ڪتاب جو نالو | سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي |
سنڌيڪار / ترتيب | ڦلومل ميگهواڙ، (نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين) |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-116-3 |
قيمت | 350 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 543174 ڀيرا پڙهيو ويو |
جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سربراهي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم شروع ٿي هئي ته ان ۾ پهاڪا به سهيڙي گڏ ڪرڻا هئا ۽ انهي سلسلي جا گهٽ ۾ گهٽ پنج جلد تجويز ڪيا ويا هئا. پر پوءِ اڻ ڄاڻ سبب ڪري لوڪ ادب جو اهو حصو تيار ٿي نه سگهيو. سنڌ ۾ پهاڪن تي ٿورو گهڻو ڪم انفرادي طور تي ٿيندو رهيو، پهاڪن ۽ چوڻين بابت شروع وارن ڪتابن کان پوءِ ڪو معياري سلسلو اسان آڏو اچي نه سگهيو.
خوش قسمتي سان هندستان ۾ پهاڪن جي حوالي سان بهتر تحقيقي ڪم ٿيا آهن، جن ۾ ٻه قابل ذڪر آهن، هڪ ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي جو ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا‘ جيڪا هڪ ذخيم لغت آهي ۽ سو کن صفحن تي مشتمل ان جو هڪ ڀرپور مقدمو به آهي، جيڪو خود الڳ ڪتابي شڪل ۾ به ڇپجي چڪو آهي. جيٽلي صاحب جي لغت ۾ ٻارنهن هزار کن سنڌي پهاڪا ۽ محاورا سمجهاڻين سان ڏنل آهن، جن ۾ پنهون مل ڪشناڻي جو پهاڪن بابت گڏ ڪيل مواد به شامل آهي. هند ۾ ٻيو وڏو ڪم ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ جو آهي، جنهن پنهنجي ڊاڪٽريٽ جو مقالو ”سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي ثقافتي اڀياس“ لکي هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن تي کيس 2003ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملي. هي سڄو ڪم آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾، پر هن لاءِ لپيءَ ديوناگري استعمال ڪيل هئي، جيڪا هند ۾ هاڻ ڄڻ ته رائج ٿيندي پئي وڃي ڇو جو هندستان ۾ سنڌين آڏو ٻه انتخاب هئا. هڪ ٻولي ۽ ٻيو لپي. هنن پهرين نقطي کي انهي بنياد تي ترجيح ڏني ته گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ پيڙهين ۾ ٻولي زندهه رهي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻ هند ۾ ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپجندڙ سنڌي ڪتابن جو تعداد تمام گهڻو آهي. ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي سچ پچ وڏي تحقيق سان هي ڪم ڪيو آهي، هتي سنڌ ۾ ان جو الٿو محترم ڦلو مل ميگهواڙ ڪيو هو، جيڪو ڪراچي يونيورسٽي ۾ منهنجو شاگرد رهيو آهي. اٿارٽيءَ طرفان هن ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو ڇپرايو ويو آهي. اميد ته قبول پوندو.
23 ڊسمبر، 2016ع پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
حيدآباد، سنڌ چيئرمئن