ۾ جيتري ڪمائتي يا سجائي آهي، ٻوليءَ جي ميدان ۾ اوتري ئي معنيٰ واري ۽ اهميت رکندڙ آهي.

اصل ۾ پهاڪن ۾ هڪ قسم جي سنجيوني (زندهه ڪندڙ) قوت ٿئي ٿي، جيڪا گهٽ مطلب کي اعليٰ ۽ اعليٰ معنيٰ کي اعليٰ تر بڻائي ٿي.

سُٺن وهنواري شخصن، پهاڪن کي ٻوليءَ جو ساهه يا اُنهيءَ جو روح ڪوٺيو آهي. پهاڪا ڏسڻ ۾ ته سادا سُودا لڳندا آهن، پر اِنهن ۾ لڪل آزمودا ماڻهن کي هميشه سکيا يا تربيت ڏيندا رهندا آهن. ڏِسُو:

  • بيوقوفُ کي بازار ۾ وٺي نه وڃجي ساڻُ،

پهرين ڪُٽائي پاڻ، پوءِ سار لهي سنگتيءَ جي.

  • سياڻو ڪانءُ ٻٽنگو ڦاسي.

اصل سچ ۾ پهاڪا لوڪ ادب جو حصو آهن. اِهي انهن جي استعمال ڪرڻ وارا ڳوٺاڻن کان ئي نه، بلڪه، اُن جي معيار وارن عالمن کان به وڌيڪ ڳنڀير ٿيندا آهن. پهاڪن ۾ هڪ پاسي بجليءَ جي روشنيءَ وانگر ڪنهن ڳالهه کي چؤطرف ڦهلائڻ جي سگهه آهي، اُتي ئي ٻئي پاسي قديم علم کي سُهڻي ۽ سپاٽ لفظن ۾ سنڀالي رکڻ جي قوت به آهي. پهاڪن ۾ جُڳن کان سمايل اهڙيون سچيون ڳالهيون مِلن ٿيون، جيڪي اُنهيءَ وقت جي ماڻهن لاءِ ته ڄڻ ڀت تي لکيل هڪ سَندَ يا مثال هيون. اهڙيون ئي سچيون ڳالهيون عام ماڻهن ۾ مشهوري ماڻي پهاڪي جي شڪل اختيار ڪري وٺنديون آهن. ڏسو:

- مون ڄڻيو مانءِ پُٽ ڪري، پر ٿي پئين تون ڌيءَ.

هن سٽ ۾ ڪيڏي نه طنز ڀريل آهي. چنيسر پنهنجي ماءُ جي واتان هيءُ مهڻو ٻڌي قسم کنيو ته اِن جو وير دودي کان ضرور وٺندس.

محمد غوريءَ جي جيل ۾ جڏهن پِرٿِويراج چوهاڻ کي چندبردائيءَ چيو:

  • چار بانس چوييس گز، انگُل اشٽ پرماڻ،

تا اُوپر سلطان هي، مَت چوُڪي چوهاڻ.

          ته هيءُ جملو ”مت چُوڪي چوهاڻ“ محمد غوريءَ جي موت جو سبب بڻيو.

آزمودن سان ڀريل، سکيائن سان ڀريل، سنتن صوفين جي وچنن سان ڀريل هي گُفتا سچ پچ بجليءَ جي طاقت وارا هوندا آهن. اِهي هڪ پاسي پريم، پيار سان ڀريل مِٺا لڳن ٿا ته ٻئي پاسي زهر کان به وڌيڪ زهريلا ۽ ائٽمي بمن کان به وڌيڪ خطرناڪ ڊيڄاريندڙ هجن ٿا. مثال طور:

  • مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانِ، ڳئون کي چوي ته هلُ ڙي پُڇ ڪاري.
  • ڪُتي جو پَڇُ ٻارهن مهينا نڙ ۾ وجهه ته به ڏنگو جو ڏنگو.
  • جِتي اُٺ ترندو، اُتي پُڇُ به تري وِيندو.
  • گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين مردين هرُ نه هلي.

انساني شڪل ۾ پيدا ٿيڻ وارو اِنسان جڏهن کان بڻيو، تڏهن کان ئي کيس زندگيءَ جي لاهين چاڙهين، ڏکن ڏولائن، غمن خوشين ۾ رهندي وهنواري زندگيءَ جا سٺا ۽ خراب آزمودا ٿيڻ لڳا. اِنهن آزمودن مان اُنهن جيڪي پرايو، اُهو سڄوئي ننڍڙن نُڪتن جي شڪل ۾ نئين ٽهيءَ کي ڏنو. وري نوجوان پيڙهيءَ کي ڪجهه نوان آزمودا ٿيا. هنن به اُهي پنهنجي اچڻ واري پيڙهيءَ کي ڏنا. ائين پيڙهي در پيڙهي اِهي آزمودا هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ وٽ پهچندا ويا ۽ جڏهن ساڳيا آزمودا، جيڪي وڏن بزرگن پنهنجن ننڍن کي ٻڌايا هئا، سي ننڍن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ٿيڻ لڳا ته اِنهن جي واتان پُراڻن آزمودن جي پُٺڀرائي ٿيڻ لڳي ۽ اهي آزمودا اڳتي هلي ٻوليءَ، ٻوليءَ جي استعمال، قانون يا فارمولي جي شڪل ۾ سامهون آيا. آهستي آهستي اِهي فارمولا پنهنجي هڪ شڪل اختيار ڪري بيٺا ۽ ٻولي ۽ لوڪ ادب ۾ پهاڪن جي روپ ۾ ڪتب اچڻ لڳا. ڏسو:

”اُتم کيتي وڌندڙ واپار،

نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.“

هن پهاڪي ۾ زندگيءَ جي سچائي سمايل آهي. ڪنهن وقت ڪنهن شخص کي نوڪري محنت کان پوءِ به نه ملي هوندي يا وري نوڪري ملي هوندس ته پنهنجي قابليت جي نه ۽ وري پگهار گهٽ، يعني هُن گهڻيئي مشڪلاتون ڏٺيون هونديون. اِنهيءَ آزمودي مان هُن شخص اِها ڳالهه چئي ڇڏي هوندي. اُنهيءَ آزمودي وانگر جڏهن ٻين کي به ساڳيا تجربا ٿيڻ لڳا ته انهيءَ ڳالهه استعمال آهر آهستي آهستي عام ماڻهن ۾ مشهور ٿي پهاڪي جي شڪل وٺي بيٺي.

پهاڪي جي روايت ڏاڍي پُراڻي آهي. سڀني پراڻين ثقافتن جي ماڻهن جا شخصي تجربا پهاڪن جو روپ وٺي ڪري، اُنهن جي زندگيءَ ۾ ڇانيل آهن. اِهوئي سبب آهي جو پراڻو ادب پهاڪن سان پُر آهي. ويدن واري زماني جي ثقافت ۽ لوڪ سنسڪرت جو ادب به پهاڪن سان ڀريل آهي. جيئن ته:

  • اَتِ سروَتر ورجييت
  • اُديوگمُ پُرش لڪشڻمُ
  • وِناشڪالي وِپريت بُڌِ
  • مؤنن سروارٿ ساڌنمُ
  • ڪشما ويرسَيه ڀوُشڻمُ

اِنهي روايت ۾ اڳتي هلي پالي، پراڪرت، اَپڀرنش دؤران مان گذرندي اسان جي سنڌي ٻولي به پهاڪن جي ڀنڊار سان پُر ٿي آهي.

سنسڪرت ادب سان گڏوگڏ ٻين ٻولين جي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ به پهاڪن جو استعمال جهجهي تعداد ۾ ٿيندو رهيو آهي. پهاڪن جي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ خاص جڳهه آهي. اِنهن جي استعمال سان ٻوليءَ جي سونهن وڌي ٿي. پهاڪا سياڻپ جو آئينو آهن، اِنهن ۾ سماج جي رهڻي ڪهڻيءَ جي جيئري تصوير ملي ٿي.

وهنواري زندگيءَ ۾ ڏسجي ته جنهن جي ٻوليءَ ۾ شيريني آهي، ڳالهائڻ، ٻولهائڻ ۾ هوشياري آهي، سو ٻڌندڙ جي دل کي به ڇِڪي وٺي ٿي. ”زبان شيرين، مُلڪ گيري“. ٻوليءَ ۾ ميٺاجُ پيدا ڪري کيس دلڪش ۽ اثرائتو بڻائڻ ۾ پهاڪا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اِهي ٻوليءَ جي سونهن آهن.

ادب سماج جو آئينو آهي، ته پهاڪو ادب ۽ ٻوليءَ جو سينگار آهي. پهاڪي جي استعمال سان ٻولي سُپڪُ ۽ ادب جو اوُچي معيار واري بڻجي ٿيو ۽ اُوچي ادب سان سماج جو مهذب بڻجي ٿو. پهاڪا ٻوليءَ جو سينگار آهن، اِنهن جي استعمال سان ٻوليءَ ۾ نواڻ ۽ خوبصورتيءَ جو سنچار ٿئي ٿو. ناول ۽ ڪهاڻين ۾ ته پهاڪن جو استعمال ضروري ليکبو آهي. پروفيسر رام پنجواڻي پنهنجي ناول ”آهي نه آهي“ ۾ جهجهي تعداد ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال ڪيو آهي.

  • سائين جِن سان ساڻِ، تن کي لهِر نه لوڏو (شاهه)
  • اِيشور آهي ايڪو، اسين آهيون ٻُڙِيون.
  • دليلن سان دلبر ملي ها ته هرڪو وڪيل پُهتل پير هُجي ها.

پهاڪا لسانيات جي عالمن لاءِ هڪ خاص ۽ اهم جاءِ والارين ٿا. ٻولي ۽ ادب ۾ ايندڙ ڪيترا لفظ آهستي آهستي واهپي کان ٻاهر ٿيندا وڃن ٿا، پر ”پهاڪي“ جي ڳوٿريءَ ۾ اڃا تائين آڳاٽا لفظ محفوظ آهن. جيئن ته:

  • هُنن جا پاڻ ۾ ڏتر سنوان نه آهن.
  • وُٺو ته ٿر، نه ته بر.

اِنهن ۾ هاڻي ”ڏتر“ ۽ ”وُٺو“ لفظ چال مان نڪري ويا آهن.

ڊاڪٽر واسديو شرڻ اگروال موجب ”پهاڪا قديم علم جا محافظ ٿيندا آهن.“ ڪِرستانن جي قديم مذهبي ڪتاب ”اولڊ ٽيسٽامينٽ“ (Old Testament) ۾ ”پراوربس“ (Proverbs) نالي هڪڙو باب آهي. هِن باب ۾ گڏ ڪيل پهاڪن تي مصر جي قديم ڪتاب جو اثر آهي. هڪڙي يهودي دعائن جي ڪتاب ۾ قانون جي پنڊتن پاران چيل ٽيهٺ ڄاڻ ڀريا گفتا گڏ ٿيل آهن، جن جو وجود حضرت عيسيٰ جي جنم کان ٽي سال اڳ جو آهي. اِسلام جي اوائلي ڪتاب، ”قرآن شريف“ ۾ به مثال جي روپ ۾ پهاڪا ڏنل آهن. ويدن ۾ اَٿاهه پهاڪا ۽ چوڻيون ملن ٿيون.

يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ ته ٻارن کي تعليم ڏيڻ وقت پهاڪن جو خاص استعمال ٿيندو آهي. جاپان ۾ رڳو تعليم ۾ بلڪه راندين ۾ به پهاڪن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جاپان جي پروفيسر ڪوچي دوئي پنهنجي مقالي Introduction to the Proverbs ۾ لکيو آهي ته ٻالپڻي ۾ تاش جي راند ۾ جيڪي ٻاونجاهه پتا هُو ڪتب آڻيندا هئا، اُنهن ۾ هرهڪ ڪارڊ تي پهاڪو لکيل هوندو هو. هڪ ڇوڪرو ڪوبه هڪ پهاڪو پڙهندو هو ۽ اسان اُنهيءَ کي ورجائيندا هئاسون. اُنهن ڪارڊن تي ڇپيل پهاڪن ۾ هڪ پهاڪو ڏسو:

“Three men together are as wise as Munjusri”

جدا جدا ٻولين جي ادب ۾ پهاڪن جي اهميت تي چيل ڪجهه سُخن هن ريت آهن:

  • پهاڪا عوام جو آواز هئڻ ڪري، الله جو فرمان آهن. (اردو)
  • جنهن پهاڪي جو مطلب سمجهيو، اُنهي ويد جو جوهر ڄاتو. (ڪنڙ)
  • هن سنسار ۾ ٽي رتن آهن: پاڻي، اَناج، ۽ سهڻا سخن يعني پهاڪا. خبر نه آهي ته پوءِ هي ماڻهو پٿر جي ٺڪرن کي ”رتن“ ڇوٿا چون. (سنسڪرت)
  • موت ۽ پهاڪي کي اِختصار سان محبت آهي. (جرمن ٻولي)
  • جهڙيءَ طرح کاڌي ۾ لوڻ آهي، تهڙيءَ طرح ٻوليءَ ۾ پهاڪا آهن. (عربي)
  • پهاڪا ڄاڻ جو مڪمل خزانو آهن. (آمريڪا)
  • پهاڪن جو جنم ڄاڻ مان، ته ڄاڻ جو جنم پهاڪن مان ٿيو آهي. (روسي)
  • پهاڪي سان وقت تي چور جي ويچارن ۾ به ڦيرو اچيو وڃي.
  • جيڪڏهن پهاڪي کي ڪو ڪوڙو ثابت ڪري، ته پوءِ چئبو ته کير جو سواد به کٽو ٿيندو آهي. (ملايالم)

آخر ۾ مان رڳو ايترو چوندس ته پهاڪي جي اهميت دنيا جي هرملڪ ۾ هر شخص سڃاتي آهي ۽ اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻولي ۽ ادب ۾ ته پهاڪن جي واکاڻ جا جنسي ڍُڪ ڀريا ويا آهن.

2.2 پهاڪن جا اشتقاق:

سنڌي ٻوليءَ جا هيستائين ڪابه سَنَدي يا ڀروسي جوڳي اشتقاقن جي لغت شايع نه ٿي آهي. اِن ڏس ۾ ڪجهه شروعاتي ڪوششون ڪن عالمن ڪيون آهن؛ جيئن ته:

  • اکر ڌاتو (1866ع): پادري شرٽ جو لکيل.
  • ويُتِپتي ڪوش (1885ع): جهمٽمل نارُومل وسڻاڻي.
  • تحقيق لغات سنڌي (1957ع): عبدالڪريم سنديلو.
  • جامع سنڌي لغات (پنجن جلدن ۾)، پبلشر سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ. هن ۾ ڪجهه لفظن جا اشتقاق آهن.

پهاڪي لفظ جي اشتقاق (ويُتپتي) بابت سڀ يڪراءِ نه آهن. اُنهن جي ويچار ۾ تفاوت آهي. پهاڪي جي ويُتپتي (اشتقاق) بابت جيڪي رايا ڏنا اُهي هن ريت آهن:

  • عبدالڪريم سنديلي ’تحقيق لغات سنڌيءَ‘ ۾ پهاڪي لفظ جو اشتقاق هن ريت ڏنو آهي: پهاڪو (سنسڪرت = پٿ + ڪو پڇاڙي) نصيحت آميز چوڻي، ضربُ المِثل.
  • ’جامع لغات سنڌي‘ (جلد ٻيون) جنهن جي ايڊيٽرن ۾ عبدالڪريم سنديلو پڻ شامل آهي، اُنهيءَ ۾ به ’پهاڪو‘
    لفظ جو ساڳيو اشتقاق ڏنل آهي.
  • مرزا قليچ بيگ ’سنڌي لغات قديمي‘ توڙي ’لغات لطيفيءَ‘ ۾ ’پهاڪو‘ لفظ جي هڪ معنيٰ ’واٽ، رستو، پهو‘ پڻ ڏني آهي. اِنهيءَ معنيٰ ۾ ’پهاڪو‘ يا ’پَهو‘ لفظ جو مول سنسڪرت ’پَٿَ‘ ۾ ڄاڻايل بلڪُل درست آهي. اِنهيءَ معنيٰ جي لاءِ هُن شاهه جي ڪلام ۾ آيل هيٺين سِٽ جو حوالو ڏنو آهي:

”آتڻُ وِجهي آگ ۾، پُڇندييسِ پوءِ پهاڪو.“

  • مشهور لسانياتي ماهر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ’پهاڪي‘ لفظ جي اشتقاق بابت هيٺيان ويچار ڏنا آهن: سنڌيءَ ۾ هڪ مصدر آهي ’پهڻُ‘. اُن جون مکيه معنائون آهن، خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح وٺڻ يا ڏيڻ، سِرجڻ، غور ڪرڻ، جاچڻ. مثال طور:
  • تڏهن ويهي ساٿ وارن، پاڻ ۾ پَهِيو پرِياڻا. (مخدوم غلام محمد بگائي)
  • پتنگن ’پهه‘ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَ. (شاهه عبداللطيف ڀٽائي).

’پهه‘ ڌاتوءَ ۾ ’آڪو‘ پڇاڙي گڏڻ سان لفظ ٺهيو آهي ’پهاڪو‘. اِن ريت فعل- ڌاتو ۾ ’آڪو‘ يا ’ڪو‘ پڇاڙي جوڙڻ سان سنڌيءَ ۾ ٻيا به اِسم ٺاهبا آهن. جيئن ته: ميڙ (ميڙڻ)- ميڙاڪو؛ چُئهُ (چُئڻُ)- چُئاڪو؛ لُڇَڻُ- لُڇڪو؛ چَٻَڻُ- چٻڪو؛ ڇِلڻُ- ڇِلِڪو. اِنهيءَ ڪري ’پهاڪو‘ لفظ جي آخري معنيٰ آهي. ”اُهو نُڪتو يا گفتو، جنهن ۾ ڪو اُونهو خيال يا ويچار سمايل آهي.“ عام ماڻهن جي روزاني زندگيءَ ۾ اِهو گفتو، صلاح يا هدايت طور ڪتب آڻجي ٿو، جنهن مان ٻين کي اَڪثر صحيح واٽ تي ملڻ لاءِ اشارو ملي ٿو.

’پَهَڻَ‘ مصدر مان ٺهيل ٻين ڪِن لفظن يا اصطلاحن جا مثال هيٺين ريت آهن:

  • پَههُ- پوُرُ خيال، اُونهو ويچار، غور، صلاح، رِٿ، تجويز، منصوبو.
  • پهه پارڻُ- خيال ڪرڻ، ارادو ڪرڻ، رِٿ ڪرڻ.
  • پهه پچار- صلاح مصلحت، خيال جو اظهار.
  • پههُ پچائڻُ- خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، منصوبو ڪرڻ.
  • پههُ ڪرڻُ- ٺهراءُ ڪرڻ.
  • پهه پوڻُ- پور پوڻُ، خيال اچڻ.
  • پهڪار- صلاحڪار

انهن مثالن مان به اِن ڳالهه جي پٺڀرائي ٿئي ٿي ته پهاڪو اُهو گفتو آهي، جنهن ۾ گنڀير ويچار يا صلاح سمايل آهي.

هاڻي اچو ڏسون ته ’پهه‘ ڌاتوءَ جي تاريخي اوسرِ ڪيئن ٿي آهي. سنسڪرت ۾ هڪ ڌاتو آهي. ’درش‘، جنهن جي گردان ۾ شڪل ٿئي ٿي، ’پَشيه‘ اِن مان سنڌيءَ ۾ ڏِسڻُ، پَسڻُ، فعلن جي اوسر ٿي آهي. ’پَشيه‘ جون سنسڪرت ۾ معنائون آهن: ڏسڻ، نهارڻ، ويچارُ ڪرڻ، غور ڪرڻ، جاچڻ، سمجهڻ، اندر جي آواز سان ڄاڻڻ، فيصلو ڪرڻ.

سنسڪرت جا ڪجهه لفظ جڏهن بدلجي سنڌي روپ اختيار ڪن ٿا، تڏهن اُنهيءَ جي ’ش‘ يا ’ش‘ آواز جي تبديلي ڪڏهن ڪڏهن ’هه‘ ۾ به ٿي وڃي ٿي. مثال طور:

پشوُ- پهون (ٻَڪري، رِڍَ، جانور)؛ مَنُشيه- ماڻهو؛ پاش- ڦاهي.

ساڳيءَ طرح، سنسڪرت ڌاتو ’پشيه‘ بدلجي سنڌيءَ ۾ شڪل ورتي آهي ’پهه‘، ۽ انهيءَ جون ڪيتريون معنائون ساڳيون قائم رهيون آهن.

مراٺيءَ جو فعلُ ’پاهِڻي‘ به سنسڪرت ’پشيه‘ مان نڪتل آهي ۽ اُن جي معنيٰ به ساڳي آهي ’ڏسڻ‘. گجراتيءَ ۾ هڪ مرڪب لفظ آهي: ’پهاڻي پترڪ‘ يعني جاچ رپورٽ. هتي پِڻ ’پهاڻي‘ لفظ جو مول سنسڪرت ’پشيه‘ ڪم ۾ آهي.

’پَهَڻُ‘ فعل جو ارتقا سنسڪرت ڪريا (ڪم) ’پُر+ اِيڪش‘ مان به ممڪن آهي، جيڪو پراڪرت ۾ ’پيهه‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’پَههَ‘ شڪل ۾ ملي ٿو ۽ معنائون اٿس: جاچڻ، غور ڪرڻ، ڌيان سان ڏسڻ، جائزو وٺڻ، ويچار ڪرڻ.

پر+ اِيڪش- پيههَ- پَههَ؛ پريڪشڻ- پيهَڻَ- پَهَڻُ.

سنڌيءَ ۾ ’پهاڪي‘ جي معنيٰ ۾ ڪُجهه ٻيا لفظ به ڪتب ايندا آهن. جيئن ته: ڪَهاوَتَ، ڪَهاتَ يا ڪَهَتَ.

’ڪهاوت‘ لفظ جي ويتپتي (اشتقاق) بابت عالمن جا مختلف رايا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

  • هنومان پرساد پودُدار پنهنجي ڪهاوت موضوع تي لکيل هڪ مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته ڪهاوت جي لفظ ڪَههَ+ آوَتَ نموني ٺهيو آهي، يعني اُهو سُخن يا گُفتو جنهن کي عام ماڻهو نسل در نسل چوندا ۽ ٻُڌندا پيا اچن.
  • اَچاريه ڪيشَوَ (عالم) پرساد مِشر ’ڪَههَ‘ ڌاتوءَ ۾ عربي پڇاڙي ’آوَت‘ لڳائڻ سان هِن لفظ جي رَچنا سمجهائي آهي: ڪهه+ آوَ+ ت = ڪهاوت.
  • مشهور لسانياتي ماهر ڊاڪٽر سِڌيشورَ ورما جي راءِ ۾ ’ڪهاوت‘ لفظ جي رچنا هن ريت آهي: ڪهاوت= ڪَههَ + آوَ (جيئن سُجهاوَ)+ اَت.
  • ڊاڪٽر واسود شرڻ اگروال پراڪرت ’ڪهاپُ‘ ڌاتوءَ پڇاڙي ۾ ’ت‘ جوڙڻ سان ’ڪهاپَتُ- ڪهاوت‘ لفظ جي رچنا سمجهائي آهي.
  • ڊاڪٽر ڀولاناٿ تِواريءَ پنهنجي ’وِرهَدَ هندي لوڪوڪِتِ ’ڪوش‘ ۾ لکيو آهي ته، هنديءَ جي لهجي ڀوڄپُوري ۾ ڪهاوت کي ’ڪهن اُت‘ به چئبو آهي، جيڪو شايد ڪٿن+ وَتَ سان واسطو رکندڙ آهي. اِنهيءَ آڌار تي مان پهرين ’ڪهه‘ ڌاتوءَ سان ’آوَت‘ پڇاڙي جوڙي ’ڪهاوت‘
    مڃيندو هئس. پر هاڻي مون کي لڳي ٿو ته هنديءَ جو ’ڪهه‘ ڌاتوءَ ۾ هِن کي جوڙڻُ ٺيڪ نه آهي. بنيادي طور هِن لفظ جو واسطو ’ڪٿا‘ (ڪهاڻيءَ) مان ٺهيل ڪنهن لفظ سان ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته گهڻن ٻولين، ڀاشائن ۾ ’ڪهاوت‘ لاءِ جيڪي لفظ ڪتب اچن ٿا، تِن ۾ بنيادي شڪل ۾ ڪٿا (ڪهاڻي) يا لگهوُ ڪٿا (ننڍي ڪهاڻيءَ) جو تاثر هُجي ٿو. اِنهيءَ لاءِ ’ڪهاوت‘ جو تعلق سنسڪرت جي ڪٿاوَت ’ڪٿا وارتا‘ يا ’ڪٿا ورت‘ سان هئڻ گهرجي.
  • پنڊت رامدهن مِشر جي ويچار ۾ ’ڪهاوت‘ جي بنيادي شڪل ’ڪٿاوت‘ آهي. پراڪرت جي اصولن مطابق، ’ٿ‘
    جي تبديل ’هه‘ ۾ ٿيڻ عام آهي. ڪهاوت جو آڌار اڪثر ڪي آکاڻيون وغيره ٿينديون آهن. ڪهاوتون پڻ ڪٿائن وانگر عوام ۾ مشهور ٿي وڃن ٿيون. اِن ڪري انهيءَ لفظ جو بنيادي اشتقاق ’ڪٿا‘ ۾ هئڻ گهرجي.
  • پلاٽس نالي عالم به ’ڪهاوت‘ لفظ جو اشتقاق سنسڪرت جي ’ڪٿاوَت‘ مان ٻڌايو آهي. يعني ڪهاوت اُن کي چئجي ٿو، جنهن جي بنياد ۾ ڪا ڪٿا هجي.
  • ٽرنر جي راءِ موجب هن لفظ جو بنياد ممڪن آهي ته ’ڪٿا وارتا‘ هجي. هاڻي اِنهيءَ جي معنيٰ ۾ اصل لفظن جي معنيٰ کان تبديلي اچي ويئي آهي.
  • مشهور عالم مُنِ چِن وجيه ۽ مهاپنٺِت راهُل سڪرتياين به ’ڪٿا وارتا‘ کي ئي ڪهاوت جي بنيادي شڪل ۾ مڃين ٿا.
  • ڪهاوت ۾ ’وت‘ اصل ۾ ’بات‘ جي بگڙيل شڪل آهي. اِن ڪري اِنهيءَ جو مطلب آهي ’ڪهي هوئي بات‘ يعني چيل ڳالهه. گوسوامي تُلسيداس اِن معنيٰ ۾ ’بَتڪَهي‘ لفظ جو استعمال ڪيو آهي. ڏسو:

ڪرت بَتَڪهي اَنُجَ سَن، مَن سِيَه روپ لُڀان،

مُک سَروج مڪرند ڇَوي، ڪَرتَ مَڌُپَ اِوَ پان.

راجسٿانيءَ ۾ به ’ڪَهبَتَ‘ لفظ ’ڪهاوت‘ جي معنيٰ ۾ ملي ٿو.

  • مولانا ابوالڪلام آزاد ڪهاوت کي ڪَههَ+ باتَ مان ڪڍڻ کي قبول نه ٿو ڪري. سندس ويچار ۾ ڪهاوت جي ’وَتَ‘ يا ’بَتَ‘ جي معنيٰ ’بات‘ نه آهي. مولانا جي ويچار ۾ جيئن ’ڪهنا‘ (فعل) مان ’ڪهاني‘ لفظ ٺهيو آهي، جيڪي ڪٿا، آکاڻيءَ جي مطلب ۾ مُروج ٿي ويو آهي، تيئن ڪهاوت جو بنيادُ پڻ ’ڪهنا‘ فعل آهي؛ پر اِهو لفظ پهاڪي يا چوڻيءَ جي مطلب ۾ زماني کان وٺي واهپي ۾ هلندو پيو اچي.
  • ڪهاوت لفظ جي بنياد بابت لسانيات جي علم جي مشهور عالم ڊاڪٽر سُنيتي ڪمار چيئٽرجيءَ جو رايو آهي:

 “The origin of word Kahawat would appear to be old Indo Aryan + Early M.I.A causative or denominative affix (satr)- ant Kathapayanta Kadhavayanta Kahawarta Kahawat.”

مٿي ڏنل عالمن جا رايا ’ڪهاوت‘ لفظ جي اشتقاق بابت مختلف ويچار پيش ڪن ٿا، پر ائين نه ٿا چئي سگهون ته ’ڪهاوت‘
جي اشتقاق بابت رايا پورا ٿيا. اسان ڏٺوسين ته ڪجهه عالمن هن لفظ ۾ عربي- فارسيءَ جي پڇاڙين جي مدد ورتي آهي ته ٻئي پاسي هن کي هندي- سنسڪرت جي پڇاڙين مان نڪتل ڄاڻايو آهي. سچُ آهي ته ڪهاوت لفظ جي اشتقاق بابت پختائيءَ سان ڪُجهه چوڻ سولو نه آهي. پر تڏهن به نتيجي ۾ چئي سگهون ٿا ته ’ڪٿا وارتا‘ جو پراڪرت روپ آهي. ’ڪهاوتا‘ جيڪو آوازن جي تبديلي توڙي معنيٰ جي لحاظ کان ڪهاوت لفظ جي گهڻو ويجهو آهي. ٻئي طرف ڏسجي ته جيڪي عالم هن لفظ جي رچنا ۾ عربي ’آوت‘ پڇاڙي ڄاڻائين ٿا، اُها به ناممڪن نه آهي. لِکاوٽ، سَجاوٽ، بناوٽ وغيره لفظن جي طرز تي ’ڪهاوٽ‘ ۽ پوءِ ’ڪهاوت‘ لفظ جو ارتقا آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿو. ’ڪهات‘ ۽
’ڪهت‘ لفظ ’ڪهاوت‘ جي بگڙيل لفظ ۽ ننڍا روپ ئي آهن.

سنڌيءَ ۾ پهاڪي لاءِ ٻيو لفظ ’چوڻي‘ به عام جام ٻوليءَ ۾ ڪتب ايندو آهي. اِهو ’چوڻ‘ فعل مان ٺهيل اسم ذات لفظ آهي، مطلب ته چيل گفتو يا ڳالهه. اِن لاءِ هنديءَ ۾ ’اُڪِت‘ ۽ انگريزيءَ ۾ ‘Saying’ مترادف لفظ آهن.

2.3 ٻين ٻولين ۾ پهاڪن جا هم معنيٰ لفظ:

(1) ٻين ملڪن جي ٻولين ۾ ڪتب ايندڙ لفظ:

پهاڪو ٻوليءَ جو هڪ سينگار آهي ۽ سينگار ان سبب ادب جو هڪ خاص جزو آهي. دنيا جي سڀني ملڪن جي ٻولين ۾ پهاڪي جو پڻ استعمال جهجهي انداز ۾ ٿئي ٿو. اَچو ته ڀارت- پاڪ ننڍي کنڊ کان سواءِ ٻين ملڪن جي ڪن ٻولين ۾ پهاڪي لاءِ ڪتب ايندڙ هم معنيٰ لفظن جي ڇنڊڇاڻ ڪريون، جيئن هن لفظ جي پيدائش ۽ معنيٰ تي وڌيڪ روشني پئجي سگهي.

يوناني (Greek) ٻوليءَ ۾ پهاڪي لاءِ لفظ آهي ‘Paramecia’، جنهن جو ناتو اهڙي عام چوڻي يا اهڙي عام سِٽ سان آهي، جيڪا گهڻي وقت کان ماڻهن جي زبان تي قائم رهي آهي ۽ جنهن کي يونان جو هرهڪ شخص سڃاڻي ٿو. اِٽالين ۽ لئٽن ۾ پهاڪي لاءِ ‘Proverbio’ لفظ ڪتب ايندو آهي. ٽسڪن ٻوليءَ جو لفظ آهي Dettato؛ اِنهن جو لاڳاپو اهڙي سِٽ يا چوڻيءَ سان آهي جنهن جو هر هر يا وري وري دُهراؤ ٿيندو رهي ٿو. اِن طرح پهاڪو هڪ پيڙهيءَ طرفان پنهنجي اچڻ واري پيڙهيءَ کي ٻڌائجي ٿو، جنهن سان اُهو ذهن ۾ هميشه لاءِ رهجي وڃي ٿو. اسپين جي ٻوليءَ ۾ پهاڪي جو هم- معنيٰ لفظ آهي ‘Refran’ جنهن جي معنيٰ آهي اُها ڳالهه يا اُها سِٽ جنهن جو دُهراؤ وري وري ٿيندو آهي. اسپين جي ٻوليءَ ۾ Proverbio پهاڪي لاءِ نه، پر (سٺن لفظن) لاءِ ڪتب ايندو آهي. ترڪي ٻوليءَ ۾ پهاڪي لاءِ ‘Atalar sozu’ لفظ جو استعمال ٿيندو آهي، جنهن جي معنيٰ وڏنِ اَبنِ- ڏاڏن جون چوڻيون يا آزمودن سان ڀريل سِٽون. چين جي ادبي ٻوليءَ ۾ پهاڪي لاءِ ‘Yen’ يا yen yu’ عام فهم لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’سنسڪرت يا سِڌ (سُڌريل) لفظ‘. ڳالهائڻ ٻولهائڻ واري ٻوليءَ ۾ ‘su-hua’ يا ‘su-ya’ جو استعمال ٿيندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي عام ڳالهه يا مُروج سِٽ (چوڻي). عربي ٻوليءَ ۾ ‘Mathal’ يا ‘Tamthal’ پهاڪي ۽ تشبيهه جي معنيٰ ۾ ڪتب ايندڙ لفظ آهن، جيڪي اشتقاق جي لحاظ کان به ساڳي چوڻيءَ جي معنيٰ رکن ٿا.

روس ۽ بلغاريا جي ٻوليءَ ۾ ‘Poslovista’ پهاڪي لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ آهي. چيڪو سلوواڪيا جي ٻوليءَ ۾ اِنهي معنيٰ جو اظهار ڪندڙ لفظ آهي ‘Prisolvi’. اِسٽونيا جي لفظ ‘Vanasona’ جي معنيٰ آهي ’پراڻا لفظ‘. فِنلينڊ جي ٻوليءَ ۾ پهاڪي جو هم- معنيٰ لفظ آهي ‘Sanalasku’ جنهن جو بنيادي مطلب آهي، ڪنهن لفظ جو ڪِري پوڻ. جارجيا ۾ پهاڪي لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ آهي ’انداز‘، جنهن جديد ادب ۾ پنهنجي پاڙ ڄمائي ورتي آهي. اِهو لفظ فارسيءَ جي ’مثال‘ يا
’بناوٽ‘ جي معنيٰ ۾ هلندڙ آهي. قديم زماني ۾ جارجين لفظ ‘Igavi’ پهاڪي ۽ اخلاقي ڪهاڻي ٻنهي معنائن ۾ استعمال ٿيندو هو.

هيبريو يا عبراني ٻوليءَ جو ‘Mashal’ لفظ پهاڪي، تشبيهه يا هڪ روپتا جي معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آهي. جاپاني جي ‘Kota –waga’ جو اشتقاق موجب مطلب آهي، اهڙا لفظ جيڪي هلندڙ آهن. فارسي ٻوليءَ ۾ پهاڪن لاءِ ‘Amsal’ لفظ جو استعمال ٿيندو آهي، جيڪو عربي لفظ ‘Masal’ جو جمع آهي. مصدر جي معنيٰ جي لحاظ کان ‘Masal’ اُها سِٽ آهي، جيڪا ڪنهن به شيءِ کي ياداشت جي رستي تي وٺي ايندو آهي. پولينڊ جي ٻوليءَ جو ‘Przyslowil’ لفظ يوناني ٻوليءَ جي ‘Paroemia’ جي معنيٰ جي صحيح پٺڀرائي ڪري ٿو. سيام ۾ پهاڪي لاءِ ‘Suphasit’ جو استعمال ٿيندو آهي. اِهو لفظ پاليءَ جي ’سُڀاسِتو‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سريشڻ اُڪِت (سڀني کان سٺي چوڻي). جرمن ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ (لوڪوڪت) لاءِ ‘Sprich-worter’ استعمال ٿيندو آهي. هن جي هڪ ڪڙي sparch جي معنيٰ آهي ’ٻولي‘ ۽ ‘Wort’ جي معنيٰ آهي ’لفظ‘. پهاڪي لاءِ جئبي لفظ آهي ‘Da le kpa’؛ تيتي ڪٿا جي معنيٰ ۾ به اِهوئي لفظ ڪتب ايندو آهي. ويتڀتي يا پيدائش جي خيال کان هن لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”پراڻيُن ڳالهين کي وٺڻ ۾ اُنهيءَ کي نئين دؤر ۾ ڪم آڻڻ“. ‘Proverbs’ لفظ ته سموري اَڻڀي ڳالهه جي معنيٰ ۾ ڪتب اچي ٿو پر پهاڪي جي معنيٰ ۾ مشترڪه لئٽن (لاطيني) جو Proverbium لفظ سينگار جي چوڻيءَ جي معنيٰ ڏئي ٿو. لئٽن (لاطيني) ٻوليءَ ۾ پهاڪي جو هم معنيٰ لفظ آهي. ‘Sakamvards’ جنهن جي معنيٰ آهي بيان جي لائق ورجاءُ جوڳو لفظ. مليه ٻوليءَ ۾ پهاڪي لاءِ ‘Umpaman’ يا ‘Per- Umpam-an لفظ هلندڙ آهن. اِهي لفظ سنسڪرت ’اُپما‘ مان نڪتل آهن، جنهنجي معنيٰ آهي ’ساڳيائي، هڪجهڙائي، ساڳي شڪل واري. يا مثال. اِنهيءَ ڪري ‘Umpama-an’ جي معنيٰ ٿي: پهاڪو، اخلاقي ڪهاڻيون، شڪلي استعمال يا ڪنهن به ڳالهه جي پٺڀرائيءَ لاءِ مثال. مليه ٻوليءَ ۾ جڏهن پهاڪن کي ڪٿي به لکبو آهي ته ‘Saperti Kata arif’ يعني ’عالم ائين چوندا آهن‘ سٽ جو استعمال ڪبو آهي.

ڀارت جي ٻولين ۾ ڪتب ايندڙ پهاڪن جا هم معنيٰ لفظ:

سنسڪرت ۾ پهاڪي لاءِ آڀاڻڪ، پرواد، لوڪوڪِت، لوڪ پرواد لوڪ- ڪي گاٿا، پرايو واد وغيره لفظن جو استعمال ٿيندو آهي. سنسڪرت ٻولي جي رسالي ’مڃجوُشا‘ ۾ پهاڪن کي خوبصورت عنوان جي هيٺ گڏ ڪري ظاهر ڪيو ويو آهي. هن رسالي جو ايڊيٽر شري ڪشٽيشچندر چَٽوپاڌيايه آهي. والميڪي رامائڻ ۾ پهاڪي لاءِ پرواد، لوڪ پرواد ۽ لوڪِڪي گاٿا لفظن جو استعمال ٿيل آهي. مثال ڏسو:

(1)       پرواد: سَتيه ايوايم توان پرتِ پرايَشو نرپ،

پَتِورتانان ناڪسما تپنتيه شرُوڻِ ڀوُتلي.

يعني، راوڻ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ سندس زال مندودري راوڻ کي پنهنجي سوچ ۾ رکي چوي ٿي، ”هي راجن، هن ڌرتيءَ تي پتي ورتائن (باوفا عورتن) جا ڳوڙها اُمالڪ ئي نه ڪِرندا آهن“. اِهو ’پرواد‘ (چوڻي) توهان جي حمايت ۾ آهي.

(2)       لوڪ پرواد: ستَيو اين پنڊتئهه سَمُدا هرت هه.

اَڪالي دُرلڀو مرتويههَ اِستريا وا پُروشسيه وا.

اشوڪ واٽڪا (راوڻ جي لنڪا جو اهو باغ جتي سيتا قيد هئي) ۾ ويٺل ڏکويل سيتا جي چوڻي آهي، ”عالمن پاران چيل هي ’لوڪ پرواد‘ سچ آهي ته چاهي عورت هجي چاهي مردُ، ڪنهن جي به منحوس وقت ۾ موت اڻٽر ٿيندو آهي.“

  • ڪلياڻي بَتَ گاٿين لوڪِڪِي پرتِڀاتِ مي،

ايتِ جيونتمانندو نرن ورششتادِ پِ.

ڀرت هنوُمان کي چوي ٿو، ”اها لوڪڪي ٻولي مون کي فائديمند لڳي ٿي ته جيڪڏهن اِنسان جيئرو رهيو ته چاهي هڪ سؤ سال گذري وڃن، هُن کي ڪڏهن نه ڪڏهن سُکُ ضرور ملندو آهي.“

”ڪادمبري“ ڪتاب ۾ ٻاڻ ڀٽ به پهاڪي لاءِ هم معنيٰ لفظ ’لوڪ پرواد‘ ڪتب آندو آهي:

”ستيوين لوڪپروادو يتُ وِپدُ وِپدن سنپتسن پد منُبڌناتِ

يعني اِهو ’لوڪ پرواد‘سچو آهي ته مصيبت پُٺيان مصيبت ۽ ڌن پٺيان ڌن ايندو آهي.

نقاد ڪاشي ناٿ پانڊرُنگ پاران مرتب ڪيل ”ڪادمبري“ (ٻاڻ ڀٽ ۽ ڀوشڻ ڀٽ) جي ستين ڇاپي جي صفحي 146 تي لکيل آهي:

”لوڪ پروادو جنانان چرنتنو وچنوَيا پارهه“

معنيٰ ’لوڪ پرواد‘ ماڻهن جو قائم ڪيل وچن واپار آهي.

اِنهيءَ ريت ”ڪٿا سَرت ساگر“ ۾ به ’پرواد‘ جو استعمال ڏسو:

”ستيَههَ پروادو يد ڇِدريشوَ نرٿا يانتِ ڀُورِتام.“

معنيٰ، ’اهو پرواد سچ آهي ته مصيبت پٺيان مصيبتون اينديون آهن.

پاليءَ ۾ پهاڪي لاءِ ’ڀاسِتو‘ لفظ جو استعمال ٿيندو آهي، جنهن جو مطلب آهي، اُها ڳالهه جيڪا عام ماڻهن جي رواج ۾ مشهور آهي. ’پائه سَدد مهاڻوو‘ ۾ پهاڪي جي هم معنيٰ لفظ جي شڪل ۾ ’آهاڻ‘ ۽ ’آهاڻيه‘ لفظن کي ڪتب آندو ويو آهي.

’سُر سُندري چرِئن‘ جيڪا شري مڌنيشوَرِ مُنيشور پاران جوڙيل آهي، اُن ۾ پهاڪي لاءِ ’آهاڻ‘ ۽ ’ڪَنوَدَنتي‘ سان گڏوگڏ ’آهيڻ‘
لفظ جو استعمال ٿيل آهي. مثال طور:

اَهه ڀَڻئِه پُهاءِ- ناهو اِيسن هُسي اُڻ، ديو تن سچن.

آهيڻن سنجاين جن سمئه ايٿ لوگامي...

يعني پرٿوي ناٿ کِلي چوي ٿو ته هِن لوڪ ۾ هلندڙ اِها ڳالهه سچ آهي.

’سيتا رام چؤپائي‘ جيڪا ڪوِيوَر سميه سُندر پاران لکيل انتخاب آهي، اُن ۾ به ڪهاوت/ پهاڪي لاءِ هڪ هنڌ تي ’آهيڻ‘ لفظ جو استعمال ٿيل آهي:

اُنڌتڻئِه وِڇاڻءُ لاڌءُ، آهِيڻئه دوڪانڻءُ بي

مُنگنه چائُل مانِهه گهي گهڻئهُ پريساڻئُوي.

يعني: اُٻاسي ڏيندڙ کي هنڌ ملي ويو، مُڱنِ ۾، چانورن ۾، ججهي انداز ۾ گِههُ پرڇيو وِيو. ’کاڻيم، رتنَ شيکر سوريءَ (وءڪرمي سنبت 1416) جي ’سِربال ڪها‘ ۾ پهاڪي لاءِ لفظ ڪتب آيل آهي:

اَهَوا نَروَر تُمئي اييُن اَکاڻاين ڪَين سَچمَ

پائوُڻ پاڻين پَڇا پُڇجئي گيهن.

يعني: اي نرور! اهو پهاڪو تو سچ ڪري ڏيکاريو؛ پاڻي پي ڪري وري گهر بابت پڇين ٿو.

اَپڀرنش ۾ ’اَهاڻئهُ (آڀاڻَڪَ) لفظ پهاڪي جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي.

جديد ڀارتي ٻولين ۾ پهاڪي جي هم معنيٰ لفظ هيٺين ريت آهن:

-

ٻولي

هم- معنيٰ لفظ

-

 

 

-

-

-

 

-

 

-

 

-

 

-

-

-

-

-

-

-

-

-

-

هندي

 

اُردو

سنڌي

راجسٿاني

مراٺي

 

بنگالي

 

گجراتي

لهندي

گڍوالي

آسامي

مالوي

تَاملِ

تيلُگُو

ملايالم

اُڙِيا

پنجابي

ڪشميري

ڪنڙ

نيپالي

ڪونڪڻي

ڪهاوت، ڪهناوت، ڪهائُت، ڪهتوت، اُپکانَ، پَکانا، لوڪوڪِت.

ضربُ، المِثل

پهاڪو، ڪهاوت، چوڻي

اَوکاڻو، ڪَهَبَتَ، ڪئيوُت، ڪُواوَٽ.

مهڻ، مَهڻڻي، آڻا، آهڻا، نيايَه، لوڪوڪِتَ، لوڪ سَنپردايه.

پرواد، وچن، پروچن، لوڪوڪِت، پرچلِت واڪيه

ڪهيوَت، ڪَهيڻي، ڪَهيتي، ڪٿن، اُکاڻُن.

آکاڻ

پَکاڻا

لنبير، لنبرِم

ڪيوات

Pazamoil (old saying)

Sameta (proverb)

Pazam chol

ڍاگا، پهلِ

ڪَهوتَ

ميسالان

گود

ڪهااُت

مهڻَ

 

2.4 پهاڪي جي وصف ۽ خاصيتون:

پهاڪو ٻوليءَ جو اَلنڪار (سينگار) آهي. رڳو اَلنڪار ئي نه، بلڪه اَلنڪار کان به وڌيڪ، عام ماڻهن جي ڄاڻ سان ڀريل گُفتو، آزمودي ۽ تصور جي تَرَڪَشَ مان نڪتل تير آهي، جنهن جو استعمال سياڻا ۽ اَياڻا، پڙهيل ۽ اَڻپڙهيل سڀئي ڪن ٿا.

وصف:

پهاڪي جون گهڻيئي وصفون مِلن ٿيون، پر اُنهن مان هڪ به وصف اهڙي ڪانه ٿي ملي، جنهن کي سڀني عالمن پوري ريت قبول ڪيو هُجي. سڀني وصفن ۾ ڪانه ڪا اوڻائي نظر اچي ٿي.

ڪيترن ئي عالمن پهاڪن جون ننڍيون ننڍيون گهڻيئي وصفون ڏنيون آهن. اُهي گهڻو ڪري سُهِڻن لفظن سان پرويل ته آهن، پر پهاڪن جي سڀني خاصيتن کي ظاهر نه ٿيون ڪري سگهن. جيئن ته انگريزي ٻوليءَ ۾ پهاڪي جي هڪ وصف هن طرح ڏنل آهي: A proverb is a saying without an author سچ آهي ته گهڻن ئي پهاڪن جا رچيندڙ اهڙا آهن، جن جي باري ۾ ڪابه معلومات حاصل نه ٿي سگهي آهي. پر شاهه سچل، سامي ڪبير، تُلسي، شيخ اياز، وغيره جي ڪوِتائن جون گهڻي ئي سِٽون اڄ پهاڪي جي روپ ۾ عام ماڻهن ۾ مشهور آهن ۽ اُنهن جي اسان کي ڄاڻ به آهي. هاڻي اِهو سوال ٿو اُٿي ته اهڙن سُخنن کي پهاڪو چئجي يا نه؟ ڇا رڳو اُهو گفتو ئي پهاڪو آهي، جنهن جي رچيندڙ جي اسان کي خبر نه آهي؟

اچو ته انهن سوالن جا جواب عالمن پاران ڏنل ڪن پهاڪن جي وصفن مان ڳولهي لهون:

  • پهاڪو اُهو آهي، جنهن ۾ گهڻن ويچارن کي ڪاڙهي اُنهن جو عرق ڪڍي، ٿورن لفظن ۾ رکيو ويو آهي.

A proverb is much matter decocted in few words. (Wor- thies of England, ch. 2, Thomes Fuller, Racial proverbs. P.3)

(2) پهاڪا پنجن کَنُ لفظن وارا هيرا آهن، جيڪي زماني جي اِشارو ڪندڙ ڏَسڻي آڱر تي هميشه چمڪندا پيا رهن.

Jewels five words long, that on the stretched forefinger of time, sparkle for ever. (Tennyson).

(3) ڪنهن به قوم جي اعليٰ درجي جي سمجهه، ڏاهپ ۽ روح جي سڃاڻپ انهيءَ جي پهاڪن مان ٿئي ٿي.

The genius, wit and spirit of a nation are discovered in its proverbs. (Francis Bacon)

(4) پهاڪا اُهي ننڍڙا گفتا آهن، جيڪي گهڻي آزمودي يا تجربي مان نِڪتا آهن.

Proverbs are short sentences drawn from long experience. (Don Quixote: Cervantes)

(5) پهاڪو هڪ اهڙو ننڍڙو جملو آهي، جيڪو سوُتر (قاعدي) جي شڪل وارو ۽ سچو آهي. اُهو ڊگهي عرصي کان وٺي عام ماڻهن ۾ قبوليو ويو آهي.

A proverb is a short sentence, sententious and true, long since accepted by common consent (Capriano De Valera)

(6) پهاڪو هڪ اهڙو ننڍڙو گفتو آهي، جيڪو ٻول چال ۾ مُروَج آهي ۽ عوام ۾ تسليم ٿيل آهي. اُهو هڪ سوتر (قاعدي) جي شڪل وارو جملو آهي. اُنهيءَ ۾ گهڻو ڪري ڪا ڳجهي ڀيٽ يا تجنيس حرفي (اَنُپراس) هوندي آهي. اُنهيءَ ۾ اهڙي ڪنهن سچائيءَ جو اظهار هوندو آهي، جنهن جي تصديق يا پرک، تجري يا جاچ جوچ وسيلي ڪيل هوندي آهي ۽ سڀنيءَ ۾ ڄاتل سڃاتل هوندي آهي.

Proverb… A short pithy saying in common and recognized use; a concise sentence, often metaphorical or alliterative in form, which is held to express some truth ascertained by experience or observation and familiar to all. (Encyclopedia Britannica. P 642).

(7) پهاڪا اهڙا آڳاٽا بچيل جزا آهن، جيڪي پنهنجي ننڍڙي شڪل ۽ صحيح معنيٰ سببان قديم فلسفي جي کنڊر مان سالم صورت ۾ کوٽي هٿ ڪيا ويا آهن.

Remnants which, on account of their shortness and correctness have been saved out of the wreck and ruin of ancient philosophy. (Aristotle).

(8) پهاڪو ڪنهن هڪ شخص جو ڏاهپ ڀريو گفتو آهي، جنهن ۾ گهڻن ئي ماڻهن جي سياڻپ سمايل آهي.

A proverbs is a wit of one and wisdom of many. (Lord John Russell).

(9) پهاڪو سياڻپ جو عرق آهي.

Proverbs may be said to be the abridgement of wisdom. (Joubert)

(10) پهاڪو، ننڍڙو ۽ نصيحت آميز هڪ اهڙو گفتو آهي، جيڪو روايت کان وٺي مروج آهي.

A proverb is a terse didactic statement that is current in tradition. (Archer Tayler).

(11) پهاڪا اُهي ننڍڙا جملا آهن، جن ۾ قديم زماني جي عالمن، نِيمنِ وانگر، زندگيءَ کي مختلف روپ ۾ سجائي سينگاري رکيو آهي.

Short sentences into which, as in rules, the ancient have compressed the life. (John Agricola)

(12) پهاڪو سياڻن جي سُخنن جي سمجهاڻي آهي.

A proverb is the interpretation of the word of the wise. (Erasmus)

(13) پهاڪا سياڻپ جا اُهي ننڍڙا ٻول آهن، جيڪي آڳاٽي زماني ۾ اخلاق يا نيتي جي اڻ لکيل نيمنِ (اصولن) وانگر ڪتب ايندا هئا.

These fragments of wisdom, the proverbs in the earliest ages served as the un-written laws of morality. (Disraeli)

(14) ڪوبه سُخن يا گفتو، پهاڪي جي درجي کي حاصل ڪري، اُنهيءَ لاءِ لازمي آهي ته اُنهيءَ جو جنم عام ماڻهن مان ٿيو هُجي، يا اُهو هڪ سچائيءَ جي روپ ۾ عوام ذريعي تسليم ڪيو ويو هجي. مطلب ته پهاڪي جو عوام ۾ مروج هئڻ لازمي آهي.

To attain the rank of a proverb, a saying must either spring from the masses or be accepted by the people as true. In a profound sense it must be vox populi. (Encyclopedia of Religion and Ethics - Hastings vol. x, p. 412)

(15) پهاڪا، تحريري صورت ۾ قلمبند ٿيڻ کان گهڻو اڳي، زباني روايتن ذريعي اسان تائين پهتا آهن. اُهي اهڙي سياڻپ جا هوبهو ننڍڙا روپ آهن، جنهن جو جنم شخصي تجربي ۽ جاچ مان ٿيو آهي.

Proverbial utterances, transmitted by oral tradition long before they were put on paper, were concrete fragments of wisdom, the result of observation. (Smith and Heseltine, Oxford Dictionary of English Proverbs, 1952 Introduction.(

(16) پهاڪا روزمرهه جي زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل تجربي جون ڌيئر آهن.

Proverbs are the daughters of daily experience.

(17) پهاڪا، ٻوليءَ جا اُهي تيز هٿيار آهن، جيڪي وهنوار ۽ ڪمن ڪارن جي ڳنڍين کي ڪپي اندر گهڙي ٿا وڃن.

Edge tools of speech, which cut and penetrate the knots of business and affairs. (Bacon)

(18) پهاڪو ڪنهن قوم جو اهڙو فارمولو آهي، جيڪو گهڻي عرصي کان وٺي اڃا تائين عام واهپي ۾ هلندو پيو اچي. اُهو اهڙي صلاح يا نصيحت ٿو ڏئي، جيڪا لازمي طور عام ماڻهن لاءِ آهي ۽ النڪارن (سينگارن) سان سينگاريل آهي، جنهن ۾ ڪا ڳجهي ڀيٽ يا تمثيل سمايل آهي.

A proverb is a racial aphorism which has been or still is in common use, conveying advice or council unwarily common flagged figuratively disguised in metaphor or allegory (Racial Proverbs, Introduction P.X.V).

(19) پهاڪا ماڻهن جي سڀاوَ ۽ وهنوار جي سِڪي جي شڪل ۾ هلندڙ آهن ۽ نئين ٽهيءَ کي اَبن ڏاڏن کان ورثي جي شڪل ۾ حاصل ٿيل آهن. (ڊاڪٽر ڪنهيا لال سهل)

(20) پهاڪا رڳو اڌ سچ ٿين ٿا.

Proverbs are usually but half truths and seldom contain the principle of the action they teach (T.T. Munger).

(21) هي ننڍا گُفتا وڏن آزمودن مان نڪتل آهن.

Short sentences drawn from long experiences.

(22) پهاڪو عقلمند شخص جي ٻولن جي سمجهاڻي آهي.

A proverb is the interpretation of the hard of the wise. (Bible)

(23) ڪسي ڀي ڀاشا ڪي شبداولي  (اکرپٽي) اُس ڀاشا ڪي جنتا ڪي سينڪڙو ورشون ڪي اَڀِگياتا ڪا سمپُنٽ هئه. يه اَڀِگياتا جيون ڪي سب وياپارون کي آڌار پر هوتي هئه. (سُنيتي ڪمار چئٽرجي)

          اِن طرح دنيا جي گونا گون ٻولين جي عالمن جدا جدا پهاڪن جو اڀياس ڪري مٿي لکيل جيڪي پهاڪن بابت وصفون ڏنيون آهن، اُنهن وصفن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان مکيه طور هيٺيون خاصيتون نظر اچن ٿيون:

  • پهاڪن ۾ ٿورن ئي لفظن ۾ گهڻن خيالن جو عرق هجي ٿو.
  • پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ڪنهن قوم يا ذات جي اعليٰ درجي جي سمجهه ملي ٿي.
  • پهاڪن ۾ زندگيءَ جا تجربا لِڪيل آهن.
  • پهاڪا ڊگهي عرصي کان وٺي عام ماڻهن ۾ قبول ٿيل آهن.
  • پهاڪو هڪ فارمولي جي شڪل ۾ مقرر لفظن تي ٻڌل جملو آهي، ٻول چال ۾ مروج آهي، ۽ هِن ۾ سچائيءَ جو اظهار هوندو آهي.
  • پهاڪن ۾ قديم فيلسوفيءَ جو عرق سمايل هوندو آهي.
  • پهاڪن ۾ گهڻن ماڻهن جي سياڻپ سمايل آهي.
  • پهاڪا تجربي جون ڌيئر آهن.
  • پهاڪن ۾ ڳُجهي ڀيٽ يا تمثيل سمايل هجي ٿي.

هيسٽنگس نالي هڪ عالم پهاڪن جي گهرائيءَ سان اوک- ڊروک ڪري، اُنهن ۾ چئن وصفن جو هئڻ لازمي ڄاڻايو آهي.

Four qualities are necessary to constitute a proverb, brevity (or, as some prefer to put it, conciseness) sense, piquancy or salt (Trench) and popularity (Encyclopedia of Religion and Ethics, Hastings, Vol. X, P-412)

مطلب ته ڪوبه سخن پهاڪي جو درجو حاصل ڪري، انهيءَ لاءِ اُن ۾ چئن خاصيتن جو هئڻ ضروري آهي. اُهي آهن:

  • ٿور- اکرائي يا ننڍي شڪل
  • خيالن جي گهرائي
  • سلوُڻائي، ظرافت يا اظهار جي نزاڪت
  • لوڪ يعني عوام ۾ انهيءَ جو پرچار

اِن طرح پهاڪن جي ڪيترين ئي وصفن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بعد اهي پهاڪن جي ڪسوَٽيءَ تي ٺيڪ طرح ثابت ٿين ٿيون يا نه؟ اچو ته ڏسون:

  • ٿور- اکرائي يا ننڍي شڪل:

پهاڪي ۾ جن چئن خاصيتن جو هئڻ ضروري چيو ويو آهي، اُنهن ۾ ٿور- اکرائي يا ننڍي شڪل پهاڪن جي پهرين ۽ ضروري وصف آهي. پهاڪا گهڻو ڪري ننڍا ٿين يا اُنهن ۾ گهڻو ڪري ويچارن جي گهرائي ٿورن ئي اکرن ۾ سمايل هوندي آهي. انگريزي ادب جي مشهور عالم شيڪسپيئر چيو آهي ته: Brevity is the soul of wit. شيڪسپيئر جي اِها ڪَٿ پهاڪن لاءِ به پوري طرح ٺهڪي اچي ٿي.

پهاڪو ڪنهن به ٻوليءَ جو استعمال جو فارمولو آهي. جيئن آلجبرا جي سوالن کي سلڻ واسطي فارمولن کي ياد رکڻو پوي ٿو، انهيءَ طرح ٻوليءَ کي سندر ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ پهاڪن کي ياد رکڻو ٿو پوي. پهاڪن کي ياد ڪرڻ لاءِ اِهو ضروري آهي ته پهاڪا ننڍا هجن، جيڪڏهن پهاڪا وڏا هوندا، ته مقررشڪل ۾ ياد نه ٿيندا. اِن سبب ڪري اُنهن جي ڦهلجڻ ۾ رُڪاوٽ پوندي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ننڍا پهاڪا ملن ٿا. اُنهن ۾ ڪجهه پهاڪا اهڙا به آهن جن ۾ رڳو ٻه يا ٽي لفظ ئي استعمال ٿيل آهن. جيئن ته:

  • قرضُ مرضُ. پنهنجي سهِنجي. بِسياري خواري، لاڙُ ساڙُ.
  • پاليتو نه ماليتو. عقل کائي غم. چئه گهوٻاٽو. پنج گنج.

اِن طرح ٻيا به ڪيترائي پهاڪا آهن، جن جي ذريعي پهاڪن جي ننڍي شڪل تي روشني وجهي سگهجي ٿي، پر ٿور- اکرائي نسبتي لفظ آهي. ڪهڙي پهاڪي کي ننڍڙو چئجي ۽ ڪهڙي کي نه؟ مثال طور:

  • ٻال هٺُ، زال هٺُ، راجا هٺُ، جوڳي هٺُ - اِهي جي هٺ تي چڙهن ته هيٺِ نه لهن.
  • پُلاهه جهڙي پدمِڻي، جي هَڪي حاضر هوءِ

ته بوسي وِجهه پيٽ ۾، مرُ پيٽُ ڦاٽي پوءِ.

  • ڄٽيءَ سُٽُ پُسايو، واڻِئي وِڌيس وٽي،

ڄٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻيي ليکي ڄٽي،

مُٺي سائي ڄٽي، مُٺي سائي ڄٽي.

          اِهي ڪجهه مشهور پهاڪا آهن، جن کي وڌيڪ ننڍو ڪري نه ٿو سگهجي. اِن حالت ۾ سوال اُٿي ٿو ته ٿور- اکرائي جو مطلب ڇا کڻجي؟ اِنهيءَ جو مطلب آهي ته پهاڪن ۾ گهربل معنيٰ جو اثرائتو اظهار ڪرڻ لاءِ جيترن لفظن جي ضرورت آهي، اُنهيءَ کان وڌيڪ لفظ اُن ۾ نه هئڻ کپن. اِنهيءَ کي ئي ٿور- اکرائي، اختصارُ يا ننڍي شڪل چئجي ٿو.

          هڪ ٻي ڳالهه ته وڏن پهاڪن ۾ اظهار جو انوکو زنگ، تڪبندي هجي ٿي. اِن ڪري اُهي پڻ ياد ٿي وڃن ٿا ۽ زباني روايت ذريعي سماج ۾ مشهور ٿي وڃن ٿا.

  • ويچارن جي گهرائي:

جي گهرائي پهاڪن جي ٻي ضروري وصف آهي. عام طور پهاڪا مطلب ڀريا، سارُڀريا هجن ٿا ۽ اِهو ئي سبب آهي ته هوُ ايتري وقت تائين عوام ۾ چالو رهن ٿا. پهاڪا عام ماڻهن جا اُهي دوست آهن، جيڪي هر وقت سُک ۾، دُک ۾، خوشيءَ، غم ۽ پريشانيءَ وقت هميشه مدد ڪرڻ لاءِ تيار هجن ٿا. پهاڪن ۾ لِڪل گهري ڄاڻ کي اسين جيڪڏهن ڌيان سان ڏسون ته هو هميشه سُهڻي تربيت ڏيڻ لاءِ تيار هجن ٿا. اسين ڪيئن تندرست رهون، ڪيئن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪريون، وغيره ڳالهين جو اشارو اسان کي پهاڪن ۾ سولائيءَ سان ملي ٿو. مثال طور:

بيوقوف دوست کي بازار ۾ وٺي نه وڃجي ساڻُ،

پهرين ڪُٽائي پاڻُ، پوءِ سار لهي سنگتيءَ جي.

اِن پهاڪي ۾ ڪهڙي نه سُٺي سکيا آهي. اِهو سچ آهي ته پهاڪن ۾ اُها طاقت آهي، جنهن جي مدد سان هرڪو شخص ڏُکيائين ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. زندگيءَ جو علم، عام ماڻهن جا آزمودا، خيالن جي گهرائي پهاڪن جا مکيه گڻ آهن. ڏسو:

زندگيءَ ۾ ناڻي جي اهميت ڏسي ڪنهن بزرگ واتان نڪري ويو:

”اُٿ به ناڻو، ويهه به ناڻو، ناڻي بنا نرُ ويڳاڻو.“

روزاني جيوت ۾ پئسي کي وڏي طاقت آهي. جنهن وٽان بدقسمتيءَ جي ڪري دولت هلي ٿي وڃي، ته پوءِ سندس دوست يار، مٽ مائٽ، به کانئس ڪنارو ڪري ٿا وڃن. پوءِ اَوکي ويل ڪوبه اُن شخص جو ساٿ نه ٿو ڏئي ۽ جيڪڏهن هُو ڪنهن دولتمند کان اُوڌر به وٺڻ چاهي ته ”شاهوڪار جا ٽِٽَ به کستوري“ چوڻو ٿو پوي. يعني اُن کي دولتمند جي ڪنهن به خراب ڳالهه کي مڃي سندس پُٺِڀرائي ڪرڻي ٿي پوي.

ڏاج ڏيڻ رسم اسان جي سماج جي هڪ پراڻي بيماري آهي. اُنهيءَ رسم ڪيترن جي سوچ خراب ڪئي آهي، جنهن ڪري سڀني ڇوڪرين جي پيئرن کي پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ ۾ کيس ڏاج ڏيڻ لاءِ گهڻي محنت سان دولت گڏ ڪرڻي ٿي پوي. اِهو ڏسي ڪنهن چيو ته:

  • اَبو گَسي ڌيءَ وسي.

ماءُ جي پنهنجي ٻار لاءِ مَمتا ازل کان مشهور آهي. ماءُ جي برابري سڄي دنيا ۾ ٻيو ڪو به نه ٿو ڪري سگهي. ماءُ جي ڀيڻ يعني ٻار جي ماسي به اُن ٻار جي ماءُ جهڙي نه ٿي ٿي سگهي، کڻي هو هُن ٻار لاءِ ڪيترو به قرباني ڇونه ڪري. اِن تي چوڻي مشهور آهي.

  • ماءُ ساماءُ، ٻيو سڀ دنيا جو واءُ،

ماسي نه ٿئي ماءُ، توڙي ڪڍي ڏئي ساهه.

          اِنهن مثالن مان ظاهر آهي ته پهاڪا سياڻپ جا اهڙا سُخن آهن، جن ۾ واهنواري زندگيءَ مان حاصل ڪيل ڏاهپ سمايل آهي پر ساڳئي وقت پهاڪن جا اهڙا مثال به ملن ٿا، جن ۾ ڪو اَونهون ويچار نظر نه ٿو اچي. جيئن ته:

  • ڀڄ چريا چي مست آيَئه.
  • شيرو ٻِلو شاهه جو، نه پيءُ جو نه ماءُ جو.
  • گنجي جي مٿي ۾ نه ڪا جُون نه ڪا ليک.
  • کوڙيءَ کي ئي گهمرو آهي.
  • ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مِٺو.

اِنهيءَ هوندي به اِهي پهاڪا سماج ۾ پنهنجي خاص جاءِ رکن ٿا ۽ وهنواري زندگيءَ ۾ ماڻهو اِنهن جو استعمال ڪن ٿا.

  • سلوُڻائي، ظرافت يا اظهار جو نرالو ڍنگ

پهاڪي جي ٽئين ضروري وصف آهي سلوڻائي يا اظهار جو نرالو انداز. هرهڪ ٻوليءَ جو پهاڪن ۾ اِهو انداز ملي ٿو. سنڌيءَ ۾ به ظرافت سان ڀريل جهجهي تعداد ۾ پهاڪا ملن ٿا، جيڪي سلوڻائي، ڏاهپ ڀرئي انوکي اظهار ۽ اثردار عبارت سببان ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي هڪدم اثر ڪن ٿا. اهڙا پهاڪا عوام ۾ جلد ئي مشهور ٿي ويندا آهن. مثال ڏسو:

  • اٽو کاڌو ڪوئي، مار پئي گابي تي.
  • آهوجا کائين، پاهوجا پيٽ سور مرن.
  • سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي.
  • ماءُ موري، پيءُ تنبورو، پٽ وڄائڻ ۾ پورو.
  • ٻرِي تيل، کامي وٽِ، واهه ڙي ڏيئا واهه!

پر ٻئي طرف ڪجهه اهڙا به پهاڪا آهن، جن ۾ سلوڻائيءَ جي وصف گهٽ نظر ٿي اچي. جيئن:

  • پنهنجي سنهِنجي
  • انُ آهي ته ايمان آهي.
  • ايڪ پنٿ، دو ڪاج.
  • جتي باهه ٻري، اتي سيڪ اچي.

اهي پهاڪا رڳو سِڌو سنواٽو ڪنهن ڳالهه جو بيان ڪن ٿا، پر اِنهن ۾ اظهار جي ڪابه انوکائي نظر نه ٿي اچي.

  • لوڪ پسندي

پهاڪي جي اها چوٿين ۽ سڀني کان اهم وصف آهي. ڪوبه جملو يا قول تيستائين پهاڪو ٿي قطار ۾ نه ايندو، جيستائين اهو عوام ۾، عام ماڻهن ۾ مشهور نه ٿي وڃي.

ڪنهن شخص جي نِجي آزمودن مان نڪتل ڳالهه يا نُڪتو اِن ۾ ٿور- اکرائي، خيالن جي گهرائي، اظهار جي نزاڪت ڇونه هجي، پر جيستائين ٻين ماڻهن کي يا عوام کي پسند نه پوندو، تيستائين اهو سُخن پهاڪي جو درجو حاصل نه ڪري سگهندو. مثال طور: هڪ شخص کي روزمره جي زندگيءَ مان اِهو تجربو ٿيو ته ماٽيجي ماءُ سچو پيار سچي ممتا نه ڏيندي آهي. انڌو ڇاڪاڻ ته ڏسي نه سگهندو آهي، انهيءَ لاءِ ڪٿي به ٿُڪ ڦٽي ڪندو آهي، جنهن ڪري ٻين کي تڪليف ٿيندي آهي. ٻيو ته برسات پوڻ کان پوءِ جيڪا اُس نڪرندي آهي، اها ڏاڍي تنگ ڪندي آهي. انهن آزمودن جي ڪري ڪنهن شخص هڪ گفتو بيان ڪيو ته ”جُهڙ جي اُس، انڌي جي ٿڪ ۽ ماٽيجي ماءُ جي مُڪ، جتي لڳن اُتي سُڪ.“ اهو گفتو ٻين کي به وڻيو. ڇاڪاڻ ته اُنهن کي به ساڳيوئي آزمودو ٿيو هو. آهستي آهستي اهو جملو عام لوڪن ۾ پسند پيو ۽ پهاڪو بڻجي ويو.

پر ٻئي پاسي هاويل جو هيءُ گفتو ”گَهمنڊ اهڙو گُل آهي، جيڪو دئيتن جي باغيچي ۾ ٽڙي ٿو.“ پهاڪي جون ٻيون ٽي وصفون هئڻ بعد به پهاڪي جو درجو حاصل نه ڪري سگهيون. ڇاڪاڻ ته اهو عام ماڻهن ۾ عام نه ٿي سگهيو.

سترهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جيمس هاويل نالي هڪ مشهور ليکڪ هو. هُن پنج سؤ کن ننڍڙا نصيحت ۽ سِکيا سان ڀريل گفتا گڏ لکي تيار ڪيا هئا. اُنهن جو مجموعو هُن ڇپائي پڌرو ڪيو. انهن ۾ مٿي ڏنل جملو به شامل هو، پر هاويل جا اهڙي قسم جا سُخن پهاڪا بڻجي نه سگهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي عوام ۾ مشهوري حاصل نه ٿي سگهي آهي. عوام انهن کي پنهنجو نه بڻايو آهي ۽ روزاني زندگيءَ ۾ اُنهن کي استعمال نه ڪيو آهي. اِنهيءَ مان ثابت آهي ته عوام ۾ عام ٿيڻ يا ماڻهن کي پسند اچڻ هرهڪ پهاڪي جي لاءِ لازمي وصف آهي، پر انهيءَ ۾ به شڪ نه آهي ته سٺي پهاڪي لاءِ لوڪ پسنديءَ سان گڏ ٻين ٽن وصفن جو هئڻ پڻ لازمي آهي. انهيءَ حقيقت کي پاڻ هاويل به قبول ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته:

The people’s voice, the voice of God we call,

And what are proverbs, but the people’s voice,

Coined first and current made by common choice,

Then sure they must have weight and truth withal.

مطلب ته ”پهاڪا عوام جو آواز آهن، اِنهيءَ ڪري اسان اُنهيءَ کي الله جو آواز سڏيون ٿا. شڪ نه آهي ته اُهي عام ماڻهن جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهن. ڪوبه پهاڪو چاهي اول ڪنهن هڪ شخص ٺاهيو هو، اُهو ٻين ۾ قبول پوڻ تي سماج ۾ مشهور ٿي ويو آهي، انهيءَ ڪري هرهڪ پهاڪي ۾ وزن ۽ سچائيءَ جو هئڻ ضروري آهي.“

ڪجهه لوڪ پسند پهاڪا ڏسو:

  • جاءِ چوي جوڙائي ڏس، شادي چوي ڪري ڏس.
  • ماءُ ڏِسي پيٽ، زال ڏسي کيسا.
  • ڪاڻيءَ جي وِهانءَ ۾ سَنڪٽ گهڻا.
  • کير جو کانيلُ، جهڻ ڦوڪي پئي.

انهن پهاڪن جا رچيندڙ ڪير هئا، اها ڪنهن کي به خبر نه آهي، پر اهڙا پهاڪا هاڻي عام لوڪن ۾ قبول ٿي سڄي سماج جي گڏيل ملڪيت بڻجي پيا آهن.

شاعرن جا ڪلام ڳوُڙهي ڄاڻ سان پُر هجن ٿا، پر اُنهن مان ڪجهه سِٽون ائين پهاڪي جي پد تي رسن ٿيون. ڇاڪاڻ ته اُنهن کي عام ماڻهو پسند ڪن ٿا ۽ ٻين کي نه. شاهه لطيف جي ڪلام جون ڪجهه عام ماڻهن ۾ پسند ڪيل تُڪون ڏسو:

  • ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين؟
  • ڇاجي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو نه ٿئي.
  • لکيو منجهه للاٽ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.

ٻئي طرف شاهه جي ڪلام مان ئي هيٺ ڏنل ڪجهه ٻيون سِٽون ڏسو جيڪي عام ماڻهن جي سمجهه کان ٻاهر آهن ۽ پهاڪي جو درجو حاصل نه ڪري سگهيون آهن:

  • پيهي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،

نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

  • ايڪ قصر در لک، ڪؤڙين ڪڻس ڳڙکيون،

جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.

          اِن طرح پهاڪن جي شڪل بابت هيسيتائين ڪيل ويچار ۽ وصفن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان مليل پهاڪن جون خاصيتون (ننڍو روپ، سلوڻائي، اونهي ويچار ۽ لوڪ پسندي) ڏسي انهن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته اِهي وصفون سچ پچ پهاڪن جون ڪسوٽيون آهن. ڪنهن به سٺي پهاڪي ۾ انهن چئني جو هئڻ ضروري آهي. اِنهن چئني ۾ مکيه ڪسوٽي آهي لوڪ پسندي يا عوام ۾ مروج هئڻ. جيڪڏهن ڪنهن گُفتي ۾ اِها وصف نه آهي ته پوءِ ان کي پهاڪو نه چئبو.

          ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي پنهنجي ڪتاب ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا- هڪ اڀياس‘ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو تفصيل سان اڀياس ڪري، اُنهن جي وصف هن ريت ڏني آهي:

          ”اُهو سوتر پريوگ (قاعدي موجب استعمال)، جيڪو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظن مان ٺهيل جملو يا جملن جو اهڙو ايڪو آهي، جنهن ۾ وهنواري زندگيءَ جي آزمودن مان حاصل ڪيل ڄاڻ ڀريو پيو آهي ۽ جيڪو گهڻو ڪري لفظي معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻيءَ معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي، تنهن کي پهاڪو چئبو آهي. لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ايندڙ پهاڪي کي سنڌيءَ ۾ چوڻي به سڏيو ويو آهي.“

2.5  پهاڪن جي سچائي ۽ ڪِن پهاڪن ۾ نظر ايندڙ تضاد:

          ڪڏهن ڪڏهن ڪن پهاڪن جي ويچار ۾ تضاد نظر ايندو آهي، يعني اُنهن ۾ هڪٻئي جي خلاف بيان محسوس ٿيندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي ته پهاڪن جي خيالن ۾ ڪيتري قدر وزن آهي؟ ڇا اُنهن جي بيان جي سچائي هرهڪ حالت ۾ لاڳو ٿي سگهي ٿي؟ سنڌيءَ ۾ اهڙن ڪُجهه پهاڪن جا مثال هن ريت آهن:

  • ڪِن سان ڪِن ڪونه ڌوپندو. (جيڪڏهن ڪو بُرائي ڪري ٿو يا خراب هلت ڪري ٿو، ته ساڻس ساڳي هلت ڪرڻ سان هوُ سڌري نه سگهندو.)

ٻئي طرف اِن جي اُبتڙ ويچارن وارا پهاڪا به ملن ٿا. جيئن ته: جهڙي سان ٿجي تهڙو يا لُچ سان لُچ ٿي ملجي. (يعني جيڪڏهن ڪو ڏنگو ٿو هلي ته توهان به ساڻس اُنهيءَ طرح هلت ڪري کيس سبق سيکاريو.)

  • پُڇڻا نه مُنجهڻا. (مطلب ته ٻين کان پُڇي ڪري ڪم ڪبو ته مونجهارو نه ٿيندو.)

جيترو پڇندين، اوترو منجهندين. (هيءُ پهاڪو ماڻهوءَ کي اشارو ڏئي ٿو ته هُن کي پنهنجي سمجهه سان ڪم ڪرڻ گهرجي. هو جيترو ٻين کان صلاح وٺندو اوترو ئي منجهي پوندو. ڇاڪاڻ ته سڀ ڪو هُن کي پنهنجي پنهنجي عقل موجب صلاح ڏيندو ۽ ڪم ۾ مونجهه پوندي.)

ٻُڌجي سڀ ڪنهن جي، ڪجي پنهنجي. (سڀ ڪنهن کان راءِ وٺڻ گهرجي، پر پوءِ پنهنجي عقل سان سوچجي ته ڪهڙي واٽ صحيح آهي ۽ اُن موجب هلت ڪجي.)

  • جيڪي چُلهه تي، سي دل تي. (جيڪي پاڻ ۾ گڏ رهن ٿا اُهي هميشه ياد رهن ٿا ۽ انهن ۾ سڪ ۽ پريت سدائين قائم رهي ٿي.)

دورباش، خوش باش (گڏ رهڻ سان هميشه جهڳڙي ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي، ان ڪري هڪ ٻئي کان پري رهجي، ته اُنهيءَ ۾ خير ۽ امن قائم رهي ٿو.)

  • ٻه ڀائر ٽيون ليکو. (واپار ۾ سڀني کي پنهنجو حساب ڪتاب صاف رکڻ گهرجي.)

شريڪت ۾ مريڪت ڇاجي؟ (مطلب ته ڀائيواري يا ڌنڌي واپار جي وهنوار ۾ لحاظ ڇاجي لاءِ ڪجي؟) پر انهيءَ جي اُبتڙ ٻي چوڻي آهي- ڀائرن ڪهڙا ليکا؟ (يعني پنهنجپائيءَ ۾ ڏي- وٺ يا حساب ڪتاب رکڻ جي ضرورت نه آهي.)

  • مهمان اچن وڏ ڀاڳين گهر يا مهمان آهن ڀڳوان جو روپ. پر ٻئي طرف چوڻي آهي؛ اَويلو مهمان پَٽائي پاڻ.

اِن طرح انهن مثالن مان ظاهر آهي ته پهاڪن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي جي خلاف ويچار نظر اچن ٿا. اِنهيءَ حالت ۾ سوال ٿو اُٿي ته پهاڪن ۾ ڪيتري قدر سچائي آهي.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پهاڪا زندگيءَ جي آزمودن تي ٻڌل آهن. زندگيءَ جي راهه ته تضادن ۽ الڳ الڳ تجربن سان ڀريل آهي. ڪڏهن انسان ڏسي ٿو ته زندگيءَ ۾ آخرڪار سچائيءَ جي جيت ٿئي ٿي. ان تي هو چوي ٿو ته سچ ته بيٺو نچ، پر ٻئي طرف هوُ اهڙا به مثال ڏسي ٿو، جتي سچائيءَ جي راهه تي هلندڙ ماڻهن کي مصيبت جو منهن ڏسڻو ٿو پوي. اهڙيءَ حالت کي محسوس ڪري چوي ٿو ته، اکرُ نه کَٽي، مڪرُ کَٽي.

اِنهيءَ مان ثابت آهي ته پهاڪن جي سچائي ڪا عالمگير سچائي نه آهي، جيڪا هر وقت، هر ملڪ ۾ ۽ هر حالت ۾ لاڳو ٿي سگهي. هڪ ئي حقيقت جو عڪس جدا جدا ڪُنڊن تان الڳ الڳ نظر اچي ٿو. ساڳيءَ طرح پهاڪن ۾ بيان ڪيل سچائي پوريءَ حقيقت جو ڪو هڪ خاص پهلو پيش ڪري ٿي. انهيءَ ڪري پهاڪن جو سچ اخلاقي نقطهِ نگاهه کان صحيح آهي. اُهو ترڪ تي ٻڌل مڪمل سچ نه آهي. جيون جي حقيقتن جا ماپا ۽ ماڻ اسين ڳڻپ جي اصولن مطابق مقرر نه ٿا ڪري سگهون. اهي ته جدا جدا حالتن ۾، الڳ الڳ زمان ۽ مڪان جي لحاظ بدلجندا ٿا رهن. اِن ڪري پهاڪن جي بيان ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪٿي تضاد يا الڳ الڳ رايو ملي ٿو ته اُهو سُڀاويڪ آهي.

2.6 پهاڪا ۽ ٻيا سُخن

هتي پهاڪن ۽ اُنهن سان مشابهت رکندڙ ٻين سُخنن جي وچ ۾ فرق ڏيکارجي ٿو:

(1) پهاڪو ۽ حوالو:

وڏن شاعرن جي شعر جون ڪجهه تُڪون ۽ ليکڪن جون ڪجهه سِٽون اڪثر بيان ۾ حوالي طور ڪتب آڻجن ٿيون، جيئن ته:

  • وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل،

ــــــ

حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻيءَ مَ ڀُل. (شاهه)

ــــــ

  • پڙاڏو سو سڏُ، ورُ وائيءَ جو جي لهين. (شاهه)

شاهه لطيف جي ڪلام مان اهڙيون سِٽون جيڪڏهن بيان ۾ ڪتب آڻبيون ته اُهي حوالا چئبا، جيڪي پنهنجي ڳالهه جي پُٺڀرائيءَ لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن. اِهي پهاڪن کان اِن ڳالهه ۾ الڳ آهن ته انهن جي رچيندڙن جي ڄاڻ آهي، پر ٻئي طرف پهاڪو اصل ۾ ڪنهن سِرجيو آهي، اهو گهڻو ڪري معلوم نه هوندو آهي. ٻيو ته اِهي سِٽون پهاڪن وانگر روزاني زندگيءَ جي شخصيءَ آزمودن تي بيٺل نه آهن. اِنهن ۾ اونهي فلاسافي سمايل آهي، جيڪا عام طور پهاڪن ۾ نه هوندي آهي. ٽيون ته عام ماڻهن ۾ ڦهلاءُ جيڪو هرهڪ پهاڪي جي لازمي وصف آهي، اُها پڻ اِنهن ۾ نه ٿي ملي. اِنهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته شاهه جي ڪلام جون ٻيون ڪيتريون ئي سٽون عوام ۾ عام هئڻ جي ڪري پهاڪي جو درجو حاصل ڪري چڪيون آهن. مثال طور:

  • ڏُک سُکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏُکن ري،

ـــــ

  • تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وِهڻ جي.

ـــــ

  • ڏات نه آهي ذات تي، جو وَهي سو لَهي.

(2) پهاڪو ۽ سڌانت سوُتر (فڪري/ عقلي سُخن):

سنتن مهاتمائن جون نصيحتون ۽ ڏاهپ ڀريا نُڪتا پڻ پهاڪن کان الڳ آهن. جيئن ته:

  • علم اِنسان جي ٽين اک آهي.
  • خلقڻهار سچ ۽ سنسار ڪوڙ يا وهم آهي.
  • روح لافاني آهي ۽ جسم فاني آهي.

اهڙا ٻول چاهي لوڪ ۾ مشهور به ٿي وڃن، ته به اُنهن جو واسطو ڄاڻ ۽ دماغي ورزش سان آهي. اِهي عام لوڪن جي اُپج نه آهن ۽ نه ڪي روزاني زندگيءَ ۾ شخصي آزمودن تي بيٺل آهن. اِن ڪري اهڙا اصولي قاعدا سُخن ۽ ٻول پهاڪا نه ليکبا آهن.

(3) پهاڪو ۽ ٽوٽڪو يا لطيفو:

پرمانند ميوارام جي ڪتاب ”دلبهار“ ۽ ڪيول رام سلامت راءِ جي ڪتاب ”گل شڪر“ ۾ گهڻيئي ٽوٽڪا ۽ لطيفا گڏ ڪري ڏنا ويا آهن، چاهي ڪو ٽوٽڪو ٻن يا ٽن سِٽن جو ڇونه هجي، پر اهو پهاڪو نه ٿو لکجي، ڇاڪاڻ ته اُن ۾ ايڪائي وصف نه آهي. يعني اهو ڪنهن هڪ مقرر شڪل ۾ عوام ۾ نٿو دُهرايو وڃي. ٻيو ته اهڙن لطيفن ۽ ٽوٽڪن جو مکيه مقصد چرچو گهٻو ڪرڻ ۽ وندر سان گڏ نصيحت ڏيڻ هوندو آهي.

(4) پهاڪو ۽ پرولي:

پهاڪن وانگر پروليون به عوام ۾ مشهور ۽ ننڍڙي شڪل ۾ واريون ٿينديون آهن، پر ٻنهيءَ جي مقصد جي وچ ۾ گهڻو فرق آهي. پهاڪا عام ماڻهن جي روزاني زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل آزمودن جو اظهار آهن. پرولين ۾ پڻ اِها وصف ملي ٿي، پر اُنهن جو مقصد ٻئي جي سهج فطري ڄاڻ جي پرک لاءِ دماغ کان ڪم وٺڻو پوندو آهي. روزاني زندگيءَ ۾ جڏهن پهاڪا پنهنجي ڳالهه جي پُٺڀرائي وغيره لاءِ ڪتب آڻجن ٿا، تڏهن پروليون ٻين کي سلڻ لاءِ ڏجن ٿيون. پرولين جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:

  • سوڙهي گهٽيءَ مان نانگُ لنگهائي ڏئي (اُبداڻي ۾ اَڳٺُ)
  • ماءُ ڄائي نه آهي ته پُٽُ ڪوٺو ٿو ٽپِي (باهه کان اڳ دُونهون نڪرڻ)
  • جيئن ڇڪ تيئن ننڍي ٿئي (ٻيڙي)
  • هيڏڙي، تِر جيڏڙي، وڏن جا ٿي پٽڪا لاهي. (جُونئن)
  • مڙس ٽنگيو پيو آهي زال پئي گهُمي. (ڪُلف ۽ ڪنجي)

2.7 پهاڪو ۽ محاورو يا اصطلاح:

’محاورو‘ ۽ ’اصطلاح‘ ٻئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن، جيڪي فارسيءَ ۾ به ڪتب ايندا آهن. اِهي لفظ پوءِ اُردو، هندي، سنڌي، پنجابي، ڪشميري ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ عام ٿي ويا آهن. ’محاورو‘ لفظ جو عربيءَ ۾ اُچار آهي، ’محاورت‘. اِهو ’حاور‘ يا ’حوَر‘
فعل مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب آهي-موٽائڻ، ورندي ڏيڻ. پوءِ اِنهيءَ جي معنيٰ ۾ تفصيل ٿي ويو آهي. پلاٽس اِنهيءَ لفظ جون اُردو- هندي ڊڪشنري ۾ معنائون ڏنيون آهن: (1) گفتگو، ڳالهه- ٻولهه (2) اصطلاح، لفظي ميڙ، عام ٻول- چال جو طريقو (3) ٻوليءَ ۾ استعمال، (4) روايت، پرمپرا، عادت.

جامع سنڌي لغات ۾ ’محاوري‘ لفظ جون معنائون هن ريت ڏنل آهن: محاورو= جمع ’محاورا‘ (مذڪر) = هُن ورائي چيو- (عربيءَ ۾ بنياد - حور). گفتگو= ٻول - چال، ڳالهه- ٻولهه، سوال جواب. علم نَحوَ جُملو ٺهڻ موجب اهو جملو، جنهن جي لفظي معنيٰ هڪڙي هجي ته ڪنايتاً (لاڪشڻِڪ) معنيٰ ٻي هجي. جيئن ته: اکيون پورڻ = بي شرم ٿيڻ، مرڻ، وغيره. اصطلاح = ورجيس.

پهاڪو ۽ محاورو ٻئي بيان ۾ اکري معنيٰ بدران ٻئي گهربل معنيٰ ۾ ڪتب ايندا آهن. پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته پهاڪو پورو جملو هوندو آهي ۽ محاورو جملي جو هڪ حصو هوندو آهي. محاورو جملي ۾ جدا جدا زمان موجب پنهنجي صورت بدلائي ڪتب ايندو آهي. پر پهاڪي جي رچنا ۾ ڪابه تبديل نه ٿيندي آهي. اهو بيان ۾ هڪ الڳ جملو يا واڪيه وانگر استعمال ڪيو آهي.

2.8 محاورو ۽ ورجيس:

محاورو يا اصطلاح معنيٰ جي لحاظ کان ورجيس کان الڳ آهي. حقيقت ۾ ورجيس اهڙو استعمال آهي، جيڪو لفظي معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندو آهي، پر اهو ڪنهن خاص شڪل ۾ مروج ٿي ويندو آهي، جنهنڪري ٻين سوُتر پريوگن (مقرر بيهڪ استعمال ڪرڻ جي قاعدي) وانگر اُن کي به ايڪائي وصف حاصل ٿي ويندي آهي. مطلب ته اُن جي شڪل ۾ اسين پنهنجي مرضيءَ مطابق ڦيرگهير نٿا ڪري سگهون. اردوءَ جي عالمن اهڙن استعمالن کي ”روزمرهه“ يا ”بول چال“ جو نالو ڏنو آهي. مثال طور: ’ائين ڀڳو، جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ‘ هڪ ورجيس آهي، جيڪا لفظي معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندي آهي. هوُ اهڙو ڪُڇي، جهڙي ڀِت، به هڪ ورجيس آهي. محاوري وانگر ورجيس جملي جو هڪ حصو آهي، پر اِها لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ايندي آهي. ٻئي طرف محاورو بيان ۾ لفظي معنيٰ ڇڏي ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنيٰ ڏيندو آهي. اُها ٻي معنيٰ لڪشڻا يا وينجنا ذريعي ملندي آهي. اُهائي بيان ۾ گهربل معنيٰ هوندي آهي.

’ورجيس‘ لفظ جا سنڌيءَ ۾ ٻيا اُچار آهن- وَرَجَس، وَرَجَ. ’جامع سنڌيءَ لغت‘ ۾ اِنهن جون معنائون ڏنل آهن-

- ورج= رسم رواج، دستور، هلت، رهڻي- ڪرڻي، ريت، پرويز، پر، هِلي- چلي، مرجاتا، وتيرو، حالت، عادت، هير، ورد، محاورو، اِصطلاح وغيره.

’ورجيس‘ جون پڻ ساڳيون ئي معنائون ڏنل آهن. ورجيس جو سنسڪرت ۾ بنياد آهي. وَرت يا ورِت ڌاتو. اُن جون معنائون گهڻيئي آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن- هُئڻ، ٿيڻ، ڪرڻ، موٽڻ، (ڀيٽو سنڌي فعل ورجائڻ) گذر ڪرڻ، رِواج ۾ هئڻ. اِن مان اِسم ٺهيل آهي- ’وَرت‘ جيڪو لفظن جي خاص استعمال يا طاقت لاءِ به استعمال ڪبو آهي. وَرج - وَرَجَس- ورجيس پڻ اهو استعمال آهي جيڪو ڪنهن ٻوليءَ جي رواج ۾ مشهور آهي ۽ بار بار ساڳئي نموني دُهرايو وڃي ٿو.

انگريزيءَ ۾ محاوري ۽ ورجيس کي گڏي Idiom سڏبو آهي. اُن جون ٻيون به گهڻيئي معنائون آهن.

سنسڪرت ۾ محاوري يا اصطلاح لاءِ ڪو خاص الڳ هم- معنيٰ ٽيڪنيڪي لفظ اڃا ڪونه ٿو ملي. انهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته ان ٻوليءَ جي محاورن اهڙن استعمالن کي شبد- شڪتي (لفظن جي طاقت) جي اندر سمجهايو آهي. انهيءَ ڪري هنديءَ ۾ توڙي ٻين ڪِن ٻولين ۾ ماهرن محاوري، اصطلاح ۽ ورجيس جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪي خاص ٽيڪنيڪي لفظ گهڙيا آهن. جيئن ته: واڪ پد ڌَتِ واڪ ريتِ، واڪ وهنوار، واڪ سپردايه، واگ ريتِ، واگڌارا وغيره. پر اهڙن لفظن جو گهڻو ڦهلاءُ ٿي نه سگهيو آهي، هنديءَ ۾ عام طور ’محاورا‘ لفظ ئي اهڙن
’سوُتر پريوگن‘ (مقرر ڪيل قاعدي موجب استعمال) لاءِ ڪتب ايندو آهي.

2.9 پهاڪي، محاوري ۽ ورجيس ۾ فرق:

پهاڪي ۽ محاوري جي شڪل ۽ خاصيتن تي اڃا تائين جيڪو ويچار ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان ظاهر آهي ته پهاڪو ۽ محاورو ٻئي ٻوليءَ جا اهڙا ’سوُتر پريوگ‘ (مقرر ڪيل قاعدن موجب استعمال) آهن، جيڪي لفظي معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻيءَ گهربل معنيٰ ڏيندا آهن. اِنهن ٻنهي جي استعمال ڪرڻ سان ٻولي دلڪش، نزاڪت ڀري ۽ اثرائتي بڻجي پوي ٿي، پر ٻنهيءَ جي وچ ۾ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ فرق آهي، جيڪو ٿوري ۾ هيٺ ڄاڻائجي ٿو:

  • پهاڪو هڪ الڳ پورو جملو يا جملن جو ايڪو هوندو آهي، پر محاورو هميشه ڪنهن جملي جو جزو هوندو آهي، جيئن ته ”انڌن ۾ ڪاڻو راجا“، ”مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانه، ڳئون کي چوي، هَل ڙي پُڇ ڪاري“ پهاڪا آهن. پهرئين پهاڪي ۾ هڪ جملو آهي، ۽ ٻئين پهاڪي ۾ ٽي جملا آهن. ڪجهه ٻيا مثال هن ريت آهن:
  • ساهڙين جي واتان اها ڳالهه ٻُڌي ڪملا پاڻي پاڻي ٿي ويئي.
  • رام داس اٿيئي ٻگهُلو ڀڳت کانئس خبردار رهجانءِ.

انهن مثالن ۾ ’پاڻي پاڻي ٿي ويئي‘ ۽ ’ٻگهلو ڀڳت‘ محاورا آهن، جيڪي جملن جو ئي هڪ حصو آهن.

  • پهاڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه لفظ هوندا آهن، جيئن ته: قرض مرض، پر محاورو هڪ لفظ وارو به ٿي سگهي ٿو. جيئن ته ڪنهن ڇوڪريءَ کي چئجي: ”گڏهه! هيڏانهن ڌيان ڏي.“ ته هن جملي ۾ ’گڏههُ‘ لفظ محاورو آهي، جيڪو پنهنجي لفظي معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ۾ ڪتب آيو آهي. ساڳيءَ طرح: ”هوُ ريشما تي مئو ته اگرُ نگرُ مٿس لُٽائي ڇڏيائين“. انهيءَ مثال ۾ ’مرڻ‘ فعل جو مطلب آهي. فدا ٿيڻ، موهِتُ ٿيڻ. اِن ڪري اهو به هڪ محاوري جو استعمال آهي.
  • پهاڪو نثري جملي، گفتگو، سوال جواب، بيت وغيره جي صورت ۾ به ٿي سگهي ٿو، پر محاورو پنهنجي اصلي شڪل ۾ گهڻو ڪري مصدر ۾ ختم ٿيندو آهي. جيئن ته:
  • پيءُ سندس پيهوُن ڪُٽيون، ڏاڏي سندس ڌاڻا،

اڳي پڇيائون ٿي ذات پات، هاڻي پڇن ٿا ناڻا.

  • ’گڏُ‘! چي ’جيءُ سڏِ‘.

پر ’وات ۾ مُڱ پوڻ،‘ ’ٻانهون ڊگهيون هئڻ‘ محاورا آهن، جيڪي جملي ۾ ڪتب اچڻ کان اڳ پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ مصدر ۾ ختم ٿي وڃن ٿا.

  • بيان ۾ پهاڪو ڪنهن ڳالهه جي پٺڀرائي يا رد لاءِ هڪ مثال وانگر جدا ايڪي جي شڪل ۾ استعمال ٿيندو آهي. پر ٻئي طرف محاورو جملي جي بيهڪ ۾ جدا جدا شڪلين ۾ ڪتب ايندو آهي. جيئن ته:

پهاڪو: انگريز هندستان ۾ آيا واپاري بڻجي، پر هندستانين جي ڦوٽ جو فائدو وٺي هتي حاڪم بڻجي ويٺا. ”آئي ٽانڊي کي، بورچياڻي ٿي ويٺي.“

محاورو: پيٽ تي لت ڏيڻ (روزگار کسڻ، ڪمائي کسڻ). اِهو محاورو جڏهن ڪنهن جملي ۾ استعمال ڪبو ته اِهو جدا جدا روپ اختيار ڪري سگهي ٿو. جيئن ته:

  • پيٽ تي لت ڏنائينس.
  • هِن جي پيٽ تي لت نه ڏي.
  • هوُ تنهنجي پيٽ تي لت ڏيندو.
  • ڪنهن غريب جي پيٽ تي لت ڇوٿا ڏيو؟
  • پهاڪا، بيان ۾ ڪتب نه اچڻ تي به پنهنجي ليکي پوري معنيٰ جو اظهار ڪندا آهن. ٻئي طرف، محاورا گهڻو ڪري بيان ۾ استعمال ٿيڻ بعد پنهنجي گهربل معنيٰ ظاهر ڪن ٿا. جيئن ته: گڏههُ (بيوقوف، مورک)، مرڻ (فدا ٿيڻ) وغيره جڏهن بيان ۾ ڪتب آڻبا، تڏهن اُنهيءَ جي حوالي سان ٻڌائي سگهبو ته اِهي لفظ لفظي معنيٰ ۾ آهن يا اُنهن جي اصطلاحي معنيٰ گهربل آهي.
  • پهاڪا گهڻو ڪري سياڻپ جا سُخن ۽ نصيحت ڀريا گُفتا آهن، جيڪي اِنسان جي زندگيءَ جي رهنمائي ڪن ٿا. ٻئي طرف، محاورا فقط ڪنهن ڪم جي هئڻ، ٿيڻ وغيره جو نرالي ۽ اثرائتي نموني بيان ڪن ٿا. اُنهن جو گهڻو واسطو ٻوليءَ جي عبارت سان آهي.
  • ورجيس به محاوري وانگر جملي جو هڪ جزو هوندو آهي، پر اُها لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ايندي آهي. جيئن ته: ماستر موهن کان سوال پڇيو ته هو اهڙو ڪُڇي جهڙو ڀت. ورجيس چوڻيءَ جي وڌيڪ نزديڪ آهي، پر اُها لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ايندي آهي. مثال طور: سوڪ جي ڪري ستايل ماڻهن کي مدد ڪرڻي اٿيئي ته اُن ۾ دير نه وجهه. ”ترت دان، مها پُڃُ“.* هتي ’ترت..... پُڃُ‘ هڪ چوڻي آهي.
  • سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي وچ ۾ تفاوت نه لکيو ويندو آهي، پر باريڪ نظر سان ڏسجي ته چاهي ٻئي پورا جملا آهن، پر پهاڪو اکري لفظي معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندو آهي.

 

 

 

*  وڏي خير جو ڪم.