ڪتاب جو نالو | سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي |
سنڌيڪار / ترتيب | ڦلومل ميگهواڙ، (نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين) |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-116-3 |
قيمت | 350 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 543163 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي ٻولي، ڀارت جي آريائي ٻولين جي ڪٽنب مان هڪ ٻولي آهي.· اها هند پاڪ اُپکنڊ جي هاڻوڪين ٻولين ۾ مکيه جاءِ والاري ٿي. ٻوليءَ جي ماهرن هاڻوڪين ڀارت جي آريائي ٻولين جي ارتقا جنهن ريت سمجهائي آهي، اُن موجب سنڌي ٻوليءَ جو جنم اُنهيءَ اوائلي پراڪرت ٻوليءَ مان ٿيو آهي، جيڪا ويدن واري زماني ۾ يا اُن کان به ڪجهه صديون اڳ، هاڻوڪي سنڌ واري ايراضيءَ ۾ ۽ اُن جي آس پاس ڳالهائي ويندي هئي. اُنهيءَ جي جهلڪ اسان کي ڪي قدر رِگ ويد جي منترن جي ٻوليءَ ۾ ملي ٿي. رگ ويد جي ٻولي اُن دؤر جي اُتر- اولهه هندستان جي ٻولچال وارين اوائلي پراڪرت ٻولين جي ادبي شڪل آهي.
ٻوليءَ جي ماهرن هند- آريائي ٻولين جي ارتقا کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو آهي. اُهي هن ريت آهن:
انهن ٽنهي دؤرن ۾ هندستان جي آريائي ٻولين جي ارتقا کي هيٺين ريت سمجهائي سگهجي ٿو:
هيءُ دؤر رگ ويد جي ٻوليءَ کان وٺي عيسوي سن کان اٽڪل 600 سال اڳ تائين آهي. هن دؤر ۾ اوائلي پراڪرت ٻوليون، ويدڪ سنسڪرت يا ڇندسَ ۽ لوڪ سنسڪرت ٻولي شامل آهن. عيسوي سن کان اٽڪل 600 ساڳ اڳ پاڻيني مُني پنهنجي مشهور وياڪرڻ جي ڪتاب اشٽا ڌياييءَ (اٺن بابن وارو) ۾ عوامي ٻول چال واري سنسڪرت (ٻوليءَ) جي شڪل تفصيل سان سمجهائي آهي. اِها ٻولي اُن وقت هندستان جي جدا جدا حصن ۾ سماج جي اوچي طبقي جا ماڻهو ڳالهائيندا هئا. رامائڻ، مهاڀارت، سنسڪرت جا ٻيا شعري ڪتاب ۽ ناٽڪ وغيره اِنهيءَ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. پاڻِيني مُنيءَ جي وياڪرڻ جي ڪتاب ’اشٽا ڌياييءَ‘ جي رچنا کان پوءِ سنسڪرت ٻولي جي ويڪارڻي شڪل ۾ تبديلي ٿيڻ گهڻو ڪري بند ٿي ويئي هُئي. انهيءَ جو ٻيو مکيه ڪارڻ اِهو به آهي جو سنسڪرت جو واهپو روزمرهه جي زندگيءَ جي ٻول چال واري ٻوليءَ جي شڪل ۾ گهڻي قدر گهٽجي ويو هو. اُها پوءِ زندگيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي ادبي ٻولي جي شڪل ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. هن دؤر ۾ سنسڪرت سان واسطو رکندڙ ٻولين کي گڏي ”آڳاٽي هندستان جون آريائي ٻولين“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
هيءُ دؤر هندستان جي ٻولين جي ارتقا جو اهو دؤر آهي، جيڪو پاڻيني مُنيءَ جي زماني (عيسوي سن کان اٽڪل 600 سال اڳ) کان وٺي 1000 عيسوي سن جي لڳ ڀڳ تائين آهي. انهيءَ دؤر جي آريائي ٻولين کي گڏي ”وچئين دؤر جون هند آريائي ٻوليون“ نالو ڏنو ويو آهي. هن دؤر جي ٻولين جي ڄاڻ اسان کي ان زماني جي لکيتن مان ملي ٿي. اُهي مکيه طور هن ريت آهن:
(الف) پالي ۽ اشوڪ جا شِلا ليک:
(600 سال عيسوي سن کان اڳ واري زماني کان وٺي عيسوي سن جي شروعات تائين).
اُهي اوائلي پراڪرت ٻوليون، جن مان ويدن جي سنسڪرت جو ارتقا ٿيو، انهن جي ٻول- چال واري شڪل ۾ ڦيرگهير ٿيندي پئي رهي. پاڻيني مُنيءَ جي زماني ۾ ئي اوڀر هندستان وارن ڪن علائقن ۾ رهندڙ آريا لوڪن جي ٻولين ۾ وياڪرڻ ۽ اُچارن جي لحاظ کان چڱي تبديلي اچي وئي هئي. اها پوءِ هندستان جي ٻين حصن جي آريائي ٻولين ۾ به نظر اچڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هندستان جي آريائي ٻولين جي ارتقا جو وچيون دؤر شروع ٿيو.
وچين دؤر ۾ هندستان جي آريائي ٻولي جي شڪل ۾ جيڪا تبديلي آئي، اُن جي ڄاڻ اسان کي پاليءَ ٻوليءَ ۾ لکيل ٻُڌ ڌرم جي ساهت ۽ اشوڪ جي پٿر تي لکيل ليکن جي ٻوليءَ مان ملي ٿي. اُن زماني ۾ هندستان جي آريائي ٻوليءَ جي ٻول- چال واري شڪل ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽِن لهجن جا روپ ظاهر ٿي بيٺا، جيڪي هئا، اوڀر، اولهه ۽ اُتر- اولهه وارا روپ.
(ب) ادبي پراڪرت ٻوليون:
عيسوي سن جي شروعات ڌاري هندستان جي جدا جدا ايراضين ۾ اوائلي پراڪرت ٻولين مان ڪن ٻولين جي ايتري ته ارتقا ٿي جو انهن ۾ به لکيل شڪل ۾ ادب سرجڻ لڳو. اهڙين ادبي ٻولين جا پوءِ وياڪرڻ لکيا ويا، ته انهن جو به روپ مقرر ٿي ويو. هن دؤر ۾ سنسڪرت ۽ پالي ٻولين سان گڏ جيڪي ٻيون ٻوليون ادب سرجڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳيون، انهن کي ”پراڪرت“ نالو ڏنو ويو. هن دؤر جون مکيه پراڪرت ٻوليون هن ريت آهن:
(ج) اَپڀرنش:
جڏهن پراڪرت ٻولين جو ادب ۾ استعمال ٿي رهيو هو، تڏهن انهن جي ٻول- چال واري شڪل ۾ لڳاتار تبديلي ايندي پئي رهي. پراڪرت وياڪرڻ لکندڙن انهن ڳالهائڻ ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين کي ”اَپڀرنش“ (بگڙيل، ڪِرِيل) ڪري سڏيو. عيسوي پنجين صديءَ جي لڳ ڀڳ انهن اپڀرنش ٻولين ۾ به ادب تخليق ٿيڻ شروع ٿيو. ادبي سطح تي پهچڻ کان پوءِ وياڪرڻ جي اُستادن انهن جي شڪل سمجهائڻ لاءِ اپڀرنش جا وياڪرڻ لکيا. انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اپڀرنش جا مکيه طور تي جيڪي علائقائي روپ هئا، اُهي هن ريت آهن:
انهن ٽنهي مان ناگر اپڀرنش ۾ ئي گهڻو لکيل اپڀرنش ادب ملي ٿو. حقيقت ۾ ڏسجي ته جدا جدا ايراضين ۾ اپڀرنش جون ٻول چال ۾ گهڻي ئي شڪليون هيون، جن جي ڄاڻ اسان کي لکيل ادب مان ڪانه ٿي ملي. مارڪڻڊييهَ نالي هڪ وياڪرڻ جي عالم اپڀرنش جون ستاويهه شڪليون ڄاڻايون آهن.
جڏهن اپڀرنش جي ڪن ٻولين ادبي درجو حاصل ڪيو، تڏهن اُنهن جي ادبي شڪل وياڪرڻ جي اصولن ۾ جڪڙجي هڪ هنڌ بيهي ويئي، پر ٻئي طرف اپڀرنش جي ٻول چال وارين شڪلين ۾ لڳاتار تبديلي ايندي رهي. اهڙي طرح جدا جدا ايراضين ۾ اپڀرنش ٻولين ڏهين عيسوي صديءَ جي آسپاس بدلجي هاڻوڪين ٻولين جي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. 13 - 14 هين عيسوي صديءَ تائين جن ٻولين ۾ آڳاٽيون لکتون مليون آهن، انهن جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته نئين دؤر ۾ داخل ٿيڻ وقت انهن ۾ اپڀرنش جي شڪلين سان گڏوگڏ نيون وياڪرڻي خاصيتون به ملن ٿيون. اُهي پوءِ آهستي آهستي وڌنديون ٿيون وڃن. اهڙيءَ طرح هاڻوڪين ڀارتي آريائي ٻولين (سنڌي، هندي، پنجابي، گجراتي، مراٺي، راجسٿاني، برج، اَوَڌي، ڀوجپوري، بنگلا، اَسامي، اُڙيا وغيره) ارتقا جو قديم ۽ وچيون دؤر پار ڪري ڏهين عيسوي صديءَ جي لڳ ڀڳ پنهنجو نرالي شڪل اختيار ڪئي آهي.
1.2 سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ خصوصيتون:
اسان جي سنڌي ٻوليءَ به ڀارت جي آريائي ٻولين جي ارتقا ۾ آڳاٽو ۽ وچيون دؤر پار ڪري ڏهين عيسوي صديءَ جي لڳ ڀڳ پنهنجي نرالي شڪل کي ظاهر ڪيو آهي. پندرهين عيسوي صديءَ جي آخر تائين اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ادب ايترو گهڻو نه ملي سگهيو آهي، جو ان جو اڀياس ڪري اسين تفصيل سان اُن دؤر جي سنڌيءَ جي وياڪرڻي شڪل سمجهي سگهون، پر اسان کي ڪجهه اهڙا حوالا ضرور ملن ٿا، جن جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جون مکيه لساني خاصيتون ڄاڻي سگهون ٿا. انهيءَ جا ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا:
”هِمَوَتُ- سنڌُ- سؤ ويرانُ يي جناهه سَپپا شرِتا:
اُڪار بَهُلان تجگيه: تيشو ڀاشان پريوج جييت...“
مطلب ته هماليه ٻولين، سنڌ ۽ سؤوير علائقن ۾ جيڪي ماڻهو رهندا آهن، تن جي ٻولين ۾ ناٽڪ نويسن کي ”اُ“ سُر (آواز) جو گهڻو استعمال ڪرڻ گهرجي.
هيءُ هدايت ڀرت منيءَ انهيءَ ڪري ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته هن پاڻ هماليه، سنڌ سؤوير جي رهاڪن جي ٻول چال واري ٻوليءَ ۾ ’اُڪار‘ (الف جنهن مٿان پيش هجي) جو واهپو ٿيندو ٻڌو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اِها خاصيت اڄ تائين موجود آهي. جيئن ته: پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، سَسُ، ڪنُ، هٿُ، واتُ، لکڻ، پڙهڻُ، اُٿُ، لِکُ، وڃُ، گهُمُ وغيره.
(2) اٺين عيسوي صديءَ ۾ جڏهن محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ هيٺ عربن سنڌ تي ڪاهه ڪري ان جو ڳچ حصو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، تڏهن سنڌ جي ٻولي ”اپڀرنش سنڌي“ هئي. اُن کي ’جهوني سنڌي‘ به چئي سگهجي ٿو، اُن دؤر جي سنڌيءَ ۾ اَپڀرنش جي خاصيتن سان گڏ سنڌيءَ جون پنهنجون گهڻيئي نراليون وصفون به اوسر پائي رهيون هيون. اُڪار (الف تي پيشُ) جو گهڻو استعمال اپڀرنش جي به خاصيت آهي، جيڪا سنڌيءَ ۾ پراڪرت دؤر کان وٺي نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ عربن جي حڪومت برپا ٿيڻ کان پوءِ سنڌيءَ تي عربي ٻوليءَ جو اثر پوڻ لڳو. اِنهيءَ ڪري گهڻيئي عربي لفظ سنڌي ٻوليءَ جي تاڃي- پيٽي ۾ شامل ٿي ويا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي ٻوليءَ جي آوازي تند جي سرشتي ۾ چار عربي آواز به جذب ٿي ويا. اُهي آهن: خ، غ، ز، ف. اِنهن جا اُچار عربي- فارسي ڄاڻندڙ سنڌي عالم ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ عام طور ڪندا آهن. ٻئي طرف ڏسجي ته ڪجهه عربي حرف فقط عربي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪتب اچن ٿا، پر اُنهن جو اُچار ڪوبه سنڌي ٻول چال ۾ نه ڪندو آهي. اِهي حرف آهن:
ق، ط، ظ، ض، ذ، ث، ص، ح، ع.
(3) آوازي تند جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻي مکيه خاصيت جيڪا پراڪرت دؤر کان وٺي پيدا ٿي آهي، اها آهي چار چوُسڻا آوازي تت (ڳ، ڄ، ڏ، ٻ) ۽ ڱ، ڃ/ نوناسڪ (نڪوان) وينجن. انهن جو جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ صحيح اُچار نه ڪبو ته گهربل معنيٰ نه ملندي. مثال طور: لفظن جا هيٺ ڏنل جوڙا ڏسو:
ڳ - ڳِلا- گِلا؛ ڳارو- گارو
ٻ- بارُ- ٻارَ؛ ٻِلو- بِلو
ڄ - ڄارو- جارو؛ ڄام- جام
ڏ- ڏائِي، ڊائِي، دائي؛ پَڏُ- پدُ- پڊُ- مڱ- مڃ- مڻ- من- مم.
(4) سنڌي ٻوليءَ سنسڪرت، پالي، پراڪرت، اپڀرنش جا ڪجهه وياڪرڻ وارا روپ پاڻ وٽ سنڀالي رکيا آهن، جيڪي ٻين هاڻوڪين هند آريائي ٻولين مان گهڻو ڪري گم ٿي ويا آهن:
(الف) سنجوڳي وِڀَڪِتيوُن: (ڳنڍيل ٽڪرا)
گهر = (گهرُ+ اِ)، (سنسڪرت- گرهي)
هٿان (هَٿُ + آن) (سنسڪرت: هَستات)
(ب) ڪرمڻي (فعل) ڀاوي ڪلام جا روپ:
پڙهجي (پڙهه+ اِ ج + اي) (سنسڪرت: پَٺَويَتي)
جيئجي (جي+ اِج + اِي) (سنسڪرت: جيوَيَتي)
(ٻ) ڪرمڻي ڀوت ڪردنت (فعل ماضي) جا آڳاٽا روپ:
سنڌي |
پراڪرت |
سنسڪرت |
تَتو لڌو گَٺو ڀڳو تُٺو |
تَتَ لڌ گٽٺ ڀگ تُٽٺَ |
تَپت لَٻڌ گهرشٽ ڀَڳنَ تُشٽَ |
(5) سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين جو به استعمال اسم، فعل سان گڏ ڪري سگهجي ٿو. اِها خاصيت هاڻي فقط سنڌيءَ ۽ ڪن ٻين هند آريائي ٻولين ۾ نظر اچي ٿي. مثال طور:
پُٽُس (پُٽُ + سِ) – هُن جو پُٽُ
کيس (کي+ سِ) – هُن کي
کينِ (کي + نِ ) – هُنن کي
لکِيَائينس (لِکيو + آئين+ سِ) – هُن هُن کي لکيو
لکيو مانءِ (لکيو + مان+ اِ) – مون توکي لکيو.
سنڌي |
سنسڪرت |
اڻاسو جُهورُ جُوءِ آڱارو آچرُ وَلَهو ڄڃ |
اناسَهه جُوريهَه يوُتِ انگارڪوارهه آدِتيهَ وارهه ولڀ جَنيهَ |
مٽي مائٽي ڏيکارڻ لاءِ جڏهن هندي ۽ ٻيون هاڻوڪيون آريائي ٻوليون ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ ڪم آڻين ٿيون، تڏهن سنڌي ٻولي هڪ ئي لفظ ذريعي انهن جو اظهار ڪري ٿي. مثال طور:
سنڌي |
هندي |
سنڌي |
هندي |
سؤٽُ سؤٽِ ماروٽُ ماروٽِ پُڦاٽُ پُڦاٽِ |
چچيرا ڀائي چچيري بَهِن مميرا ڀائي مميري بهن ڦڦيرا ڀائي ڦڦيري بهن |
نراڻوٽُ نراڻوٽِ سيڻوٽُ سيڻوٽِ ڏيروٽُ ڏيروٽِ |
نَنَدڪا لڙڪا نند ڪي بيٽي سمڌي ڪا بيٽا سمڌي ڪي بيٽي ديورَ ڪا بيٽا ديور ڪي بيٽي |
اِن طرح جانور، پکي، جيت، جڻيا، جڙيوُن ٻوٽيوُن وغيره. گهڻيئي شيون آهن، جن جا جدا جدا نالا، سنڌيءَ ۾ ملن ٿا. اِن ڪري چئي سگهجي ٿو ته لفظي خزاني (vocabulary) جي لحاظ کان سنڌي تمام شاهوڪار ٻولي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي اهڙين لساني خاصيتن کي ڏسي، ڪي سنڌي عالم سنڌي ٻوليءَ جو بنياد دراوڙي يا ٻين غير آريائي ٻولين ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر لساني اصولن جي خيال کان اها ڳالهه درست نه آهي. سنڌي ٻولي لفظي خزاني توڙي وياڪرڻي بيهڪ جي لحاظ کان اٽڪل 75 سيڪڙو ٻين هاڻوڪين هندستان جي آريائي ٻولين سان هڪجهڙائي ڏيکاري ٿي. اِن ڪري اين جو جنم ۽ ارتقا به ٻين هند آريائي ٻولين وانگر سمجهڻ گهرجي.
1.3 سنڌي ٻوليءَ جا لهجا:
ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ گريئرسن جي مشهور ڪتاب ”لِنگوسٽڪ سروي آف انڊيا“ (جلد-8، ڀاڱو 01) جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جا مکيه اهم لهجا هن ريت ڄاڻايا آهن.
(1) سِريلي: اُتر سنڌ ۾ نصرپور کان وٺي اٻاوڙي تائين ۽ سيوهڻ - دادوءَ کان وٺي ڪشمير تائين جيڪا ايراضي آهي، تنهن کي ’سِرو‘ چئجي ٿو. اُن ايراضيءَ جي ٻوليءَ کي ’سِريلي‘ چوندا آهن.
(2) وچولي: سنڌ جي وچ واري حصي جي ٻولي. اِهو علائقو ڪنڊياري ۽ دادو جي اتر واري ڀاڱي کان وٺي ڏکڻ ۾ ڪوٽڙيءَ تائين آهي. وچولي سنڌيءَ کي تعليم ۽ لکيل ادب ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو. اهو سنڌ جو معياري ۽ ادبي لهجو آهي.
(3) لاڙي: سنڌ جو ڏاکڻو ڀاڱو، جيڪو وچولي جي هيٺان آهي ۽ وڃي سمنڊ سان لڳو آهي، اُن کي ’لاڙ‘ چئجي ٿو ۽ اُن علائقي جي ٻولي ’لاڙي‘ آهي.
(5) لاسي: اهو لس ٻيلي واري ايراضيءَ جو لهجو آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي اولهه ۾ بلوچستان واري ايراضي آهي.
(6) ڪڇي: ڪڇ واري علائقي جي لهجي کي ”ڪڇي“ سڏجي ٿو. ڪڇ جو علائقو ڀارت جي گجرات صوبي جو هڪ ضلعو آهي ۽ ڏکڻ سنڌ سان وڃي ملي ٿو.
مٿي سنڌيءَ جا جيڪي پنج لهجا ڄاڻايا ويا آهن، اهي مکيه ليکجن ٿا. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“. اِن ڪري جيڪڏهن باريڪيءَ سان جاچبو ته سنڌي ٻوليءَ جا ننڍا ننڍا علائقائي فرق اڃا به وڌيڪ ملي ويندا، ان کي خيال ۾ رکي حيدرآباد سنڌ ۾ برپا ڪيل سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان سنڌيءَ جي اڀياس جي رِٿا هٿ ۾ کنئي ويئي. گذريل ڏهن ٻارهن سالن ۾ ان باري ۾ نئين معلومات ڏيندڙ ڪجهه ڪتاب پڻ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. جيئن ته ”سبيءَ جي ٻولي“، ”ماٿيلي- اوٻاوڙي جي ٻولي“، ”اُترادي ٻولي“، ”شڪارپور جي ٻولي“، ”ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي“، ”ٿر جي ٻولي“ وغيره. اِهي ته سنڌي ٻوليءَ جا علائقائي تفاوت آهن. پر ٻيا ڀيد فرق ڪمن، ڌنڌن ۽ ذاتين جي لحاظ کان به آهن. اِنهن جي به باريڪبينيءَ سان ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي. مثال طور، ڀيلن، ميگهواڙن جي ٻولي. مهاڻن ۽ ماڇين جي ٻولي، ميمڻن جي ٻولي، اوڏن، سوڍن جي ٻولي وغيره.
ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي هندن جي ٻولي هاڻي گهڻو قدر وچولي معياري سنڌيءَ جو روپ وٺي چڪي آهي. اُن مان علائقائي فرق گهڻو ڪري گم ٿي چڪا آهن. ڀارت ۾ اُهي ڪالونيون ۽ شهر جتي سنڌ جي جدا جدا حصن مان آيل سنڌي هڪ هنڌ رهن ٿا، اتي سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جو تفاوتُ وڏيءَ عُمِر وارن سنڌين ۾ اڃا تائين نظر اچي ٿو.
1.4 آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي حالت:
سن 1947ع ۾ جڏهن هندستان کي انگريزن جي غلاميءَ مان آزادي ملي ته ان سان گڏ اسان کي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پيئي. اهو هو ملڪ جو ورهاڱو. هند واسين جي ڦوٽُ جو فائدو وٺي انگريزن هندستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي ويا. اُهي آهن ڀارت ۽ پاڪستان. هيءُ ورهاڱو مذهب جي آڌار تي ڪيو ويو ۽ مسلمانن کي جدا اسلامي ملڪ ’پاڪستان‘ ٺاهي ڏنو ويو. 1947ع ۾ پاڪستان کي ڀارت جي ٻن طرف اوڀر ۽ اولهه پاسي جا علائقا ڏنا ويا، جِن کي ’اوڀر پاڪستان‘ ۽ ’اولهه پاڪستان‘ سڏيو ويو، پر 1971ع ۾ ڪن سياسي ڪارڻن جي ڪري ’اوڀر پاڪستان‘ جو علائقو ’بنگلاديش‘ جي نالي سان جدا ملڪ بڻجي ويو. هاڻي پاڪستان ۽ بنگلاديش، ٻئي اسلامي ملڪ آهن. جاگرافيائي نظر سان ڀارت انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهي. آزاديءَ کان پوءِ ڀارت پنهنجي نظريي ۾ هن ملڪ کي ’سِڪيولر اسٽيٽ‘ اعلان ڪيو ۽ هِن ملڪ ۾ سڀني مذهبن جي ماڻهن کي هڪجهڙائي وارا حق ڏنا ويا.
ملڪ جي ورهاڱي جو گهڻي ۾ گهڻو خراب اثر سنڌين تي پيو آهي. پنجابي ۽ بنگلا ٻوليون ڳالهائيندڙن کي پنهنجي ٻوليءَ جي ايراضيءَ جا حصا آزاد ڀارت ۾ به حاصل ٿيا، جتي پڻ سندن ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي ارتقا ٿي رهي آهي. پر ٻئي طرف پاڪستان ٺهڻ وقت سڄو سنڌ صوبو پاڪستان ۾ ئي شامل ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان علائقي جي رهاڪن ۾ مسلمانن جي گهڻائي هئي. اِن جو نتيجو اهو نڪتو جو اٽڪل ٻارهن لک سنڌي هندو حالتن کان مجبور ٿي، پنهنجا اباڻا ڇنا ڇڏي، پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏي، ڀارت ۾ لڏي آيا. سنڌ مان لڏي هو آزاد ڀارت جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهلجي ويا. سنڌي بي وطن بڻجي هن ملڪ ۾ آيا، پر پنهنجي کوج ۽ محنت سان هُو نئين سر ڀارت ۾ پنهنجي نئين زندگي شروع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. گذريل پنجاهه سالن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڀارت ۾ چڱيءَ طرح وسي ويا آهن. سنڌي ڀارت ۾ هاڻي گهڻيئي فلاحي ڪم به ڪري رهيا آهن. اڄ ڪلهه ڀارت جي ارتقا ۾ سنڌين جو ڪافي وڏو ڪردار آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڏسجي ته اُن کي ڀارت سرڪار 10 اپريل 1967ع جي ڏينهن تي ”سنوڌان“ ۾ شامل ڪيو. اِن ڪري ڀارت سرڪار طرفان ملڪ جي مکيه ادبي ارتقا جا جيڪي ترقيءَ جا منصوبا عمل ۾ آيا آهن، اهي سنڌي ٻوليءَ سان به لاڳو ٿين ٿا. ڀارت ۾ مرڪزي سرڪار، سنسڪرت، اردو ۽ سنڌيءَ جي ترقيءَ جي ذميداري پاڻ کنئي آهي. ٻين ٻولين جي ترقيءَ جو ڪم انهن جدا جدا صوبن جون سرڪارون ڪري رهيون آهن، جتي اهي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. سنسڪرت زبان ڀارتي تهذيب ۽ ثقافت جو سرچشمو آهي، اِها سڀني آريائي ٻولين جي بنياد ۾ آهي. اِن ڪري ان جي حالت نرالي آهي. اردو ٻولي پڻ هنديءَ وانگر سڄي ڀارت ۾ ڦهليل آهي، پر ان جي حالت سنڌيءَ کان بهتر آهي. اُها ڄمون - ڪشمير صوبي جي سرڪاري ٻولي آهي. دهلي، اتر پرديش ۽ بهار ۾ اُن کي ٻي سرڪاري ٻولي هئڻ جو درجو حاصل آهي. اِن کان سواءِ مرڪزي سرڪار توڙي ٻيون ڪجهه صوبائي سرڪارن ۽ ادارا اردوءَ جي واڌاري لاءِ لکين ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهيا آهن.
هاڻي جيڪڏهن اسين ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حالت تي ويچار ڪريون ته هن ملڪ جي هاڻوڪين ٻولين ۾ فقط سنڌي ٻولي ئي آهي، جنهن کي پنهنجو ڪوبه لساني ميدان يا علائقو نه آهي. اِها ڪنهن به صوبي ۾ سرڪار طرفان تسليم ٿيل سرڪاري ٻولي نه آهي. اِن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۾ گهڻيئي مشڪلاتون پيدا ٿي ويون آهن. گذريل 50 سالن جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته تعليم جي کيتر ۾ سنڌي ٻولي ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندي ويئي آهي. ڀارت ۾ هن وقت فقط گجرات، مهاراشٽر، راجسٿان، مڌيه پرديش، اتر پرديش ۽ دهليءَ ۾ دستوري تعليم ۾ سنڌي پڙهائي وڃي ٿي. ٻين صوبن جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي ادارن ۾ ڪابه جاءِ نه ڏني ويئي آهي. اِن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته جن شهرن ۾ سنڌي گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، اُتي سنڌي ادارن طرفان سنڌي ٻولي سيکارڻ جي لاءِ ڪن ڪن هنڌن تي بندوبست ڪيو ويو آهي، پر انهيءَ جو دائرو تمام محدود آهي. سکيا جي ميدان ۾ سنڌيءَ جو استعمال گهٽ هئڻ ڪري سنڌيءَ ۾ ساهت سِرجڻ ۽ اُن جي ڦهلاءَ تي به گهڻو اثر پيو آهي. اِن ڪري نوجوان سنڌي گهڻي قدر پنهنجي ادبي ورثي کان ڪٽجي ويا آهن. انهن جي ٻوليءَ تي به هندي ۽ ٻين ڪن مڪاني ٻولين جو گهڻو اثر پيو پوي، جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي.
1.5 سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ:
تاريخي لحاظ کان ڏسجي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، جنهن ايراضيءَ ۾ ٿي آهي، اها هاڻوڪي سنڌ آهي. ڀارت جي آزاديءَ کان پوءِ اُهو سمورو حصو پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. اِن ڪري گهڻي ۾ گهڻا سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ پاڪستان ۾ رهن ٿا. پاڪستان جي آدمشماري جي رپورٽ سال 1981ع موجب ان ملڪ ۾ ڏيڍ ڪروڙ (15 ملين) رهواسي سنڌي مادري زبان طور ڳالهائيندڙ آهن. انهن ۾ گهڻا مسلمان آهن.
هن وقت سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندُن جو تعداد اٽڪل ڏهه لک کن آهي. ٻئي طرف ڏسجي ته گهڻا سنڌي هندو ملڪ جي ورهاڱي وقت ۽ ان کان پوءِ ڀارت ۾ لڏي آيا. اُهي هاڻي ڀارت جي جدا جدا صوبن ۾ رهن ٿا. سال 1991ع جي ڀارت جي آدمشماري رپورٽ موجب ڀارت ۾ 21,22,848 (ايڪويهه لک ٻاويهه هزار اٺ سؤ اٺيتاليهه) ماڻهن جي مادري زبان سنڌي آهي. انهن جا انگ اکر هن ريت آهن:
صوبو |
سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ |
گجرات مهاراشٽر راجسٿان مڌيه پرديش اُترپرديش دهلي آنڌراپرديش ڪرڻاٽڪ |
7,04,088 6,18,696 3,36,523 3,22,074 52,168 37,381 12,919 13,930 |
انهن کي ڇڏي ٻين جن صوبن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ رهن ٿا، انهن جو تعداد هرهڪ صوبي ۾ ڏهن هزارن کان گهٽ آهي. M. Vijayamuni, Census of India 1991 رپورٽ مطابق ڀارت جي ڪل آدمشماريءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد رڳو 0.31 سيڪڙو آهي. هن رپورٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اندر ان جي لهجي ڪڇيءَ کي به شامل ڪيو ويو آهي. اِهو به ڄاڻايل آهي ته مٿي ڏنل انگ اکرن ۾ 5,66,199 ماڻهن پنهنجي مادري ٻولي ڪڇي لکائي آهي.
راجسٿان ۽ گجرات جون حدون جيڪي سنڌ (پاڪستان) جي سرحدن سان لڳن ٿيون، اُتي جا رهاڪو گهڻا مسلمان به سنڌيءَ جا لهجا ڳالهائين ٿا، پر آزاديءَ کان پوءِ جيڪي سنڌي، سنڌ مان لڏي ڀارت ۾ اچي رهيا آهن، انهن جو سماجي وهنوار جي لحاظ کان ڪڇين ۽ سرحد تي رهندڙ سنڌي ٻولي وارن مسلمانن سان ڪوبه تعلق نه رهيو آهي.
ڀارت جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد گهڻو گهٽ ٿو نظر اچي. اِن جو مکيه ڪارڻ اهو ٿو لڳي ته سنڌين پنهنجي مادري ٻولي سنڌي داخل ڪرائڻ طرف گهڻو ڌيان نه ڏنو آهي. ڀارت ۽ پاڪستان کان سواءِ ٻين ملڪن ۾ به سنڌي ڳالهائيندڙ (هندو ۽ مسلمان) دائمي طور تي رهن ٿا. انهن جي آدمشماريءَ جا انگ اکر اڃا خاطريءَ جوڳا گڏ نه ڪيا ويا آهن. ٿلهي ليکي تخمينو ڪيو ويو آهي ته ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد به اٽڪل ٽيهه لک کن آهي. اِن حساب مان ظاهر آهي ته سڀني ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد ٻن ڪروڙن کان گهٽ ناهي.
1.6 سنڌي لوڪ سنسڪرتي/ ثقافت:
پهاڪا لوڪ سنسڪرتي يا ثقافت جو حصو آهن. اِنهيءَ ڪري هتي ٿوري ۾ اِن موضوع تي روشني وجهجي ٿي. سنسڪرتي لفظ جي لياقت تي جيڪڏهن اسين ويچار ڪريون ته انهيءَ جي معنيٰ کي سمجهڻ ۾ گهڻي مدد ملي سگهندي. هي لفظ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو آهي، جيڪو ’ڪر‘ ڌاتوءَ ۾ اُپسرگ ’سَمُ‘ ۽ ’تِ‘ پڇاڙي لڳائڻ سان ٺهيو آهي. اِن جي لفظي معنيٰ آهي سنسڪار ڪرڻ يا اهم رسم ادا ڪرڻ يا ڪنهن شيءِ کي سنسڪرت (سڌريل) شڪل ڏيڻ جي ريت يا خواهش، صاف ڪرڻ سجائڻ، سينگارڻ. انگريزيءَ ۾ انهيءَ جو هم معنيٰ لفظ آهي ’ڪلچر‘ (Culture). انهيءَ جي لفظي معنيٰ آهي ”زمين کي سڌاري، سنواري، صاف ڪري کيتيءَ جوڳو بڻائڻ“. پر سماجي علم (Sociology) ۾ سنسڪرتيءَ يا ڪلچر لفظ جو مطلب ”ڪنهن سماج جون اُهي سڀ ڳالهيون، جن مان معلوم ٿئي ته، اُن سماج، شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪهڙن خاص ميدانن ۾ ڪيتري ترقي ڪئي آهي.“ سنسڪرتيءَ جي ويجهو ٻيو لفظ آهي ’سڀيتا‘، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Civilization يا تهذيب چوندا آهن. سماجيات جي عالمن انهن ٻنهي لفظن ۾ باريڪ فرق ڄاڻايو آهي. اِنهن جي ويچار موجب ’سڀيتا‘ مکيه طور اقتصادي، سياسي، ۽ سماجي حالتن سان واسطو رکي ٿي، پر ٻئي طرف سنسڪرتيءَ (ثقافت)، روحاني، عقلي ۽ ذهني حالتن سان لاڳاپو رکي ٿي. سنسڪرتيءَ (ثقافت) فنُونء لطيفه، هنر ۾ ترقي، سماجي رهڻي ڪرڻي ۽ روايتن موجب حاصل ڪيل لياقتن ۽ خاصيتن جي آڌار تي ڪَٿي ويندي آهي. سڀيتا انسان جي ٻاهرين ۽ مادي حاصلاتن جو ماپو آهي، ته سنسڪرتيءَ (ثقافت) سماجي اندروني ۽ ذهني ترقيءَ جو ماپو آهي. عام طور سماجيات جا ماهر سنسڪرتيءَ يا ثقافت لفظ جو استعمال ان جي وسيع معنيٰ ۾ ڪندا آهن، جن ۾ سڀيتا جي معنيٰ به شامل ٿي ويندي آهي. اِن طرح ’ٽيلر‘ نالي هڪ سماجيات جي ماهر سنسڪرتيءَ يا ثقافت يا ڪلچر جي معنيٰ سمجهائيندي لکيو آهي ته:
”هي اهڙو هڪ پورو مُرڪب آهي، جنهن ۾ گيان (ڄاڻ) وشواس (يقين)، ڪلا (فن)، نيتي (رسم)، قانون، ريتيون، رسمون ۽ ٻيون اُهي لياقتون ۽ عادتون سمايل آهن، جيڪي انسان سماج جي هڪ فرد هئڻ جي حيثيت ۾ حاصل ڪيون آهن.“
“Culture and Civilization is that complex hole, which includes knowledge, belief, art, morals, law, customs and any other capabilities and habits, acquired by man as a member of society.”
(Kroeber A.L., Anthropology, Harcourt, Brace and World, Inc. New York, (New Edition, revised, 1948, page # 252.)
هن حوالي مان ظاهر آهي ته سنسڪرتي يا سڀيتا جو سماج سان گهرو تعلق آهي. انسان هڪ سماجڪ ساهوارو آهي، کيس سماج ۾ رهڻ ڪري سنسڪرتيءَ (ثقافت) جو گڻ حاصل ٿيو آهي. هو قديم رسم موجب پنهنجن ابن ڏاڏن کان پيڙهي در پيڙهي سنسڪرتي يا ڪلچر جون خاصيتون حاصل ڪندو رهي ٿو. وقت گذرندي اِنهن ۾ ٿورو گهڻو ڦيرو به ايندو رهي ٿو، پر ٿلهي ليکي اُن جي بنيادي شڪل ۾ گهڻي تبديلي نٿي ٿئي.
ثقافت جي تخليق سماج جي بناوت سان واسطو رکي ٿي. انهن ٻنهي تي وري قدرتي ماحول، طبعي حالتن جو به گهڻو اثر پوي ٿو. ٻاهريان اثر به تهذيب ۽ ثقافت جي رچڻ ۾ گهڻي مدد ڪن ٿا. اِن ڪري ڏسبو ته چاهي سڄي ڀارت ملڪ جي تهذيب - ثقافت هڪ آهي. ان هوندي به علائقائي ماحول جاگرافي ۽ الڳ الڳ اثر ڪري ڀارت جي جدا جدا حصن مان ثقافت جي ڪيترن ئي پهلوئن ۾ تفاوت نظر اچي ٿو. اِن ڪري هڪ ئي ڀارتي ثقافت جي اندر گهڻيئي ننديون ثقافتون جنم وٺن ٿيون. ٻولي يا زبان به سنسڪرتيءَ (ثقافت) جي حصن مان هڪ مکيه حصو آهي. ٻوليءَ به ثقافت جي اڱڻ مان هڪ مکيه حصو آهي. ٻوليءَ جي ڏات هڪ اهڙو ڳڻ آهي، جنهن ڪري انسان ٻين سڀني ساهوارن کان جلد ارتقا ڪري ويو آهي. ان ڪري ’اشرف المخلوقات‘ يعني الله جي اپايل سڀني ساهوارن ۾ اعليٰ ترين، اعليٰ جانور هئڻ جو درجو حاصل ٿيو آهي. ٻوليءَ جي ڏات ڪري ئي انسان پنهنجي امنگن ۽ ويچارن جو اظهار جدا وسيلن سان ڪري سگهيو آهي. انهن ۾ هو ٻوليءَ وسيلي ادب جو سرجڻ ڪري ٿو.
جدا جدا علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ثقافت ۾ قديم رسم يا روايتن ذريعي جن خاص گڻن يا پهلوئن جو ارتقا ٿيو آهي، اُهي اُن ٻوليءَ جي سماج جي ثقافت جا خاص حصا بڻجن ٿا. ’لوڪ‘ اکر انگريزيءَ ۾ ’فوڪ‘ (Folk) لفظ جو هم معنيٰ لفظ آهي. عام طور ڪيترائي عالم لوڪ جو مطلب ڳوٺاڻا، دهقاني، اڻپڙهيل ڳنوار ڪن ٿا، پر ان لفظ جي صحيح تُز معنيٰ آهي ”اهي عام ماڻهو جن جو پنهنجي ورثي ۾ حاصل ڪيل ثقافت جي جدا جدا پهلوئن ۾ پورو پورو ويساهه آهي ۽ هُو ان مطابق پنهنجي روزاني زندگي به گذارين ٿا.“
ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي لوڪ ثقافت جا اُهي مکيه عنصر جن مان انهيءَ لوڪ ثقافت جي رچنا ٿئي ٿي، اُهي هن ريت سمجهايا آهن:
لوڪ ثقافت جا مکيه جُزا:
هڪ سنسڪرتي يعني عوامي تهذيب- تمدن جا مکيه ڪهڙا ڀاڱا آهن، اُنهن ۾ لوڪ سنسڪرتيءَ (ثقافت) جي ڪهڙي جاءِ آهي ۽ لوڪ ادب ۾ پهاڪن محاورن جي جڳهه ڪٿي آهي، انهن ٻنهي سوالن کي اڳتي ڏنل چارٽ ذريعي سمجهايو ويو آهي.
لوڪ سنسڪرتيءَ (ثقافت) جا مکيه ٻه ڀاڱا آهن:
(الف) لوڪ ويساهه يا عقيدو:
سنسار جي پيدائش، خلقڻهار جي هستي، وڻ ٽڻ، جانور- پکي، ديوي، پريون، جن- ڀوت، جادو، ٽوڻا، جهاڙ، ڦوڪ، پير، فقير، لوڪ، پرلوڪ وغيره موضوعن بابت عوام يا لوڪن جا عقيدا ۽ ويساهه هن ڀاڱي هيٺ اچن ٿا:
(ب) لوڪ ريتيون:
زمين جي کيڙي شروع ڪرڻ وقت زمين جي پوڄا، سمنڊ جي سفر تي اُسهڻ وقت پاڻيءَ جي پوڄا، قدرت جي عناصرن جي عبادت، مذهبي ڏڻ- وار ملهائڻ، انسان جي جنم کان وٺي مرڻ تائين جدا جدا موقعن تي ريتيون رسمون ۽ سنسڪار (اُهي رسمون جيڪي زندگيءَ جي خاص موقعن تي ادا ڪجن، جيئن شادي وغيره، درگاهن، عبادتگاهن ۽ مندرن ۾ وڃي دُعائون گهرڻ ۽ سُکائون ڪرڻ، اوجهن ۽ ڀوپن کان جهاڙ ڦوڪ ذريعي بيمارين جو علاج ڪرائڻ وغيره لوڪ ريتين جا ڪجهه مثال آهن.
(ج) لوڪ وندر:
ميلا، ملاکڙا، ملهه، ڪُشتيون، ڪُڪڙن، سانن ۽ تترن جي لڙائي؛ ڏِڻ- وارن تي رانديون ۽ شُغل، بازيگرن جا کيل، ڳوٺاڻيون ڪچهريون، ڪٺپُتلين جا ناچ، ڏاندن، اٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ وغيره عوام جي وندر جا ڪجهه مثال آهن.
(د) لوڪ رهڻي ڪرڻي:
سماج ۾ لوڪ پنچائتي سرشتو، گڏيل ڪٽنب جو سرشتو، روايتي ويس وڳا (اجرڪ، سنڌي ٽوپي، ميراڻي ٽوپي، شڪارپوري پڳڙي، ڀرت جا هنر وغيره) روايتي نموني جا زيور (نٿ، بُولو، ڏانوڻي وغيره)، کاڌي پيتي جا نرالا ڍنگ ۽ شيون، اِهي سڀ لوڪ رهڻي ڪرڻيءَ جا ڪجهه مثال آهن.
(2) لوڪ اظهار جا طريقا:
لوڪ پنهنجن اُمنگن ۽ ويچارن جو اظهار جدا جدا نموني سان ڪن ٿا. اُنهن جا مکيه ٻه قسم آهن: ٻولي ذريعي اظهار ۽ ٻوليءَ کان سواءِ ٻين طريقن سان اظهار. اظهار جي ٻئي قسم هيٺ لوڪ ڪلائون ۽ لوڪن جا هنر، ڌنڌا وغيره اچي وڃن ٿا. اِنهن ٻنهي طريقن جي اظهار تي لوڪن ۽ لوڪ روايتن جي ڇاپ هوندي آهي. ڪنهن هڪ ڪلاڪار جي رچنا عوام ۾ مشهور ٿي وڃڻ کان پوءِ سموري لوڪ سماج جي تخليق بڻجي ويندي آهي. وقت گذرندي اِها خبر نه پوندي آهي ته انهيءَ جو اصل رچيندڙ ڪير هو. سادگي، فطرت ۽ غيرمصنوعي سونهن توڙي نزاڪت، اِهي لوڪ اظهار جون مکيه خاصيتون آهن.
ٻوليءَ کان سواءِ ٻين طريقن سان اُمنگن جي اظهار جي وسيلن کي مکيه طور هيٺ ڏنل ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
(الف) لوڪ فنون:
لوڪ فنون جا مثال آهن، عمارت سازي، مجسمي سازي، مصوري، ناچ يا نرتيه جي ڪلا ۽ سنگيت ڪلا.
(ب) لوڪن جا هُنر ۽ ڌنڌا:
لوڪن جا اهڙا هنر ۽ ڌنڌا، جيڪي پيڙهي در پيڙهي هلندا پيا اچن، انهن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن: واڍي جو ڪم، سوناري جو زيورن تي ميناڪاريءَ جو ڪم، ڪنڀر جو مٽيءَ جا برتن ۽ رانديڪا ٺاهڻ جو ڪم، لوهار جو برتن ۽ اوزار ٺاهڻ جو ڪم ۽ زالن جو ڀرت ڀرڻ، سبڻ جو هنر وغيره.
ٻوليءَ جي ذريعي اظهار:
ٻوليءَ جي ذريعي جڏهن ماڻهو پنهنجن اُمنگن ۽ ويچارن جو اظهار ڪن ٿا، تڏهن لوڪ ادب جو سرجڻ ٿئي ٿو. لوڪ ادب جا مکيه قسم هيٺين ريت آهن:
(الف) لوڪ شاعري:
اِنهيءَ ۾ شعر جا سڀ قسم اچي وڃن ٿا. اِنهن مِڙني جي مکيه وصف اِها آهي ته اِنهن کي سُر، تال ۽ لئه ۾ ڳائي سگهجي ٿو. اِن جي لاءِ نظم جي بحر وزن وغيره جي پابندي لازمي نه آهي. لوڪ شاعريءَ جا مکيه ٻه ڀاڱا آهن:
(ب) لوڪ آکاڻيون ۽ ڪهاڻيون:
اِن ۾ گهڻن ئي قسمن جون آکاڻيون اچن ٿيون. جيئن ته ديون- پرين، بادشاهن، شهزادين، جانورن، پکين، ٺڳن، چورن ۽ ٻارن جون وندر ۽ نصيحت واريون ڪهاڻيون وغيره.
(ج) لوڪ ناٽڪ:
اِن جا ڪجهه مثال آهن- ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ۾ مسخرن جا چرچا، تماشا، سانگ، رام ليلا، ڪرشن ليلا وغيره.
(د) سهڻا سخن، ننڍا گُفتا ۽ ٻول: (Minor folk utterances):
پهاڪا، چوڻيون، محاورا، پروليون، جهاڙ، ڦوڪ ۾ ڪتب ايندڙ منتر، ٻاراڻا ٻول جيڪي ٻارن جي راندين ۾ چيا ويندا آهن، ننڍڙا لطيفا، گاريون ۽ فحش گفتا وغيره هن قسم جا ڪجهه مثال آهن.
جڏهن اسين سنڌي لوڪ ثقافت جي باري ۾ ويچار ڪريون ٿا، تڏهن اسان جو مطلب سنڌين جي اُن لوڪ ثقافت جي پهلوئن سان آهي، جيڪي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جي سماج ۾ نه ٿا ملن. سنڌين جي ثقافت ڀارتي ثقافت جو هڪ حصو آهي، جيڪو بنيادي طور هندن جي ڌرمي ڪتابن (ويد، رامائڻ، مهاڀارت، پُراڻ ۽ ڌرم گرنٿ) تي ٻڌل آهي. اِن هوندي پڻ سنڌي لوڪن جي ثقافت جون اهڙيون خاصيتون آهن، جيڪي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جي ثقافت ۾ گهڻو ڪري نظر نه ٿيون اچن يا جيڪڏهن آهن ته به تمام ورلي ملن ٿيون. هتي ٿوري ۾ سنڌي ثقافت جي مکيه خاصيتن تي ويچار ڪنداسين.
1.7 سنڌي لوڪ ثقافت جون مکيه خاصيتون:
سنڌ صوبي جي طبعي ۽ تاريخي حالتن، سنڌي ثقافت جي اَڏڻ ۾ گهڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. جاگرافيءَ جي لحاظ کان هاڻوڪو سنڌ صوبو ڀارت جي ٻين حصن کان گهڻو الڳ ۽ پري آهي. اوڀر ۾ ٿر جو ريگستان، اوڀر- ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ پٽ، ڪوري کاري ۽ ڌُٻڻ وارو علائقو، اولهه ۾ بلوچستان جو پهاڙي ۽ غيرآباد علائقو، اِهي سڀ اهڙيون قدرتي حدون آهن، جن جي ڪري سنڌ ۽ ٻين علائقن جي وچ ۾ ماڻهن جي عام جام آمدرفت ۾ گهڻيئي رڪاوٽون پيدا ٿي پيون آهن. سنڌ ۾ فقط اُتر- اوڀر طرف هن علائقي جو پنجاب سان گهڻو تعلق قائم رهيو آهي. ان طرف وڏا ميدان آهن، جن مان سنڌوندي پنجاب مان وهي ڪشمور (جيڪب آباد) وٽان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. قديم زماني ۾ سنڌ صوبي ۾ ماڻهن جي اچ وڃ گهڻو ڪري پنجاب واري طرف کان ٿيندي هئي.
رگ ويد واري زماني کان وٺي سنڌوندي، سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ جياپي جو مکيه وسيلو ثابت ٿي آهي. اڄ تائين فقط اِها هڪ ندي آهي، جيڪا سنڌ ۾ ٻارنهن مهينا وهندي رهي ٿي. ان جي پاڻيءَ سان هيءُ صوبو سرسبز ۽ آباد آهي. آڳاٽي زماني ۾ سرسوَتي نديءَ جو هڪ وهڪرو به سنڌ صوبي مان وهندو هو، جيڪو مهاڀارت واري زماني ۾ سُڪي ويو. اُن کان پوءِ سنڌوندي ئي هن علائقي لاءِ جيون جو مکيه وسيلو بڻي. اِن ڪري اُن جي ڪناري تي سنڌ سڀيتا جي اوسر ۽ ارتقا ٿي. ويدن جي زماني کان وٺي سنڌ جا رهواسي ’جل جي ديوتا (ورڻ)‘ جي پوڄا ڪندا پيا اچن. ڏهين عيسوي صديءَ ۾ ۽ ان کان پوءِ ’جهولي لال‘ يا ’اُڏيري لال‘ جي پوڄا جي ارتقا ٿي، جنهن کي پڻ سنڌي ’ورڻ ديو‘ جو اوتار ليکين ٿا. ان جو ڦهلاءُ پوءِ اُتر ۾ ملتان تائين ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ، شوراشٽر (گجرات) ٿي ويو.
تاريخ جي لحاظ کان ڏسجي ته عيسوي سن کان اڳ واري زماني کان وٺي سنڌ صوبي تي ڌارين جا حملا ٿيندا رهيا آهن. ڀارت ۾ هيءَ پهريون صوبو هو، جنهن تي اٺين عيسوي صديءَ ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ عربن حملو ڪيو. هُنن 712ع ۾ آخري هندو مهاراجا ڏاهرسين کي جيتي، سنڌ جي وڏي حصي تي قبضو ڪري اسلامي حڪومت جو پايو وڌو. اِن ڪري گهڻا مسلم مؤرخ سنڌ کي ”باب السلام“ (اسلام جو دروازو) ڪري سڏيندا آهن. سنڌ ۾ عربن جي حڪومت شروع ٿيڻ سان اُتي جي مڪاني رهاڪن تي گهڻو اثر ٿيو. اُهي گهڻو ڪري ويدن واري آڳاٽي عقيدي ويدڪ سناتن ڌرم جا مڃيندڙ هئا. چڱا سنڌي ٻُڌ مت جا به پوئلڳ هئا. سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ سان ڪِن سنڌين پنهنجي خوشيءَ سان اِسلام مذهب اختيار ڪيو ته ڪي سنگت جي اثر هيٺ مسلمان ٿيا. ملڪ جي مسلمان حاڪمن پنهنجي مذهب جي ڦهلائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن زور زبردستيءَ کان به ڪم ورتو. اِن جي ڪري چڱي تعداد ۾ سنڌي هندو پنهنجي اباڻي ڌرتي ڇڏي ڀروارن هندو علائقن ۾ وڃي رهيا. ايڏي لڏپلاڻ جا حوالا اسان کي تاريخ جي ورقن ۾ ملن ٿا. ڪجهه هندو اهڙا به هئا جيڪي پنهنجي عقيدي تي اٽل رهيا ۽ سنڌ کان ٻاهر نه ويا. اُنهن غير مسلمانن تي حاڪمن جزيو وڌو. اِن طرح سنڌ جتي اٺين عيسوي صديءَ کان اڳ فقط هندو، ٻڌ ڌرم، ۽ ڪجهه جين مت وارا رهندا هئا، اُتي 1947ع ۾ ملڪ جي آزاديءَ وقت هندون جي سکيا جو تعداد ڪُل آدمشماريءَ جو فقط پنجويهه سيڪڙو کن وڃي بچي.
سنڌ ۾ اسلام سان گڏوگڏ صوفي درويش ۽ اسماعيلي مت جا مبلغ پير به آيا. اُهي ڪٽر مذهبي نه هئا. هنن جي ويچار کان متاثر ٿي، چڱن سنڌي هندن سندن مذهب اپنايو. اِن ڪري سنڌ ۾ رهندڙ مسلمانن جو گهڻو تعداد اُهو آهي، جيڪي پنهنجو اصلوڪو ڌرم ڇڏي پوءِ مسلمان ٿيا هئا. اُنهن اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پڻ پنهنجيون اصلوڪيون ريتيون رسمون ۽ لوڪ عقيدن کي گهڻي قدر پاڻ وٽ جيئن جو تيئن قائم رکيو.
هتي جيڪي طبعي ۽ تاريخي حالتون ڄاڻايون ويون آهن، انهن جي ڪري سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ سماج ۾ چڱين ئي خاصيتن جي ارتقا ٿي آهي، جن ۾ مکيه هن ريت آهن:
سنڌي کتري ۽ وئش گهڻو ڪري پاڻ کي لوهاڻا (سوريه ونشي) رامچندر جي نسل جا سڏائيندا آهن. اُهي گهڻي ڀاڱي گذريل ٽِن صدين ۾ پنجاب، راجسٿان ۽ گجرات جي ڪِن علائقن مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا. اُهي لوهاڻا جيڪي اٺين عيسوي صديءَ ۾ عربن جي ڪاهه وقت سنڌ ۾ رهندا هئا، انهن مان گهڻا يا ته مسلمان بڻجي ويا يا سنڌ مان لڏي ڀروارن هندو راجائن جي علائقن ۾ هليا ويا.
سنڌ جا هندو مغلن جي حڪومت واري دؤر کان وٺي ڌنڌي جي لحاظ کان ٻن مکيه گروهن ۾ ورهائجي ويا. اُهي آهن: عامل ۽ ڀائيبند. عامل اُهي آهن جيڪي مسلمان حاڪمن جا عملدار هئا. سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت اچڻ کان پوءِ پڻ عامل طبقو گهڻو ڪري سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿيو. ٻئي طرف ڀائيبند اُنهن کي سڏيو ويو جيڪي ڌنڌي- واپار ۾ گهڙيا. سنڌ ورڪي ڀائيبند اُهي هئا جن گذريل ٽن کن صدين ۾ الڳ الڳ ملڪن ۾ وڃي واپار ڪيو.
عاملن ۽ ڀائيبندن جون پنچائتون سنڌ ۾ الڳ الڳ هيون. ملڪ جي آزاديءَ تائين پنچائي سرشتي جو تمام گهڻو زور هو، جيڪو ڀارت ۾ لڏي اچڻ کان پوءِ گهڻي قدر ڍِلو ۽ ڪمزور ٿي ويو. سنڌ جي علائقي ۾ ڀيد ڀاوَ جي لحاظ کان عاملن توڙي ڀائيبندن ۾ ڀيدڀاءُ هوندو هو (جيئن ته ساهتيءَ وارا، لاڙا ئي، اُتراڌي، ساکرو، شڪارپوري، لسٻيلائي، ٿري، وغيره). انهيءَ موجب پنچائتون به الڳ الڳ ٺهيون. اُهي ملڪ جي آزاديءَ کان پوءِ ڀارت ۾ پڻ قائم آهن. خاص طور شادي مرادي يا سڱابندي ڪرڻ وقت عامل، ڀائيبند ۽ علائقائي فرق جو اڃاتائين گهڻو خيال رکيو وڃي ٿو.
سنڌي لوڪ ثقافت جا جدا جدا طبقا جن جو هن کان پهرين ذڪر ڪيو ويو آهي، اُنهن مان لوڪ ادب وارو حصو ته ڀارت جي سنڌي هِندُن گهڻي قدر پاڻ وٽ سنڀالي رکيو آهي. پر نئين زماني جي ماحول سببان ڀارت ۾ لوڪ جيوت جي طريقن، لوڪ ڪلائن (فنون) ۽ روايتن کان حاصل ٿيل هُنرن ۽ لوڪ هُنرن مان گهڻن حصن جو ڀارت ۾ خاتمو ٿي چڪو آهي. هتي جي علائقائي ثقافتن جي اڪثر ڪري ڀارتي سنڌي نوان نوان رُوپ (جيئن ته: گُجراتي گرٻا ناچ، ماهاراشٽر ۽ گجرات ۾ گڻيش پوڄا، ڀڳت جي روايت ۾ سينيما جي گانن ۽ طرزن جو استعمال ڪري ڊِسڪو ڊانس پيش ڪرڻ، وغيره) اختيار ڪري رهيا آهن.
سنڌي پهاڪا ۽ چوَڻيون جيڪي سنڌي ثقافت جو هڪ اهم حصو آهن، اُنهن ۾ به تبديلي اچي رهي آهي. سنڌ جي جاگرافيءَ اندر سنڌي مسلمانن جي ريتين رسمن تي ٻڌل پهاڪا ڀارت جي نوجوان نسل جي ٻوليءَ مان لڳ ڀڳ گم ٿي چُڪا آهن. اِنهيءَ کان سواءِ، هندي، اردو ۽ ٻين ڪِن مڪاني ٻولين جون چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي رهيون آهن. انهيءَ تبديليءَ جي ڇنڊڇاڻ اڳتي هلي ڪئي ويئي آهي.