سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس

ڪتاب جو نالو سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس
ليکڪ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
سنڌيڪار / ترتيب ڦلومل ميگهواڙ، (نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين)
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-116-3
قيمت 350    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     544542   ڀيرا پڙهيو ويو

پنهنجي پاران


شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۾ ”انسائيڪلوپيڊيا آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ تي هلندڙ پروجيڪٽ جي هفتيوار گڏجاڻي هجي، پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه اسان سڀني ريسرچرز جي رهنمائي ڪرڻ دوران پنهنجي تمام گهڻين مصروفيتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ”ڪم تمام گهڻا آهن ۽ سڀئي اهم آهن، ان جي ڀيٽ ۾ وقت تمام گهٽ آهي پوري نٿو پوي.“ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي جو ڪتاب اسان کي ڏيکاريو ۽ چيو ته: ”هيءُ هڪ اهم ڪتاب مليو اٿم، جنهن کي ديوناگري مان سنڌيءَ ۾ اُلٿو (Transliteration) ڪرڻ چاهيان ٿي، پر ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن، وقت نه ملڻ سبب مشڪل سان ڪي ڏهه کن صفحا ڪري سگهي آهيان“ ۽ اچانڪ مون کان پڇيائين ته ”بابا! توهان کي هندي پڙهڻ اچي ٿي؟“ هندي ته مون ننڍپڻ ۾ ڪجهه قدر پڙهي هئي، مون کي خبر نه هئي ته اُها ننڍپڻ جي پڙهيل شيءِ جيڪا ائين ئي شغل ۽ مزي طور پڙهي هئم، انهيءَ جي اچانڪ ڪا ائين ضرورت پوندي. هڪو ٻڪو ٿي ويس ۽ ڪجهه قدر گهٻرائجي جواب ڏنم ته ”مئڊم! ٿوري گهڻي.“ اها ڳالهه ائين گذري وئي پر منهنجي ذهن ۾ انهيءَ ننڍپڻ جي سکيل علم جي اهميت جو ڏس ڏيئي وئي. گهر اچي هندي سکڻ جا ڪتابڙا ڏٺم، انهيءَ خيال سان ته ڪٿي وسري ته نه وئي آهي. ٿورو ذهن تي زور ڏيڻ سان پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. انهيءَ کان پوءِ ائين سوچيم ته ڊاڪٽر صاحبه کي ٽائيم ناهي ۽ آئون واندو ويٺو آهيان، ڇو نه اهو ڪتاب مئڊم کان وٺي آئون ئي الٿو ۽ ترجمو ڪريان. سو گذارش ڪرڻ کان اڳ ۾ ڏيڍ ٻه مهينا کن هنديءَ جا ڪتابڙا پڙهندو رهيس ۽ پنهنجو پاڻ کي انهيءَ ڪم لاءِ تيار ڪيم، مئڊم کان ڪتاب وٺي پڙهڻ شروع ڪيم اڃا انهيءَ مرحلي ۾ ئي هئس جو مئڊم سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن جي حيثيت سان حيدرآباد هلي وئي. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس ته پاڻ مونکي ان جا ڪجهه صفحا نموني طور ڪري اچڻ لاءِ چيائين. اٿارٽيءَ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جا وڏا وڙ جن منهنجي محنت کي قبول ڪيو ۽ اهو ڪم منهنجي حوالي ڪيو. سچ ته اهو منهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز هو.

ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي جي پي ايڇ. ڊي واري تحقيقي مقالي جي ديوناگري لپيءَ مان عربي- سنڌيءَ ۾ اُلٿو (Transliteration) ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڳالهه جو اندازو ٿيو ته اسان وٽ (سنڌ ۾) ٿيندڙ تحقيق ۽ سرحد پار ٿيندڙ تحقيق ۾ وڏو فرق آهي. اسان وٽ ٿيندڙ تحقيق سمنڊ وانگر صرف گهرائي رکي ٿي، جنهن جي اونهائي ۾ معنيٰ جا موتي آهن، پر هند ۾ ٿيندڙ تحقيق درياهه وانگر آهي، جنهن ۾ تازگي ۽ مٺاس آهي. هن تحقيق ۾ ڊاڪٽر روي پرڪاش جي محنت، محبت ۽ تپسيا جو ڪمال ته آهي ئي، پر سندس رهنما پروفيسر مُرليڌر جيٽلي جي علم ۽ عقل سان گڏ سچائي، سنجيدگي ۽ مستقل مزاجيءَ جي پروڙ پوي ٿي. هڪ اهڙو موضوع، جنهن تي ڪيترائي ائين چئي سگهن ٿا ته ’پهاڪا، پهاڪا ٿيندا آهن، انهن تي وري ڪهڙي پي ايڇ. ڊي‘، پر هن ڪتاب ۾ ٿيل تحقيق ڏسڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب کي دلي طرح داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، آئون صرف ايترو چوندس ته جيڪڏهن ڪنهن کي ’تحقيق‘ کي سائنس ثابت ڪرڻ لاءِ دليل کپي ته ڊاڪٽر روي پرڪاش جي انهيءَ مقالي جو مثال ڏيئي ڇڏي.

انهيءَ ڪم کي توڙ تائين پُڄائڻ ۾ منهنجي مدد ننڍڙي ڀيڻ خوشحالي ٻائي، ننڍڙن ڀائرن لجپت راءِ، کيمچند راءِ، تيرٿداس، پرمانند راءِ ۽ مڪيش ڪمار ڪئي، جن جو ٿورائتو آهيان. آئون پنهنجي استاد محترم ڊاڪٽر لؤنگ اميراڻي (آغا خان يونيورسٽي) ۽ استاد ۽ ماٺيڻي دوست ڊاڪٽر موهن ديوراج ٿونٽيا جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جن ڪن لفظن، لکڻين ۽ معنائن ۾ مدد ڪئي.

آخر ۾ آءٌ پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن نه صرف هيءُ اهم ڪم منهنجي حوالي ڪيو، بلڪه هر مونجهاري واري گهڙيءَ ۾ استاد بڻجي همت افزائي ڪئي، آءٌ پنهنجن انهن سڀني استادن جو پڻ تهه دل سان شڪرگذار آهيان، جن پرائمري کان وٺي هيستائين منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ نه صرف علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هلڻ سيکاريو، پر زندگيءَ جي ذاتي مسئلن ۾ پڻ مددگار رهيا ۽ همٿائيندا رهيا. آءٌ پنهنجو هي علمي پورهيو کين منسوب ڪريان ٿو. الله کين صحت ۽ وڏي عمر بخشي. (آمين).

”ٿورا مَ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.“

 

ڦلومل ميگهواڙ