ڪتاب جو نالو | سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي |
سنڌيڪار / ترتيب | ڦلومل ميگهواڙ، (نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين) |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-116-3 |
قيمت | 350 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 543192 ڀيرا پڙهيو ويو |
3.1 پهاڪن جو جنم:
ڪنهن ٻوليءَ جا پهاڪا اُن جي قديم ادب کان به آڳاٽا ٿين ٿا. ٻوليءَ جي پيدائش جي تاريخ تي لکي سگهون ٿا، پر پهاڪا ڪڏهن ۽ ڪيئن ٺهيا، اِهو چوڻ سولو نه آهي. سچُ پچُ پهاڪن جي تاريخ اوتري ئي پراڻي آهي، جيتري ’واڻي‘ يا ٻوليءَ جي تاريخ ”ڇاندوگيه اُپنشد“ ۾ برهم رشي سنت ڪمار چيو آهي ته: ”انسان جي زندگيءَ ۾ واڻيءَ جي اُهائي اهميت آهي، جيڪا خود اُپائڻهار جي ايترو ئي واڻيءَ جي تاريخ به اُپائڻهار وانگر ازل کان آهي.“ اِنهيءَ ريت، پهاڪا به ازل کان وجود ۾ آهن. ٻوليءَ جي آسمان ۾ پهاڪا نکٽن ۽ گرهن جيان، سوين سالن کان پنهنجي روشنيءَ کي ڦهلائي پنهنجي نرالي ۽ انوکي هستي قائم رکندا آيا آهن.
پهاڪن جي پيدائش جي ڄاڻ گهڻو ڪري نه ٿي رهي. پهاڪا ڪنهن خاص واقعي يا زندگيءَ ۾ ٿيڻ وارن آموزدن تي ٻڌل ڪنهن شخص جا نجي سخن هجن ٿا، جيڪي سهڻي اظهار جي ڪري وقت گذرندي عام ماڻهن ۾ قبول ٿين ٿا. اهڙا سُخن عام ماڻهن ۾ مشهور ٿي پهاڪي جي شڪل اختيار ڪري ماڻهن جي ملڪيت بڻجي پون ٿا. اِنهيءَ سان هڪ ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته ڪوبه سُخن، گفتو يا ڪٿ پنهنجي رچيندڙ جي ڪري نه، لوڪ پسندي سببان پهاڪي جو روپ وٺي ٿي. پهاڪي ٺهڻ جي طريقي/ قدرت ۾ اُن جي رچيندڙ جي ڪابه افاديت نظر نه ٿي اچي. جنهن ڪري پهاڪن جي پيدائش جي پوري ڄاڻ نه هوندي آهي. ڊاڪٽر ششي شيکر تِواري پهاڪي جي پيدائش واسطي ٻن ڳالهين جو هئڻ ضروري ٻڌايو آهي. ”(1) پهاڪي جو ڪنهن شخص جي خيال جي شڪل ۾ وجود ۾ اچڻ، (2) هن جو عام ماڻهن پاران قبول ٿيڻ.“§
3.2 پهاڪن جي جنم جي ترتيب:
پهاڪا ڪنهن هڪ شخص، سماج يا ملڪ جي ملڪيت نه آهن. اِهي ته سڄي دنيا جي انسانن جي گهڙيل ملڪيت آهي. پهاڪن جي پيدائس جي ترتيب ۾ سڀني پنهنجي زندگيءَ جي آزمودن جي آڌار تي مدد ڪئي آهي. هرهڪ ٻوليءَ جي پهاڪن ۾ انساني ذاتين، رهني ڪهڻي، عقيدن، يقين ۽ تصور جي گهري ڇاپ ملي ٿي.
ڊاڪٽر ڪنهيا لال ساحل جي ويچار ۾، ”ڪوبه پهاڪو ڪنهن ريت جنم وٺندو هوندو، اِن بابت اسان ڪجهه تصور ڪري سگهون ٿا.“ سڀني پهاڪن جي پٺيان ڪونه ڪو واقعو هئڻ ضروري نه آهي. يا ڪو واقعو هوندو به، ته اِنهيءَ ڳالهه جو رُڳو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن پهاڪي جي پٺيان رُڳي هڪ ئي گهٽنا يا واقعو هوندو، اِهو پڪيءَ طرح نه ٿو چئي سگهجي. اِن ويچار کي سمجهڻ لاءِ ڪجهه مثال هن ريت آهن:
مٿي ڏنل پهاڪا زندگيءَ جي سچائي ۽ غريبيءَ جي مسئلي تي ٻڌل آهن. غريبي هڪ اهڙو سماجي مسئلو آهي جنهن سان اڪثر هرڪو شخص ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ روبرو ٿئي ٿو. جڏهن کان ماڻهو مهذب ٿيو آهي ۽ هُن پئسي جي اهميت کي سڃاتو آهي، تڏهن کان غريبي ۽ اميريءَ جو تجربو ماڻهوءَ کي ٿيندو رهيو آهي، جيڪو اَڄ تائين قائم آهي. سماج ۾ اميري ۽ غريبيءَ جي کاهي ڏاڍي پراڻي ۽ وڏي آهي. شاهوڪار کي سماج ۾ مانُ ۽ عزت ملي ٿي. چاهي هوُ ڪيترو به خراب ماڻهو ڇونه هجي. پر ٻئي طرف غريب چاهي ڪيترو ئي سچو ۽ ايماندار ڇونه هجي، اُن کي سماج ۾ ايتري عزت نه ٿي ملي. جڏهن به ڪنهن شاهوڪار کي ڪوبه ڪم پوي ٿو ته هوُ چوي ٿو، ”فلاڻي (غريب) جي جوءِ کي گهُرائي وٺجو. هوءَ اچي ڪم ۾ هٿ وٺائيندي ۽ پورو ڪندي.“ ويچاري غريب جي جوءِ آهي، جهٽِ اَچڻ لاءِ تيار به ٿي ويندي، پر جيڪڏهن اُن ئي ڪم لاءِ ڪنهن شاهوڪار جي جوءِ کي چئجي ته ڇا هوءَ تيار ٿيندي؟ نه، ڪڏهن به نه. ڇاڪاڻ ته شاهوڪار جي جوءِ کي پئسو هئڻ ڪري اُنهن حالتن جو منهن نه ٿو ڏسڻو پوي جن حالتن ۾ غريب ماڻهو پنهنجي زندگي گذارين ٿا.
عام ماڻهن جي اهڙن آزمودن جي آڌار تي سُخنن ۽ گُفتن جو بنياد پوي ٿو، جيڪي آهستي آهستي عام ماڻهن ۾ عام ٿي پهاڪن جي شڪل اختيار ڪن ٿا. اِن جو هڪ ٻيو مثال هن ريت آهي:
شروعات کان اِنسانن جو واسطو الڳ الڳ جانورن سان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ رهيو آهي. تاريخي روايتن موجب، اِنسان ڪنهن زماني ۾ پاڻ به جانورن مثال هوندو هو. اِنهيءَ ڪري جانورن جي رهڻي ڪهڻي، رنگ- روپ ۽ کائڻ پيئڻ جي ڍنگ کي ڏسي انسانن کي جيڪي آزمودا ٿيا، اُنهن مان ڪجهه پهاڪا ٺهي ويا، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
مٿي ڏنل پهاڪن مان آخري پهاڪو هڪ آکاڻيءَ تي ٺهيل آهي، جنهن موجب هڪ ڏائڻ هڪ نوريئڙي کي شام جي وقت ريجهائي پنهنجو ڀاڻيجو بڻائي پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر وٺي آئي. ڏائڻ جو ارادو هو ته رات جو نوريئڙي کي ماري کائي ڇڏي. نوريئڙو ڏائڻ جي ڳالهين ۾ اچي ته ويو، پر جڏهن هو ڏائڻ جي گهر پهتو ته کيس ڏائڻ جي مقصد جي معلومات ٿي ويئي. سڄي رات نوريئڙي ننڊ نه ڪئي ۽ جاڳندو رهيو. ڏائڻ رات جو ٽي دفعا اُٿي ۽ ڪاتي تيز ڪرڻ لڳي، پر نوريئڙي هر وقت چتاءُ پئي ڪيس، ”ڪاتري نه کڙڪاءِ، نوريئڙو جاڳئي ٿو.“ ٻئي صبح جو اُهو نوريئڙو صحيح سلامت ڏائڻ جي گهر مان ڀڄي نڪتو.
هيءَ چوڻي اهڙي وقت ڪم ايندي آهي جڏهن هڪ ڌُر پنهنجي دشمن ڌرُ کي آگاهه ڪندي رهندي آهي ته اوهين ڀلي تياري ڪندا رهو پر اسين به پهري تي سجاڳ آهيون. يا وقتي مائٽ ڪنهن ننڍي ٻار کي گهر ۾ سمُهاري پاڻ ٻاهر ويندا آهن، پر جي ٻار سجاڳ هوندو ته مائٽن جي پٺيان چنبڙي پوندو، اُتي پڻ چوندا آهن ته، ”ڪاتري نه کڙڪاءِ، نوريئڙو جاڳئي ٿو.“ مطلب ته ٻار جاڳيل آهي ۽ ان کان پاسو ڪري نڪري وڃڻ ڏکيو آهي.
اِنهن مثالن مان ظاهر آهي ته پهاڪن جي پيدائش جو عمل نديءَ جي پاڻيءَ مثل هلندڙ عمل آهي. جيڪو عام ماڻهن جي شخصي آزمودن تي، آکاڻين تي، واقعن وغيره تي ٻڌل آهي. اهو عمل جيستائين انسان جي تصور ڪرڻ جي قوت قائم آهي، تيستائين هلندو رهندو. اِن جي شروعات ڪنهن هڪ واقعي سان ٿئي ٿي. پر پوءِ اُها عام ماڻهن ۾ پسند پوڻ ڪري سڄي سماج جي گڏيل ملڪيت بڻجي پوي ٿي.
3.3 پهاڪن جي پيدائش جا مکيه آڌار:
پهاڪن جي سرجڻ جا ڪجهه نه ڪجهه آڌار آهن. جيس اي. ڪيلسو نالي هڪ عالم پهاڪن جي جنم جا ٽي سرچشما ٻڌايا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
پر ڊاڪٽر شَشي شيکر تِواريءَ ۽ جيمس اي. ڪيلسو جي ويچارن سان شامل راءِ ٿيندي چيو آهي ته ڪيلسو صاحب هڪ خاص چوٿون سرچشمو ڀُلجي ويو آهي، سو آهي- مشهور سگهڙن جا ٻول. ڊاڪٽر شيشي شيکر تِواريءَ اڳتي هلي وري واقعن کي ’عام‘ ۽
’سياسي‘ ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. انهيءَ ڏس ۾ راجسٿاني چوَڻين جي اوکِ ڊوک ڪرڻ واري مشهور عالم ڊاڪٽر ڪنهيا لال ’سهل‘ پهاڪن جي پيدائش جا ٽي مکيه بنياد ٻڌايا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
اردو ادب جي عالم ڊاڪٽر يونس اگاسڪر هن موضوع جو اڃا به وڌيڪ خلاصو ڪندي، پهاڪن جي جنم جا هيٺ ڏنل مکيه آڌار ڄاڻايا آهن:
سنڌي ادب جي ميدان جي مشهور لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پڻ پهاڪن جي جنم جا اڳتي ڏنل بنياد ٻڌايا آهن:
پهاڪن جي جنم جا عالمن پاران مٿي ڏنل جيڪي سبب آهن، اُنهن سڀني ۾ گهڻي قدر هڪجهڙائي ملي ٿي. ڪن عالمن ننڍين شاخن کي گڏي هڪ وڏي وڻ جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي ته وري ڪن ٻين عالمن انهن ئي شاخن کي هڪ باغيچي ۾ ٽڙندڙ الڳ الڳ قسمن جي گلن جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي. ان طرح چئي سگهجي ٿو ته سڀني عالمن پاران ڏنل پهاڪن جي پيدائش جي بنياد ۾ مشابهت آهي.
جيتوڻيڪ مان مٿي ڄاڻايل عالمن جي راين سان شامل راءِ آهيان، تنهن هوندي به منهنجي ويچار ۾ پهاڪن جي جنم جا مکيه ٻه آڌار آهن. (1) ماحولياتي بنياد يا ڪنهن لساني علائقي جو قدرتي ماحول، (2) ثقافتي آڌار. ڪنهن به ثقافت جي ابتدا ۽ ارتقا ۾ قدرتي حالتن جو وڏو هٿ هوندو آهي. ثقافت جي اندر اُنهيءَ سماج جون سڀ خاصيتون سمايل هونديون آهن.
(1) ماحولياتي آڌار:
هرهڪ ٻوليءَ ۾ گهڻن ئي پهاڪن جو جنم، ان ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي آسپاس واري ماحول ۽ وايومنڊل جي بنياد تي هوندو آهي. هن کي اڃا به چٽو ڪي چئجي ته جاگرافيائي حالتون، رسم و رواج، پاڻي، هوا، موسم، خاص جڳهه، سنگت وغيره جي ڪري به ڪيترن ئي پهاڪن جو جنم ٿيندو آهي. بنگلا، اُڙيا، ملايالم ٻولي ڳالهائيندڙن جا علائقا سمنڊ جي پاسي ۾ هئڻ ڪري اُهي ماڻهو پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ کاڌي پيتي لاءِ مڇيءَ جو استعمال گهڻي تعداد ۾ ڪندا آهن. انهيءَ ڪري ’مڇي‘ لفظ جو استعمال هن ٻوليءَ جي پهاڪن ۾ گهڻو ملي ٿو. جيئن ته بنگالي ٻوليءَ جي چوڻي هن ريت آهي:
نا جاني رانڌَني موري ڪيمن ڪه ري رانڌي؟
يعني اناڙي بورچيءَ جي هٿ ۾ وڃي روهوُ مڇي روئي ٿي ته الائجي هيءُ بورچي مون کي ڪيئن رڌيندو؟
ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ اُٺن جو تعداد وڌيڪ هئڻ جي ڪري سنڌي پهاڪن جي پيدائش تي اٺن جي عادت، انهن جي کائڻ جي ڍنگ، هلت چلت، وغيره جو چڱو اثر پيو آهي. جيئن ته:
جيتوڻيڪ اهي پهاڪا اُٺن بابت آهن، پر اِنهن ۾ لڪيل ۽ ڳُجهي معنيٰ انسان جي وهنوار طرف به اشارو ڪري ٿي.
جتي اسين رهون ٿا، اُن علائقي جي تهذيب جو اسان جي ذهن تي اثر هئڻ لازمي آهي، پر انسان رڳو ايتري ۾ خوش نه آهي. ان کي ٻين جي رهائشگاهن ۾ مين- ميک ڪڍڻ ۾ مزو ايندو آهي. هُو اُهُر جيتري ننڍي ننڍي ڳالهه کي به جبل جيان ٺاهي، ٻين هنڌن جي پنهنجي ڳوٺ سان مشابهت ڏيکاريندي. اُنهن کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ٻين صوبن يا علائقن جا ماڻهو سندس اڳيان هميشه خسيس لڳندا آهن. اِنهيءَ پنهنجي رهڻ واري هنڌ لاءِ پنهنجپائيءَ جي احساس جي بنياد تي به ڪجهه پهاڪن جو جنم ٿيو آهي. جيئن ته تامل ٻولي ڳالهائيندڙ اُتر ڀارت ۾ رهندڙ لاءِ ڇا ٿا سوچين:
(يعني): اُتر وارا ۽ پيٽ جي سُور، ٻنهيءَ تي ڀروسو نه ڪجي)
انهيءَ طرح سنسڪرت ٻوليءَ جي هيءَ طنز ڏسو:
سما گتهه پِراڌُ ڻِڪو اَپِي چورهه:
دلي پرديش، مَٿُرا پرديش،
چورن وِنا نه پِرَسَوَنتي ڀاريا.
(يعني: دهلي ۽ مٿرا ۾ ٻار به چور ٿيندا آهن ۽ ٻُڍا به چور ٿيندا آهن. مهمان به چور آهن. دهلي ۽ مٿرا جي علائقن ۾ مائرون چورن کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به جنم نه ڏينديون آهن) دهلي ۽ مٿرا جي رهاڪن جي ڪردار تي هيءُ ڪيڏو نه وڏو حملو آهي. هندي ٻوليءَ ۾ مٿرا جي باري ۾ هڪ ٻي چوڻي به مشهور آهي:
جو نه کائي وو ڀي پڇتائي.
انهيءَ طرح ڪاشيءَ جي باري ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي:
اِن سي بچي تو سيوي ڪاشي.
(ڪاشيءَ جي شهر ۾ وئشيائون گهڻي تعداد ۾ آهن. ساڳيءَ طرح اُتي سوڙهين گهٽين ۾ سانَ، ڍڳا وغيره گهمندا رهن ٿا. ڪاشيءَ ۽ گنگا جي گهاٽن تي گهڻي ئي ڏاڪا آهن، جن تان پير تِرڪي وڃڻ جو امڪان هوندو آهي. ساڳيءَ طرح گهاٽن تي ساڌو سنياسي به گهڻي تعداد ۾ آهن، جيڪي اڪثر زيارتين کي ڦُريندا آهن يا اُنهن کان خيرات گهُري کين پريشان ڪندا آهن. اِنهن کان جيڪو بچي هلي اهو ئي ڪاشيءَ ۾ رهڻ جو مزو ماڻي سگهندو.)
سنڌيءَ ۾ به انهيءَ قسم جا گهڻائي مثال ملن ٿا، جن ۾ جدا جدا علائقن جي رهاڪن تي ٽوڪبازي ڪيل آهي يا اُتي جي علائقائي خاصيتن طرف اشارو آهي. جيئن ته:
پنجابي ايڪ ته، ڏون ته جُهڳائي جُهون.
(2) ثقافتي آڌار:
پهاڪي جي جنم جو ٻيو مکيه بنياد آهي ثقافت ۽ سڀيتا. انهيءَ ۾ سماجي سرشتو، ذات پات، انڌو اعتقاد، اقتصادي حالتون، سماج ۾ جدا جدا فرقا، کاڌو پيتو، ريتيون رسمون، جيون درشن، وغيره سڀ شامل آهن. مثال طور:
(يعني ڄٽُ تي ويساهه نه ڪجي، جيڪڏهن ڪبو ته ڦاسبو.)
چور نه ڏيکيا، ڏيک سونارا. (مطلب ته سونارو سون چورائڻ کان ڪڏهن نه ٽرندو)
اندر کائينِس ڪوئا، ٻاهر کائينس ڪانوَ.
ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.
ثقافتي بنياد تي جيڪي پهاڪا ٺهيا آهن، اُنهن جو دائرو تمام وسيع آهي. اُن ۾ ڪنهن ڪنهن لساني سماج جو سمورو جيون ۽ سوچ ويچار سمايل آهي. اِن ڪري اهڙن پهاڪن کي ننڍن ننڍن گروهن ۾ موضوع مطابق ورهائي سمجهايو ويندو آهي. موضوع موجب پهاڪن جي جنم جا ٻيا مکيه بنياد هن ريت آهن:
(1) لوڪ ڪهاڻيون:
گهڻيئي پهاڪا لوڪ ڪهاڻين تي ٺهيل هوندا آهن. سنڌيءَ جي مشهور لوڪ ڪهاڻين تي به گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا. جيئن ته:
(هيءُ پهاڪو سُهڻي ميهار جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي بيٺل آهي. اِن جو مطلب آهي ته ميهار جيڪڏهن مينهن تان هٿ کنيو ته پوءِ انهن جي وڇڙن جي سنڀال لاءِ ڪنهن کي پارت ڇو ڪندو؟)
(هيءُ پهاڪو عمر مارئيءَ جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي بيٺل آهي. اِن جو مطلب آهي ته عمر جيڪڏهن مارئي تي موهت ٿيو ته هو کيس ڀڄائي کڻي ويندو، ان لاءِ هو سڄي ٿر علائقي کي ناس نه ڪندو.)
(هي پهاڪو سسئي پنهون جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي. اِن جو مطلب آهي ته اِنسان پنهنجي ڪوشش ڪندو رهندو. اُن جو ڦل کيس ملندو يا نه، تنهن جي خاطري نه آهي.)
(2) ٻارن جون آکاڻيون:
- گدڙ ڊاک نه پُڄي، آکي ٿُو کٽا.
(هيءُ پهاڪو مشهور آکاڻيءَ تي بيٺل آهي، جنهن ۾ گدڙ ڊاک جي مُنهن مان ڊاک ڇني نه سگهيو، ته پوءِ چوڻ لڳو ته مون کي اها ڊاک نه کپي ڇاڪاڻ ته اِها کَٽي آهي.)
(هيءُ پهاڪو اُن آکاڻيءَ تي آهي، جنهن ۾ هڪ ٻُڍي مائيءَ وٽ هڪ ڪُڪڙِ هوندي هئي، جيڪا کيس هر روز هڪ سونو آنو ڏيندي هئي. هڪ ڏينهن اُن مائيءَ جي من ۾ لالچ پيدا ٿي ته مان ڪڪڙِ کي ماري سڀ آنا هڪ ئي ڏينهن هٿ ڪريان. پوءِ هُن ڪاتيءَ کڻي ڪُڪڙِ کي ڪُٺو ته منجهانئس کيس هڪ به آنو حاصل نه ٿيو. اِن تي هوءَ گهڻو پڇتائڻ لڳي ته مون ناحق لالچ ڪري هن ڪڪِڙ کي ماريو.)
(3) تاريخي شخصيتون، وارداتون ۽ حالتون:
سنڌيءَ ۾ اهڙا به چڱا پهاڪا ملن ٿا، جن جو بنياد ڪي خاص تاريخي شخصيتون يا واقعا آهن. مثال طور:
(هن پهاڪي جو مطلب آهي ته لِڪڇُپ ۾ سُس پُس ڪرڻ مان خراب نتيجا نڪرن ٿا. هن پهاڪي جو بنياد ارڙهين صديءَ جي هڪ واردات آهي، جنهن ۾ مير بجار خان ٽالپر کي ٻن راجپوتن قتل ڪيو هو.)
يا
(هي ٻئي پهاڪا سنڌ جي تاريخ ۾ اُنهيءَ دؤر ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جڏهن پارسي ٻوليءَ جو بول بولا هو. ماڻهو پارسي پڙهي وڏن سرڪاري عهدن تي پهچندا هئا.)
(4) سياڻن جا سُخن ۽ قول:
سياڻن ۽ عالمن جا چيل سُخن ۽ نصيحت ڀريا قول به گهڻن پهاڪن کي جنم ڏين ٿا. جيئن ته:
(5) اِنساني جذبن جو ردِعمل:
انسان هڪ سماجي جناور آهي. سماج ۾ رهندي هو ٻين سان لهه وچڙ ۾ اچي ٿو. هُن جي من ۾ سڪ، پريم، نفرت، دشمني، کل مذاق، ٽوڪ بازي، وغيره جا جذبا الڳ الڳ وقتن تي پيدا ٿين ٿا. اِنهن جي آڌار تي به گهڻن ئي پهاڪن جو جنم ٿيو آهي. جيئن ته:
(6) پروليون ۽ ٻول:
سنڌيءَ ۾ گهڻيئي پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جن جو جنم پرولين ۽ سُگهڙن جي ٻولن مان ٿيو آهي. مثال طور: ڪنهن سگهڙ جو هيٺ ڏنل ٻول ڏسو:
چاري اٽي ڏجي سڃ، ڳئون اٽي مُٺ،
جهڙو لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پُٺ.
هن ٻول جي آخري سٽ سنڌيءَ ۾ پهاڪي جي شڪل ۾ مشهور آهي. ساڳيءَ طرح هيٺ ڏنل سِٽون به سگهڙن جا ٻول آهن، جن کي ٻوليءَ ۾ پهاڪن جو درجو مليو آهي.
پنجون بيمار، اهي پنجئي بيمار.
(7) لساني وراثت:
اسان جي سنڌي ٻولي سنسڪرت، پالي، پراڪرت ۽ اَپڀرش منزلون طئه ڪري پنهنجون هاڻوڪي شڪل اختيار ڪئي آهي. اِن ڪري سڀاويڪ آهي ته اُنهن آڳاٽين ٻولين مان ورثي ۾ گهڻيئي پهاڪا ۽ چوڻيون حاصل ڪيون هجن. اِها ڳالهه سڀني هاڻوڪين ڀارت جي آريائي ٻولين سان لاڳو ٿئي ٿي. هتي ڪجهه مثال ڏجن ٿا:
(هيءَ سنسڪرت جي لوڪو ڪِت (پهاڪو) ساڳئي روپ ۾ سنڌيءَ ۾ مشهور آهي. (جهڙو راجا تهڙي پرجا·))
(اِن سان ڀيٽيو مهاڀارت جي هيءُ لوڪوڪِت- سيناپتؤ ٽِشو گنتا، نه تُ يوڌان ڪٿنچنَ. يعني: جُس سپهه سالار کي ملندو آهي ۽ نه ڪو لڙندڙ سپاهين کي.)
اِها ساڳي چوڻي اسان کي ساڄ شيکر جي ڪتاب ’ڪرپُور منِجريءَ‘ ۾ به ملي ٿي- هٿ ڪنڪڻي ڪن دَپڻوڻ ٽيڪ کِي. (18/1)
(8) ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر ۽ ڏي وٺ:
جدا جدا ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر پوڻ سُڀاوڪ آهي. اِن ڪري هرهڪ ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جا پهاڪا ساڳي شڪل ۾ يا ترجمي جي صورت ۾ مشهور ٿي وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ اهڙن پهاڪن جا مثال هن ريت آهن:
(اِها سنڌي چوڻي عربيءَ جي هن چوڻيءَ جو ترجمو آهي: التعزيل فعل الشيطان)
(هيءَ چوڻي فارسيءَ جي چوڻيءَ جو ترجمو آهي: دو برادر، سوم حساب.)
3.4 پهاڪن جي ارتقا:
پهاڪن جو استعمال روزاني زندگيءَ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ٿيندو آهي. هڪ شخص کان ٻئي شخص، هڪ نسل کان ٻئي نسل ۽ هڪ ٻوليءَ کان ٻي ٻوليءَ ۾ سفر ڪندي پهاڪا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي لفظي بيهڪ توڙي معنيٰ ۾ به ڪي قدر تبديلي ڪري ڇڏين ٿا. پهاڪن جي بيهڪ ۾ اهڙي ڦيرگهير کي پهاڪن جو ارتقا چئجي ٿو.
پهاڪن جي ارتقا کي مکيه طور ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جيڪي هن ريت آهن:
(1) پهاڪن جي شڪل ۾ ارتقا:
انهيءَ جو مطلب آهي ته پهاڪي جي روپ يعني اُن جي لفظن جي بيهڪ ۾ تبديلي اچڻ، جيڪا هيٺئين نموني نظر اچي ٿي:
(الف) ڪنهن هڪ لفظ جي تبديلي:
(ب) هڪ کان وڌيڪ لفظن ۾ ڦيرگهير:
- لَکيا لوهارن کي ٽِپِرَ تي ٽانڊا.
(لِکيون لوهارن کي چڏن ۾ چِڻنگون)
(ٻن ٻيڙين ۾ جيڪو چڙهي، تنهن جا چڏا چيرجن.)
(ج) جملن يا لفظي ميڙن ۾ تبديلي:
- بخشيش سؤ سؤ، حساب جؤ جؤ.
(حساب جؤ جؤ، بخشيش سؤ سؤ)
(نيڪي نيندين پاڻ سين، ٻيو سڀ رهندو هِت)
(د) پهاڪي جي روپ جو تفصيل:
- ڏاڍي جي لٺِ کي ٻه مٿا.
(ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانهن ڦيرائي تيڏانهن صحيح.)
(جو اُڀ ۾ ٿڪ اڇلائي، سو مُنهن ۾ پائي.
جيڪو هٿ کڻي وڏن ڏي، تنهن سان ههڙي ٿئي هاءِ.)
(واڻيو آهي اٽي جو ڏيئو، اندر کائينس ڪُوئا ته ٻاهر کائينس ڪانوَ.)
(اڌ کي ڇڏي سڄيءَ پُٺيان ڊُڪي، تنهن کي سڄيءَ ته نه ملي، پر اڌ ڪاڻ به سِڪي.)
(ڀائرُ ڪوٽ جا ڪَنگر، پَٽَ گهرجي سُونهون،
ويٺا ڪَنِ وِرونهن، ڏَجَڻُ ڏوُران ئي ڏري.)
(آخري مثال بابت اِن طرح به سمجهاڻي ڏيئي سگهجي ٿي ته ڪڏهن سڄو بيت ته ڪڏهن اُن جو فقط ڪو حصو پهاڪي جي روپ ۾ مشهور ٿي ويندو آهي.)
(2) پهاڪن جي معنيٰ ۾ ارتقا:
وهنواري زندگيءَ جي جدا جدا حالتن ۾ استعمال ڪرڻ تي ڪجهه پهاڪا هڪ کان به وڌيڪ معنائون ظاهر ڪن ٿا. مثال طور: ”کيتي سِرسيتي“ يعني اُها کيتي سٺي پيدائش ڏيندي، جيڪا هاري پنهنجي سِر يا پاڻ محنت ڪري اُپائي ٿو. مطلب ته جيڪڏهن اَن جي پوک جو ڪم ٻين کي ڏنو ويو، ته پوءِ ممڪن آهي ته انهن جي لاپرواهيءَ سببان فصل سُٺو نه ٿئي. جيڪڏهن کيتيءَ ڪندي، اِهي لفظ هڪ هاري ٻئي کي چيا آهن ته پوءِ اُتي هِن پهاڪي جي لفظي معنيٰ لاڳو ٿيندي، پر جيڪڏهن ڌنڌي واپار ۾ ڪو شخص پنهنجي فرض ادائي پوري طرح نٿو ڪري ۽ پنهنجو ڪم ٻئي کي ڏيئي ۽ پاڻ لاپرواهه ٿي وڃي ٿو ته اُن وقت کيس طنز ڪندي جيڪڏهن ڪنهن اِهي لفظ چيا آهن ته پوءِ اتي کيتيءَ جو مطلب ڪوبه ڪم ڌنڌو يا واپار کڻبو. اِن حالت ۾ پهاڪي جو حاصل مطلب ٿيندو ته ڪوبه ڪم سٺي نموني پورو تڏهن ٿيندو، جڏهن ماڻهو پاڻ ڌيان سان اهو ڪم ڪندو.
ساڳيءَ طرح ”جهڙو وڻ، تهڙو ڦرُ“ جي لفظي معنيٰ آهي ته جيڪڏهن وڻ سٺي جنس جو هوندو ته اُن مان ڦل به سٺو ملندو، پر جيڪڏهن اُن وڻ جي جنس ئي خراب آهي ته اُن مان سٺو ڦل حاصل ڪرڻ جي اميد رکڻ اجائي ڳالهه آهي. وهنوار ۾ اِن جو اهو مطلب به نڪري ٿو ته جنهن جو جهڙو بُڻ بنياد يا خاندان هوندو، تهڙوئي سندس سُڀاءُ ٿيندو.
هرهڪ ٻوليءَ ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڪيترائي پهاڪا هڪ کان وڌيڪ مطلب ظاهر ڪن ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ٻڌندڙ ڪنهن پهاڪي جو صحيح مطلب نه ٿو سمجهي ته پوءِ هوُ اُن پهاڪي جو ٻيءَ معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو ۽ وقت گذرندي اُن پهاڪي جو اصل مطلب بدلجي وڃي ٿو. مثال طور ”آپ نه مريئي سُرڳ نه جائيئي“. پهاڪي جي لفظي معنيٰ کڻي، روچيرام گجوُمل اُن جي سمجهاڻي لکي آهي. ’پاڻ‘ (آپ، آپو، خودي) مارڻ کان سواءِ، ماڻهو جنت ۾ وڃي نه سگهندو.
Without the annihilation of self, one cannot go to heaven (A Hand Book of Sindhi Proverbs, 4th edition, 1935, p.2)
سترام داس ’سائل‘ به پنهنجي ڪتاب ’دُرن جي دٻليءَ‘ ۾ اِن پهاڪي جي معنيٰ ساڳئي نموني سمجهائي آهي. ”جيسين آپو يا خوديءَ جو انت نه آڻبو، تيسين سچو آنند يا سُرڳ (جنت) وارو سُک نصيب نه ٿيندو.“
پر رواجي استعمال ۾ اِن پهاڪي جو ٻيو مطلب نڪري ٿو ته جيسيتائين پنهنجو پاڻ تڪليفون سهي پنهنجو ڪم نه ڪندو، تيستائين اُهو ڪم صحيح نموني پورو نه ٿيندو ۽ هو اُن جو صحيح آنند ماڻي نه سگهندو. هندي ۽ ٻين ڪن ٻولين ۾ به اِنهيءَ معنيٰ کي ڌيان ۾ رکي ساڳئي طرح جو پهاڪو ملي ٿو. ڀولاناٿ تِواريءَ ”هندي ڪهاوت ڪوش“ ۾ پِڻ اِن پهاڪي جو مطلب ڏيندي لکيو آهي. ”آپ مري بنان سوَرڳ نهي مِلتا“. (اپني ڪِئي بنان ڪوئي ڪام نهين هوتا.) (برهت هندي لوڪوڪِت ڪوش. ص 123).
ڪڏهن ڪڏهن پهاڪي جي شڪل تبديل ٿيڻ ڪري، انهن جي معنيٰ ۾ ڦيرو اچي ويندو آهي. جيئن ته:
انهن پهاڪن تي ويچار ڪندي، موتي لال بٽاڻيءَ لکيو آهي ته، اِنهن پهاڪن جي صحيح صورت آهي:
مطلب ته سيوهڻ سنڌ جا رهاڪو سنجم صرفي وارا آهن. هو زندگيءَ ۾ چاهي ڪيتري به ترقي ڪن ته به ڪفايت کان ڪنارو نه ڪندا آهن. رستي ويندي جيڪڏهن ڀتر به ڏسندا، ته پنهنجي گهر وڃي رکندا، جيئن وقت تي اُهي سندن ڪم اچي سگهن.
اِنهن مثالن مان ظاهر آهي ته نه فقط پهاڪي جي صورت ۾، پر اُنهيءَ جي معنيٰ ۾ به تبديلي اچي ويندي آهي. ”گُل شَڪر“ نالي سنڌي پهاڪن جي آڳاٽي مجموعيءَ ۾ اُنهيءَ جي ليکڪ ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي هرهڪ پهاڪي جي معنيٰ به سمجهائي آهي. ڪيترن پهاڪن جو مطلب سمجهائيندي هو اڪثر اُنهن ۾ ڪي نه ڪي روحاني راز ۽ نصيحت آميز نڪتا بيان ڪري ٿو، پر اُن ۾ ڪيترائي پهاڪا اهڙا آهن جن جي مطلب جو روحاني رازن سان ڪوبه واسطو نه آهي. مثال طور:
”ٻه گدرا هڪ ئي مُٺ ۾ نه ماپن“ جو رواجي مطلب آهي ته انسان هڪ ئي وقت ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مشڪل ڪم ڪري نه سگهندو آهي، پر ڪيولرام سلامتراءِ اِن پهاڪي کي سمجهائيندي لکيو آهي ته ”مطلب هي آهي ته جو ماڻهو ڌڻيءَ کي ڳولي، سو جڏهن دنيا جي ڌنڌن کان پاڻ کي آجو رکي، تڏهن ڌڻيءَ ڏي مُهاڙ ٿئيس.“ يعني دنيا جو ڌنڌو ۽ ڌڻيءَ جي يادگيري، ٻه ڪم گڏ پورا ٿيڻ اڻانگو ڪم آهي.
”آهاري، وهنواري، ٽيون گهوٽ مُهاري، لڄا ڪري ته هاري“. اِن پهاڪي جو رواجي مطلب ايتروئي آهي ته کاڌي- پيتي ۽ وهنوار ۾ ماڻهوءَ کي لڄ شرم نه ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح، مهاري يعني شاديءَ بعد گهوٽ ڪنوار جي سمهڻ واري ڪمري ۾ به گهوٽ کي لڄ حياءُ ڪرڻ نه کپي. اِنهن ٽنهي ڳالهين ۾ يا چئجي ته ڌنڌي واپار ۽ وهنوار ۾ جيڪو ماڻهو حجاب ڪري ٿو، اهو نيٺ پاڻ کي ئي نقصان رسائيندو. پر ڪيولرام انهيءَ نصيحت کي ڇڪي روحاني مطلب سمجهائيندي لکي ٿو ته، ”مطلب هيءُ آهي جو سياڻا چوندا آهن ته لڄ چڱي آهي، پر اِنهن ٽنهي ڪمن ۾ لڄ ڪرڻ مورڳو گهاٽو آهي. تهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڌڻيءَ جو ڳولهو پڻ سنسار جا حجاب نه مڃيندو، ته ڌڻيءَ کي حاصل نه ٿيندو.“
هِتي اِنهيءَ ڳالهه جو ڌيان رکڻ گهرجي، ته ارتقا جي سلسلي ۾ جڏهن ڪنهن پهاڪي جي روپ يا معنيٰ ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي ته اُنهيءَ بدليل شڪل ۾ اُن پهاڪي کي غلط چوڻ ٺيڪ نه آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اِهو فيصلو ڏيڻ ٺيڪ ٿيندو، ته اُهو ٻن يا وڌيڪ شڪلين يا معنائن ۾ عام آهي. اِها ڳالهه به ممڪن آهي ته هڪ ئي پهاڪو الڳ الڳ علائقن ۾ ٿوري ڦير گهير سان واهپي ۾ اچي ٿو. اوسر جي دوران اڪثر اهو به نظر اچي ٿو ته ڪي پهاڪا وقت گذرندي، حالتن جي ڦيرڦار سببان يا ٻين ڪن ڪارڻن جي ڪري واهپي ۾ گهٽجندا وڃن ٿا. اُهي پوءِ فقط ٻوليءَ جي عجائب گهر ۾ جاءِ والارين ٿا ۽ وهنواري زندگيءَ ۾ اُنهن جو ايترو استعمال نٿو ٿئي. جيئن ته ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين ۾ اهڙن پهاڪن جو استعمال گهٽ ٿي ويو آهي، جن جو واسطو سنڌ جي ماحول، جاگرافيءَ ۽ آڳاٽين حالتن سان آهي. جيئن ته:
ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن ڪي پهاڪا واهپي ۾ گهٽجي، نيٺ عام واهپي کان ٻاهر ٿي ٿا وڃن، ته ٻئي طرف موجوده حالتن مطابق، سرڪاري پاليسيءَ موجب جوڙيل نعرا ”هم دو، هماري دو“، ”ڇوٽا پريوار،
سُکي پريوار“، ”جئه جوان، جئه ڪسان“. وغيره سنڌي ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ساڳيءَ ريت ۾ داخل ٿي چوڻين جو درجو حاصل ڪري چُڪا آهن. اِهو به نظر اچي ٿو ته هندي، اُردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين جي اثر هيٺ ڪي نوان پهاڪا به سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال پيا ٿين.
نون پهاڪن کي جنم ڏيندڙ اڪثر اُهي شخص آهن، جيڪي ٻين ٻولين جا پهاڪا ساڳي شڪل ۾ يا ترجمي جي صورت ۾ پنهنجين لکڻين ۾ ڪم آڻين ٿا، جيئن ته سترام داس ’سائل‘ جي تيار ڪيل پهاڪن جي مجموعي ”دُرن جي دَٻِليءَ“ ۾ هيٺ ڏنل پهاڪا ملن ٿا، جيڪي هندي ٻوليءَ جي پهاڪن مان ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ لکيا ويا آهن.
(هندي: جِهان نه پهنچي رَوِي، وهان پهنچي ڪَوِي)
(هندي: جس ڪِي لاٺي، اُس ڪِي ڀينس).
(هندي: جو ٻنڌ گيا، سو موتي).
(هندي: دُوِڌا ۾ دونون گئي، نه مايا ملي نه رام).
ڀيرومل مهرچند پڻ ’گلقند‘ نالي پهاڪن ۽ محاورن جي مجموعي ۾ اِن طرح هنديءَ ۾ ٻين ٻولين جا پهاڪا اصل شڪل ۾ يا اُنهن جو ترجمو ڪري شامل ڪيا آهن:
(انگريزي Spare the rod and spoil the child)
(هٿان پيئي نانڪا، در در ڌِڪا کائي. (پنجابي، ص 55)
آوازِ خلق ڪو فرمانِ خدا سمجهو (اردو، ص 58)
اهڙيءَ طرح، سنڌيءَ ۾ زباني روايتن وسيلي يا وڏن ليکڪن جي لکڻين ذريعي، ٻين ٻولين جا چڱا ئي پهاڪا پنهنجي اصلي شڪل ۾ يا ترجمي جي صورت ۾ داخل ٿي ويا آهن. اُنهن ۾ جيڪي عوام ۾ عام نه ٿا ٿين، سي وقت گذرندي پاڻمرادو مري ٿا وڃن، پر جن پهاڪن کي عام ماڻهن اپنايو ٿي، اُهي وڏي حياتي ماڻين ٿا. حقيقت ۾ جِن پهاڪن ۾ ڪنهن عالمي سچائيءَ کي گهڻي نموني پيش ڪجي ٿو، اُهي پهاڪا ٻوليءَ ۾ هيري مثل چمڪدار رهن ٿا. *
3.5 پهاڪن جي ورهاست جا اصول:
سنڌيءَ ۾ جدا جدا موضوعن تي چڱي تعداد ۾ پهاڪا ملن ٿا. اُنهن جي سهڻي نموني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پهاڪن کي گڏ ڪجي ۽ انهيءَ کي جدا جدا حصن ۾ ورهائي اُنهن جو تنقيدي لحاظ کان اڀياس ڪجي.
جيسيتائين گڏ ڪرڻ جو سوال آهي ته سنڌيءَ ۾ پهاڪن جا گهڻيئي ننڍا وڏا مجموعا ملن ٿا. مثال طور:
انهن مجموعن ۾ الف- ب وار يا چئجي ته ورڻمالا موجب پهاڪن جي ترتيب ڏنل آهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ’گلقند‘ ۾ انهيءَ کان ٿورو اڳتي وڌي پهاڪن سان گڏ ڪيترن هنڌن تي ڀيٽ ڪندي ساڳئي مطلب وارا پهاڪا هڪ هنڌ به ڏنا آهن.
سنڌ ۽ هندستان ۾ سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جو وڏي ۾ وڏو ڪوش آهي. ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا‘. اِن ڪوش جو سهيڙيندڙ آهي: سنتداس پُنهومل ڪشناڻي ۽ اِن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي آهي. اِهو ڪوش 1993ع ۾ پوني مان شايع ٿيو آهي. اِن ۾ اٽڪل ٻارنهن هزار پهاڪا ۽ محاورا انهن جي مطلب سان گڏ ڏنل آهن. منهنجيءَ نظر ۾ هيءُ ڪوش هيل تائين سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل مجموعن ۾ تمام وڏو ۽ ڪي قدر نرالو ڪوش آهي. ڊاڪٽر جيٽلي گهڻي محنت سان هن ’لغت‘ جي شروعات ۾ اٽڪل هڪ سؤ ڏهن صفحن ۾ پهاڪن ۽ محاورن تي تنقيدي نظر کان ويچار ڪيو آهي. اَڄ تائين اهڙي قسم جي ڇنڊڇاڻ ڪنهن به ٻئي سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جي مجموعي ۾ ڏنل نه آهي. ورڻ مالا موجب پهاڪن جي گڏ ڪرڻ ۾ مکيه مسئلو اهو آهي ته ڪن حالتن ۾ هڪ ئي پهاڪو جدا جدا لفظن سان شروع ٿيندو آهي. اُن حالت ۾ اُنکي مجموعي ۾ ڳولهڻ وقت مشڪلات ٿي سگهي ٿي. جيئن ته:
هن پهاڪي جو ٻيو روپ به مشهور آهي، جيڪو ’لکيو‘
لفظ سان شروع ٿئي ٿو.
پهاڪن کي ڪن هنڌن تي ورڻ مالا (الف- ب) موجب گڏ ڪرڻ ته تمام سولو ڪم آهي، پر پهاڪن جي ورهاست ڪهڙي آڌار تي، ڪهڙي نظريي تي ڪجي، اِهو تمام اوکو ڪم آهي. هڪ ئي پهاڪي کي الڳ الڳ ماڻهو الڳ الڳ نظر سان ڏسندا آهن. اِن ڪري هڪ ئي پهاڪي جي باري ۾ يا اُن جي مطلب جي باري ۾ سڀني جي راين ۾ تفاوت اچي وڃي ٿو. مثال طور؛ ’آئي ٽانڊي کي، بورچياڻي ٿي ويٺي‘. پهاڪي جو لفظ مطلب آهي ته آئي هُئي ٽانڊو کڻڻ، پر موقعو ڏسي اُتي ئي پنهنجي ماني پچائڻ لڳي، پر ٻئي پاسي اِنهيءَ جو مطلب نڪري ٿو ته ڪنهن کي گهرجائو سمجهي پنهنجي گهر ۾ ٻن ڏينهن لاءِ آسرو ڏنو، پر هاڻي گهڻيئي ڏينهن نڪري ويا آهن، پر هو شخص وڃڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.
اهڙن پهاڪن کي ڏسي ۽ سمجهي اهو مطلب اُٿي ٿو ته اِن قسم جي پهاڪن کي ڪهڙي گروهه ۾ رکجي؟ اِنهيءَ پهاڪي جا ٽي الڳ الڳ گروهه هن ريت ٿي سگهن ٿا؛ لفظي معنيٰ جو گروهه، لفظي معنيٰ کان الڳ ٻي معنيٰ وارو گروهه ۽ پهاڪي ۾ ڪتب آيل لفظ ’ٽانڊو‘ يا ’بورچاڻي‘ وارو گروهه.
هتي هڪ ڳالهه چوڻ جوڳي آهي ته پهاڪن جو هڪڙو ساڳيو گروهه مقرر ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته پهاڪن جا الڳ الڳ موضوع ٿين ٿا ۽ اُنهن کي ڪنهن هڪ حد يا دائري ۾ ٻڌي نه ٿو رکي سگهجي، پر تڏهن به گروهه ۾ ورهائڻ جي اصول بابت عالمن ڪجهه اصول مقرر ڪيا آهن. اچو ته اُنهن تي ويچار ڪريون.
’بِهار پراوَربس‘ (Bihar Proverbs) جي سهيڙيندڙ جان ڪرشچين پهاڪن کي هيٺ ڏنل اصولن موجب ورهايو آهي:
- ماڻهن جي هار، اوڻاين ۽ غلطين بابت.
انهيءَ طرح مئنوارنگ پنهنجي ’مَراٺي پراوربس‘ (Marathi Proverbs) نالي ڪتاب ۾ پهاڪن کي هيٺ ڏنل چوڏهن گروهن ۾ ورهايو آهي:
ڊاڪٽر ڪنهيالال سهل پهاڪن جي (Classification) جا مکيه ٻه نظريا ٻڌايا آهن، جيڪي هيٺين ريت آهن:
شڪلي ورڇ |
موضوعاتي ورڇ |
(1) تُڪ (2) ڇند (3) اَلنڪار (صنايع بدايع)
(4) سماجي انصاف
(5) خيال، ويچار
(6) آدم شماري (7) فرد |
(1) تاريخي پهاڪا (2) جڳهه بابت پهاڪا (3) سماج جو چِٽُ - ذاتين بابت - زالن بابت (4) سکيا، گيان (ڄاڻ) ۽ ادب - تعليمي پهاڪا - نفسياتي پهاڪا - راجسٿاني ادب ۾ پهاڪا (5) ڌرم يا مذهب ۽ زندگي - شَڪُن بابت ڌرم يا مذهب خلقيندڙ بابت پهاڪا - پکين سان متعلق (نيڪ وقت سان تعلق رکندڙ) - عوام جي عقيدن بابت - زندگيءَ بابت (6) ٻني ٻاري بابت (7) مِينهن بابت (8) ٻين موضوعن تي پهاڪا |
ڊاڪٽر شِشي شيکر تِواري پنهنجي ڪتاب ’ڀوجپُري لوڪوڪِتيان‘ ۾ پهاڪن جي درجابنديءَ جا ٽي اصول يا بنياد ٻڌايا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
پهاڪن جي اصولن بابت ماهرن جا جيڪي به رايا اسين مٿي ڏسي آيا آهيون، اُنهن ۾ مشابهت نظر نه ٿي اچي. پهاڪن جي وسيع ايراضيءَ ۾ تفاوت هئڻ لازمي آهي، پر اِن هوندي به ڊاڪٽر شِشِي شيکر تِواريءَ پنهنجي ڪتاب ’ڀوجڀري لوڪو ڪِتيان‘ ۾ ڊاڪٽر سهل جي موضوع موجب ورڇ ڪرڻ کي سائنسي درجابندي چيو آهي. (ص 41)
ساڳي ئي صفحي تي ڊاڪٽر تِواري وري لکي ٿو ته: ”شڪل جي آڌار تي پهاڪن جي درجابندي ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته پهاڪن ۾ هڪ ئي هنڌ تي گهڻيئي عناصر اچي وڃن ٿا. گهڻو ڪري هرهڪ پهاڪي ۾ لئه، اَلنڪار (سينگار) ۽ لفظ جي طاقت جو مثال ملي ٿو. اِنهيءَ لاءِ پهاڪن جي شڪلي ورڇ ڪرڻ غيرسائنسي آهي، پر شڪلي اڀياس هميشه ڪارائتو آهي.
ڊاڪٽر شِشِي شيکر هڪ نئين اصول ’پرڪرڻ يا پرسنگ جي آڌار تي درجابنديءَ تي زور ڏنو آهي. سندس دليل آهي ته پهاڪن جو استعمال اُن جي ميلاپ ۾ مقصد سان گڏ ٿئي ٿو. اِنهيءَ لاءِ عام ماڻهوءَ کي متاثر ڪندڙ موضوعن جو اڀياس پهاڪن جي آڌار ڪري سگهون ٿا.
وِشوَناٿ دِنڪرَ نَرَوَڻي ’ڀارتييه ڪهاوَت ڪوش‘ ۾ لکي ٿو ته پهاڪا پنهنجي وڏي تعداد ۽ خاص قسمن جي ڪارڻ، درجابنديءَ ۾ مشڪلاتون پيدا ڪن ٿا. ان ڪري پهاڪن جي درجابنديءَ لاءِ ڪوبه سائنسي طريقي جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. انهيءَ لاءِ صحيح طريقو اِهو آهي ته ورڻ مالا موجب ئي پهاڪن کي گڏ ڪرڻ گهرجي.
منهنجي ويچار ۾ پهاڪن کي موضوع موجب الڳ الڳ حصن درجن ۾ رکڻ وقت اُن جي حاصل مطلب مقصد کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي. مثال طور:
هن پهاڪي ۾ اسان جو مطلب ڪوُئي جي اٽي کائڻ ۽ گابي جي مار پوڻ سان بلڪل نه آهي، پر حقيقت ۾ اِن جو گهربل مطلب آهي ته ڏوهه هڪڙي ڪيو آهي، پر اُنهيءَ جي سزا وري ٻئي کي ملي آهي. هِن پهاڪي ۾ ڪوُئو ۽ گابو فقط مثال طور کنيا ويا آهن. ڪوئو علامت آهي، ڏوهاري شخص جي ۽ گابو علامت آهي بي ڏوهي يا بيگناهه ماڻهوءَ جي. ڪنهن گهر ۾ مالڪ جو جتي اَٽو رکيو هو، اُتي ڪوئا گهڻا هئا. اُهي اٽو کائي وڃي، ٻِرن ۾ لڪيا. اتفاق سان ٿوري وقت کان پوءِ اُتي هڪ گابو اچي پهتو ۽ ان به باقي بچيل اٽو کائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اوڏي مهل اٽي جو مالڪ به اچي پهتو. هُن ڏٺو ته اٽو کاڌو پيو آهي ۽ ڀرسان گابو بيٺو آهي. اِن ڪري هُن سمجهيو ته سندس اٽو انهيءَ گابي ئي کاڌو آهي. بس پوءِ ته ڪاوڙ وچان هو گابي تي لٺين جو وسڪارو ڪرڻ لڳو.
پهاڪن کي جدا جدا درجن ۾ رکڻ وقت هن پهاڪي کي ڪوُئي يا گابي جي درجي ۾ رکڻ غلط ٿيندو. انهيءَ بدران پهاڪي جو حاصل مطلب کڻڻ گهرجي ته ”ڏوهه هڪڙو ڪري ۽ سزا ٻئي کي ملي.“ پوءِ اِن مطلب وارا ٻيا به پهاڪا ان ساڳئي درجي ۾ رکبا. جيئن ته:
ڪي پهاڪا اهڙا به آهن، جيڪي پرسنگ موجب لفظي معنيٰ ۾ به کڻي سگهجن ٿا، ته انهن جي حاصل مطلب موجب به کڻي سگهجن ٿا. مثال طور: ”اُٺ ٻڍو، تڏهن به ٻه ڪوانٽ لهي“. اِن جو مطلب آهي ته اُٺ ٻڍو ٿي ويندو ته به ٻن جوان اُٺن برابر آهي. يعني اُنهن جيترو ساڳيو ئي بار کڻي سگهندو. هِتي اسين جڏهن اُٺن جي ڳالهه پيا ڪريون ۽ اُنهن جون خاصيتون ٻڌايون، تڏهن اُن حوالي موجب لفظي معنيٰ ۾ هيءُ پهاڪو کڻبو، پر جڏهن ڪنهن وڏيءَ عمر واري سياڻي ۽ تجربيڪار شخص جو بيان پيو ڪيو وڃي ته پوءِ اُتي هن پهاڪي جو استعمال معنيٰ موجب کڻبو. اُن ۾ ٻڍي اُٺ جو مطلب ٿيندو ”سياڻو، آزمودگار، تجربيڪار ماڻهو.“ ٻئي طرح ڪوانٽ جو مطلب ٿيندو ”ننڍي عمر وارو، اڻ آزمودگار، ٻاراڻي سڀاءُ وارو ماڻهو.“ پهاڪن جي مجموعي ۾ جيڪڏهن هن پهاڪي کي شامل ڪبو ته اِهو جانورن جي درجي اندر ’اُٺ‘ جي ڪلاس ۾ ٻين پهاڪن سان گڏ رکبو، ته ٻئي طرف ”وڏن ۾ وڏو فن“ موضوع جو مطلب ڏيندڙ پهاڪن ۾ به شامل ڪبو.
موضوع موجب پهاڪن جي ورهاست ڪرڻ ۾ اِهي مشڪلاتون ڏسي گهڻو ڪري سڀني ٻولين ۾ ورڻ مالا (الف- ب) موجب پهاڪن جا مجموعا يا ڪوش تيار ڪرڻ جو طريقو وڌيڪ پسند ڪيو ويو آهي.
Y
* جيٽلي مرليڌر، سنڌي پهاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس)، پونو، 1993، باب ڇهون جي آڌار موجب بحث ڪيل.