سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس

ڪتاب جو نالو سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس
ليکڪ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
سنڌيڪار / ترتيب ڦلومل ميگهواڙ، (نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين)
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-116-3
قيمت 350    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     544528   ڀيرا پڙهيو ويو

تعارف


ڀارت ۾ ڄاول نوجوان پيڙهيءَ جا سنڌي ٻار اڪثر پنهنجي ٻوليءَ جي، ادبي ۽ ثقافتي وراثت کان ڏينهون ڏينهن ڪٽبا پيا وڃن. اِهو ڏسي من ۾ گهڻي پيڙا محسوس ڪندو آهيان. مان به اُنهن نوجوان سنڌين مان هڪ آهيان، پر منهنجي حالت ڪي قدر نرالي آهي. منهنجو جنم 1967ع ۾ اُتر پرديش جي فيض آباد نالي شهر ۾ ٿيو. دستوري طريقي سان اسڪول ۾ پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ جو اڀياس ڪري نه سگهيس. شهر ۾ آس پاس جو ماحول، هندي ٻوليءَ جو هو، جنهن جو گهڻو اثر پوڻ لازمي هو، پر اهڙي ماحول ۾ رهندي به پنهنجي گهر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سلامت هئي. ماءُ پيءُ ۽ ڪٽنب جي وڏن ڀاتين ننڍي هوندي کان وٺي جيڪا سنڌيت جي سُتي اسان ٻارن کي پياري، تنهن اسان ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ، تهذيب ۽ ثقافت سان چاهه رکڻ جو جذبو ۽ اُمنگ قائم رکيو. مون کي اَڄ به ياد آهي ته فيض آباد شهر ۾ رهندڙ سنڌي ماستر شري رامچندر مون کي ننڍپڻ ۾ عربي- سنڌي اکر سيکاريا ۽ دعا ڪيائين ته مون جيڪا ڪُني چاڙهي آهي، تنهن جو ڍَڪُ تون لاهيندين. تنهن وقت مان اِها ڳالهه سمجهي ڪونه سگهيو هوس. ماستر صاحب وٽ سنڌي پڙهڻ لاءِ موڪلڻ جو شرف منهنجي صوفي صفت بابا ڊاڪٽر ڪرم وير ٽيڪچنداڻي جن کي آهي. هو پڻ سکر ۾ اُنهيءَ ماستر وٽ پڙهيو هو. اِن ريت خوش قسمتيءَ سان مان پنهنجي بابا سائينءَ جو اُستاد- ڀائي پڻ ٿي ويس. شهر جي سنڌي پنچائت به وڏن ڏڻ - وارن ۽ تهوارن تي پروگرام رکي سنڌيت کي زندهه رکندي آئي هئي. اِنهن ڳالهين منهنجي من ۾ پنهنجي ٻوليءَ جي وڌيڪ اڀياس ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو، ته اُن سان گڏ پنهنجيءَ ثقافتي روايت کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ لاءِ جستجو به جاڳائي.

ننڍي هوندي کان وٺي گهر ۾ ماءُ پيءُ ۽ ٻين کان پهاڪا ۽ چوڻيون اڪثر ٻڌندو رهندو هوس. گفتگوءَ جي حوالي ۾ اُنهن جو مطلب سمجهه ۾ اچي ويندو هو. جيڪڏهن ڪو پهاڪو سمجهه ۾ نه آيو ته اُن جو مطلب پڇڻ ۾ پٺتي نه پوندو هوس. اِن طرح ٻوليءَ جي اِنهن ننڍن ننڍن عام فقرن طرف منهنجو خاص ڌيان ويو ۽ اُنهن جو وڌيڪ اڀياس ڪرڻ جو چاهه پيدا ٿيو. ايم. اي (سنڌي) جي اڀياس دوران به سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن جي پيڙهه ۽ اُنهن ۾ لڪل سماجي حالتن کي سمجهڻ طرف وڌيڪ ڌيان ڏيندو هوس. سنڌيءَ ۾ جيڪي پهاڪن ۽ محاورن جا مجموعا هئا، اُهي سڀ پاڻ وَٽ گڏ ڪري، اُنهن جو اڀياس ڪيم. 1993ع ۾ جڏهن ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“ جي عنوان سان سنتداس پنهون مل ڪِشِناڻي ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو وڏو ڪوش ڇپيو ته اُهو به خريد ڪري اُن جو اڀياس ڪيم. اُن جي تنقيدي تمهيد مانُ واري ڊاڪٽر جيٽلي جي لکيل هئي، جنهن منهنجو ڏانهس ڌيان ڇڪايو. اُن جي پڙهڻ سان ڄڻ ته مون کي نئون دڳ ملي ويو. فطري طور من ۾ سوال پيدا ٿيو ته ڇا اِن موضوع جو اڃا به وڌيڪ تفصيل سان اڀياس ڪري سگهجي ٿو؟ عقيدت ۽ عزت لائق پنهنجي اُستاد ڊاڪٽر جيٽلي صاحب کان پڇيم. جن هڪدم وراڻيو ته اِها تمهيد ته فقط هڪ روپ ريکا يا خاڪو آهي، اِن جو گهڻي تفصيل سان اڀياس ڪرڻ گهرجي. اِن تي پوءِ مون کي ڄڻ ته نئين روشني ملي ويئي. دل ۾ پڪو فيصلو ڪيم ته اِنهيءَ موضوع تي مان اڃا به وڌيڪ تحقيق ڪندس. سنڌي پهاڪا ۽ محاورا ڪوش جي اڀياس سان گڏ ٻين سنڌي پهاڪن کي گڏ ڪرڻ جي به شروعات ڪري ڇڏيم، جيڪي اُنهيءَ ڪوش ۾ داخل ٿيل نه هئا.

 

تحقيقي اڀياس لاءِ مواد

هن تحقيقي مقالي جي لاءِ جيڪي سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جا سنڌ ۽ هند ۾ ڇپيل سڀ ننڍا وڏا مجموعا مون پاڻ وٽ گڏ ڪيا آهن، اُنهن ۾ وڏي ۾ وڏو ڪوش آهي ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“، جنهن ۾ اٽڪل ڇهه هزار کن پهاڪا داخل ڪيل آهن.

اِنهن کان سواءِ ’جامع سنڌي لغات‘ (مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/ حيدرآباد، سنڌ)، ’سنڌي لوڪ ادب‘ (ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ) ۽ سنڌي ادب جي ٻين ڪتابن مان به سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون توڙي محاورا چونڊي گڏ ڪيا اَٿم.

اجمير، پوني، پنپري، اُلهاس نگر، بيراڳڙهه، سَتنا، ڪَٽني، لکنؤ، فيض آباد، آگري ۽ دهليءَ ۾ رهندڙ سنڌين سان ملاقاتون ڪندي به گهڻيئي اهڙا پهاڪا ٻڌم، جيڪي اڳين مجموعن ۾ داخل ٿيل نه هُئا ۽ نه ڪو مون وٽ درج ٿيل هئا. اِن ريت مون وٽ اٽڪل ڏهه هزار سنڌي چوڻيون ۽ پهاڪا گڏ ٿي ويا. هن تحقيقي اڀياس جو مکيه آڌار منهنجو اِهو گڏ ڪيل مواد آهي.

هن تحقيقي اڀياس جو دائرو

هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو تحقيقي اڀياس گهڻي ڀاڱي نه ڪيو ويو آهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ عبدالڪريم سنديلي ڪن چونڊ سنڌي پهاڪن جي بنياد تي روشني وجهندي ننڍڙا ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکي ڇپايا آهن، پر اُنهن ۾ سنڌي سماج، ثقافت وغيره جي ملندڙ عڪس جي اُپٽار ڪيل نه آهي. منهنجي نظر ۾ فقط هڪ ئي ڪتاب آيو آهي، جيڪو آهي ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس)‘. اِهو حقيقت ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا ڪوش‘ (گڏ ڪندڙ: سنتداس پنهون مل ڪشناڻي، ڇپائيندڙ: پي. وي. ڪشناڻي ٽرسٽ، پوني، 1993ع) مرتب ڪندي اُن ۾ تمهيد جي شڪل ۾ لکيو هو. پوءِ اِهو جدا ڪتاب جي روپ ۾ به شايع ڪيو ويو. اِن جي اهميت کي سڃاڻي، اِن جو مون ديوناگري لپيءَ ۾ اُلٿو (Transliteration) ڪري 1998ع ۾ ٻيو ڇاپو ڇپائي پڌرو ڪيو. اِن جو مقصد هو ته نوجوان سنڌين کي پنهنجي اِنهيءَ ٻوليءَ جي وراثت کان واقف ڪرائجي.

جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته اِنهيءَ ڪتاب ۾ تحقيقي اڀياس جو فقط هڪ خاڪو ڏنل آهي. اُن ۾ جدا جدا موضوعن جي تفصيلوار ڇنڊڇاڻ ۽ اُپٽار ڪيل نه آهي. اِنهيءَ ڪري سنڌي پهاڪن جي جدا جدا پهلوئن جو تفصيل سان اڀياس ڪرڻ لاءِ مون هيءُ موضوع چونڊيو.

هن تحقيقي مقالي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي مختصر واقفيت ڏيئي پوءِ پهاڪن جي اصولن جي پهلوئن (پهاڪن جي بيهڪ، وصف، اهميت وغيره) تي بحث ڪيو ويو آهي. هڪ جدا باب ۾ پهاڪن جي لسانياتي ۽ ادبي خصوصيتن جو تفصيل سان اڀياس ڪيو ويو آهي. سڀني کان وڌيڪ اهميت ڀريو پهلو آهي، پهاڪن جو سماجي ۽ ثقافتي لحاظ کان اڀياس ڪرڻ. انهيءَ تي گهڻي تفصيل سان بحث ڪيل آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي ٻين ٻولين جي پهاڪن سان به ڀيٽ ڪيل آهي. اِنهيءَ لحاظ کان ڏسبو ته هن تحقيقي مقالي ۾ انهيءَ موضوع تي شايع ٿيل اڳئين اڀياس جي ڀيٽ ۾ گهڻيئي نيون ڳالهيون ملنديون.

سنڌي پهاڪن جا مجموعا:

زباني روايت ۾ ته سنڌي پهاڪن جو استعمال تڏهن کان وٺي ٿيڻ لڳو، جڏهن کان وٺي سنڌي ٻولي ڏهين عيسوي صديءَ جي آس پاس اپڀرنش ۽ ٻين پاڙيسري ٻولين کان الڳ ٿي پنهنجو نرالو روپ ظاهر ڪيو. سنڌ جي مشهور صوفي سنتن ۽ شاعرن جي شعر جون ڪجهه سٽون به سندن ئي دؤر ۾ يا کانئن ٿورو عرصو پوءِ مشهور ٿي پهاڪن جي پد تي پهچي ويون. جيئن ته:

  • آسر ۾ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو. (شاهه لطيف)
  • تتي ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي. (شاهه لطيف)
  • مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اُپٽيءَ ته واءُ. (شاهه ڪريم)
  • جي پُڇڻا، سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير. (شاهه ڪريم)

سنڌ ۾ 1843ع ۾ انگريزن جي حڪومت برپا ٿيڻ کان اڳ جيڪو سنڌي ادب اسان کي لکيل شڪل ۾ هٿ آيو آهي، اُن ۾ به اسان کي پهاڪن جو استعمال نظر اچي ٿو. مثال طور؛ عبدالرحيم گرهوڙي (1778- 1738) جي ڪلام ۾ ڪي سنڌي چوڻيون قلمبند ٿيل ملن ٿيون.[1]

  • رِزق ڪنهن پر اچي، جيئن مينهنڙو وسي.
  • ٽُڪُ ڏنگڙي هلي، کڙا پاسِڙي جهلي.
  • ڪافر ڪُفر کان اُڪار، ڪارو گڏهه ڌوئي اُجار.

ٽالپرن جي دؤر جي خليفي محمود نظاماڻيءَ جي هڪ تصنيف ۾ به هڪ چوڻي ملي ٿي:

  • ڏڏو ڪجي، ڏيڪر ڪجي، هُو نه ڀڄي ته پاڻ اُٿي ڀڄجي.[2]

پر اِن ۾ شڪ نه آهي ته سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ ڇپائڻ جي شروعات انگريزن جي حڪومت سنڌ ۾ برپا ٿيڻ کان پوءِ ٿي. انهيءَ ڏِس ۾ پهاڪن جو پهريون مجموعو جيڪو هٿ آيو آهي، اُهو آهي، ’گل شڪر‘. جنهن جو لکندڙ آهي ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻي. هو ٽالپرن جو ملازم هو. پوءِ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، ته انهن وٽ مختيارڪار جي عهدي تي مقرر ٿيو. سنه 1864ع ۾ ڪنهن سردار جي چوڻ تي سنڌي پهاڪا گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. هن 27 آڪٽوبر 1869ع تي اربع جي ڏينهن اهو مجموعو لکي پورو ڪيو. ’گل شڪر‘ ۾ ڪُل 570 سنڌي پهاڪا گڏ ڪيل آهن. اُنهن جي معنيٰ سمجهائيندي ليکڪ هم- معنيٰ فارسي، هندي ۽ پنجابي پهاڪا به ڏنا آهن. ’گل شڪر‘
سنڌي نثر جي عبارت جي اڀياس کان هڪ عمدو ڪتاب آهي. آڏواڻيءَ اِهو ڪتاب پنهنجن ٻين ڪتابن ’گل‘ ۽ ’سوکڙيءَ‘ سان گڏ سرڪار جي تعليم کاتي کي ڏنو هو، پر اُهو ڪيترا ئي سال سرڪاري ڪٻٽن ۾ بند پيو هو. نيٺ ڪنهن سرڪاري عملدار جي نظر اُنهن تخليقن تي پيئي ۽ هُن ٽيئي ڪتاب سنه 1905ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا.

اڻويهين صديءَ ۾ ڇپائيءَ جي لحاظ کان ڏسجي ته سنڌي پهاڪن جو پهريون مجموعو ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرڻ جو شرف ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ (1916- 1844) کي آهي. هو سرڪار جي تعليم کاتي ۾ عملدار هو ۽ ٻارن جي لاءِ گهڻيئي درسي ڪتاب لکيائين. سال 1889ع ۾ ’سنڌي پهاڪا‘ نالي سان ننڍو مجموعو ڇپائي پڌرو ڪيائين. اِن ۾ لڳ ڀڳ 1200 سنڌي پهاڪا گڏ ڪري الف- بي وار ڏنا ويا آهن. اُنهن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي هن ڪانه ڏني آهي. اِنهيءَ باري ۾ هُو لکي ٿو ته: ”اصل هرهڪ پهاڪو ڪيئن چوڻ ۾ آيو ۽ ڪهڙي وقت ۾ ڪيئن ڪم آڻجي، اِنهن جي بيان ڏيڻ جو اِرادو هوم... پر اِئين ڪجي ها ته غريب غربو يا ڇوڪر ٻاڪر وٺي نه سگهن ها.“ اِن مان ظاهر آهي ته وٽس وڏو ذخيرو موجود هو، پر ڪتاب جي قيمت وڌي وڃڻ جي ڊپ کان پهاڪن جي اُپٽار ڪرڻ کان ڪنارو ڪيائين.

اڻويهين صديءَ ۾ روچي رام گجومل ڪرپالاڻي به سنڌي پهاڪن جو هڪ ڪتاب انگريزي معنيٰ ۽ هم- معنيٰ انگريزي پهاڪن سان گڏ 1892ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن جو نالو آهي: A Hand book of Sindhi Proverbs ڪتاب ۾ 800 کن پهاڪا ڏنل آهن. هن ڪتاب جا پنج کن ڇاپا شايع ٿيا آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اديب مرزا قليچ بيگ 1925ع ۾
”پهاڪن جي حڪمت“ نالي ننڍو ڪتاب ڇپايو. اِن ۾ جدا جدا ٻولين جا چونڊ پهاڪا ڏنل آهن. هڪ باب ۾ اٽڪل سنڌيءَ جا 800 کن پهاڪا الف- بي وار گڏ ڪري رکيا ويا آهن، پر انهن جي سمجهاڻي ڏنل نه آهي.

انهيءَ جي آس پاس سنڌيءَ جي ٻئي مشهور اديب ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ ”پهاڪن جي پيڙهه“ نالي هڪ مجموعو ڇپرائي پڌرو ڪيو. اُن ۾ هڪ سؤ ٻائيتاليهه پهاڪا ڏنل آهن. هرهڪ پهاڪي جي بنياد ۾ جيڪا ڪهاڻي يا واردات آهي، اُها به سمجهائي ويئي آهي. ڀيرومل هڪ ٻيو ڪتاب ’گلقند‘ نالي سان به سال 1928ع ۾ ڇپايو، جيڪو ٻن ڀاڱن ۾ آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ 912 سنڌي پهاڪا الف- بي جي ترتيب ۾ ڏنل آهن ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ 1450 سنڌي اصطلاح معنيٰ سان گڏ ڏنل آهن. پهاڪن واري ڀاڱي جي مکيه خاصيت اِها آهي ته ليکڪ ڪيترن هنڌن تي ساڳي مطلب وارا پهاڪا هڪ هنڌ تي رکيا آهن، جن ۾ پهريون پهاڪو الف- بي وار ڏنل آهي. ڀيرومل هن مجموعي ۾ هندي ۽ فارسي پهاڪا به ڪِن ڪِن هنڌن تي ڏنا آهن.

’گلقند‘ ڪتاب جا سنڌ ۽ هند ۾ ٻيا ڇاپا به ڇپيا آهن. ڀارت ۾ انهيءَ جو ديوناگري لپيءَ ۾ به هڪ ڇاپو دهلي يونيورسٽيءَ طرفان 1962ع ۾ شايع ڪيو ويو. جيئن ته اهو ڇاپو ناياب ٿي ويو، ان ڪري 1985ع ڌاري انهيءَ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو نوبل پرنٽرس، پوني طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڀيرومل جو لکيل هي ڪتاب گهڻن ئي امتحانن ۾ درسي ڪتاب طور مقرر ڪيو ويو آهي.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ لوڪ ادب جي مشهور محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي سنڌي پهاڪن جي اڀياس طرف گهڻو ڌيان ڏنو. هن جي لاڙو هرهڪ پهاڪي جي بڻ بنياد جي ڳولڻ طرف وڌيڪ هو. سال 1966ع ۾ سنديلي صاحب ”پهاڪن جي پاڙ“ نالي سان هڪ تحقيقي ڪتاب لکي شايع ڪيو. اُن ۾ هن اٽڪل هڪ سؤ سنڌي پهاڪن جي پاڙ سمجهائي آهي. سنديلي صاحب جي هن ڪتاب جو اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪجهه محاورا به شامل ڪري ڇڏيا آهن. جيئن ته:

  • تيسمار خان هئڻ.
  • پيٽ ۾ ڪوئا.
  • پيسا ئي پاڻيءَ ۾.
  • چانڊيا مگسي.
  • رام ڪهاڻي.

سنديلي پوءِ 1987ع ۾ ’اصطلاحن جي اصليت‘ نالي سان جدا ڪتاب به لکي ڇپايو.

هند ۾ به ڪن عالمن سنڌي پهاڪن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي سمجهائڻ طرف ڌيان ڏنو آهي. ’پهاڪن جي پاٻوهه‘ نالي سان سنڌي پهاڪن جو هڪ ڪوش تيرٿ داس پيسومل هاٿيراماڻيءَ ممبئي مان سن 1973ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اِن ۾ اٽڪل اڍائي هزار سنڌي پهاڪا معنيٰ سان گڏ ڏنل آهن.

سترام داس جُڙيا سنگهاڻي ’ساحل‘ ’دُرِن جي دٻلي‘ نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ سنڌي پهاڪن جو مجموعو سن 1982ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ ۾ ڪل 2771 سنڌي پهاڪا الف- ب موجب ڏنل آهن ۽ انهن جي معنيٰ به سمجهايل آهي. جئپور جي هڪ سنڌي عالم دادا موُرومل
’پهاڪن جي سوغات‘ عنوان سان هڪ سنڌي پهاڪن جو مجموعو ڇپايو آهي، جنهن ۾ اٽڪل 4500 سنڌي پهاڪا ڏنل آهن. هند ۽ سنڌ ۾ گذريل 50 سالن ۾ شاگردن جي ڏانوَ جا ننڍا ننڍا سنڌي پهاڪن جا مجموعا گهڻيئي ڇپايا آهن. انهن جي هتي اپٽار نه ڪئي وئي آهي.

وِشَوَناٿ دِنَڪر نروَڻي نالي مهاراشٽر جي هڪ عالم ’ڀارتيه ڪهاوت‘ جي عنوان سان ٽن ڀاڱن ۾ ڀارت جي ٻولين جي ڪهاوتن جو هڪ وڏو مجموعو ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جو پهريون ڀاڱو 1978ع ۾ ٻيو ڀاڱو 1979ع ۾ ٽيون ڀاڱو 1983ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ جي پهرين ٻن ڀاڱن ۾ موضوع موجب انهن ڀارت جي ٻولين جا پهاڪا ڏنا ويا آهن، جيڪي ٻوليون اُن وقت ڀارت جي جوڙجڪ ۾ تسليم ٿيل هيون. ٽئين ڀاڱي ۾ هرهڪ ٻوليءَ جا چونڊ پهاڪا ڏنا ويا آهن، هن مجموعي ۾ اٽڪل 2000 سنڌي پهاڪا به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي هندي ۽ انگريزي عنوانن سان گڏ لکي تيار ڪيا آهن. ڀارت جي ٻولين جي پهاڪن جو تقابلي (comparative) اڀياس ڪرڻ جي لحاظ کان هيءُ ڪتاب مددگار ثابت ٿيندو.

سنڌي پهاڪن جو وڏي ۾ وڏو ڪوش شايع ڪرڻ جو جس هند کي آهي. خبر نه آهي ته سنڌ ۾ اِن قسم جي لغات اڃا تائين تيار ڪري ڇونه ڇپائي ويئي آهي؟ پوني جي عالم سنتداس پيسومل ڪشناڻي پنجويهن، ٽيهن سالن کان سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح پئي گڏ ڪيا. اِن قسم جي ساڳي رٿا تي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به تحقيق جاري رکي هئي. ٻئي عالم ساڳئي شهر ۾ هئا ۽ هڪ ٻئي جا دوست هئا. پنهنجن گڏ ڪيل سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جا دستخط ڀيٽيائون ۽ اُهي گڏ ڪري سنڌي ’پهاڪا ۽ محاورا‘ نالي سان وڏو ڪوش پوني مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڇپائيءَ جو ڪم هلي رهيو هو ته بزرگ عالم سنتداس لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس ساٿي ڊاڪٽر جيٽلي اُن رٿا کي عملي جامو پهرايو ۽ اُن ڪوش جي تڪميل جي جوابداري نڀائي.

منهنجي هن تحقيقي مقالي جو مکيه آڌار اِهو ڪوش آهي، اِن کان سواءِ اٽڪل 4000 کن ٻيا سنڌي پهاڪا به مون پنهنجي ليکي گڏ ڪيا آهن، جيڪي هن ڪوش ۾ داخل ڪيل نه آهن. اِن مان ظاهر آهي ته اٽڪل 10000 سنڌي پهاڪن جي آڌار تي مون هن موضوع جو تحقيقي اڀياس ڪيو آهي.

هن تحقيقي مقالي جي رٿا:

هن تحقيقي مقالي ۾ سنڌي پهاڪن جو اڀياس پنجن بابن ۾ ورهائي پيش ڪيو ويو آهي:

پهرئين باب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ارتقا، لساني خصوصيتن، سنڌيءَ جي لهجن جي مختصر ڄاڻ ڏنل آهي. آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد ۽ سنڌيءَ ۾ ٿيندڙ لساني تبديليءَ جو ٿورو بيان ڪيل آهي. پهاڪا ۽ چوَڻيون سنڌي ثقافت جو هڪ حصو آهن. اِن ڪري هن باب جي آخر ۾ سنڌي لوڪ ثقافت جي شڪل ۽ اُن جي خوبين جي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي.

ٻئي باب ۾ پهاڪن جي وصف، اشتقاقن ۽ خصوصيتن جو بيان ڪندي انهن جي ڀيٽ ٻوليءَ جي ٻين ڪن فقرن سان ڪئي ويئي آهي. انهن ۾ خاص طور پهاڪي، چوڻيءَ، محاوري ۽ ورجيس جي وچ ۾ تفاوت سمجهايل آهي.

ٽئين باب ۾ پهاڪن جي جنم، ارتقا ۽ انهن جي وياڪرڻ جي جدا جدا اصولن تي بحث ڪيل آهي.

چوٿين باب ۾ لسانيات جي اصولن جي آڌار تي پهاڪن جي ٻوليءَ جي بيهڪ يا تخليق تي ويچار ڪيل آهي، پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ٻوليءَ جا اهڙا لفظ ۽ وياڪرڻي فقرا محفوظ ٿيل آهن، جيڪي اڄڪلهه ٻوليءَ جي ٻئي واهپي ۾ نه ٿا اچن. اِن ڪري ٻوليءَ جي قديمي شڪل کي سمجهڻ لاءِ پهاڪن جو اڀياس گهڻي اهميت رکي ٿو. هن باب ۾ شاعريءَ جي مکيه اصولن جي آڌار تي پهاڪن جي هيئت تي به بحث ڪيل آهي. اِن ۾ لفظ جي معنيٰ، سينگار، تُڪ، لئه ۽ ڇند رچنا مکيه آهن.

پنجون باب پهاڪن جي سماجي ۽ ثقافتي اڀياس سان واسطو رکي ٿو. حقيقت ۾ ڏسجي ته ’ثقافت‘ لفظ ۾ ڪنهن لساني سماج جا اندروني توڙي ٻاهريان سڀ پهلو شامل آهن. اِن ڪري انهن کي جدا جدا موضوعن هيٺ ورهائي، پهاڪن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. اِن موجب هن باب جا مکيه موضوع هيٺينءَ ريت آهن:

  • سنڌ جي تاريخ
  • سنڌ جي جاگرافي
  • وڻ پکي ۽ جيت جڻيا
  • زراعت ۽ کاڌا پيتا.
  • سماجي سرشتو ۽ حالتون.
  • عام لوڪن جي زندگي.

انهن کان سواءِ ٻين به ڪن متفرقه موضوعن تي چونڊ پهاڪا ڏنل آهن. پهاڪن جي دنيا جون ڪي به مقرر حدون نه آهن. پهاڪا سماج، تهذيب ۽ ثقافت ۾ عام ماڻهن جي سوچ ويچار جي جدا جدا پهلوئن سان واسطو رکن ٿا. انهن جو اسين چاهي ڪيترو به تفصيل سان اڀياس ڇونه ڪريون، اُن هوندي به ڪي نه ڪي ڳالهيون رهجي وينديون.

هن تحقيقي مقالي ۾ ڪوشش ڪري سڀني اهم موضوعن تي مشتمل پهاڪا گڏ ڪري اُنهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. اميد آهي ته منهنجي هي تحقيقي ڪوشش عالمن ۾ قبول پوندي.

 

روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي

 

[1]  الانا، غلام علي، سنڌي نثر جي تاريخ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سنڌ (ٻيو ڇاپو) 1978، صفحو 9.

[2]  الانا، غلام علي، سنڌي نثر جي تاريخ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، سنڌ (ٻيو ڇاپو) 1978، صفحو 9.