ڪتاب جو نالو | سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي |
سنڌيڪار / ترتيب | ڦلومل ميگهواڙ، (نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين) |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-116-3 |
قيمت | 350 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 543195 ڀيرا پڙهيو ويو |
5.1 سنڌ جا تاريخي پهاڪا:
آکاڻيون، قصا ۽ داستان لوڪ ادب جو حصو آهن، جن جو سلسلو ڀارت ۾ سيني به سيني نسل در نسل هلندو پيو اچي. ڀارت ۾ گاٿائُن (ڪٿائن) جي روايت تمام جُهوني آهي. ’گاٿا‘ سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جو استعمال رگ ويد ۽ برهمڻن گرنٿن (ڪتابن) ۾ به ملي ٿو. جيئن ته، ”سُوريا ڀدرمِدَوَاسو گاٿيئيتِ پَرِشڪرتَم.“ [1] (رگ ويد، م. 10 . اَ. 7. سوُ 85، منتر 6)
جهوني وقت کان وٺي ڪنهن راجا، راڄ گهراڻي، شخص ۽ خاص جي اهم ڳالهه عام ماڻهن کي ٻڌائڻ لاءِ گاٿا جو استعمال ٿيندو پيو اچي. راجائن جي ڪردار جي ساراهه ۾ پڻ گاٿائون ڳايون وينديون هيُون. تاريخي گاٿائن جي روايت مهاڀارت جي دؤر ۾ به نظر اچي ٿي. مهاڀارت ۾ راجا دُشينت جي پُٽ ڀرت بابت انيڪ گاٿائون ملن ٿيون.
’گاٿا‘ لفظ جي سنڌيءَ ۾ شڪل بدلجي ’ڳاهه‘ ٿي آهي. ’ڳاهه‘
سنڌي شاعريءَ جو آڳاٽو نمونو آهي. هن لفظ جو لاڳاپو ڳائڻ سان آهي. ڏسجي ته سنڌ جا تاريخي پهاڪا هڪ طرف سنڌ جا تواريخي، نيم تواريخي قصا، ڪهاڻيون ۽ گاٿائون ئي ته آهن، جن کي سنڌ جي چارڻن ڀاٽن، منگتن ڳائي مشهوريءَ جي اوج تي پهچايو آهي.
هتي اها ڳالهه چوڻ اجائي نه ٿيندي ته موضوع جي خيال کان گاٿائن جو بنياد هميشه حقيقتن تي ٻڌل ڪونه هوندو آهي. گاٿائن ۾ ڄاڻ- اڻڄاڻ ۽ اُتساهه سببان ڪي غيرحقيقي ڳالهيون ۽ ڏند- ڪٿائون پڻ سمائجي وڃن ٿيون. تنهنڪري هِتي تاريخي پهاڪن جي بنيادي ويچارن کي پوري ريت تاريخي سچائي سمجهي قبول نه ڪرڻ کپي. ها! اها پڻ غور طلب ڳالهه آهي ته جن وارداتن، شخصن، حالتن، هنڌن ماڳن جو بيان مُلڪ جي لِکيل تاريخ ۾ نه ٿيو آهي، اُهي پهاڪن ۾ سلامت ملن ٿيون.
پهاڪا گذريل دؤر کي ڄاڻڻ، سمجهڻ لاءِ بهتر تحفا هوندا آهن. پهاڪن ۾ اها قوت هوندي آهي، جنهن جي معرفت اسين پنهنجي تاريخ کي سهڻي نموني سمجهي سگهون ٿا.
اسين تاريخي پهاڪن کي هت هيٺين مکيه حصن ۾ ورهائي اُنهن تي ويچار ڪنداسين:
(1) شخصن متعلق:
تاريخ بابت ڄاڻ ڏيندڙ وسيلن ۾ شخصن جو خاص مقام ٿيندو آهي. مشهور عالم البرٽ آئنسٽائن پڻ چيو آهي ته: ”انسان جي زندگيءَ جي گاڏي هلائڻ لاءِ ملڪ بدران انسان جي پنهنجي خبرداري، عظمت ۽ تخليقي قوت (پنهنجي پاڻ مان ڦٽي نڪرندڙ قوت) کي ئي مان وڌيڪ ڪارائتو سمجهندو آهيان.“ تاريخي شخصيتن جي طاقت، جفاڪشي، تياڳ ۽ سخاوت عام ماڻهن لاءِ يادگار ۽ اُتساهه ڏيندڙ ٿيندا آهن. اِنهن گڻن جي مدد سان ڪو شخص سماج ۾ گهڻي مشهوري حاصل ڪري ميل جو پٿر بڻجندو آهي. سنڌ ۾ پڻ ڪي اهڙا اعليٰ شخص آهن، جن سماج کي نئون رُخ ڏنو آهي ۽ پنهنجي بهترين وهنوار سببان هوُ سڀني جي زبان تي چڙهي پهاڪي جي رُوپ ۾ روشن مينار جيان امر ٿي بيٺا آهن. تاريخي پهاڪن ۾ شخصن سان واسطو رکندڙ پهاڪن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
”جُهولي لال سائين، ٻيڙا ٻنين لائين“.
اها سنڌيءَ ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي. مطلب ته هي جهولي لال سائين، اسان جا ٻيڙا ڪنارن تي سلامت پهچائجانءِ. يعني اسان جي اوکيءَ ويل حفاظت ڪري اسان کي سڦل بڻائجانءِ.
سنڌ ۾ گهڻن ئي پهتل شخصن جو جنم ٿيو آهي، جن کي هندُن اوَتاري ماڻهو ۽ مسلمانن پير ڪري پوڄيو آهي. وقت گذرڻ کان پوءِ اهڙن شخصيتن سان گهڻا ئي نيم تاريخي واقعا ۽ ڏند ڪٿائون جڙي ويون آهن. اهڙن ڪن پهتل شخصن ۾ اُڏيرولال، جنهن کي جهولي لال پڻ چيو ويو آهي، تنهن جو نالو پهرين نمبر تي اچي ٿو.
جهولي لال سنڌ جو الله لوڪ ٿي گذريو آهي، جنهن جي پوڄا هاڻي ڀڳوان جي روُپ ۾ ٿيندي آهي. جهولي لال سان جُڙيل هڪ ڏند ڪٿا موجب سنڌ جي هندن کي اتان جي مسلمان حاڪم مرخ شاهه جي ظلمن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ هندو ڌرم جي حفاظت لاءِ هن اوُتاري انسان نصرپور ۾ سن 950ع (وڪرمي سنبت 1007) ۾ چيٽي چنڊ ڏينهن راءِ رتن چند ۽ ماءُ ديوڪيءَ جي گهر جنم ورتو.
هيءُ عظيم انسان ورڻ جو اَوَتار (پاڻيءَ جو ڀڳوان) ليکيو وڃي ٿو. اِن ڪري سنڌي هندُو درياشاهه جي رُوپ ۾ سندس پوڄا ڪندا آهن، بهراڻا1 ڪڍندا آهن ۽ ڇيڄ[2] وجهندا آهن. جهولي لال کي اڏيرو لال، لال صاحب، لال سائين، امر لال يا جندهه پير ڪري به سڏيندا آهن. جهولي لال جي استُتي (ساراهه) ۾ ’پنجڪڙا‘ (پنجن مصرعن تي ٻڌل ڀڄن) رچيا ويا آهن. سنڌي ٺاڪُرن امر لال جي جوت جڳائي ”درياءَ پنٿ“ شروع ڪيو ۽ ڪيترائي سنڌي هندو سندن چيلا آهن. هن پنٿ جي پوئلڳن کي ”درياءَ پنٿي“ چئجي ٿو. مسلمان پڻ مرخ شاهه جي واقعي بعد اڏيري لال جي زنده پير يا خواجا خضر جي شڪل ۾ مڃيندا آهن.
”وهڻ مُنڍو ئي ناهي، دلُو پُڇي نار کي“.
دلوُراءِ هڪ بداخلاق ۽ ذليل ذهنيت وارو حاڪم ٿي گذريو آهي. سر ايڇ. ايم. اليٽ ”تاريخ طاهريءَ“ جو حوالو ڏيندي پنهنجي ڪتاب ”هسٽري آف سنڌ“ واليوم-2 جي صفحي چوٿين ۽ پنجين تي لکي ٿو ته:
”الور ۽ محمد طوُر ڳوٺن جي درميان جيڪو به ملڪ هوندو هو، تنهن تي راجا دلوُراءِ راڄ ڪندو هو. هو وڏو ظالم ۽ زاني هو ۽ هرڪنهن رات ڪنهن نئين عورت سان هم بستر ٿيندو هو. جيڪي به سوداگر، هندستان کان سامان جا ٻيڙا ڀرائي، ديبل بندر ڏانهن ويندا هئا، تن کي لازمي طور الور کان لنگهڻو پوندو هو. دلوُراءِ، کانئن مال جي اڌ جيترو محصول وٺندو هو، جنهن ڪري سوداگرن سان جنسي وَئل هوندو هو. آخرڪار هتان هڪڙو وڏو سوداگر اچي لنگهيو، جو محصول جي ڳاٽي ڀڳي خرچ جو ٻُڌي، تپرس ۾ پئجي ويو.“
اِهو سوداگر ڪير هو ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، تنهن بابت
’تحفة الڪرام‘ نالي ڪتاب جي صفحي 223 ۽ 224 تي لکيل آهي ته:
”هي عزت وارو ۽ ناليرو سوداگر سيف الملوڪ جي نالي سان مشهور هو ۽ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هو اصل ۾ شهزادو هو، جو سوداگرن جي لباس ۾ بيت الله ڏانهن وڃي رهيو هو. هوُ هِن نالائق جي ڪارنامن کان بي خبر، اچي سندس ملڪ مان لنگهيو. ساڻس گڏ ”بديع الجمال“ نالي هڪ سهڻي زال به هئي.“
محصول جي عملدارن، سيف الملوڪ جي نالي کي نهايت قيمتي ۽ بيش بها سمجهي، ڳرو سُنگُ هڪ طرف رکايو ۽ ٻئي طرف وري سندس زال کي راجا جي محلات ۾ پهچائڻ جو ارادو رکيو. جڏهن راجا ٻڌو ته سوداگر سان گڏ سندس زال، پري جمال، حُسن ۾ بيمثال ۽ باڪمال آهي تڏهن ڇتو ٿي پيو. هَوَسَ جو ڀوت سندس گردن تي ايتري قدر ته سوار ٿيو، جو ويچاري سوداگر کي خوامخواهه ۾ تنگ ڪرڻ لڳو. آخر سوداگر عرض ڪيو ته ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيو، جنهن بعد محصول ۽ بديع الجمال پيش ڪندس.
سيف الملوڪ، اِنهن ڏينهن ۾ هڪ پاسي خالق اڪبر کي ستائڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي پاسي وڏا وڏا ڪاريگر جيڪي سرنگ هڻڻ ۽ جَبل ٽاڪڻ ۾ فرهاد جا استاد هئا ۽ بند سڪندريءَ جهڙي ٻنڌ ٻڌڻ ۾ اڻگسُ هئا، تِن کي ڪوٺائي، دل گهريا انعام اِڪرام ڏنائون. سوداگر جو مطلب هو ته الور کان هڪڙو مضبوط بندُ ٻڌايان، جنهن ڪري درياههُ پنهنجو رُخ ڦيرائي، بکر ڏانهن وهڪرو ڪري. اُهي ڪاريگر، راتين جون راتيون جاڳي، نديءَ جو پيٽ ۽ ٻنڌ ٻَڌي چُڪا. هڪ ئي رات ۾ درياهه پنهنجو اڳوڻو وهڪرو ڦيرائي سيوهڻ ۽ لڪيءَ ڏانهن اهڙو زور شور سان وهڻ لڳو، جو خدا جي قدرت سان سوداگر سيف الملوڪ جا غوراب، ظالم دلوراءِ جي پرڳڻي کان نڪري ويا. صبح جو ظالم راجا ۽ سندس رعيت نند مان اُٿي ڏسن ته مار! جتي پاڻي پئي وهيو، اُتي هاڻي رڳو گپ لڳي پيئي آهي. اِهو ڏسي رعيت ۽ راجا حيران ٿي ويا.“
محمد صديق پيرزادي جي لکيل قلمي نسخي ”تاريخ سنڌ“ ۾ مٿئين روايت جي علاوه هڪ ٻي روايت به ڏنل آهي، جا سندس عبارت ۾ ڏجي ٿي:
”هن بادشاهه (دلوراءِ) جي زال، تمام حُسن واري هئي، جنهن جي حُسن جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهوري ٿي ويئي. قنڌار جو هڪ هندو بادشاهه هن جي حسن جي هاڪ ٻُڌي، پرپٺ ئي هُن تي عاشق ٿي پيو. اهو سامان سوداگر جو کڻي، ٻيڙا ڀرائي، روانو ٿيو ۽ اچي سنڌ پهتو. بادشاهه دلوُراءِ جي شهر ۾ اچي لنگر ڪيائين. بادشاهه جي سلام تي آيو. احوال ڏنائين ۽ ٻيا تحفا تحائف عجيب و غريب آندائين. هُو بادشاهه وٽ گهڻو ايندو ويندو هو. پاڻ ۾ دوستي ٿي وين، پر مخفي طرح مطلب جي ڳولها پئي ڪيائين. ڳُجها وڪيل ۽ ڌُوتيون پئي موڪليائين. آخرڪار راڻيءَ جواب ڏنو ته مون تي سخت بندش آهي، توسان ملڻ نه ٿيندو، مگر ڪا زمين مان ڳجهي سُرنگهه کڻائي، اُنهيءَ مان هلجي، باقي اُن کان سواءِ اچڻ جو ڪو چارو ڪونه آهي. پوءِ اُنهيءَ سوداگر ڪوشش ورتي. اُنهيءَ بندر کان ڳجُهي سُرنگهه، زمين مان کوٽائي، پڪين سِرن سان ونگُ ٻڌائي، پُختي ڪري گچ هڻائي، تيار ڪرايائين، جيڪا راڻيءَ جي ماڙيءَ ۾ اچي داخل ٿي. مُخفي دري ٺهرائي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن راڻي اُن دريءَ مان لنگهي، جهاز ۾ آئي. سوداگر بادشاهه جي دعوت ڪئي هُئي، سو بادشاهه به اُتي آيو هو. راڻيءَ بادشاهه جي مانيءَ تيار ڪئي. بادشاهه ۽ سوداگر گڏجي ڪري اُها ماني کاڌي. اِن تي بادشاهه کي شڪ پيو ته اِها ماني ته پنهنجي گهر جي مانيءَ جهڙي آهي. وري اڃا دريءَ تي نظر ڪيائين ته اوچتو راڻيءَ تي نظر پيس. سوچڻ لڳو ته هوءَ هتي ڪيئن آئي؟ شايد ماڻهو، ماڻهن جهڙا آهن. پوءِ سوداگر کان پڇيائين ته، ”هيءَ ڪير آهي؟“ سوداگر وراڻيو ته ”منهنجي زال آهي.“ بادشاهه چيس ته ”هُن کي سڏ ڪرينس ته اسان سان اچي ڪري ماني کائي. تنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ ڪو فرق نه آهي.“ پوءِ لاچار ٿي سوداگر هُن کي ڪوٺيو. راڻي اچي ويٺي، پر بادشاهه فڪر ۾ پئجي ويو ته هيءَ هتي ڪيئن آئي؟ ۽ هاڻ اسان سان گڏ اچي ويٺي آهي. جيڪڏهن هن سوداگر جي زال آهي، پر شڪل ته منهنجي راڻيءَ جهڙي ئي اٿس. بادشاهه پوءِ پنهنجيون پنج ئي آڱريون ڪنهن ٻوڙ ۾ ٻوڙي ڪري راڻيءَ جي ساڙهيءَ تي ائين نشان ڪري ڇڏيا جيئن کيس خبر نه پوي.
پوءِ جلد بادشاهه، ماني کائي روانو ٿيو ۽ راڻي به سُرنگهه جي رستي کان تِکي وڃي، پنهنجي ماڙيءَ ۾ رئو مٿي ۽ پيرن تي پائي سمهي پيئي. بادشاهه به ٿوريءَ دير بعد اچي اُنهيءَ ماڙيءَ تي پهتو. درُ کولي ڏسي ته راڻي سمهي پيئي آهي ۽ سندس ساڙهيءَ تي رس جو نشان چٽو بيٺو آهي. بادشاهه موٽي شاهي درٻار ۾ آيو. اميرن، وزيرن کي گهُرائي احوال ڪيائين. سڀني صلاح ڏني ته، ”في الحال درياهه جي اولهه ۽ اوڀر، چؤنڪي بيهاري وڃي، پوءِ هُن سوداگر کي نوڪرن سميت مارائي ڇڏجي.“
هوڏانهن راڻي اُٿي، ساڙهي سنڀالي ڏسي ته اُن تي ٻوڙ جا نشان بيٺا آهن. اُتان اُٿي، خوف کان لاچار ٿي، سُرنگهه رستي تڪڙي وڃي بندر تي پهتي. اچي سوداگر کي چيائين ته اڄ اسان جي حياتي پوري ٿي، جو بادشاهه کي سڀُ خبر پئجي ويئي آهي، جي ڪو رستو ڀڄڻ جو ٿئي ته وسُ ڪر، نه ته فجر سان سڀني کي ماريندا. پوءِ راڻيءَ، سوداگر ۽ سڀني نوڪرن، سڄي رات ڌڻيءَ جي درٻار ۾ منٿون ڪيون ۽ ٻاڏايو. ڌڻي رحيم ڪريم آهي، جو ٻانهو، سندس در تي، دل سان زاري ڪري تنهنجي دُعا قبول ڪري ٿو. حڪمت مالڪ جيءَ سان، اُتان پرينءَ ڀر، هڪ واهرو پراڻو هو، تنهن ۾ درياهه وهي ويو. سوداگر جهاز کڻي ڇڏيو، جو ديبل بندر کان وڃي، سمنڊ جو رستو وٺي، ايران کان هليو ويو. بادشاهه جا ماڻهو جڏهن بندر تي ويا ته ڏسن ته اُتي ته پڌر لڳو پيو آهي. اِن تي ڪنهن چيو:
”وهڻ مُنڍو ئي ناهي، دلوُ پُڇي نار کي.“
بندر تي ڏٺائون ته هُتي هڪ سُرنگهه لڳي پيئي آهي. سُرنگهه جو رستو وٺي هو سڀ اچي ماڙيءَ تي پهتا. اِن کان پوءِ بادشاهه، شاهي درٻار ۾ اچي چيو ته، ”سوداگر پرديسي هو، پر رعيت اسان جي هُن سان شامل هئي، جنهن اِهو ڪم ڪيو ته اُنهيءَ مان ڪو نمڪ حلال نه ٿيو جو اسان کي اِها خبر کڻي ڏئي ها. هاڻ تِنِ لاءِ ڪهڙي سزا مقرر ڪجي؟“ سڀني صبر ڪيو.
بادشاهه چيو ته، ”اُنهيءَ لاءِ اِها سزا آهي، جو جيڪو به، اعليٰ يا ادنيٰ شادي ڪندو ته پهرينءَ رات، ڪنوار سان بادشاهه همبستر ٿيندو.“ اميرن، اُمرائن گهڻيون ئي منٿون، آزيون ڪيون، پر راجا قبول نه ڪيون. آخر اِهو ڪم هلندو آيو.
مٿي ڏنل ڏند ڪٿائون ڪِن تاريخي حقيقتن تي بيٺل آهن. اِهي حقيقتون آهن. اروڙ ۽ برهمڻ آباد جو ناسُ ٿيڻ ۽ سنڌونديءَ جو رُخ بدلائڻ. راجا دلوراءِ جي باري ۾ سنڌ جي تاريخ گهڻي ڀاڱي خاموش آهي. فقط ايتري ڄاڻ پوي ٿي ته هُو سومرن جي حڪومت جي اوائلي دؤر ۾ هو ۽ پنهنجي ظلم توڙي عيش سببان ملڪ ۾ بدنام هو. سندس راڄ ۾ جنهن به ڇوڪريءَ جي شادي ٿيندي هُئي، اُن کي شاديءَ جي رات زبردستي پنهنجي محل ۾ گهُرائي وٺندو هو. چوڻي مشهور آهي ته هُن جي ظلمن سبب دلوُراءِ جي نگري اروڙ ۽ برهمڻ آباد هميشه لاءِ زمين ۾ غرق ٿي ويا هئا. اڄ تائين به سنڌي ماڻهو ڪنهن کي پُٽ پاراتو ڏيندي چوندا آهن: ”دلوُراءِ جي نگريءَ وانگر ناس ٿي ويندين.“ *
شيخ پٺي جي ڪرامت اهڙي آهي جو اُن جي اثر ڪري هڪ مري ويو ته ٻيو ڀڄي ويو.
هن پهاڪي جو بنياد جنهن ڳالهه تي بيٺل آهي، اُها ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن ريت ڏني آهي:
1351ع ۾ دهليءَ جو سلطان محمد بن تغلق سنڌ تي ڪاهي آيو، پر سن 752 هجري برابر 1351 عيسويءَ ۾ ٺٽي جي ٻاهران بيمار ٿي گذاري ويو. اُن بعد سلطان فيروز شاهه 1365 عيسويءَ ۾ ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. تاريخ نويس سراج رفيق فارسيءَ ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب ”تاريخِ فيروزشاهي“ (1398ع) ۾ بيان ڪيو آهي ته ڄام تماچي ۽ ڄام بابينو چاليهه هزار پيادن ۽ ويهه هزار سوار فوجن سان فيروزشاهه جو مقابلو ڪيو. آخر فيروزشاهه، رسد ۽ گاهه جي گهٽتائيءَ ۽ گهوڙن ۾ وبا جي بيماري ڦهلجڻ ڪري، وڌيڪ لڙائي ڪرڻ کان توبهه ڀري واپس ڪوچ ڪري گجرات طرف هليو ويو. سنڌ جي ماڻهن اِنهن مصيبتن جي ٽرڻ کي پير پٺي جي مهر ۽ ڪرامت ڪري سمجهيو ۽ فيروزشاهه جي ڪوچ وقت هيٺيون جنگي نعرو بلند ڪيو، جيڪو بقول همعصر سراج اَفيف جي، ٺٽي ۾ پهاڪي طور مشهور ٿي ويو.
”بابرڪت شيخ پَٺو، هڪ مئو ٻيو ٽٺو“.
پير پٺو اُن دؤر جو صوفي درويش ٿي گذريو آهي، جنهن جي تُربت ٺٽي جي ڏکڻ ۾ ڇهن ڪوهن تي آهي. هِن صوفي نه فقط پنهنجي جيئري ڪرامتون ڏيکاريون، پر مرڻ بعد به سنڌ تان وقت به وقت مصيبتون ٽاريندو رهيو.
”سڄو ڦسيءَ سومرا، اڌ ڦسيءَ ٻيو لوڪ،
جهيڻي ٻارڻ جهوڪ، نه ته ليڙ پيائي لاٽُون ڪري.“
يعني ته جيڪڏهن اڌ ڦِٽ پيئي سڄي جهان تي، ته سڄي ڦٽ سومرن تي، ڇو ته سردار ٿيڻ جي باوجود سندن بَستين جي باهه سانجهيءَ ٽاڻي جهوڪ ويلي جهڪي ۽ جهيڻي ٿي وڃي ٿي. باقي ٻين وقتن تي لاٽون ڪري پيئي ڀري. هن ڳاهه ۾ سانجهي ٽاڻي دونهان دُکائڻ ۽ مچ ڪرڻ جي آڳاٽي رسم ڏانهن اِشارو آهي، جنهن ڪري هن کي تاريخي پهاڪي جي شڪل عام ماڻهن ڪتب آندو آهي.
هن تاريخي پهاڪي ۾ سمايل رسم جي پٺيان جيڪو واقعو ملي ٿو، سو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن ريت بيان ڪيو آهي:
”سومرن کان اڳ سنڌ ۾ عرب حڪمران هئا ۽ سخاوت عربن جي اجتماعي زندگيءَ جو عام جزو هو. سانجهيءَ ٽاڻي قافلن جي جهوڪ وٽ باهين جا مچ ڪري ڇڏيندا هئا ته ڀل مسافرن کي فائدو ٿئي. عرب اِسلامي دؤر ۾ سومرا غالباً سنڌ تي ڏکڻ- اوڀر واري ايراضيءَ ۾ ڪڇ سنڌ جي سرحد تي رهندڙ هئا ۽ هُو عربن جي حڪومت جي آخري دؤر ۾ عربن سان گڏيا ۽ ويجها ٿيا. ٻيو ته سومرن جون اصلي بستيون سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ايراضيءَ ۾ هيون، جيڪي ايترو آباد ڪونه هيون. عربن سان گهڻو لهه وچڙ ۾ اچڻ سببان سخاوت سندن زندگيءَ جو حصو پڻ بڻجي پيئي هئي. پر جڏهن سومرا حڪمران ٿيا ته عربن واري سخاوت سومرن وٽ ڪانه بچي. اُهي باهين جا مچ، جيڪي اُن دؤر ۾ عربن ۽ ٻين پاڙيسري بستين مان جهوڪ ويلي لاٽون ڪري ٻاريندا هئا، سي سومرن جي بستين ۾ جهڪا ۽ جهيڻا ٿي ٻرڻ لڳاڻ. اِنهيءَ ڪري اُن دؤر جي ڪنهن چارڻ سومرن جي هِن بيت ۾ گلا ڪئي. جنهن ڪري هيءَ ڳالهه تاريخي زنده پهاڪي جي شڪل ۾ مشهور ٿي بيٺي.“
سنڌ جي تاريخ بابت چارڻن ڀاٽِن، ۽ ڀانن جيڪي ڳاهُون (سنسڪرت ۾ گاٿائون) راجائن جي سورهيائي ۽ سخاوت بابت ڳاتيون آهن، تن ۾ ڪجهه تُز ويچار سمايل هجڻ سبب اُهي پهاڪي جي شڪل ۾ پڻ ڪتب اچڻ لڳيون آهن.
سومرن جي ڀيٽ ۾ سما بادشاهه سخا ۽ خير خيرات جي ڪري ديسان ديس مشهور هئا. چارڻن ڀٽن، ڀانن سمن کي ڏاتار ڪري مڃيو ۽ مشهور ڪيو. سمن مان جيڪي ڏهه ڏاتار سڀ کان گهڻو مشهور ٿيا، سي آهن: لاکو ڦُولاڻي، ڄام ڪرن، جکرو اوڍاڻي، هُڻند ٿڌياڻي، اوڍو جکراڻي، وڪيو ڏاتار، راءِ ڏياچ، سپڙُ چوٽاڻي، جسوڌن اڳرو ۽ ڄام وينجهو. ڀٽن ڀانن اِنهن ڏاتارن جي قصن ڪهاڻين کي ڳاهن ۾ ڳاتو جن مان ڪي پهاڪن جي شڪل ۾ پڻ مشهور ٿي بيٺا آهن.
”لاکي لک بخشيا، ڪرنُ بخشي ڪروڙ“.
ڄام لاکي ۽ ڄام ڪرن جي سخا تمام مشهور هُئي. ٻئي سخاوت ۾ هڪٻئي کان اڳرا هئا. هن پهاڪي جي معنيٰ آهي، لاکي لک ته ڪرن ڪروڙين رپيا دان ۾ ڏنا هئا.
”جي مٿو مڱڻ ناههِ ڪو، تان سمي ناهي سوڙ.
ڪرن ڄام ڪروڙ، ڇَٽي ڦُلن مُٺِ جيئن.“
يعني سمو ڄام ڪرن پنهنجي ٻارهين مهيني واري جشن تي ڪروڙن جا ڪروڙ رپيا ڦُلن جي مُٺ وانگر ڇَٽي خيرات ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو. وٽس ايترا ته سوالي ۽ محتاج ايندا هئا جو اُنهن جو ڪو اٿو مٿو نه هو. اِن هوندي به سمي ڄام ڪرن وٽ سوڙهه محسوس نه ٿيندي هئي. 1
ڄام لاکي جي وفات کان گهڻو وقت پوءِ ڪنهن سالڪ پُراڻ درياءَ کان پڇيو ته:
”جهُو تون پراڻ، جُڳ ڇٽيهه سنڀرين،
توڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا؟
پُراڻ جواب ڏنو ته:
”لاکا لک لنگهيا، اُنڙ ڪروڙيُون اَٺ،
هيم- هيڙائو هيڪڙو، جو وري نه آيو مون وٽ.“2
وڪيو ڏاتار: وڪيي ڏاتار کان سُمنگ نالي چارڻ اچي ڪُمُندائتا پيرُون گهُريا، جنهن تي وڪيي چيس ته:
انبن لڳي ڪيري، ڄاريُن لڳي ڇٽَ،
ورُ چارڻ ماٺ ڪر، جيسين اچي وَٽَ.[3]
(ڪيري = ننڍڙيون انبڙيون؛ ڇٽ = پيرن جا ڪي ڇڳا ۽ ٽؤنر يعني اَڇا پيروُن ڪچڙا آهن، تيسيتائين ترسُ، جيستائين پيرُن جي مند (وٽ) اچي.)
اوٺو جکراڻي: ڄام اُڍي جو پُٽ ڄام جکرو وڏو سخي هو، جنهن جي باري ۾ ڀٽائي صاحب پڻ چيو آهي ته:
ڏمرجي ته ڏي، پرچي ته پٽَ ڀري،
جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چِت ۾.1
سنڌ ۾ ماموئي فقيرن جا بيت پڻ سمن جي اوائلي دؤر جي واقعن جي لحاظ کان ”نيم تاريخي“ حيثيت رکن ٿا. ڏندڪٿا آهي ته سما حاڪمن جي اوائلي دؤر ۾ ڄام تماچي بن ڄام خيرالدين جي درٻار ۾ ست درويش آيا هئا، جيڪي سنڌ ۾ اڄ تائين ماموئي فقيرن جي نالي سان مشهور آهن. هرهڪ فقير سمن حاڪمن جي حڪومت ۽ سنڌ جي مستقبل بابت اڳڪٿي ڪندي هڪ هڪ بيت چيو هو. اهي بيت سنڌي عام عوام ۾ ايترو ته مشهور ٿيا آهن، جو پهاڪن جي صورت ۾ پڻ ڪتب آندا ويندا آهن. جيئن ته: ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارؤن جوکو“، ”ٻاروچاڻا ٻار، ٽڪي ٽي وڪامندا“، ”بِهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي“ وغيره سٽون اِنهن ستن بيتن مان کنيل آهن.
بِهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي“.
پُراڻا پرار، نوان اَڏجو نِجهُرا.“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ويچار موجب، مٿي ڏنل بيتن جي مضمون کي سمجهڻ لاءِ تاريخي پس منظر کي سمجهڻ ضروري آهي.
اندازاً چوٿين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري، اروڙ وٽان درياءَ جي رُخ ۾ ڦيرو آيو. جنهن سببان درياءَ جو مکيه وهڪرو ڦِري، بکر وٽان ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ ٺٽي طرف کان وهڻ لڳو ۽ اڳئين مکيه درياءَ هاڪڙي (اُڀرندي ناري) ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳو. اُن بعد ايندڙ ٽن سون سالن ۾ يعني 14 صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري سڄو درياءُ پلٽو کائي بکر ۽ سيوهڻ وٽان وهڻ لڳو ۽ هاڪڙي جي حيثيت فقط هڪ ”ڦاٽ“ جي وڃي رهي. اِنهيءَ ڪري هيٺ پُراڻ ۽ هاڪڙي ڍوري وارا گهڻا پٽ غيرآباد ٿي ويا ۽ ٺٽي وارو پاسو وڌيڪ سرسبز ۽ آباد ٿيو. اِهوئي سبب هو جو سيوهڻ ۽ ٺٽي طرف سمن زميندارن زور ورتو ۽ وڳهه ڪوٽ، روپاهه ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ وارن سومرن جي مالي حالت ڪمزور ٿيڻ لڳي. سمن جي اُسرندڙ طاقت جي مقابلي ۾ سومرن جي پوئين حاڪم همير پٽ دودي کي سلطان فيروزشاهه تغلق جي طرفان ملتان ۽ گجرات جي گورنرن مدد پئي ڪئي ۽ سنڌ جي سومرن جا گهڻگهرا پڻ اُنهن اُميدن تي پئي تڳيا، جيڪي اِنهن بيتن ۾ ظاهر ڪيل آهن. يعني ته:
(الف) شال هاڪڙو درياءَ وري ڇوٽ وهي. اروڙ واري ٻنڌ ڄاڻ ته ڀڳي! پوءِ (ٺٽي- سيوهڻ طرف جي سمن يا سندن سردار) سمي ڏانهن بِهه، مڇي ۽ لوڙهه سوکڙي ٿي ويندا. (ڇاڪاڻ جو درياهه هاڪڙي واري وهڪري مان سِير ڪري وهندو ۽ ٺٽي واري پاسي ايترو پاڻي ڪونه ويندو جو اُتي بِهه، مڇي ۽ لوڙهه ٿين.)
(ب) اي ماڙُهُوئا! (سمن جي نئين وسايل) ٺٽي شهر (جي شاهوڪاري ۽ رونق) جي آسري متان وڃي اُن طرف ويهو، جو اُتي پاڻي به ڪونه ملندو. هاڪڙو درياءُ ڄاڻ وري ڀرجي وهيو. اِنهيءَ ڪري چڱو ائين ٿيندو ته) پُراڻ جي پريان وڃي پنهنجا نوان گهر اڏيو. جتي وري وڏيون آباديون ٿينديون.
”لاکا لهراڻِي لهر بحر جا سائين.“
هيءُ پهاڪو لاکي ڦُلاڻيءَ جي نالي پُٺيان مشهور ٿيو آهي. هو مشهور سخي هو ۽ ڏکڻ سنڌ توڙي ڪڇ ۾ راڄ ڪندو هو. سنڌ ۾ مهاڻا درياءَ ۾ ٻيڙي هاڪارڻ کان اڳ لاکي کي ياد ڪري اِهو پهاڪو چوندا آهن.
”آيا مير، ڀڳا پير“.
عبدالڪريم سنديلي هن تاريخي پهاڪي کي هيٺينءَ ريت سمجهايو آهي. (1) ”جڏهن ڏاڍا اچن، تڏهن هيڻا بيهي نه سگهن.“
سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي صاحبي 1701ع کان 1782ع تائين هلي. ڪلهوڙن کي ’ميان‘ ۽ ’پير‘ به ڪري سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين ڪيترائي مُريد هئا. اڃا تائين پير ميان شاهه محمد عباسي (تعلقو قمبر، ضلعو لاڙڪاڻو) ۽ پير ميان الياس عباسي (تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو) جي مقبرن تي سوين سالڪ رهن ٿا ۽ پنهنجون باسون باسيندا رهن ٿا.
جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت ڪمزور ٿي، تڏهن مير ٽالپور حاڪم ٿيا ۽ ”پير“ (ڪلهوڙا) ڀڄي ميدان ڇڏي ويا.
هن ساڳئي پهاڪي جو بنياد انيس ڊبليو فئلن هن ريت ڏنو آهي:
ميرڪي آني پير ڀاگ جاتي هين. بڙي هُنرمند ڪي سامني ڇوٽي ڪي دال نهين گلتي. اِسڪي ڪٿا هئه ڪِ امروهه ۾ شيخ مدد يا ميران جي نامڪ* ايڪ ويڪتي رهتا ٿا. وهه بلڪل اشِڪشت ٿا. ڦِر ڀي اپني ڪو علم تسخير يا جيوتش ۾ نپُڻ بتاتا ٿا. ايڪ دِن کيت ۾ اُسي ايڪ ديپ ملا، جس ۾ ايڪ ساٿ چار بتيان جلتي ٿين. اُسي اپني گهر لي جا ڪر اُس ني جلايا، تو اُس ڪي سامتي چار جِن آڪر کڙي هوگئي. اُنهين ديک ڪر وه ڀئه ڀيت هوگيا اور ديپڪ ڪو بُجهاني ڪِي ڪوشش ڪرني لگا. ليڪن جن نهين ٽلي. بولي، همين ڪُڇ ڪام بتائو. شيخ بدچلن ٿا. اُس ني جنوُن سي ايڪ خوبصورت عورت لاني ڪو ڪها. جنون ني تُرت ويسا هي ڪيا. ڪِنتو اُس عورت ڪي ساٿ شيخ ني جب دُراچار ڪرنا چاها تو جنون ني بتايا ڪِ وي تب هي اُس ڪِي بات مانينگي جب تڪ وه صحيح راستي پر رهيگا. پر وه اُس سُندري ڪو بار بار بُلاتا رها. انت ۾ وه بي قابُو هو ڪر سُندري ڪي طرف بڙها. تب جنون ني اُسي مار ڊالا. مرڪر وهه بڙا پير هوئا اور لوگون ڪي سِر آني لگا. اور ڀي بُهت سي پير هوئي هين. ليڪن جهان شيخ مددُو پهنچتا هين، وهان دوسري پير ٺهر نهين پاتي. اِس شيخ مددو ڪي اڀي ڀي اَمروهي ۾ درگاهه بني هئه اور لوگ زيارت ڪرني اُس ڪي درگاهه پر آتي هين. 1
”ميرن جي ڦِٽي گهر مان.“
هيءَ چوڻي سنڌ جي آخرين مسلمان ميرن يا ٽالپرن طرف اِشارو ڪري ٿي. اُهي پاڻ ۾ پيا وڙهندا هئا، جنهن جو فائدو وٺي انگريز جنرل سر چارلس نيپيئر 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو.
”ڪنن جي ڳالهين مير بجار مارايو.“
معنيٰ ته سُس پُس يا لِڪ ڇِپ جي ڳالهين مان خراب نتيجا نڪرن ٿا. جڏهن مير بجار خان 1190 هجري مطابق سن 1777ع ۾ حج تان واپس آيو، تڏهن چئن هزارن بلوچن ۽ ٻين قومن کيس مجبور ڪيو ته ميان غلام نبيءَ سان جنگ ڪجي، ڇاڪاڻ ته هُن مير بجار خان جي پيءُ مير بهادرخان کي مارايو هو. آخر عمرڪوٽ ڀرسان جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان غلام نبي مارجي ويو ۽ سندس لاش حيدرآباد آندو ويو. مير بجار سنڌ جي حڪومت پاڻ قبول نه ڪئي ۽ اُن غلام نبيءَ جي ڀاءُ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي اُتي جو حاڪم ڪيو.
هينئر ميان عبدالنبيءَ کي، مير بجار خان کان هر وقت خوف رهندو هو ته مُبادا وجهه وٺي کيس مارائي، ڇاڪاڻ ته مير بجار خان، وزير هو ۽ صحيح معنيٰ ۾ حڪومت جو چرخو ئي پاڻ هلائيندو هو ۽ ميان عبدالنبي نالي ماتر ئي حاڪم هو. تنهنڪري ميان صاحب کي اِهائي آنڌ مانڌ هُئي ته ڪنهن به طريقي سان مير بجار خان جو انت آڻجي. آخر هُن جوڌپور جي مهاراجا وجئه سنگهه کي عمرڪوٽ ڏيڻ جو واعدو ڪري، مير بجار خان جو قتل ڪرائڻ تي کيس آماده ڪيو. مهاراجا وجئه سنگهه، ٻه راٺوڙ هرناٿ سنگهه ۽ محڪم سنگهه، وڪيل بڻائي خط سان ميان عبدالنبيءَ طرف جوڌپور مان حيدرآباد لاءِ روانا ڪيا.
تاريخِ سنڌ، جلد ششم (عهد ڪلهوڙا) حصه دوم، غلام رسول ”مهر“ صفحي 790 کان 796 تائين اڳتي لکي ٿو ته: ”ٻن راٺوڙن سان ٻيا به ڪي ماڻهو هئا. اُهي ڪيترائي ڀيرا ميان صاحب ۽ مير بجار سان الڳ الڳ مليا. هڪ دفعي اُنهن مير کي عرض ڪيو ته اسان جي مهاراجا سان اِجهوئي هينئر خط آيو آهي. اُن ۾ اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن، جي اوهان کي اڪيلائيءَ ۾ ئي ٻڌائي سگهبيون. خط ۾ لکيل آهي ته ميان عبدالنبي اوهان جي خلاف ڪيئي خط مهاراجا کي لکيا آهن. مهاراجا جو خط هنديءَ ۾ آهي. جيئن ته اوهان مان ڪوبه هندي نه ڄاڻندو آهي، تنهن ڪري اجازت ملي ته اسان ئي خُلاصائيءَ ۾ هيءُ خط پيش ڪريون. مير صاحب سڀني کي ٻاهر ڪڍيو ۽ فقط هڪ ملازم ايسر کي پاڻ وٽ رکيائين. هڪ وڪيل، مير جي ڀرسان اچي ڪري خط پڙهڻ لڳو. پڙهندي پڙهندي دوکيبازيءَ سان چيائين ته، هي لفظ منهنجي سمجهه ۾ نٿا اچن. ائين چئي هُن جهٽ ٻي وڪيل کي به گهرائي ورتو. اهڙيءَ طرح اُنهن ٻنهي مير کي خط پڙهڻ ۾ رڌل رکي، اوچتو ئي اوچتو مٿس تلوارن جا وار ڪرڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ مير صاحب زخمي ٿي چڪو هو، ته به اڪيلي ئي ٻنهي کي ماري وڌائين.
”الله ڏيوَئي، ميان ڏيوَئي، صحبت نه ڏيوَئي.“ 1
معنيٰ انڪاري ٿيڻ، نابري وارڻ. چون ٿا ته ڪلهوڙن جي وقت ۾، حڪومت طرفان چانڊڪا پرڳڻي جي ڪنهن حصي جو صحبت خان ڪاردار يعني مختيارڪار هو. صحبت خان ايتري قدر بخيل (ڪنجوس) هو جو ڪنهن کي به ماني ٽِڪيءَ جي صلاح نه ڪندو هو ۽ نه وري ڪا خير خيرات ئي ڪندو هو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ فقير صحبت خان کان خيرات گهرڻ ويو. صحبت خان بيهڻ ئي ڪانه ڏنس. فقير ڇا ڪيو جو وقت جي ميان صاحب (ڪلهوڙي حاڪم) ڏانهن خيرات لاءِ ويو. ميان صاحب فقير کي خيرات ڏيئي راضي ڪيو. فقير عرض ڪيو ته، ”سائين! اوهان جي خيرات اگهي، پر صحبت خان ڏي به ٻه اکر لکي ڏيو ته اُهو به مون مسڪين ٻچڙيوال جي مدد ڪري.“ ميان صاحب فقير کي صحبت خان ڏانهن هڪ خط لکي ڏنو. جڏهن صحبت خان اهو خط پڙهيو، تڏهن به خيرات ڏيڻ کان پڙ ڪڍي ويٺو. چيائون، ”الله ڏيوئي، ميان ڏيوئي، صحبت نه ڏيوئي.“ يعني الله توکي ڏئي، ميان (ڪلهوڙو حاڪم) توکي ڏئي، پر مان صحبت توکي ڪجهه به نه ڏيندس.
”جمن چارڻ وارو سوال آهي.“
سنڌ جي ضلعي خيرپورميرس ۾ جمن نالي ذات جو هڪ چارڻ رهندو هو. هو نابين، مسڪين ۽ ڪمزور پڻ هو. هن کي اکين جي روشني ۽ هڪ اولاد جي تمنا هئي. پنهنجي هن خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ هو حضرت پيران پير علي رحمت جي مزار تي ڳائيندو هو ته، توکان مڱن، هڪڙو پسر. آخرڪار هڪ ڏينهن جُمن جي پڪار پير جي در تي قبول ٿي ۽ کيس آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته جيڪڏهن تون هڪڙو سوال گهرندين ته اهو پير جي در تي قبول پوندو. جمن هي سوال ڪيو: ”ماڙيءَ تي نُنهن، ڏُڌ ولوڙيندي ڏسان.“
هيءُ هڪ وڏو سوال هو، جنهن ۾ جمن جا سڀيئي مطلب اچي وڃن ٿا. پهرين ڳالهه ته هو پاڻ وري جوانيءَ ۾ پير رکي، ٻي ڳالهه ته کيس پٽ ٿئي، ٽين ڳالهه ته پٽ جي شادي ٿئي ۽ چوٿين ڳالهه ته پٽ جي زال يعني سندس نونهن ماڙيءَ تي چڙهي ڏڌ ولوڙي. هنن چئن ڳالهين جو آڌار هُن هڪ سوال جي شڪل ۾ گهريو. انهيءَ ڪري عام ماڻهن ۾ اهو واقعو چوڻيءَ جي روپ ۾ مشهور ٿي ويو ته، ”جمن چارڻ وارو سوال آهي.“
”چانڊيا مگسي آهن.“
معنيٰ، هڙ ڪپَ ويري آهن. وڏا دشمن آهن. هيءُ پهاڪو، چانڊڪا پرڳڻي جي پيدائش آهي، جنهن کي هينئر لاڙڪاڻو ضلعو چون ٿا. چانڊيا ۽ مگسي، ٻئي بلوچ قوم جا جابلو ماڻهو آهن ۽ هڪ ٻئي سان دنگئي پلئي پڻ آهن.
هڪ روايت مطابق، جڏهن چانڊڪا جاگير، ميان آدم شاهه (عباسي) ڪلهوڙي کي مغلن کان ملي، تڏهن سندس ڪارپرداز غيبي خان هو. اُن وقت جهل رياست جو سردار زئي خان هو، جنهن کي عام طرح مگسي خان ڪري چوندا هئا. جهل جو پرڳڻو پوءِ ميان شاهل محمد عباسيءَ هٿ ڪيو، سو به چانڊين جي مدد سان. ميان شاهل محمد عباسيءَ جي ڪاهه جو فقط اِهو سبب هو جو مگسي ميان جي فيصلن موجب نه هلندو هو. اِن کي ميان صاحب پنهنجي بيعزتي سمجهندو هو. تڏهن به، چانڊيا توڙي مگسي، ٻئي سندس مريد به هئا. مگسين کي اِنهيءَ تي مٺيان لڳي ته گهگهيرن (ساڳيو گهگهو ڍڪيندڙ ۽ هم ذات يا بلوچن چانڊين) ميان شاهل محمد جي چُرچ تي اسان تي چڙهائي ڪئي. جيتوڻيڪ مگسي، ظاهر طور خاموش رهيا، پر اندروني طرح منصوبا سٽيندا رهيا ته ڪهڙيءَ ريت به چانڊين کان وير وٺجي. انهيءَ ڪري ٿوري تان پاڻ ۾ پيا اٽڪندا هئا.
سندن عداوت جو ٻيو سبب اهو معلوم ٿي سگهيو آهي ته چانڊڪا جو هڪ امير ماڻهو، جهل رياست مان هڪ خانداني ڇوڪري کڻي آيو. مگسين وري ڏهه ڇوڪريون آنديون. اِنهيءَ ڪري گويا جهنگ کي باهه لڳي ويئي. ٻنهي جي وچ ۾ وڏو جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ ايترا ماڻهو مئا جو ميدان ئي رت سان رڱجي ويو. اِنهيءَ واقعي کي تر جا ماڻهو ”ماهوُ“ سڏڻ لڳا. آخر ٻنهي ڌرين جو فيصلو، ميان شاهل محمد جي جرڳي ڏنو ته، ”ڏهه چاندڪي ويک زهداني برابر شُدهه“. معنيٰ ته چانڊين جي هڪ ڇوڪري مگسين جي ڏهن ڇوڪرين برابر آهي. 1
”جتي جتي کيجڙي، اُتي اتي گوگو چوهاڻ.“
سنڌ ۾ راجسٿان جي علائقي جي شخصن متعلق پهاڪن جي دنيا ۾ گوگو چوهاڻ تمام گهڻو مشهور ٿي ويو آهي. سنڌيءَ ۾ مشهور هي پهاڪو راجسٿاني ٻوليءَ ۾ هن ريت ملي ٿو: ”گانوَ گانوَ گوگو، ني گانوَ گانوَ کيجڙي“. معنيٰ ڳوٺ ڳوٺ ۾ گوگو آهي ۽ ڳوٺ ڳوٺ مکيجڙيءَ (ڪنڊي جو وڻ) آهي، جيڪو ٿر ۽ راجسٿان ۾ عام آهي، جنهن ۾ سڱريون ٿينديون آهن.)
راجسٿان ۾ گوگو چوهاڻ جي پوجا ديوتا جي شڪل ۾ ٿيندي آهي. جنهن کي به نانگ ڏنگ هڻندو آهي، تنهن کي گوگي جي نالي جو سڳڙو ٻڌبو آهي. گوگي جو اسٿان (رهڻ جو هنڌ) کيجڙي ڪنڊيءَ جي وڻ جي پاڙ ۾ هوندو آهي. ڳوٺن ۾ جنهن به گهر ۾ نانگ نڪرندو آهي ته هُو گوگي کي ياد ڪري خير جا ڇنڊا هڻندو آهي. هو مينهن واري مهيني ۾، مينهن وسڻ کان پوءِ جنهن ڏينهن هر هلائڻ شروع ڪبو آهي ته گوگي جي نالي وارو نوَن ڳنڍين وارو سَڳڙو جنهن کي ”گوگو رکڙي“ چئبو آهي، هر ۽ هاريءَ کي ٻڌبو آهي ۽ بار بار چئبو آهي: ”هلي بالدي گوگو رکوالو.“2
”رامديو جا چيلا ڍيڍ ۽ چمار.“
مارواڙ علائقي ۾ رامديو نالي هڪ وڏو بهادر شخص ٿي گذريو آهي. ڀئروَ نالي هڪ ڪميڻي شخص کي مارڻ بعد رامديو چؤطرف مشهور ٿي ويو. هندو ۽ مسلمان سڀيئي هن کي ”رامشاهه پير“ يا ”راماپير“ جي نالي سان پوڄڻ لڳا. 1572ع ۾ رامديو مارواڙ علائقي جي روڻيچا ڳوٺ ۾ جيئري سماڌي (پاڻ دفن ٿيڻ) ورتي. تنهن کان پوءِ هو راماپير ديوتا طور مشهور ٿي ويو ۽ سندس نالي سان اڄ تائين ميلا ملاکڙا لڳندا آهن. هُن کي پوڄڻ وارن ماڻهن ۾ گهڻو ڪري هندُن جي گهٽ ذات جا شخص ايندا آهن. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ اهو پهاڪو مشهور ٿيو ته، ”رامديو جا چيلا ڍيڍ ۽ چمار“ معنيٰ ته رامديو جا سڀيئي ڀڳت (چيلا يا مُريد) چمار يا ڍيڍ ئي آهن. راما پير جا پوڄاري، ساڌو پڻ چمار ٿيندا آهن. راماپير تي ڊاڪٽر سشيلا موٽواڻيءَ سنڌيءَ ۾ هڪ تحقيقي مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ ۽ ٻين هنڌ پڻ راماپير جا گهڻيئي مندر آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ شخصن سان متعلق پهاڪن ۾ گهڻو ڪري مردن جي نالن سان واسطو رکندڙ پهاڪا آهن. پر ڪجهه پهاڪا اهڙا به آهن، جيڪي زالن سان متعلق آهن. جيئن ته:
”پوپان ٻائيءَ جو راڄ آهي.“
معنيٰ، انڌيرگردي، سينه زوريءَ جو زمانو آهي. سنڌيءَ جي لوڪ گيتن ۾ پوپان ٻائي سينه زوريءَ ۽ انڌير گرديءَ جي علامت جي شڪل ۾ مشهوري حاصل ڪئي آهي. سنڌي لوڪ گيتن ۾ هڪ سِٽ مشهور آهي: ”ٺڪر ٺوٻر پاسي ڪريو، پوپان منهنجي نچي“. معنيٰ ته ميدان صاف ڪري پوپان کي کلي جڳهه ڏيو ته هوءَ نچي پنهنجو جلوو ڏيکاري. پوپان ٻائيءَ جو نالو، نه رڳو سنڌ ۾ پر گجرات، مالوا، راجسٿان ۽ مڌيه پرديش ۾ به ساڳي شڪل ۾ مشهور آهي. راجسٿاني ٻوليءَ ۾ ساڳيو پهاڪو هن ريت ملي ٿو: ”راج پوپانِ ٻائي رو، ليکو رائي رائي رو.“ ۽ ”پوپان بائي پرگٽ هووئي، نَوي چلاوئي ريتِ.“ 1
بانڪيداس گرنٿاولي (ٻيو ڀاڱو) جي صفحي 20 تي لکيل آهي ته، ”پوپان ٻائي هڪ ڪنڀر جي زال هئي، جيڪا کنڊيلي راڄ جي جيپور نالي علائقي ۾ تمام گهڻي مشهور شخصيت هئي. سندس راڄ ۾ هرڪو فصل هڪ ئي اگهه تي وڪامندو هو. هوءَ پنهنجي بد مزاجيءَ جي ڪري سوريءَ تي چاڙهي ويئي هئي. گڻپت لال جوشيءَ جي لکڻ موجب، پوپان ٻائي گجرات جي راڄ گهراڻي ۾ پيدا ٿي هئي. گجرات جا راجا پنهنجي فراخدليءَ سبب مشهور هئا. پوپان جي دل انهن سڀني کان فراخ هئي، جنهن جو غلط فائدو سندس نوڪرن کنيو. نتيجي طور راجائن جي مانَ- مرتبي ۽ اوج ۾ گهٽتائي اچي ويئي. مڌيه پرديش جي لوڪ روايت ۾ پڻ پوپان ٻائيءَ کي ڪنڀر جي زال چيو ويو آهي، پر راجسٿان ۽ مڌيه پرديش جي پوپان سان تعلق رکندڙ ڪهاڻين ۾ تفاوت آهي.
(2) وارداتن متعلق پهاڪا:
زندگيءَ ۾ واقعن ۽ وارداتن جي پنهنجي اهميت آهي. زندگي وهندڙ پاڻيءَ مثل ٿئي ٿي. جيئن پاڻيءَ ۾ روڙا، پٿريون، پٿر، چيڪي مٽي، واري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي رڪاوٽون اچن ٿيون، پر انهن جو ڪوبه اثر اصل وهندڙ پاڻيءَ تي نه ٿو ٿئي، ۽ اُهو لڳاتار وهندو ٿو رهي. ساڳيءَ ريت زندگيءَ جي هن وهڪري ۾ وارداتون ٿين ٿيون، پر هرڪو شخص ان مان پار پوي ٿو.
جهوني وقت کان وٺي عام زندگيءَ سان وابسته وقعن وارداتن جو ذڪر سيني بسيني هلندو پيو اچي. پوءِ ڪي پارکو شخص اُنهن وارداتن کي سڃاڻي اُنهن مان املهه موتي سجائي سهيڙي قلمبند ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن جي آڌار تي وقت جي رفتار سان هلندي پهاڪن جي تعمير ٿئي ٿي.
هت رڳو اُنهن وارداتن سان واسطو رکندڙ پهاڪن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جو بنياد ڪن تاريخي يا نيم تاريخي واقعن تي ٻڌل آهي ۽ جن جي باري ۾ ڪافي خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته اُهي ٿيل وارداتن وقت يا اُنهن کان ڪجهه وقت پوءِ ٺهيا هوندا. سنڌيءَ ۾ وارداتن سان واسطو رکندڙ پهاڪا هن ريت ملن ٿا:
”اهڙي جُٺ ڪيائينس، جهڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان.“ 1
معنيٰ تمام گهڻي خراب هلت ڪرڻ. هڪ دفعي، ٻرڙو (مسلمانن جي هڪ ذات) پنهنجي دوست جي گهر مهمان ٿي ويو. صبح ساڻ مهمان کي نيرڻ ڪرائي گهر جا ڀاتي پنهنجن ڪمن تي ويا ۽ مهمان کي چيائون ته ٻارن جي سنڀال ڪج. اڃا اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته ٻارن روئڻ شروع ڪيو. ويچاري مهمان، گهڻوئي پرچايو، پر هُو ماٺ ئي نه ڪن. جڏهن مهمان کان ڳالهه زور وٺي ويئي، تڏهن ٻارن کي گُنديءَ (اناج رکڻ جو هنڌ، ڪوٺي) ۾ وڃي وجهي ڇڏيائين. منجهند جو جڏهن گهر جا ڀاتي ڪم تان موٽيا، تڏهن مهمان کان ٻارن بابت پڇيائين. مهمان کيس گُنديءَ جو ڏس ڏنو. ٻارن سان ٿيل اهڙي اڻ- سُهائيندڙ ڳالهه کي ڏسي ڪنهن چيو ته، ”اهڙي جٺ ڪيائينس، جهڙي ٻرڙي ڪري ٻارن سان.“
”اُهي تُنيا ئي مري ويا، جيڪي گَهٽا(گهيٽا) ڏيندا هئا.“ 2
معنيٰ سُکي، فراخ دل شخصن جي تعداد ۾ ڪمي اچڻ. تُنيا، حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ (566 کان 666 هجريءَ) جا مريد آهن، جيڪي پاڻ کي فقير سڏائين ٿا.
ملتان وارن بزرگن جا ڪيترائي خدا رسيده سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن، جن مان ڪيترن تي زبردست ميلا لڳندا آهن. جيسلمير جي هندو راجا جو راجڪمار، حضرت غوث بهاءُالدين جي بيعت حاصل ڪري مسلمان ٿيو هو، جنهن کي روحاني فيض کان مالامال ڪري پوءِ حڪم ڏنائين ته سنڌ ۾ وڃي رَهه ۽ روحانيت جي تبليغ ڪَرِ. مخدوم عبدالله پراڻن هالن ۾ اچي رهيو ۽ وڏو فيض بخش بزرگ ٿي گذريو هو.
سنڌ ۾ غوث صاحب ۽ ان جي جائنشينن جا مقرر ڪيل ڪيترائي خليفا هئا. جيئن ڄام ڏاتار، سخي داد واهي، درويش سيهَڙو، مخدوم عبدالرحمان وغيره. تُنيا فقيرن مان به ڪي خليفا هوندا هئا، جيڪي ڳوٺ ڳوٺ مان مريدن کان گهيٽو وٺي پيرين پيادا مرشد سائين حضرت غوث بهاءُالدين ذڪريا ملتانيءَ جي درگاهه شريف تي ويندا هئا. اُنهن خليفن سان گڏ، هزارين ماڻهو به شامل هوندا هئا. محترم الله بخش تنيو فقير جي روايت موجب: 1920ع کان خليفن پيرين پيادو گهيٽن نيڻ جو رواج بند ڪيو. هينئر ته سنڌ مان پيرين پيادو ڪوبه ڪونه ويندو آهي. جنهن سڄڻ کي درگاهه شريف تي زيارت ڪرڻ جو شوق ٿئي، سو ريل تي چڙهي وڃي پنهنجو نذرانو ڏيئي ايندو آهي.
هينئر جيئن ته هرڪو پنهنجيءَ ۾ ئي پورو آهي، تنهنڪري اهڙو ڪوبه تُنيو فقير ڪونه آهي، جو پيرين پيادو گهيٽو ڏيئي اچي. تُنين جي اها حالت ڏسي ڪنهن اها سِٽ چئي ڏني، جيڪا آهستي آهستي پهاڪو بڻجي پيئي.
”چٽي چنيجن جي، وڃي پُرڻ تي پيئي.“ 1
مطلب ته جڏهن هڪ جي مصيبت ٻئي تي اچي پئي، تڏهن ايئن چئبو آهي. چنيجا ۽ پُرڻ، موري تعلقي (ضلعي نوابشاهه) ۾ به ڳوٺ آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن. چنيجن ۾ هڪ هندو سيٺ رهندو هو، جنهن جي ڪن ماڻهن سان اڻبڻت ٿي پيئي. اُنهن ماڻهن کي هر وقت اهو خيال رهندو هو ته سيٺ جو سِرُ کڻجي. هڪ دفعي سيٺ جي گهر ۾ ڌاڙو هڻڻ ويا، پر رات جي اونداهيءَ ۾ رستو ڀلجي، وڃي پُرڻ تي ڪڙڪيا. ڌاڙو ته هنيائون پر سندن مطلب پورو نه ٿيو. انهيءَ واقعي کي ڏسي ڪنهن چئي ڏنو، ”چٽي چنيجن جي، وڃي پُرڻ تي پيئي.“
”لاهي لنگها ويهه، آريجن مان آسرو،
پني پرائو ڏيههُ، اچي کاءُ آريجن ۾.“1
”آريجا“ مسلمانن ۾ هڪ ذات جو نالو آهي، جنهن جي اثر هيٺ آريجا نالي سان ڳوٺ به آهي. هيءُ ڳوٺ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري نالي تعلقي ۾ آهي. اُنهيءَ ڳوٺ ۾ مخدوم شهاب الدين نالي بزرگ، ڪلهوڙن جي آخرين دؤر ۾ رهندو هو، جو پنهنجي وقت جو ڪامل ولي هو. مخدوم صاحب غيرشرعي ڪمن جي اجازت ڪونه ڏيندو هو. ايتري قدر جو، آريجن ۾ شاديءَ تي به نه دُهل وڄندو هو ۽ نه وري محفل ۾ ناچ وغيره ٿيندو هو. ڳوٺ ۾ هندُن جو به هڪ ٽڪاڻو هو، پر اُتي به نغارا ۽ ڌڪڙ وغيره نه وڄايا ويندا هئا.
اتفاق سان، اُتي هڪ لنگهن جو گهر اچي ويٺو، جن کي اها حقيقت معلوم ڪانه هئي. هنن رات جو شهنائيءَ ۽ دهلن جو آواز ڪيو. قدرت سان سندن شهنائي ڀڄي پيئي ۽ دهل به ڦاٽي پيو. جڏهن کين ان قصي جي خبر پيئي، تڏهن اچي مخدوم صاحب کان معافي گهريائون. ان تي اُتي ويٺل ماڻهن مان ڪنهن مٿي ڏنل پهاڪو چئي ڏنو.
راهوجن ۾ رات، قادر ڪنهن جي نه وجهي.“ 2
سنڌ ۾ راهوجن جا ڪيترائي ڳوٺ آهن، پر هيءَ پهاڪو تعلق رکي ٿو ’ڪچي‘ وارن راهوجن سان. مديجيءَ جي ڀرسان، ڪچي ۾ راهوجن جو هڪ ڳوٺ آهي. ڪنهن وقت ۾ هڪ سيد ان ڳوٺ ۾ وڃي نڪتو. ڪنهن سان به واقفيت نه هئڻ جي ڪري وڃي مسجد جو پاسو ورتائين. کائڻ لاءِ رات جو پٽرو ڀَتُ مليس، تنهن ڪري سندس اندر نه ٺريو. ان کان سواءِ هڪ گرمي، ٻيو هُٻس ۽ ٽيون وري ڪچي جا مڇر. سڄي رات هن لُڇندي گذاري. هُو صبح جي نماز پڙهي جڏهن موڪلائڻ لڳو ته جماعت جي ماڻهن چيس ته قبلا مهرباني ڪري هڪڙي ٻي رات به رهو. ان تي شاهه صاحب چئي ڏنو ته: ”اَبا، راهوجن ۾ رات، قادر ڪنهن جي نه وجهي.“
ڪن عالمن جو خيال آهي ته اهو حقيقت ۾ شاهه عبداللطيف هو، جو فقيرن سان گڏ راهوجن ۾ رهيو ۽ اُتي جي حالت ڏسي هيءُ بيت چيائين:
راهوجن ۾ رات، قادر وجهي نه ڪنهن جي،
رنون رب رلايون، آهر اڳلي واٽ،
پليجن کان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي.
چون ٿا ته راهوجن جي زالُن شاهه صاحب جي فقيرن سان چرچا ڪيا هئا، ۽ شاهه صاحب جي هڪ عقيدتمند، پليجن جو ڳوٺ مان ڀت جي پاٽ ڀرائي آندي هئي. شاهه صاحب پنهنجي بيت ۾ اهڙي ئي وضاحت ڪئي آهي.
(3) نيم تاريخي لوڪ ڪٿائن متعلق پهاڪا:
سنڌ جي تاريخ جي اوائلي دور ۾ قصن ٻڌائڻ جو فن ڪافي اوج تي رسيل هو. سنڌ جي چارڻن ۽ ميراثين، منگتن ۽ مڱڻهارن، ڀٽن ۽ ڀانن، لوڪ ڪٿائن ذريعي سنڌ جي سورهين جي عظمت، سخاوت ۽ عشقيه داستانن کي مشهوري ڏني. هنن شان سان قصي جي ڪن ڀاڱن کي موجود لفظن، پهاڪن، گفتن ۽ مثالن کي سازن جي مدد سان ڳائي پنهنجي فن جو ڪمال ڏيکاريو.
وقت گذرڻ سان گڏوگڏ قصن ڪهاڻين کي ٻڌڻ جو وقت پڻ گهٽجڻ لڳو، پر انهن ۾ سمايل سچائي، آزمودن جي اثر هيٺ لوڪ قصن، ڳاهن سان واسطو رکندڙ پهاڪن جي جنم ٿيو. پهاڪا ايترا ته طاقتور ٿين ٿا، جن کي ڏسندي ئي خبر پوي ٿي ته اُنهن جي اصل ۾ ڪهڙي ڪٿا آهي. گهڻو ڪري پهاڪن جي بنياد ۾ ڪا نه ڪا ڪٿا ضرور هوندي آهي، جنهن جي اثر ڪري پهاڪا عام ماڻهن جي ذهن ۾ اُڪرجي ويندا آهن.
سنڌي ادب ۾ گهڻن ئي قسمن جي قسمن جو ذڪر ملي ٿو. جيئن: عشق جا قصا، سورهيائيءَ جا قصا، اسماعيلي مَت جي پيرن جا قصا، ڌرمي قصا، سنڌوندي بابت ڪٿائون، وغيره، پر اهو ڪو ضروري نه آهي ته هرڪنهن قصي مان پهاڪي جو جنم ٿيو هجي. هتي رڳو اُنهن لوڪ ڪهاڻين ۽ نيم تاريخي قصن جو ذڪر ڪبو، جن جو سڌو لاڳاپو پهاڪي جي بنياد سان آهي. سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، عمر مارئي، مومل راڻو ۽ نوري ڄام تماچي وغيره قصن مان ڪيترن ئي پهاڪن جو جنم ٿيو آهي. جيئن ته:
”اڃا اٺ ڪڍن سسئي“.
مطلب ته جڏهن ڪو ڏکيو پنڌ يا مسئلو درپيش ايندو آهي ۽ ماڻهو تڙ تڪڙ ۾ ڌُوڪي پوندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي. هن پهاڪي جي بنياد ۾ سنڌ جو مشهور قصو ”سسئي پنهون“ سمايل آهي. جڏهن پنهونءَ جا ڀائر سسئيءَ کي سُمهيل ڏسي رات جو چوريءَ سان پنهونءَ کي ڪڍي، ڪيچ ڏانهن روانا ٿيا هئا، تڏهن ويچاري سسئي صبح جو اُٿي پريشان ۽ بي حواس حالت ۾ ڀنڀور کي باهه ڏيئي اڪيلي، پيرن اگهاڙي پيدل ڏونگر ڏورڻ لڳي. هڪ ته لنبي مسافري ۽ ٻيو ڏکيو پنڌ. تڏهن به ويچاري پنهنجي پنهون کي پائڻ لاءِ پيرين پنڌ ڀڄندي ويئي، پر ڀنڀور ۽ ڪيچ جي وچ ۾ گهڻو فاصلو هو. رستي جي پٿرن، رڻ ۽ جهنگ کي پار ڪرڻ لاءِ اُٺ کپندا هئا. پيرين پيادو ايتري مسافري ڪانه ڪري سگهبي هئي، پر سسئيءَ تي پنهون جي عشق جو ايترو ته گهڻو اثر هو جو هن اُٺن جي اچڻ جو به انتظار ڪونه ڪيو ۽ پنهون کي ڳولهڻ پيرين پنڌ نڪري پيئي.
”دودو ڌوڙ چنيسر ڇائي.“ 1
ڀونگر سومري کي ٻه زالون هُيون. پهرين زال لوهارڻ مان هڪ پٽ چنيسر ۽ هڪ ڌيءَ ٻاگهل. ٻيءَ زال سومريءَ (ڏاڏي پوٽي) مان دودو هوس. دودو ننڍو پٽ هو. جڏهن ڀونگر مري ويو، تڏهن اميرن اُمرائن، وڏي پٽ چنيسر کي پڳ ٻڌائي. چنيسر چيو ته، ”امان کان پُڇي اچان ته پوءِ پڳ ٻڌندس.“ اِهو چئي مجلس مان اُٿي کڙو ٿيو. امير اُمرائن چيو ته جيڪو ايتري ڳالهه تي ماءُ کان پڇڻ ويو آهي ته ملڪ ڪيئن هلائيندو؟ جنهن ڪري دودي کي پڳ ٻڌي تخت تي وهاريائونس. چنيسر موٽي پيشمان ٿيو ۽ گهر وڃي ويٺو. ڀيڻس ٻاگهل رات ڏينهن طعنن سان تپائي ڏنس.
”اڳي هيونسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽُري ٿياسين ٽي،
چرخو چندن عاج جو، امان آڻي ڏي.“
اهڙن طعنن چنيسر جي زندگي زهر ڪري وڌي. آخر ٻيو ڪو حيلو يا وسيلو نه ڏسي، دهليءَ جي حاڪم علاءُالدين خلجيءَ ڏانهن ويو. محمد صديق پيرزادو ”تاريخِ سنڌ“ قلمي نسخي جي صحفي 57 تي لکي ٿو: ”خلجيءَ کي عرض ڪيائين: هن چنيسر پنهنجي ڀيڻ ٻاگهل جو سڱ توکي ڏيڻو ڪيو آهي، مگر منهنجو ننڍو ڀاءُ دودو اعتراض ٿو وٺي. .... بادشاهه سنڌ ڏي ايلچي موڪليو. جڏهن ايلچي وڳهه ڪوٽ ۾ آيو ۽ سومرن کي خبر پيئي، تڏهن سومرن قاصد جا ٻئي ڪن پٽي ڪڍيا. قاصد موٽي دهليءَ ويو. پنهنجي قاصد جو اهڙو حال ڏسي وڏو ڪٽڪ سنڌ تي چاڙهي موڪليو. جتان جتان اُهو لشڪر گذري رهيو هو، اُتي جا ماڻهو پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ٿي ويا. علاءُالدين جي ايڏي وڏي ڪٽڪ کي ڏسي عام چوڻي ٿي پيئي:
”ڪُتي ڀؤنڪندي، پَڇو نڪري پيس،
مري ويئي، پر لشڪر نه کُٽي.“
حمله آور اُٻاوڙي ۽ اروڙ جون جنگيون کٽي سکر پهتا ۽ چانڊڪا کان پوءِ، حيدرآباد مان ٿيندا وڳهه ڪوٽ پهتا. اُتي سخت جنگ لڳي. ميدان رت سان رڱجي ريٽو ٿي ويو. آخر دودي ۽ چنيسر جا پٽ به مارجي ويا. جڏهن چنيسر جو پٽ ننگر (جو دودي جو نياڻو هو) مئو ته سُگهڙ چيو:
”هيءُ به شير شهيد ٿيو. سگهڙ ساران ورُ.“
چنيسر به ان جنگ ۾ خوب وڙهيو پر آخر ۾ قتل ٿي ويو. دودو، جنهن پهلوانيءَ سان علاؤالدين جي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڏنو، تنهن لاءِ سگهڙ چوي ٿي ته:
”ديمِيُن سان دودو لڙيو، گجي جيئن گجميرُ،
بيهي رهيو رڻ ڀونءِ ۾، مرد مثل هي ميرُ.“
نتيجو اهو نڪتو جو نه چنيسر کي حڪومت ملي ۽ نه ئي دودي جي حڪومت هلي سگهي. اهو واقعو ڏسي ڪنهن چيو: ”دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي.“
”ٿانءُ کڻي هڪڙو، ٺڪر ڀڄي گهڻن تي.“ 1
مطلب ته ڏوهه ڪري هڪڙو ۽ ان جي عيوض ۾ ٻين کي ڀوڳڻو پوي. قصو مشهور آهي ته سسئيءَ جي مزار تي آيل هر مسافر کي ٻه مانيون ۽ هڪ ڪٽورو کير جو ملندو آهي. هڪڙي دفعي ڪو آيل مسافر کير پيئڻ بعد ڪٽورو پاڻ سان ئي کڻي ويو. ان کان پوءِ روٽي ته بادستور ملندي هئي، پر ڪٽوري جي بدران ٺڪر جي پيالي ۾ کير ملڻ لڳو. انهيءَ تان ڪنهن سالڪ چيو آهي ته، ”ٿانءُ کڻي هڪڙو، ٺڪر ڀڄي گهڻن تي.“
”ڪُٽيءَ کائوُ مجنون آهي.“ 1
هيءُ پهاڪو ليليٰ مجنونءَ جي مشهور قصي تي ٻڌل آهي. هڪ دفعي مجنونءَ ليليٰ جي گهر جي سامهون هڪ وڻ هيٺ اچي پنهنجو آستانو اڏيو هو. هو هر وقت ليليٰ جي ياد ۾ مگن رهندو هو. کيس نه ننڊ، نه آرام ۽ زهر مثل سڀ قسم جو طعام. انهيءَ ڪري هُو روزانو بدن ۾ ڳرندو رهيو. جڏهن ليليٰ کي اها خبر پئي ته مجنونءَ جو حال احوال ڄاڻڻ لاءِ هڪ ٻانهيءَ کي موڪليائين. هن موٽي اچي ليليٰ کي ٻڌايو ته، ”سانئڻ! مجنون ويچارو ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي. فقط تنهنجي نالي جي سهاري تي ئي جي رهيو آهي.“ مجنون جو اهو حال ٻُڌي ليليٰ جا تاڪ لڳي ويا. پوءِ ته روزانو انهيءَ ٻانهيءَ جي هٿان وٽو ڪُٽيءَ جو مجنون ڏانهن موڪليندي هئي ته هو ڪجهه کائي ڪري آجو ٿئي، پر مجنون ته ليليٰ جو پيارو هو. هن جو ڪُٽيءَ سان ڪهڙو مطلب؟ ساڳئي ڳوٺ ۾ هڪ چالاڪ فقير رهندو هو، جنهن کي اِن قصي جي کُڙڪ پئجي ويئي. سو هُن ڇا ڪيو جو اچي ٻئي وڻ هيٺ پنهنجو ديرو ڄمائي ويٺو. هُو جڏهن ڏسندو هو ته مجنون ڪٽي نه ٿو کائي، تڏهن اُهو فقير ڪُٽي کائي خالي وٽو ڇڏي ويندو هو ۽ ٻانهي صبح جو اهو خالي وٽو کڻي ويندي هئي. اهڙيءَ طرح هو فقير ته ڏنڊو مشٽنڊو ٿي ويو ۽ ٻئي طرف مجنون وڃي هڏن جي مُٺ بچيو. ويتر مجنون جنهن وڻ هيٺ ويهندو هو، اُتان اُٿي وڃي ٻئي وڻ هيٺان ويٺو. ان کان پوءِ اُهو فقير وڃي مجنون جي جاءِ تي ويٺو، جنهن ڪري سندس ٻيگهي مچي ويئي. ڪجهه وقت کان پوءِ ليليٰ خيال ڪيو ته هاڻي مجنونءَ کي ضرور رتُ ماسُ چڙهي ويو هوندو. پڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي ٻانهي اُتي موڪليائين. اُن نئين ٻانهيءَ وڻ هيٺان مشٽنڊي فقير کي مجنون سمجهي ليليٰ کي چيو ته، ”مجنون ته کَل کان ڦاٽي ٿو.“ ليليٰ کي عجب لڳو ته عاشق ماس چاڙهيندا ئي ڪونه آهن، ته هيءُ قصو ڪيئن آهي؟ روزانو ڪٽي پهچائيندڙ ٻانهيءَ کي پڇيائين ته، ”اَڄ هيءُ خالي وٽي کڻي وڃ ۽ مجنون کي منهنجو نالو وٺي چئُه ته پنهنجي خون سان هيءُ وٽي ڀري ڏي.“ ٻانهيءَ مجنونءَ واري جاءِ تي ويٺل فقير کي وڃي چيو ته، ”ليليٰ جو حڪم آهي ته هيءُ وٽي پنهنجي رت سان ڀري ڏي“. ان تي هن فقير جواب ڏنو ته، ”مان ڪُٽيءَ کائو مجنون آهيان، رت ڏيندڙ مجنون هُن ٻئي وڻ هيٺان ويٺو اٿيئي.“ اهو چئي اُهو فقير اُٿي هليو ويو جو سمجهائين ته آئينده جا مال ڇُٽا، ڇاڪاڻ ته ليليٰ کي حقيقت معلوم ٿي ويئي آهي.
”عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر نه ڪونه ٿيلهيندو.“ 1
مارئيءَ وارا ماروُ ماڻهو ملير واري ايراضيءَ ۾ گذر ڪندا هئا. سندن ابا ڏاڏا گجرات جا ٺاڪر هئا، جي زماني جي گردش ڪري ملير ۾ آيا هئا. چون ٿا ته مارئي پنهنجي حُسن ۽ لڇڻن ۾ نِجي سون هئي ۽ مُرڪ ۾ بجليءَ وارو اثر هوس جو دل کي ڌوئي اُجاري ٿو ڇڏي. بدن هڪ سڌي سنئين هاٺي ۽ عضوا حسين ۽ ملائم ڪاٺي. هڪ پاڪ دامن هئي. توڙي ملير ملڪ، برسات بعد هڪ گلزار ٿي ڏٺو، پر هيءَ کٿيري ڪنوار اِيندي اُنهيءَ گلزار ۾ به هڪ لاثاني گل هئي. اهڙي حسين ڇوڪريءَ جي هاڪ ٻُڌي عمر سومرو بادشاهه مٿس اڻ ڏٺو عاشق ٿي ويو ۽ ملير ڳوٺ مان مارئيءَ کي زوريءَ کڻي ويو. تڏهن ڪن چيو ته عمر ملير تي متان ٻيو به ظلم ڪري. اِن تي ڪنهن سياڻي چيو ته عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر ته ڪونه ٿيلهيندو. هن کي مارئي کپندي هئي، سا ڀڄائي ويو. پوءِ ملير جي ٻين ماڻهن سان هن جو ڪهڙو مطلب ٿيندو؟
هتي ڏنل مثالن کان سواءِ ڪي ٻيا به لوڪ ڪٿائن سان واسطو رکندڙ پهاڪا سنڌيءَ ۾ ملن ٿا. اهڙا ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
سنڌيءَ ۾ نصيحت آميز ٻارن جي آکاڻين به گهڻن ئي پهاڪن کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
سنڌي ادب ۾ اهڙا عام پهاڪا به ملن ٿا، جن جي بنياد ۾ عام مشهور آکاڻيون آهن. مثال طور:
پيئڻ مهل ايئن آيا جيئن علي مراد جا ڪتا.
(4) قديمي حالتن متعلق پهاڪا:
سنڌيءَ ۾ ڪافي پهاڪا اهڙا ملن ٿا، جن جو بنياد آڳاٽي سنڌ جون حالتون آهن. هتي انهن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا:
عيسويءَ سن 712 ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ هيٺ، عربن سنڌ جي گهڻي حصي تي قبضو ڪري ورتو. اِن طرح عربن جي حڪومت سان گڏوگڏ سنڌ ۾ اسلام مذهب جي به شروعات ٿي. سنڌي ٻوليءَ تي عربي ۽ فارسي ٻولين جو اثر پوڻ شروع ٿيو. عربي ٻولي مسلمانن جي مذهبي زبان آهي، ته فارسي سڄي هندستان ۾ مسلمان حاڪمن جي دؤر ۾ سرڪاري ڪاروبار ۽ لکپڙهه جي ٻولي بڻي. اِن اثر ڪري هندستان جا گهڻيئي رهاڪو، هندو توڙي مسلمان فارسي ٻوليءَ جو اڀياس ڪرڻ لڳا ته جيئن سرڪار ۾ کين سٺو عهدو ملي سگهي. سنڌ جي گهڻن ئي رهاڪن به اهائي واٽ ورتي. ان تي پهاڪو مشهور ٿيو. ”پارسي، گهوڙي چاڙهسي“. (يعني فارسي پڙهندين ته گهوڙي تي چڙهي گهمندين). اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪو پارسيءَ جو عالم سرڪاري نوڪري حاصل نه ڪري سگهندو هو، ته پوءِ ماڻهو عجب وچان چوندا هئا:
ڏسو هيءُ قسمت جو کيل.
سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت 1843ع ۾ شروع ٿي. ان کان پوءِ به گهڻيئي سال سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جو بول بالا هو. اِن ڪري اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي فارسيءَ جو اثر نظر اچي ٿو.
لاڙڪاڻي شهر جو بنياد ڪيئن پيو. انهيءَ تي هيٺ ڏنل چوڻيءَ مان روشني پوي ٿي:
پيو نانءُ پوءِ ان تي لاڙڪ تان لاڙڪاڻو.
مطلب ته سنڌ جي انهيءَ خطي ۾ لاڙڪ ذات جا مسلمان رهندا هئا، جنهن تان اِن شهر کي لاڙڪاڻو سڏيو ويو. ڪن عالمن جي ويچار موجب سنسڪرت ۾ جنهن لاٽڪ ذات جو بيان اچي ٿو، اُنهن مان ئي ڪي مسلمان بڻيا ۽ سندن نالي ۾ ’ٽ‘ جو اچار بدلجي ’ڙ‘ ٿيو.
ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ لاڙڪاڻي جو شهر گهڻو اوج تي پهتو. اِن تي سنڌيءَ ۾ هيٺيون چوڻيون مشهور ٿيون.
سنڌ جي تاريخ جا ورق ورائبا ته معلوم ٿيندو ته آڳاٽي سنڌ تي گهڻو ڪري اُتر- اولهه طرف کان حملا پئي ٿيا. ان تي پهاڪو مشهور ٿيو ته:
اي سنڌ، تاريخ ۾ توتي وقت بوقت قنڌار کان حملا ٿيندا رهيا آهن. افغانستان جي غزني شهر جو حاڪم ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ هندستان تي ڪاهي آيو هو. هُو گجرات جي مشهور سومناٿ مندر کي لُٽي پوءِ سنڌ جي رستي کان واپس غزنيءَ ويو هو. واٽ تي هن سنڌ ۾ به ڦرلُٽ ڪئي هئي. ان کان پوءِ ارغون (1520- 1558ع) ۽ ترخان (1554- 1592ع) سنڌ تي ڪاهي آيا هئا. هُو به افغانستان جا رهاڪو هئا.
”سنڌ موچڙن سان سِڌي آهي“. هن چوڻيءَ مان به ظاهر آهي ته تاريخ ۾ ڌارين طاقتور حملي آورن گهڻيئي دفعا سنڌ تي حملا ڪري اُتي پنهنجي حڪومت برپا پئي ڪئي.
گذريل زماني جا سِڪا ۽ ماپا:
ڀارت جي آزاديءَ کان اڳ مسلمانن ۽ انگريزن جي حڪومت ۾ واپار ۾ جيڪي سڪا ۽ ماپا وهنوار ۾ ايندا هئا، اُهي اڄ ڪلهه جي سڪن ۽ ماپ جي ايڪن کان الڳ قسم جا هئا. اِنهن جي آڌار تي جيڪي پهاڪا ٺهيا آهن، انهن مان به اُن زماني جي حالتن جي ڄاڻ پوي ٿي. هتي ڪجهه مثال ڏجن ٿا:
آڳاٽي زماني ۾ ’ٽڪو‘ ٻن پيسن جي برابر هو ۽ ڪسيرو پائيءَ کان به ننڍو سڪو هو.
هن پهاڪي ۾ دمڙيءَ هڪ پراڻي سڪو هو، جيڪو پائيءَ کان به گهٽ هو.
هن پهاڪي مان ڄاڻ پوي ٿي ته ’ڪوڏي‘ (هنديءَ ۽ اردوءَ ۾ جنهن کي ڪوڙي چئبو آهي) به پراڻي زماني ۾ واپار ۾ ڏي وٺ لاءِ ڪم ايندي هئي.
مطلب ته جيڪو ماپ يا تور ۾ ٺڳي ڪري، تنهن لاءِ اهو پهاڪو چون. هتي ’پاٽي‘ ۽ ’ٽويو‘ جهوني زماني جا ماپا آهن، جن سان اَن ماپبو هو.
ڪري پيئي کوهه ۾، ٻه رپيا ڪڍاڻي.
جڏهن ڪو خسيس شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو خرچ ڪري، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي. انگريزن جي راڄ ۾ رپيو هڪ مکيه سڪو هو. ان ۾ سورنهن آنا هوندا هئا. هڪ آني ۾ چار پيسا ۽ هڪ پيسي ۾ ٽي پايون هونديون هيون. ملڪ جي آزاديءَ کان پوءِ ناڻي جو نئون ڏهائي (ڊيسمل) سرشتو شروع ڪيو ويو. ان موجب رپئي ۾ 100 پيسا مقرر ڪيا هئا. اڄ تائين ناڻي جي ڳڻپ جو اهوئي سرشتو هلندڙ آهي.
ڀارت جي آڳاٽي تاريخ متعلق پهاڪا:
سنڌيءَ ۾ ڪجهه پهاڪا اهڙا به ملن ٿا، جن جو تعلق آڳاٽي ڀارت جي تاريخ سان آهي. جيئن ته:
هُو اڃا پيو پڇي ته رام ڪير هو.
مهاڀارت جي مکيه ڪٿا پانڊوَن ۽ ڪوروَن جي لڙائيءَ سان واسطو رکي ٿي. ان ڪي مهاڀارت جو مطلب ٿي ويو آهي ”لڙائي، جهڳڙو، ڪلهه“.
ساڳيءَ طرح سنڌ کان ٻاهر ٻين علائقن جي مشهور ڪن تاريخي ماڻهن جي باري ۾ به سنڌيءَ ۾ پهاڪا ملن ٿا. جيئن ته:
مطلب ته ٻنهي ۾ تمام گهڻو تفاوت آهي. هيءُ پهاڪو ڀارت جي گهڻين ئي ٻولين ۾ مشهور آهي. هن پهاڪي ۾ راجا ڀوڄ جي باري ۾ عالم سهمت نه آهن ته هتي ڪهڙي راجا ڀوڄ طرف اِشارو آهي. ان نالي سان الڳ الڳ دورن ۾ پنج ڇهه راجائون ٿي گذريا آهن. ممڪن آهي ته هن پهاڪي جو بنياد ڪنهن نيم تاريخي لوڪ ڪهاڻين تي بيٺل هجي. ڀانڊارڪر انسٽيٽيوٽ پوني، مهاراشٽر جي مرهيات ڪيوريٽر پي. ڪي گوڙي انسٽيٽيوٽ جي لائبرريءَ مان سنسڪرت ٻولي ۾ لکيل هڪ دستخط هٿ ڪيو آهي. ان جو نالو آهي؛ ’وڪلپسُوتر‘. اهو هٿ سان لکيل ڪتاب گوڙي جي انومان موجب ٽي سال کن اڳ جو لکيل آهي. ان ۾ راجا ڀوڄ ۽ گنگو تيليءَ جي باري ۾ هڪ لوڪ ڪهاڻي ڏنل آهي، جنهن جو واسطو هتي ڏنل پهاڪي سان ٿي سگهي ٿو1. هتي ٿوري ۾ ان سنسڪرت لوڪ ڪهاڻيءَ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ اختصار ڏجي ٿو:
هڪڙو هو شاگرد. هُو ڏکڻ هندستان جي پرتِشٺانپور نالي شهر ۾ ويو ۽ اُتي هڪ عالم کي اُستاد ڪري هن وٽ ٽيهه سال کن رهي سڀني شاسترن جو اڀياس ڪيائين، پوءِ ته پنهنجي ڄاڻ تي ايترو ته گهمنڊ ٿيو جو پاڻ جهڙو ڪنهن کي سمجهندو ئي ڪونه هو. هُو شاسترارٿ (علمي مناظري) ۾ ٻين عالمن کي جيتڻ لاءِ سفر تي نڪتو. هن ٻڌو هو ته اُجين جي راجا ڀوڄ جي درٻار ۾ گهڻيئي عالم آهن. اُتي پهچي هن سڀني پنڊتن کي شاسترارٿ هارائي ڇڏيو. اِها حالت ڏسي راجا ڀوڄ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هُو پوءِ دل وندرائڻ لاءِ شڪار تي روانو ٿيو. واٽ تي ڏٺائين ته گنگو نالي هڪ ڪاڻو تيلي آهي. هو هڪ هٿ سان گهاڻو پيو هلائي ۽ ٻئي هٿ سان تيل ڪڍي ڏاڍي خبرداريءَ سان مَٽنَ ۾ پيو وجهي. اهو تماشو ڏسي راجا عجب ۾ پئجي ويو ۽ ان تيليءَ کي ويجهو وڃي کيس چيائين ته مان راجا ڀوڄ آهيان. منهنجي درٻار ۾ هڪ ماهر آيل آهي. تون ان سان شاسترارٿ ڪندين؟ گنگو تيلي هڪدم هاڪار ڪئي، پوءِ راجا آچر جي ڏينهن شاسترارٿ لاءِ رکيو ۽ گنگو تيليءَ کي وٺي اچي پاڻ وٽ رهايائين. درٻار ۾ گهڻيئي عالم اچي ڪٺا ٿيا. گنگو تيليءَ کي به سهڻا ويس وڳا پهرائي شان مان سان درٻار ۾ وٺي آيا. هُن سان گڏ پنجاهه شاگرد به هئا. راجا ڀوڄ ڏکڻ هندستان جي عالم کي حڪم ڏنو ته هن نئين آيل پنڊت کي شاسترارٿ ۾ جيتي ڏيکار. راجا جي اجازت ملڻ سان بحث شروع ٿيو. ڏکڻ ڀارتي عالم هڪ آڱر مٿي کڻي گنگو تيليءَ ڏانهن اشارو ڪيو. اهو ڏسي گنگو تيليءَ ٻه آڱريون کڻي عالم طرف اشارو ڪيو. اِن تي هُن عالم پنج ئي آڱريون ڦهلائي هٿ مٿي کڻي اشارو ڪيو. اُن جي موٽ ۾ گنگو تيليءَ وري ٺونشو ڏيکاريو. اها حالت ڏسي ڏکڻ ڀارتي عالم گنگو تيليءَ جي پيرن تي ڪري پيو. هن کي چيائين، ”تو منهنجو غرور چُور چُور ڪري ڇڏيو آهي، تون منهنجي سوالن جا بلڪل صحيح جواب ڏنا آهن.“
راجا ڀوڄ ڏکڻ ڀارتي عالم کان پڇيو ته مون کي اِن سڄي شاسترارٿ جي سمجهاڻي ڏي. اُن تي ڀارتي عالم پنهنجن سوالن جي سمجهاڻي ڏيندي ٻڌايو ته مون هڪ آڱر کڻي ڏيکاريو ته شِوَ هڪ ئي آهي، پر توهان جي عالم جواب ۾ ٻه آڱريون کڻي ٻڌايون ته شِو سان گڏ شڪتي يعني پاروتي به آهي. اِن کان پوءِ مون پنج آڱريون کڻي چيو ته اِندريون (حواس) پنج آهن. ان جي جواب ۾ توهان جي عالم مُٺ ڏيکاري جواب ڏنو ته اندريون برابر پنج آهن، پر اُنهن جي سونهن تڏهن آهي، جڏهن اُنهن کي وس ۾ رکجي. انهيءَ مان ثابت آهي ته اوهان جو هيءُ ودوان تمام گيان وان (ڄاڻو) مها پنڊت آهي. ان ريت سمجهاڻي ڏيئي اُهو ڏکڻ ڀارتي عالم راجا ڀوڄ کان اجازت وٺي پنهنجي شهر ڏانهن هليو ويو.
اُن بعد راجا ڀوڄ گنگو تيليءَ کان شاسترارٿ جي سمجهاڻي گهري. گنگو تيليءَ جواب ڏيندي چيو ته ”هي مهاراج، هيءُ شخص ته ڪو بدتميز ٿي ڏٺو. هن هڪ آڱر کڻي مون کي اشارو ڪيو ته تون ڪاڻو آهين. اِن تي مون ڪاوڙجي ٻئي آڱريون ڏيکاري چيومانس ته تُون پاڻ کي سمجهين ڇاٿو، مان تنهنجو ٻئي اکيون ڪڍي توکي انڌو ڪري ڇڏيندس. انهيءَ تي هن پنهنجو هٿ مٿي کڻي مون کي چماٽ هڻڻ جي ڌمڪي ڏني. مون وري موٽ ۾ کيس ٺونشو ڏيکاريو.“ گنگو تيليءَ جي اها سمجهاڻي ٻڌي راجا ڀوڄ ۽ سڀيئي درٻاري کلي کلي کيرا ٿي پيا. پوءِ ته راجا گنگو تيليءَ کي گهڻو ئي انعام ڏيئي کيس روانو ڪيو.
هيءُ پهاڪو به سنڌي، هندي، اردو، وغيره ٻولين ۾ مشهور آهي. ان جو مطلب آهي ته هُو تمام سٺي قسمت وارو آهي. هتي سڪندر لفظ راجا اليگزينڊر طرف اشارو ڪري ٿو. هو يونان جو مشهور بادشاهه هو. مهاراجا چندرگپت موريا جي ڏينهن ۾ هُو اُتر اولهه ڀارت جي ڪن حصن تي ڪاهي آيو هو، پر پنجاب ۽ سنڌ جي صوبن جي بهادرن هُن جو سخت مقابلو ڪيو. آخر هُو سنڌ مان عربي سمنڊ رستي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽندي بئبيلان ۾ گذر ڪري ويو، پر اڄ تائين اليگزينڊر يا سڪندر جو نالو عظيم بهادر شخص جي ناتي مشهور آهي.
5.2 قدرتي ماحول ۽ جاگرافيءَ متعلق پهاڪا:
جاگرافي هڪ وسيع معنيٰ وارو لفظ آهي. هن ۾ ڪنهن ملڪ، ڪنهن صوبي، ڪنهن شهر، ڪنهن ڳوٺ جا رڳو جبل، زمينون، نديون ۽ قدرتي حدون نه ٿيون اچن، پر اُن حد ۾ رهندڙ ماڻهو، اُتي جو قدرتي ماحول، وڻ ٽڻ، چانور، پکي وغيره به اچن ٿا.
قدرت ۽ انسان جو ساٿ تمام جهونو آهي. ايامن کان ٻئي پنهنجي ڄاڻ مطابق هڪ ٻئي کي ٺاهيندا ۽ ڊاهيندا اچن ٿا. انهيءَ ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جي عمل ۾ انسان ذات کي املهه تجربا حاصل ٿيا آهن. اِنهن تجربن جي آڌار تي پهاڪا ٺهن ٿا ۽ اُنهن پهاڪن جي وسيلي اسين جهوني تهذيب ثقافت، ۽ آڳاٽي ماحول جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهون ٿا.
سنڌ جي رهاڪن کي به شهرن مان، زمين مان، جبلن مان، جانورن پکين مان، وڻن- ٽڻن مان، ڀاڄين- ميون وغيره مان جهجهي تعداد ۾ تجربا مليا آهن. انهن تجربن ۽ آزمودن جي آڌار تي جيڪي پهاڪا ٺهيا آهن، تن مان سنڌين جي سماجي ۽ ثقافتي رُخ جي پروڙ پوي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جاگرافيءَ سان واسطو رکندڙ جيڪي پهاڪا ملن ٿا، اُنهن جي جدا جدا قسمن جو هتي مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:
آبهوا ۽ موسم:
آبهوا جي خيال کان سنڌ کي گرم صوبو چيو ويو آهي. هتي برسات تمام گهٽ پوندي آهي. اُتر- اولهه پاسي جبل، اوڀر پاسي راجسٿان جو ريگستان، جنهن جو ڪجهه پاسو سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ نوابشاهه توڙي خيرپور ضلعن جي اوڀر ۾ به اچي وڃي ٿو، ڏکڻ اوڀر ۾ سمنڊ ۽ ڪڇ جو رڻ، ۽ ڏکڻ- اولهه ۾ عربي سمنڊ يا سنڌوُ ساگر بيٺل آهي. ڏکڻ سنڌ ۾ سمنڊ سان ويجهڙائپ سبب ۽ ٻين حصن ۾ جبلن ۽ رڻ پٽ جي ڪري هرهنڌ الڳ الڳ موسم جو اثر ٿيو آهي. اِن ڪري هتي هر قسم جي موسم ٿئي ٿي. فقط مهاراشٽر، گجرات ۽ ڀارت جي ڪن ٻين حصن وانگر سنڌ ۾ چؤماسي جي مند ڪانه ٿي ٿئي. سنڌ جي وچ مان سنڌوندي وهي ٿي جيڪا ڪئلاش مانسرووَر مان نڪري تبت، ليهه، لداخ جي پهاڙن مان لنگهندي اچي ڪراچيءَ وٽ عربي سمنڊ ۾ ملندي آهي. اِن نديءَ جي آسري تي ئي سنڌ آباد ٿي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ موسم سان واسطو رکندڙ گهڻيئي پهاڪا ۽ چوڻيون آهن. انهن ۾ ڪجهه هن ريت آهن:
”آڙهڙ جي تتي ڏينهن، ساوڻ جي وسندي مينهن،
سياري جي آڌيءَ رات، شل نه پوي هنگڻ تات.“ 1
هيءُ پهاڪو/ چوڻي تڏهن ٺهي آهي، جڏهن ماڻهن کي ڪاڪوس لاءِ جهنگل ۾ وڃڻو پوندو هو، پر هِن چوڻيءَ جي آڌار تي اسان کي خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ آڙهڙ يا ڄيٺ جي مهيني ۾ ڏينهن گرم ٿيندا آهن ۽ ساوڻ يعني جولاءِ- آگسٽ جي مهينن ۾ ڪجهه برسات پوندي آهي. انهيءَ طرح سياري جي راتين ۾ به اُتر سنڌ ۾ ڏاڍي ٿڌ پوندي آهي. اهڙي موسم ۾ ضروري حاجت لاءِ ٻاهر نڪرڻ مشڪل ڪم هو.
ڀوجپُريءَ ۾ انهيءَ سان ميل رکندڙ هيءُ پهاڪو ملي ٿو:
پوس ڪي ڀِن لهرا، اَڀاگا ڪام ڪريلو.“
مطلب ته ڄيٺ مهيني ۾ منجهند وقت، بڊي ماهه جي رات اونداهيءَ ۾، پوهه ۾ صبح سوير، اڀاڳو ماڻهو ئي ڪم ڪندو آهي.
”ڏکڻ مينهن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي،
ڪانئر ڌڪُ نه هڻڻا، جي هڻي ته جهوري.“
سنڌ ۾ گهڻو ڪري ڏکڻ- اولهه کان برسات نه پوندي آهي. پر جي اِن طرف جي برسات پئي ته ٻوڙ ٻوڙان ڪري ڇڏيندي آهي.
ٿرپارڪر وارو گهڻو ضلعو واريءَ واريءَ آهي. هِتي آباديءَ جو گهڻو دارومدار برسات تي آهي. ٿر ۾ جي برسات پيئي ته اُهو سڄو علائقو سکيو ستابو ۽ سهڻو بڻجي پوندو، نه ته اُهو ريگستان ئي آهي.
ڪوهستان وارو سنڌ جو علائقو برسات ۾ سهڻو لڳندو آهي، نه ته اُهو بُٺُ يعني سُڪل ملڪ آهي.
سنڌ ٻنهي ۾ ڪونه ڪو، ڪنهن کي ساراهيون؟“
سنڌ جي صوبي ۾، خاص طور سان اُتر سنڌ ۾ سردي ۽ گرمي ٻئي گهڻيون ٿينديون آهن، جيڪي پريشان ڪندڙ آهن.
سياري جي وقت ۾ ڏينهن ننڍا ٿيندا آهن. اِنهن ڏينهن ۾ اوندهه جهٽ ٿي ويندي آهي ۽ جنهن ڪري ڪم گهٽ ٿيندو آهي.
هن پهاڪي ۾ موسم، پرڪرتي يا قدرت جي خوبين جو بيان ڪيو ويو آهي. مطلب ته ڪي سُکي ته ڪي دُکي آهن.
مطلب ته تمام گهڻي ٿڌ آهي.
وِڃڻو کڻي اندر گِهڙِجي.“
سنڌ ۾ هوليءَ کان پوءِ رات جو ٻاهر اڱڻ ۾ سُمهبو هو، پر پوءِ رات جو وڌيڪ ٿڌ پوڻ سبب مٿان سوَڙ وجهڻي پوندي هئي. بڊي ۾ سرءُ (پن ڇڻ) جي مُند ۾ رات جو اندر سمهبو هو، جيتوڻيڪ اندر گرمي ٿيندي هئي ۽ مڇرن سبب تپاولي ٿيندي هئي. اِن ڪري وِڃِڻو کڻي اندر سمهبو هو. ان ڪري سنڌ ۾ اها چوڻي ٺهي:
مطلب ته ڦڳڻ يعني مارچ جي مهيني ۾ رات جو ٿڌ محسوس ٿيندي آهي، پر ڏينهن جي وقت چڱي گرمي شروع ٿي ويندي آهي.
اُتراڻ يا مَڪر سنڪرانت پوهه جي مهيني ۾ ٿيندو آهي. اِن ڏينهن تي تِر ۽ مُوري کاڌا ويندا آهن. سِنڌ ۾ اُن کان پوءِ سياري جي ٿڌ گهٽجڻ شروع ٿي ويندي آهي.
برسات کان پوءِ انبن جي وڻن ۾ ٻُور (گل) اچڻِ شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي گرميءَ جي اچڻ طرف اشارو ڪندا آهن ۽ پوءِ وڻن ۾ انبن جو ڦل ٿيندو آهي. ان پهاڪي جو اشارو موسم جي تبديل طرف آهي، جنهن ڪري انسان جي لڱن ۾ سُور به ٿيندو آهي.
چيٽ جي مهيني کان پوءِ انبن ۾ رس ۽ مٺاس اچي ويندي آهي.
چڀڙُ رڳو ڏياريءَ جي ڏينهن ۾ ئي مٺو ٿيندو آهي. ٻين مُندن ۾ اِهو ڪؤڙو هوندو آهي.
هڪ ڇڪائيندڙ جملو ”جل هِي جيون هِئه“ (پاڻي ئي زندگي آهي) ڪيترن ئي هنڌن تي لکيل نظر اچي ٿو. لڳ ڀڳ 505ع ۾ وراهه مِهِر لکيو آهي ته:
اِن طرح موسم سان واسطو رکندڙ گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا. اهڙا ئي ڪجهه مثال هِن ريت آهن:
ماٽيلي ماءُ جي مُڪ، جتي لڳي اُتي سُڪ.
اونهاري ۾ سي ئي چڱا، جن کي گهڻي ڇانهه.
(مطلب ته سياري جي مند عياشيءَ لاءِ ۽ گرميءَ جي موسم بيمارن لاءِ ٺيڪ آهي.)
مينهن جي موسم:
زندگيءَ جي امُلهه شين ۾ برسات يعني پاڻي هڪ خاص عنصر آهي. نه رڳو سڄي ڪائنات ۾ پر ماڻهوءَ جي پنهنجي جسم ۾ به ٽي حصا پاڻي آهي. اڄُ ڪالهه انساني زندگيءَ ۾ پاڻيءَ جي اهميت طرف ڌيان ڇڪائيندڙ جملا ”جل هِي جيون آهي.“ ڪيترن ئي هنڌن تي لکيل نظر اچي ٿو. لڳ ڀڳ 505ع ۾ وراهه مِهر لکيو آهي ته:
يَسمادتهه: پَريکشيَههَ پراورٽَڪالههَ پريتنينَ.“ 1
- وراهي سِهتا، 1 / 21
مطلب ته اَنُ ئي هن جڳت جو ساهه آهي ۽ هيءُ اَنُ برسات جي مند جي وس ۾ آهي. انهيءَ ڪري برسات کي ڌيان ۾ رکي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
ڀارت ملڪ هڪ وڏو ملڪ آهي، جتي برسات الڳ الڳ وقت تي ۽ الڳ الڳ مقدار ۾ پوي ٿي. چيراپونجيءَ ۾ برسات سڀ کان وڌيڪ پوي ٿي ته ٻئي طرف راجسٿان جي واريءَ واري علائقي ۾ سڀ کان گهٽ. مهاراشٽر ۾ برسات جهجهي تعداد ۾ پوندي آهي، ته وري سنڌ پاڪستان ۾ برسات ڏاڍي گهٽ پوندي آهي. انهيءَ آڌار تي سنڌيءَ ۾ چوڻي مشهور آهي ته، ”مينهن ۽ مهمان، ٻئي ڪيترو وقت؟“ يعني ٻئي ٿوري وقت لاءِ هوندا آهن.
ڀارت ۾ مينهن سان لاڳاپو رکندڙ سائنس تمام پراڻي آهي. هوا، بادل، آڪاش، بجلي، آنڌي، طوفان، سج، چنڊ وغيره جي مدد سان مينهن جي اچڻ جو اطلاع ملي ويندو آهي. هاري ۽ ٻين ماڻهن جي اِنهن تجربن جي آڌار تي برسات بابت ڪيترا ئي پهاڪا ٺهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪن ۾ مينهن بابت گهٽ ويچار ڪيو ويو آهي، پر تڏهن به جيڪي پهاڪا ملن ٿا، انهن ۾ مکيه هيٺين ريت آهن:
مطلب ته برسات جي وسڪاري کان پوءِ برسات بند ٿي وڃڻ بعد به جهوپڙين جي ڇت مان گهڻي وقت تائين پاڻي پيو ٽمندو رهندو آهي.
يعني مينهن سائين جي وس ۾ آهي ۽ ڪمچور ۽ گوسڙو کيس التجا ڪن ٿا ته هُو مينهن وسائي ته جيئن تيز برسات پوڻ سان هوُ پنهنجن ڪمن تي وڃڻ کان بچي وڃن. هتي اُنهن جو مقصد مينهن پوڻ ڪري ٻني ٻاري ۽ ٻين فائدن جو نه ٿي ڪري، پاڻ ڪم کان بچڻ جو آهي.
برسات ڌڻي سائينءَ جي مرضيءَ سان پوي ٿي، ان ويچار کي ڏيکاريندڙ پهاڪو راجسٿاني ٻوليءَ ۾ هن ريت آهي:
معنيٰ ته مينهن تڏهن پوندو، جڏهن سائين جي مهر ٿيندي.
يعني ته کيتي پاڻيءَ تي دارومدار ڪري ٿي. پاڻي سُڪي وڃڻ بعد کيتي ڪانه ٿي سگهندي. اِن ڪري جيسين ٻار ۾ پاڻي آهي، تيسين تون پوک ڪري لاڀ وٺ.
ڪڪر:
مينهن ۽ ڪڪرن جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي. ڪڪر ئي مينهن بڻجي وسندا آهن. ڪڪر گجگوڙ ڪندا آهن ۽ اِنهن ۾ بجلي پيدا ٿيندي آهي. ڪڪرن جي رنگ ۾ اُنهن جي رُخ مان مينهن جو اندازو لڳائي سگهبو آهي. ڪڪر ڪارا، ڀورا، نيرا، ڳاڙها ۽ هئڊا ٿيندا آهن. جيڪڏهن ڪڪر ڪارا هوندا ته ڏڪائيندا ۽ جي ڀُورا هوندا ته پڪ پاڻي وسائيندا. اِن بابت ڀوڄپوري پهاڪي ۾ هڪ سهڻو مثال آهي:
معنيٰ ته ڪارا بادل ڏڪائيندا آهن ۽ ڀوُرا بادل پاڻي وسائيندا آهن.
تب نا با برکا ڪي آس.“ 2
يعني جڏهن آڪاش ۾ بادلن جو رنگ ڳاڙهو يا هئڊو هجي، ته برسات پوڻ جي آس نه ڪرڻ کپي.
يعني: ڪڪر گجگوڙ ڪرڻ بعد پاڻيءَ جو وسڪارو به ڪندا.
معنيٰ، گجگوڙ ڪرڻ وارا ڪڪر گهڻو ڪري پاڻيءَ جو وسڪارو نه ڪندا آهن. انهيءَ ويچار کي ڏيکاريندڙ پهاڪو ڀوجپوري ٻوليءَ ۾ هن ريت آهي:
مطلب ته گرجڻ وارا ڪڪر ڪونه وسندا آهن. وسڻ وارا ڪڪر گهُپ انڌيرو کڻي ايندا آهن.
سج:
برسات جو اصل سبب آهي سج. سج جي تپت سان سمنڊ جو پاڻي ٻاڦ بڻجي مينهن جي شڪل وٺندو آهي. ڀوجپوريءَ ۾ انهيءَ تي ٻڌل هڪ تُز پهاڪو ڏسو:
معنيٰ، سج جيترو تپندو، برسات اوتري ئي وڌيڪ ٿيندي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سج سان واسطو رکندڙ ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
ڦرئي کان ڀوَ ڀئهُ ڪانهي.
اوڀڙ
وڻ ٽڻ، ٻُوٽا، گاهه، ميوا، ڀاڄيون وغيره سنڌي پهاڪن ۾ ٻن شڪلين ۾ ڪتب آيا آهن. هڪ ته ساڳئي مطلب ۾ ۽ ٻيو تشبيهي شڪل ۾. جتي به پهاڪن ۾ انهن جو ساڳئي معنيٰ ظاهري شڪل ۾ استعمال ٿيو آهي، اُتي اُنهن جي مختلف ڪارگذارين تي ويچار ڪيو ويو آهي. پر جتي ونسپتي جو استعمال تشبيهه، استعاري يا مثال جي طور ملي ٿو، اُتي اُن جي پهرين معنيٰ جي اهميت گهٽجي وڃي ٿي. هتي ونسپتيءَ جي باريڪ جزن جو اڀياس ٻنهي صورتن ۾ ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته انسان ۽ ونسپتيءَ جي رشتي جي اِنهن ٻنهي صورتن جو ڪجهه نه ڪجهه اثر پوي ٿو.
اَڪُ:
اڪ هڪ زهريلو ننڍو جهنگلي وڻ آهي، جيڪو ڊيگهه ۾ ڏهن ٻارهن ڦُٽن جي اندر هوندو آهي. اِن ۾ ننڍڙا اڇا گل ٿيندا آهن، جن کي ”اڪ ڦلڙيون“ چئبو آهي. اڪ ۾ انبڙيءَ جي شڪل جا ننڍڙا ڦَل به پيدا ٿيندا آهن، جن کي اڪ ٽِٽِڙا سڏبو آهي. اُنهن مان ڪپهه وانگر نرم تاندورا نڪرندا آهن. اڪ جي نرم ٽاري ۽ گلن کي پٽڻ سان کير وانگر اڇو رس نڪرندو آهي، جنهن کي ”اڪ جو کير“ چئبو آهي. اُهو جيڪڏهن اکين ۾ لڳي وڃي ته اکين جي جوت هلي وڃڻ جو گهڻو امڪان ٿيندو آهي. پهاڪن ۾ ”اڪ“ جو مطلب گهڻو ڪري نقصان ڪندڙ شيءِ، مورک، نيچ انسان وغيره کنيو ويو آهي.
اڪ جو وڻ جڏهن ڦٽي ڦَل ڏيندو ته اڪ ٽِٽِڙا ئي ڏيندو، ان مان مٺن انبن جي اميد رکڻ اجائي ڳالهه آهي. مطلب ته نيچ انسان ڪيتري به ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجو سڀاءُ مٽائي نيڪ نه بڻجي سگهندو.
معنيٰ اچرج واري ڳالهه ٿيڻ. ڪنهن اڻٿيڻي يا ناممڪن واقعي جي ٿي پوڻ تي ايئن چئبو آهي. ٻين ٻولين ۾ به انهيءَ مطلب کي ڏيکاريندڙ پهاڪا ملن ٿا. جيئن ته:
(الف) آڪ ۾ آم ڦَلا. (هندي)
(ب) آڪ ۾ آنٻو نيپجِيو. (راجسٿاني)
(ج) اڪ وِچ انب ڦَلِيا. (پنجابي)
- ” اڪن کان آمان گهُري، ٻَٻُرن کان ٻير.“
جهڙيءَ طرح اڪ جي وڻ مان انب جهڙو مِٺو ۽ سوادي ميوو نه ملي سگهندو، تهڙيءَ طرح ٻٻر مان ٻير نه ملي سگهندا. معنيٰ، جنهن ماڻهوءَ مان ڪم ٿيڻ جو آسرو ڪونهي، تڏهن به ڪوئي ماڻهو اُن مان ڪم ٿيڻ جو آسرو رکي، تڏهن ايئن چئبو آهي.
ڪنهن ميدان تي چاهي ڪيڏو به وڏو وڻ هجي، پر جيڪڏهن اُهي اڪيلو آهي ته ڪمزور لکيو ويندو. ڇاڪاڻ ته اُهو وڻ طوفان يا واچوڙي جي سَٽ سهي نه سگهندو. مطلب ته انسان کي ٻين جو ساٿ هئڻ ضروري آهي. اُن سان دلي طاقت وڌي ٿي.
(آچار= وانگر) جيئن وڻ جو پاڇو پيو ڦِرندو آهي، تيئن ماڻهوءَ جو جَسُ (ناموس) به پيو ڦِرندو آهي.
ٻِڏ لاڙ جي علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ گاهه جي پاڙ آهي، جنهن کي ماڻهو ڏڪر ۾ اناج نه ملڻ ڪري، پيهي اٽو ڪري کائيندا آهن، پر ٻِڏجي اَٽي کي چاهي ڪڻڪ جي اَٽي جو آٽڻُ لڳائجي، تڏهن به اَن جو سواد نه ڦرندو.
ٽوهه هڪ جهنگلي ڦل آهي، جيڪو ٻاهران سهڻو ۽ اندران ڪؤڙو ظاهر هوندو آهي. هي ڏسڻ ۾ گدري کان به خوبصورت ٿيندو آهي. معنيٰ ته ٻاهران جيڪو سٺو ۽ سهڻو هجي، پر اندر ۾ برو هجي، اُن لاءِ ائين چئبو آهي.
ٿر ۾ لنب نالي گاهه پيدا ٿئي ٿو. اُهو گاهه جڏهن کير ڏيندڙ چوپايو مال کائيندو آهي، ته اُنهن جي ڏنل کير مان جهجهي تعداد ۾ مکڻ ملندو آهي.
لوڻڪ ۽ مريڙو ساڳ جا قسم ٿيندا آهن جن ۾ لوڻڪ هلڪي قسم جو ساڳ ليکيو ويندو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کان وڏي حيثيت واري سان ريس ڪري، تڏهن ايئن چئبو آهي.
ڪوبه ڦَل پنهنجي مند يعني موسم ۾ ئي مٺو ٿيندو آهي. جيئن ته چڀڙ رڳو ڏياريءَ جي موسم ۾ ئي مِٺا ٿيندا آهن. يعني سڀ ڪم پنهنجي وقت تي ڪرڻ سان ئي سڦل ٿيندا آهن. مطلب ته هرڪا شيءِ پنهنجي وقت موجب سٺي ۽ سهڻي لڳندي آهي.
سنڌ ۾ کجور يعني کارڪون وڏي تعداد ۾ ٿينديون آهن. وڏيري کي به ٽي کجور جا وڻ آهن، پر انهن هيٺان سمهي پاڻ کي وڏو زميندار ٿو سمجهي.
مطلب ته ننڍي تڪليف مان نڪري وڏي تڪليف ۾ ڦاسڻ. انهيءَ ويچار تي هنديءَ ۾ هيءُ پهاڪو آهي ”آسمان سي گري، کجور ۾ اٽڪي.“
وڏن ۾ جو پريَم آهي، سو ننڍن ۾ نه آهي.
انب ۽ اڪ ٽِٽوڙا شڪل ۾ ساڳيا آهن، پر ٻنهي جي سواد ۾ گهڻو فرق آهي. مطلب ته هرهڪ جو سواد ۽ سُڀاءُ الڳ الڳ هوندو آهي.
انب جي وڻ ۾ پهرين ٻور جهجهو نظر ايندو آهي، پر اُهو هوا ۾ گهڻي تعداد ۾ ڇڻجي ويندو آهي ۽ ڦل تمام گهٽ ملندا آهن. ساڳيءَ طرح ڪلال جي ڪمائي ڏسڻ ۾ گهڻي ايندي آهي، پر اوڌر سوڌر ۾ ختم ٿي باقي وڃي ٿوري بچندي آهي.
پلي گوڏا کوڙي کاءُ.
پلي ڏڌڙيءَ جي ٻوٽيءَ جو گاهه آهي، جيڪو کاڌي ۾ لذيذ ٿيندو آهي.
موري دير سان هضم ٿيندي آهي، پر ٻئي کاڌي سان گڏ کائڻ سان بک وڌائيندي آهي.
مطلب ته گهٽ گهراڻي جو ٿي ڪري وڏو تڪبر ڪرڻ.
گدرو ڪِري ڪاتيءَ تي، ته به گدري جوکو.
يعني طاقتور يا وڏي ماڻهوءَ کي ڪوبه ڏوهه ڪونه ڏيندو آهي. سيٺ چُڪ ڪري ته گمائشتو جوابدار ۽ جي گمائشتو چُڪ ڪري ته به هو پنهنجي چُڪ لاءِ پاڻ ئي جوابدار آهي.
مطلب ته بيڪار شيءِ کي ڌرمائو خيراتي ڪمن ۾ ڏيئي ڇڏڻ.
معنيٰ گهڻي سياڻپ نه ڪرڻ گهرجي.
تن گهرن جون ڪهڙيون ساکون.
معنيٰ ڪمائي گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ ڪرڻ وارو شخص هميشه مشڪلات ۾ پئجي ويندو آهي.
واڱڻ کائڻ سان ڪِن کي وائي بادي ٿي پوي ته ٻين ڪِن کي اهي تمام لذيذ ۽ ڀاءِ پوندڙ لڳندا آهن.
بک ۾ ڪؤڙي يا اڻ وڻندڙ شيءِ به مٺي لڳندي آهي.
ماکي آهي مٺي، پر اُن ۾ جيڪي گڻ ٿيندا آهن، اُهي کنڊ يا ڳڙ ۾ نه ٿيندا آهن. ان ڪري ماکيءَ کي مٺاڻ ڪري نه ليکبو آهي. ساڳيءَ طرح ليمون به کٽو ٿيندو آهي، پر اُن ۾ جيڪي گڻ آهن، اُهي ٻين کٽين شين ۾ نه هوندا آهن. ان ڪري ليمون کٽاڻ ۾ نه ڳڻيو ويندو آهي.
لاڀ واري شيءِ تي هرڪو مڙي ايندو آهي.
ميٿي ۽ ڪوتمير سائي ڀاڄيءَ جا ٻه الڳ قسم آهن. انهيءَ پهاڪي جو اشارو اُبتي هلت يا غلط ڪم ڪندڙ شخص طرف آهي، جيڪو پاڻ کي وڌيڪ سياڻو سمجهي ٿو. مطلب ته هن جو لاڳاپو اهڙي ماڻهوءَ سان آهي، جنهن کي چئجي هڪ ڪم جو، پر هُو چيل ڪم ڇڏي ٻيو ڪو ڪم ڪري اچي.
انهيءَ ويچار تي هيٺيان پهاڪا پڻ ملن ٿا:
نوان دوست ٿيا ته جهونا وسري ويا.
بي عقل لاءِ چڱا مَٺا سڀ هڪ جهڙا. هندي ٻوليءَ ۾ اهڙي ويچار کي ڏيکاڙيندڙ پهاڪو هن ريت ملي ٿو. ”بندر ڪيا جاني ادرڪ ڪا سواد“.
شهرن ۽ جايُن متعلق پهاڪا:
سنڌيءَ ۾ جدا جدا شهرن ۽ جاين، ندين ۽ طبعي حالتن سان واسطو رکندڙ پهاڪا به چڱي تعداد ۾ ملن ٿا. اُنهن جا ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا.
سنڌ بابت پهاڪا:
مطلب ته سنڌونديءَ جو وهڪرو هرسال ڪن هنڌن تي پيو ڦرندو گهرندو آهي. ان ڪري ڪيترا ڳوٺ ڪڏهن ٻوڏ ۾ تباهه ٿي وڃن ته ڪڏهن نديءَ جي پري هٽي وڃڻ ڪري ويران ٿي وڃن. ان ڪري سنڌونديءَ کي پُورالي يا پاگل ندي چيو ويو آهي.
سنڌونديءَ مان نڪرندڙ هڪ واهه جو نالو آهي ’گوني‘. اُهو لاڙ ۾ هڪ خاص جاءِ تي هميشه پاڻيءَ سان ڀريو پيو هوندو آهي. جنهن تي هيءَ چوڻي ٺهي آهي.
لاڙ يعني بدين کان هيٺ ڏکڻ سنڌ وارو ڀاڱو. اُهو پوسل ۽ مڇرن جي آزار ڪري مشهور آهي.
هڪڙو وڇوڙو وطن جو، ٻيو سرڪو ٿو ساڙي.
هن چوڻيءَ ۾ پراڻي زماني ۾ ڪراچيءَ جي ايراضيءَ جو بيان ڪيل آهي. ان وقت اهو هڪ ننڍو ڳوٺ هو، جتي مڇر، منگهڻ ۽ ٻيا جيت تمام گهڻا هئا ۽ سِم توڙي پوسل جو به گهڻو آزار هو.
آزاديءَ کان اڳ هيرآباد (سنڌ) پنهنجيءَ رونق ڪري گهڻو مشهور هو. ان ۾ به هيرآباد واري ڪالوني سوُنهن ۽ فيشن پرستيءَ ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هئي.
پراڻي زماني ۾ ٿر جا ماڻهو پنهنجو ناڻو گهڻو ڪري زمين ۾ پوري رکندا هئا. ان تي اِها چوڻي مشهور آهي.
مطلب ته برسات پيئي ته ٿر جي ايراضي سرسبز ۽ رونق واري ٿي پوندي آهي، پر جي برسات ٻه ٽي سال نه وسي ته پوءِ اها ويران ٿي ويندي آهي.
پارڪر واري ايراضيءَ ۾ ڪارونجهر نالي ٽڪري آهي. ان ۾ گهڻيئي قيمتي شيون، جڙيون ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون. ان تي اها چوڻي ٺهي.
ڪنهن زماني ۾ اَمرڪوٽ (جنهن کي عمرڪوٽ به چوندا آهن) سو تمام مضبوط قلعو هو. ان تي هيءَ چوڻي ٺهي آهي.
ته پوءِ دوزخ ڇو ٺاهيُئِه؟
مطلب ته سيوهڻ (سنڌ) ۾ گرمي تمام گهڻي ٿيندي آهي. اِن ڪري اُن کي دوزخ جي آزارن برابر ليکيو ويو آهي.
سنڌ کان ٻاهر جي علائقن متعلق پهاڪا:
سنڌيءَ ۾ اهڙا پهاڪا به گهڻيئي ملن ٿا، جن جو واسطو سنڌ کان ٻاهر جي علائقن سان آهي. انهن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
آزاديءَ کان اڳ ڪراچيءَ کان وٺي ملتان تائين هڪ شاهي سڙڪ هئي، جنهن تي هيءُ چوڻي ٺهي آهي. هاڻي ته ٻيا به رستا ٺهي ويا آهن، جيڪي سنڌ کي پنجاب سان ڳنڍين ٿا.
جي نه کائيندين ته به پڇتائيندين.
هيءَ چوڻي دهليءَ جي ڳوٺن طرف اشارو ڪري ٿي.
هيءُ پهاڪو اُن زماني جو آهي، جڏهن سنڌ جا گهڻا ماڻهو انڊونيشيا ۾ جڪارتا، جاوا، سوماترا ۽ ملايا جهڙن ٻين شهرن ۾ پنهنجي روزگار لاءِ ويندا هئا. اُتي هوُ واپار ۾ گهڻو ناڻو ڪمائي شاهوڪار بڻجي ويا.
اتر سنڌ خاص طور شڪارپور جا واپاري افغانستان، ايران، روس وغيره ملڪن ۾ واپار لاءِ ويندا هئا، پر هنن محسوس ڪيو ته چاهي ٻاهر اسين ڪيترو به گهڻو ناڻو ڪمايون ته به سنڌ ۾ پنهنجي گهر ۾ رهڻ جيترو سُک ٻاهر ملي نه سگهندو.
جدا جدا شهرن ۽ علائقن جي رهاڪن بابت پڻ اسان کي ڪجهه پهاڪا ملن ٿا، جيئن ته:
مطلب ته جيڪڏهن توکي هڪ پنجابي گڏجي ته کيس ٻن جي برابر سمجهه، پر جيڪڏهن تنهنجو واسطو ٻن پنجابين سان پوي ٿو ته پوءِ سمجهه ته هو تنهنجو گهر ئي لٽي ويندا.
مطلب ته ڏکڻ سنڌ جو رهاڪو ڪيترو به گهڻو ڇونه پڙهي، پر هُو اتر سنڌ جي ڍڳن جي برابر آهي. هيءَ چوڻي لاڙ جي رهاڪن جي اُچارن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ طرف اشارو ڪري ٿي.
اُتر سنڌ ۾ ڀاڀڙا ذات جا جين واپاري رهندا هئا. هو چاهي تمام گهڻا شاهوڪار هئا، ته به پنهنجي ناڻي جو ڏيکاءُ نه ڪندا هئا.
سيوهڻ جا رهاڪو چاهي ڪيتري به گهڻي ترقي ڪن، ته به هو سادگيءَ سان زندگي گذاريندا هئا. اِن تي هيءُ پهاڪو ٺهيو آهي. ڪي ماڻهو هن پهاڪي ۾ چُريو سيوهاڻي به ڪتب آڻيندا آهن، جيڪو درست نه ٿو لڳي.
5.3 جانور، پکي ۽ جيت جڻيا:
ايامن کان اِنسان ذات جو لاڳاپو الڳ الڳ جانورن سان رهيو آهي. تاريخي روايتن موجب ڪنهن زماني ۾ اِنسان پاڻ به جانورن وانگر جهنگلن ۾ رهندو هو. پاڻ کان هيڻن ۽ ڪمزور جانورن جو شڪار ڪري اُنهن جي ڪچي گوشت تي گذر ڪندو هو. ٿڌ ۽ برسات کان بچڻ لاءِ ٻين جانورن وانگر پنهنجو منهن ٽنگن جي وچ ۾ لڪائي ڪنهن وڻ يا دڙي جي آڙ ۾ لِڪي وڃي سمهندو هو. جيڪي جانور اِنسان کان وڌيڪ طاقتور ۽ درندا هئا، اُنهن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ جبلن جي عفائنِ يا کوکلن وڻن ۾ لِڪي پوندو هو. پر ڏسجي ٿو ته قدرت جي طرفان اِنسان جي مٿان ڪو راز هو جو کيس عقل ۽ ذهن ٻين جانورن کان ڪافي ڪثر ۾ عطا ٿيل هو. ٻي خاص وصف جيڪا اِنسان ذات کي مليل هُئي ۽ جيڪا اڃا به منجهس قائم آهي ۽ جنهن سبب هو آهستي آهستي ترقي ڪندو جهنگلي حالت مان نڪري اچي اڳوڻي اوج واري حالت کي رسيو آهي سا هيءَ آهي ته هُو هميشه هڪ ئي نموني گذر ڪرڻ مان ڪڪ ٿي پوندو آهي. مثال طور، ساڳين شين، ڪپڙن، کاڌي وغيره کي هو پسند نه ڪندو آهي. کيس پنهنجن حالتن ۾ سڌارو ۽ بدلاءُ آڻڻ جي هميشه ڳڻتي رهندي آهي. ائين چئي سگهجي ٿو ته اِنسان هميشه ترقي ڪري اڃا به وڌيڪ سٺي مقام تي پهچڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو هوندو آهي، اِن ڪري ئي هُو ٻين سڀني ساهه وارن کان اوچي درجي تي پهچي ويو آهي.
زمانو گذرندو ويو ۽ اِنسان انهيءَ فطري وصف سبب هڪ ئي جهنگلي جانور وانگر فقط شڪار تي گذران ڪرڻ مان اچي خفي ٿيو. جهنگل ۽ ٻيلن ۾ شڪار پٺيان ڦِرڻ سبب کيس وڻن ٻوٽن ۽ پنن کان سواءِ گُل ۽ ميوا به نظر آيا جي انسان ڏٺا ته فقط ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿين ٿا. آخر انهن کي چکي ڏٺائين، جن مان کيس ڪُجهه رسُ ۽ سواد معلوم ٿيو ته پوءِ هو اُنهن جو واهپو به ڪرڻ لڳو، آخر نتيجو اِهو نڪتو جو فقط گوشت تي گذران ڪرڻ سان گڏ سندس لاڙو پوک طرف پڻ ٿيو.
اهڙيءَ طرح زمانا گذرندا رهيا ۽ انسان پنهنجي ترقيءَ جي راهه تي اڳتي وڌندو رهيو. فطرت جي اصولن سان پڻ سندس واقفيت وڌندي هلي. اِنهن اصولن جي آزمودي مان ڏٺائين ته گرمي ۽ سرديءَ جي موسمن بدلجڻ تي وڻن ۽ ٻوٽن ۾ نوان پن ۽ ميوا ٿين ٿا. جيڪي ميوا زمين تي ڪِرِن ٿا يا پاڻ جيڪي ميوا کائي اِنهن جو اندريون سخت ۽ بي سوادي حصو، هوُ کائي نه سگهيو ۽ زمين تي ڦٽو ڪري ڇڏيائين ته اُن مان وقت گذرڻ تي نئون ٻوٽو نڪتو ۽ وڌي ڪري ساڳيو ئي ميوو يا ڦلُ ڏيڻ لڳو. اِهو به کيس معلوم ٿيو ته جتي برسات جو پاڻي ڪٺو ٿو ٿئي يا قدرتي ڍنڍن، ڍورن، يا ندين مان پاڻي اُٿل کائي اچي زمين تي بيٺو ته اُتي گاهه ۽ ٻوٽا پيدا ٿي ويا. اهڙن قدرت جي آزمودن مان سندس هوش ۽ حوصلو ڪافي وڌيا ۽ موسم جي تبديلي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ اثرن جي به کيس ڄاڻ پيئي. ائين ڪندي ڪندي آخر انسان کي ٻني ٻاري جي چڱي ڄاڻ ٿي ويئي. ان کان پوءِ هو پنهنجي کاڌي لاءِ گوشت کان سواءِ ميون، ڦَلن ۽ اناج جو استعمال به ڪرڻ لڳو.
ٻني ٻاري جي هنر جي هٿ اچڻ تي سندس آزمودي ۾ هڪ نئون باب کُلي ويو. پوک ڪندي کيس اِهو محسوس ٿيو ته اِهو ڪمُ سندس اڪيلي سِر ڪرڻ وقت کان ٻاهر آهي. کيتيءَ جي ڪم ۾ کيس مدد جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. ڪجهه وقت گذرندي ۽ ويچار ڪندي انسان جي نظر اهڙن جانورن تي پيئي، جن کي هو ماري کائي ويندو هو ۽ اُهي جانور هن کان پُڄي نه سگهندا هئا. آخر اُنهن جانورن کي جيئرو ڦاسائڻ جو تدارڪُ ڪرڻو پيس، جنهن لاءِ هن کي الڳ الڳ ڪرڻو پيو. جانورن کي ڦاسائي ۽ وري انهن کان پنهنجي ضرورت موجب ڪم وٺڻ لاءِ به تدبيرون ڪرڻيون پيس. آخرڪار پنهنجيءَ سمجهه، آزمودي ۽ حڪمتِ عمليءَ سان اُنهن جانورن مان اُهي نرم ۽ نازڪ هنڌ معلوم ڪري ورتائين، جن تي ٿورو ئي زور ڏيڻ سان جانورن کي آسانيءَ سان قبضي ۾ ڪري پنهنجيءَ گهرج موجب هلائي ڪم وٺي ٿي سگهيو. جيئن ته ڏاند کي ڏوريءَ جي نٿ نڪ ۾ هنيائين. اُٺ کي به نڪ ۾ مهار ۽ ناڪيلي وڌائين. گهوڙي ۽ گڏهه کي وات ۾ لغام وِڌائين. اهڙيءَ طرح هُن پنهنجي کيتيءَ جي ڪم ۾ جانورن کي استعمال ڪري ڏکئي ڪم کي سولو بنايو.
اِنسان جيڪي جانور پاڻ وٽ پاليا، اُنهن مان به کيس گهڻي پروڙ پيئي. کير، مکڻ ۽ ڏُڌ جي خبر پيئي. نه فقط پاليل جانورن بابت اِنسان کي آزمودو حاصل ٿيو، پر جهنگلي جانور وقتي پوک کي کائيندا يا ٻي طرح نقصان رسائيندا هئا، اُنهن کي هڪالي ڀڄائڻ لاءِ باهه ٻارڻ، پاڻي ڀريل کَڏُن ۾ ڦاسائڻ يا ڪڏهن ڪڏهن وڏو آواز به ڪرڻ لڳو، جنهن لاءِ ٻڪر يا رڍ جهڙي جانور جا پورا سڱ وڇائي شورُ مَچائڻو پوندو هوس. انهيءَ آڌار تي چوڻي ٺهي ”ڏنڍ وڳي، بلا ڀڳي.“ اڄوڪي زماني ۾ جڏهن ماڪڙ اچي فصل جو نقصان ڪندي آهي ته وري هاري دُهِل، دٻا وغيره وڄائي، شور غُل ڪري، ماڪڙ کي ڀڄائڻ جي ڪندا آهن. وقتي جي جهنگلي جانورن مان ڪو جانور ڦاسي يا مري پوي ته اُن جي کَل، چرٻي، گوشت يا هڏين مان ڪهڙو ڪم وٺجي، کيس اِها به سُڌ پيئي. مطلب ته جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن اِنسان به جانورن بابت پنهنجي آزمودن جي آڌار تي پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندو ويو. پنهنجي وسيع ۽ پوري آزمودي مان هو هاڻي سمجهي ٿي سگهيو ته ڪهڙا جانور سمجهو ۽ ڪهڙا جانور موڳا آهن. ڪهڙا جانور ساڻس وفادار يا ڀروسي جهڙا آهن. ڪهڙا جانور پنهنجو ڪم سنئون سڌو يا ٿوري اشاري تي ڪري سگهن ٿا ۽ ڪهڙن جانورن کي وس ۾ ڪرڻ لاءِ لٺِ يا چابُڪ جو استعمال ڪرڻ گهرجي. قصو ڪوتاهه ته اسان کي جانورن جي هر پهلو، شڪل، شبيهه، رنگ ڍنگ، کاڌي خوراڪ، عادتن، خصلتن خواهه اُنهن جي آوازن ۽ اونائڻ جي ايتري قدر چٽي ڄاڻ پئجي ويئي جو مزاجاً اِنهن آزمودن کي اِنسان بنسبت پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪتب آڻڻ لڳو. مثلاً ڪنهن ماڻهوءَ جو هيٺيون چپ وڏو ۽ لڙڪندو ڏسي ڪنهن شخص جي وات مان هي اکر نڪتا- ”چپُ ته ڏسوسِ، اُٺ وانگر پيو لڙڪيس،” ڪو ڇوڪرو راند ڪندي مهل مِٽيءَ ۾ پئي ليٿڙيو. اُن لاءِ ڪنهن چيو ته ”گڏهه وانگر پيو مِٽيءَ ۾ ليٿڙي.“ ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ جوش سان وڙهندو ڏسي ڪنهن چئي ڏنو ”هي ته ڪُتن وانگر هڪٻئي جو ماس پيا ڇنن“. اِهي اکر اهڙا ته نج ۽ موزُون ثابت ٿيا جو ساڳين حالتن هيٺ وري وري ڪتب اچڻ لڳا. آهستي آهستي اهڙن اکرن يا جملن محاورن جي شڪل اختيار ورتي. وقت بوقت ڪيترا ٻيا به موزون اصطلاح جانورن سان ڀيٽ وارا وري ساڳي طور ڪم اچڻ سبب ڦري پهاڪا، چوڻيون، مثال، مُشابهتون وغيره ٿي پيا ۽ آخر چڱي طرح ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا.
نه فقط جانور ٻوليءَ تي اثرانداز ٿيا ۽ اُن ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ حاصل ڪيائون، پر اُنهن جا پاليندڙ يا اُنهن سان خاص تعلق رکندڙ به ٻوليءَ ۾ اثر نما ٿيا. اُٺن جا جت، ڏاند کي گهاڻي ۾ وهائيندڙ چاڪي يا ٻڪريءَ کي ذبح ڪري گوشت وڪڻندڙ ڪاسائي ۽ رِڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ چاريندڙ ريڍار يا ٻڪرار وغيره به شمار ۾ آيا. اهڙن ماڻهن جي ڪارڪردگي ۽ خصلتن تي پڻ ڪيترا محاورا، چوڻيون وغيره چيا ويا. مثلاً اُٺن جو جت ڪوتاهه بي عقليءَ جو نشان بڻيو. ڪاسائي وري سنگدلي ۽ بيرحميءَ جو مثال بڻيو.
جانورن ۽ اُنهن سان تعلق رکندڙ مُحاورا، پهاڪا، چوڻيون وغيره ۽ رواجي چالوُ پهاڪا وغيره گڏجي اسان جي ٻوليءَ ۾ چڱو خاصو ذخيرو بڻيا آهن. هِن مقالي ۾ اِها ڪوشش جاري رکي ويئي آهي ته اُنهن پهاڪن وغيره بابت جاچ ڪري معلومات حاصل ڪجي ته اُهي ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن جي هيٺ چالو ٿيا يا اُهي ڪنهن تاريخي يا ٻئي ڪنهن مکيه گهٽنا يا واقعي تي ٻڌل آهن. مطلب ته اُنهن پهاڪن جي پيڙهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش کي نظرانداز ڪونه ڪيو ويو آهي. پر ”سج به پاڇا آهي“. ”ڪماليت جي پٺيان زواليت“. هلي اچي انسان جو اُهو سُڀاءُ جو کيس ساڳيءَ حالت تي راضي رهڻ نه ٿو ڏئي، تنهن کيس جانورن کان ڪم وٺڻ ۾ به بيزار ڪري ڇڏيو.
جانور نه فقط ٻوليءَ جي پهاڪن وغيره ۾ جائگير آهن، پر ٻين ڪيترن ئي قسمن جي تصنيفن ۾ به کين دخل حاصل آهي. مثال طور درسگاهن ڏانهن نظر ڪجي ته شروعاتي سبقن ۾ الف- ب سيکارڻ لاءِ شڪلين ۽ تصويرن جو سهارو ورتو ٿو وڃي. ننڍڙن معصومن کي الف- ب جا حرف رُکا ياد ڪرائي نه ٿا سگهجن، پر اُنهن حرفن کي ڪنهن شڪل يا صورت جي ٽيڪ ڏيڻي ٿي پوي. ٻاراڻي ڪلاس ۾ پهريون اکر ’الف‘ ڇڏي جي، اڳتي هلبو ته بي- بلا، ٻي- ٻڪري، پي- پلو، ڀي- ڀولڙو نظر ايندا. اڃا به اڳتي وڌبو ته رِڇُ، سانُ، گڏههُ، ڳيرو، شينهنُ وغيره پڻ ملندا. شڪلين ۾، خاص طور سان جانورن جي شڪلين ۾ جو ضرور اِنهيءَ سبب ٿو پوي جو ٻارن جي سمجهه بلڪل ڪچي آهي ۽ کين پنهنجي هئڻ جي ڪابه ٻُوجهه يا سمڪ ڪانهي، جنهن سبب هو ٻاهرين دُنيا ۾ هلندڙ چلندڙ جانورن يا رانديڪن کان متاثر ٿين ٿا. انهيءَ ڪري گهڻو ڪري، هر ٻوليءَ جي الف- بي جا حرف کين تصويرن رستي ياد ڪرائڻ آسان ٿين ٿا. ٻار تصوير ڏسي ڪري اُن جانور جو نالو ٻُڌي شروعاتي حرفن کي سولائيءَ سان ياد ڪري سگهندا آهن.
ٻاراڻي درجي کان پوءِ ٻارن کي ننڍيون ۽ هلڪيون آکاڻيون ٻڌائي سبق پڙهايا وڃن ٿا. اُنهن ۾ پڻ جانورن ۽ پکين واتان نصيحت ڀريا نُڪتا چوايا وڃن ٿا، جيڪي ٻارن ۾ دلچسپي پيدا ڪن. هنن قسمن جي سبقن ۾ ماکيءَ جي مٺاس، ماڪوڙي، ڏينڀو ۽ ٻين جانورن جو ذڪر اچي ٿو. هِن ڏس ۾ ”ايسپ جون آکاڻيون“، دنيا ڀر ۾ مشهور آهن، جن ۾ گهڻو ڪري هر قسم جي جانور جو ذڪر اچي ٿو. ڀارت ۾ ”پنج تنتر“ نالي ڪتاب گهڻو مشهور آهي. ”هتوپديش“ به جانورن جي آکاڻين سان ڀريل آهي. اِنهيءَ کان علاوه ٻارن لاءِ مختلف ڪامِڪس ۽ فلمون به مشهور آهن، جن ۾ جانورن ۽ پکين جو جوڳو استعمال ڪيو ويو آهي. اڄ ڪلهه ٽي- وي ڊزني لئنڊ، موگلي، اسپائيڊر مئن وغيره گهڻي ئي پروگرام آهن، جن ۾ ڪيترن ئي جانورن جو استعمال ڪري ٻارن لاءِ آکاڻيون ٺاهيون ويون آهن.
ٻارن جي زبان سٻاجهڙي، ٻاتڙي ۽ مٺي ٿئي. انهيءَ سبب ٻارن لاءِ شاعري وغيره ۾ ٻارن جي ڏانءُ جي ٻاتي ٻوليءَ جو به استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اُتي ڪيترن ئي جانورن جو به استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اُتي ڪيترن ئي جانورن جو ذڪر به اچي ٿو. جيئن ته:
هيءَ کڙ کڙ ڪهڙي، ستن ڀائرن جهڙي،
ست ئي ڀائر در تي، منهنجي ٻيڙي تڙ تي.
گاهه ڏنم گانءِ کي، گانءِ ڏنم کيرُ،
کير ڏنم امان کي، امان ڏنو لولو،
لولو ڏنمِ ڪانوَ کي، ڪان ڏنو کنڀُ،
کنڀُ ڏنم ڪمانگار کي، ڪمانگار ڏنو تيرُ،
تير ڏنم راجا کي، راجا ڏنو گهوڙو،
چڙهي گهُمان، چڙهي گهمان،
چندن ڦٽاڪو، جيئي منهنجو ڪاڪو.
ناناڻي گهرِ مينهن وِيائي،
لوٽو ڀريو کير جو،
ڍُڪُ تون ته ڍُڪُ مان.
”ٿانئون ڙي ٿانئون، توکي پيٽ ۾ بلائون،
توکي ڪُنيءَ ۾ رڌائون، توکي وٽيءَ ۾ وِڌائون.“
اِن طرح دنيا جي ٻولين ۾ پروليون، ڳجهارتون وغيره ملن ٿيون، اُنهن مان ڪِن ۾ جانورن جو ذڪر به اچي ٿو. پروليءَ ۾ يا ته جانور جو نالو ڪم آيل هوندو آهي يا وري پروليءَ جو جواب ڪو جانور هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙي قسم جون ڪُجهه پروليون ملن ٿيون.
جيتوڻيڪ منهنجو اڀياس هتي پهاڪن تائين محدود آهي، پر جانورن جو ذڪر پرولين ۾ به ملي ٿو. اِنهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ ڪجهه مثال هن ريت آهن:
سنسڪرت ٻوليءَ ۾ به شاگردن لاءِ عام سِکيا ڏيندڙ هڪ شلوڪ ملي ٿو، جنهن ۾ به جانورن جي خوبيءَ جو ذڪر ڪيل آهي:
الپاهار- گرهتيا گؤ، ايتي وديارٿي- لڪشڻا.
مطلب ته ڪانوَ جهڙي تيز نظر هجيس، ڌيان ٻگهه پکيءَ جهڙو، ننڊ ڪُتي جهڙي، کاڌو بلڪل ٿورو ۽ گهر کان پريان رهي، اِهي پنج ئي لڇڻ ڪنهن به شاگرد يا وديارٿيءَ ۾ هئڻ گهرجن.
سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن پنهنجي نظم ۾ جانورن، پکين وغيره کي نظرانداز ڪونه ڪيو آهي. شاهه عبداللطيف جهڙي چوٽيءَ جي شاعر پنهنجي سُرن ۾ اُٺُ کي خوب ڪم ۾ آندو آهي ۽ گهوڙي کي گهوٽن سان شريڪ ڪري کين اعليٰ درجي تي رسايو آهي. نانگ جون وصفون شاهه صاحب ڌار ڌار پيش ڪيون آهن. سُر مومل راڻي ۾ نانگ جي ڪاري رنگ ۽ ڊيگهه کي مومل جي ساهيڙين جي سوُنهن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
گلبدن جون، گُجريون ارم اوڍِيائون،
چوٽا تيل ڦُليل سان واسينگ ويڙهيائون. (سُر مومل راڻو)
نانگ جي ٻي وصف، جا اوگڻ آهي، هن ريت پيش ڪيل آهي:
جنهين جي جهڙپ، جُنگنِ کي جوکو ٿئي.
هڪ ٻئي هنڌ تي شاهه صاحب چيو آهي:
ٻيو مثالُ ڀنوَر جو وٺو. هِن ۾ ٻه ڪاري رنگ هئڻ ۽ گلن مان واس وٺڻ جي خصلت آهي. سندس ڪاري رنگ کي شاهه ڀٽائي مجازاً هيئن ٿو ڪتب آڻي:
آخوند گل محمد پنهنجي ”ديوان“ ۾ ڀنور جي اِها صفت ٿو ٻڌائي جا هر اِنسان ۾ هئڻ گهرجي، يعني ڀنورُ گُل جي ٻاهِرئين ڏيک ويک يا رنگ تي نه ٿو موهجي وڃي، پر گل اندر جيڪا حقيقي سرهاڻ آهي، تنهن جي پٺيان ڦِري ٿو. گلُ جيڪڏهن ڪاغذ جو هوندو ۽ سهڻي ڪاريگري به هُجيس، پر ڀنوَرو اِنهيءَ تي ڪين ايندو. هڪ سنڌي شاعر اهڙي گُل بابت چوي ٿو:
اهڙي بي بُوءِ گل کي کڻي، تنهن کي سُنگهڻ ناهي روا.
شاعريءَ کان نظر هٽائي جي مذهبي روايتن يا ڌرمي ڏندڪٿائن ڏانهن ٿو ڏسجي ته انهن ۾ به جانورن ۽ پکين جو خاصو ذڪر ملي ٿو. ’مٿالاجي‘ ته اهڙين روايتن سان ڀري پيئي آهي. هِندن ۾ ڳئون هڪ اهڙو جانور آهي جو پُوڄا لائق سمجهيو وڃي ٿو. گجرات ۾ هندو گهڻو ڪري ڳئون جو پُڇ جهلي پنهنجي مُنهن تي گهمائيندا آهن. اهڙيءَ طرح اُتر پرديش جا رهواسي ڳئون جي ڇيڻي کي سُڳنڌ سمجهي پنهنجي گهر ۾ ان جو ليپو لڳائيندا آهن.
هندو مِٿڪ شاستر (ڏندڪٿائي ڪتاب) موجب ديوتائن لاءِ سندن سواريءَ لاءِ الڳ الڳ جانور يا پکي مقرر ٿيل آهن. جيئن ته وشڻو ڀڳوان لاءِ گرڙ پکي، شِو لاءِ ڍڳو، سرسوتي ديويءَ لاءِ هنسُ، لڪشميءَ لاءِ اُلوُ، گڻيش لاءِ ڪوئو، وغيره.
حضرت ابراهيم جنهن پهرين ڪعبو شريف جوڙيو، تنهن تي جڏهن ٻاهريان حملو ڪري آيا ته ابابيل پکين پنهنجي چهنب ۾ ننڍا پٿر يا ٺِڪريون ڀري دشمن مٿان وسايا، جنهن سبب هو شڪست کائي موٽي ويا.
جيوتش وديا يا علم نجوم جو آسمان جي ستارن ۽ اُنهن جي هلچل سان واسطو آهي. جيوتش موجب جيڪي راشيون (گرهه) مقرر ٿيل آهن. انهن سان ڪيترين جو لاڳاپو جانورن سان آهي. جيئن ته، ميش، ورش، ڪرڪ، سِنهِه، ورشچڪ، مڪر، مينَ. اِهو مڃيو وڃي ٿو ته ٻار جنهن راس جو هوندو، اُن راس جي جانور جا گُڻ به ٻار ۾ پڻ موجود هوندا.
هندو ڌرم جي روايت موجب جڏهن ڪو ٻار پيدا ٿيندو آهي ته ان جو نالو رکڻ لاءِ ان ٻار جي پيدا ٿيڻ وقت تي آڪاش (آسمان) ۾ جيڪو نکٽ هوندو آهي، انهيءَ آڌار تي ٻار جي نالي جو پهريون اکر ڪڍيو ويندو آهي. پيدا ٿيل ٻار جي راسِ اُها مڃي ويندي آهي، جنهن راسِ ۾ چنڊ ٻار جي پيدا ٿيڻ جي وقت تي بيٺل هجي. راسيُن جي آڌار تي ئي ٻار جي فطرت جو اندازو لڳايو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت، شاديءَ جي وقت تي به ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي راسين (گرهن) جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪري اهڙو اندازو لڳايو ويندو آهي ته اُنهن جو اڳتي وقت سٺو گذرندو يا نه. جهڙيءَ طرح ٻه جانور پاڻ ۾ مخالف ٿيندا آهن، اهڙيءَ طرح راسيون به پاڻ ۾ مخالف ٿينديون آهن. هندو ڌرم ۾ اهو مڃيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ٻن مخالف راسين واري ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي شادي پاڻ ۾ ڪئي وڃي ته اُهي پنهنجي زندگيءَ ۾ سُکي نه رهي سگهندا آهن.
جهڙيءَ ريت هندو ڌرم ۾ ماڻهن کي راسين موجب الڳ ورگ (قسم) ڏيئي ڪري ڪنهن جانور جي اهميت سان ان جو لاڳاپو ڪيو ويو آهي، انهيءَ طرح چين ۽ جاپان ۾ هرهڪ سال کي ڪنهن جانور جي پٺيان شمار ڪيو ويو آهي. اِن لاءِ ٻارنهن جانورن جو آڌار مڃيو ويو آهي.
(1) ڪتو (2) سوئرُ
(3) ڪوئو (4) ڏاندُ
(5) چيتو (6) سهو
(7) ڊريگن يا ازدها (8) نانگُ
(9) گهوڙو (10) رِڍ
(11) ڀولڙو (12) ڪُڪڙ يا مرغو
سال 1994ع ڪتي وارو سال هو، 1995ع سوئر وارو سال ۽ ان بعد ڪُوئي وارو سال ٿي گذريو. اهڙيءَ ريت ڪُڪُڙ واري سال تي ٻارنهن سالن جو هڪ چڪر پورو ٿيندو ۽ وري نئون ڦيرو ڪُتي جي سال سان شروع ٿيندو. انهن ملڪن جي ماڻهن ۾ اهو ويساهه آهي ته جنهن سال ۾ ڪو ٻار پيدا ٿيندو، اُن ۾ انهيءَ جانور واريون خصلتون هونديون. مثال طور جيڪو سن 1994ع ۾ پيدا ٿيو هوندو، ان ۾ ڪُتي واريون عادتون هونديون ۽ هو پنهنجي ڪٽنب، مالڪ ۽ دوستن سان وفادار هوندو. سال 1995ع کي سوئر جو سال مڃي، هانگ ڪانگ جي سرڪار ٽپال جي ٽڪلين تي سوئر جي شڪل ڇپائي هئي.
ٻوليءَ ۾ جانورن جي هستي اڃا تائين به اچي دنگ نه ٿي ڪري، پر اڃا ڪجهه اڳڀرو پنهنجو اثر رکي ٿي. انساني اوائلي تاريخ ڏانهن ڏسجي ٿو ته جڏهن انسان ڪجهه سُڌاري جي حد تي پهتا ته هو پاڻ ۾ گڏجي ڪري هڪ ئي گهر ۾ پاڙي ۾ رهڻ لڳا. آدمشماريءَ جي وڌڻ تي اُنهن پاڙن مان وڏا قبيلا ٺهيا. اهڙيءَ ريت قبيلن جي آدم ۾ واڌ ٿيڻ سان ذاتيون ٺهيون ۽ قومن جي ارتقا ٿي. هن وقت سنڌ ۾ مسلمانن جون ٻه مکيه قومون ليکجن ٿيون: هڪڙا بلوچ ۽ ٻيا سماٽ. بلوچن جا پاڙا ۽ قبيلا سمورا پنهنجي وڏن جي پٺيان سڏجن ٿا. هڪ ڪتاب ”اقوامِ بلوچان“ سيد باز محمد شاهه جو لکيل آهي، جنهن مان هن ڏِس ۾ گهڻي خبر پوي ٿي. سماٽن بابت ڪو اهڙو ڀروسي جهڙو ڪتاب يا لکاوٽ ڪانه ٿي ڏسجي، جنهن مان پاڙن، قبيلن وغيره جي ڄاڻ پوي.
ڏسجي ٿو ته سنڌ جا اصل رهاڪو گهڻي انداز ۾ سما ۽ سومرا هئا، جيڪي سڀيئي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا ۽ اُنهن اڄ تائين پنهنجي ذات قائم رکي آهي. سماٽن جون ڪي ذاتيون وري اهڙيون آهن، جن جا نالا جانورن جي پٺيان ٻڌل آهن. مثال طور: ڪيهر، ٻٻر، واگهه، شير وغيره. پنجاب ۽ سرحد وارن علائقن ۾ ذات جا شير پاؤ ۽ شيرموز ملن ٿا. اِنهن ۾ ڪي ڇِترا (ڪشترا) ۽ ڪي شِڪرا به آهن. گجرات جا ڪي مسلمان ذات جا گانگ آهن. سنڌ ۾ هڪ ذات سيال به آهي، جيڪي پنجاب جي علائقي سيالڪوٽ سان واسطو رکن ٿا. مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي ”سنڌي لغات قديميءَ“ ۾ سيارڙا جي معنيٰ لکي آهي: مِروُن، سيارُ، سيالُ، شِگالُ، گدڙُ. ائين ممڪن ٿي سگهي ٿو ته سيال ذات وارن تي اِهي نالو هن جانور پٺيان رکيو ويو هجي.
سنڌ جي هندُن ۾ هڪ ذات ’گدڙ‘ آهي، جيڪا ٻيراڻيءَ جي ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس جي علائقي ۾ ملي ٿي. اِنهي ذات وارن هندُن جو چوڻ آهي ته سندن ڪي وڏا هڪ دفعي شڪار ڪرڻ لاءِ گهران تيار ٿي نڪتا، سڄو ڏينهن هليا، پر کين ڪو شڪار هٿ ڪونه آيو. آخر هڪ گدڙ ڏٺائون ۽ انهيءَ جو شڪار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ٻين ماڻهن کي جڏهن هن ڳالهه جي خبر پيئي ته انهن شڪار ڪندڙن جي ’گدڙ‘ ڇيڙ ڪري رکيائين جا پوءِ ڦِري سندن ذات جو نالو ٿي ويئي. ڪيئن به هجي پر اهو ته ممڪن آهي ته ’گدڙ‘ يا ’سيال‘ ذات ساڳئي جانور جي نالي تي بيٺل آهن.
ٻوليءَ ۾ جانورن جي نالن جا چڱا ئي مثال ملن ٿا، پر اِنهيءَ کان به وڌيڪ ماڻهن جي نالن ۾ به جانورن جو اثر ملي ٿو. جيئن ته: شير سِنهه، هاٿيراماڻي، گجيندر، گجانند، شيرعلي، ڏاندومل وغيره.
سنڌي هندُن ۾ ذات کي ’نُک‘ چوندا آهن. ڪجهه نُکون پڻ جانورن جي نالن پٺيان ٻڌل آهن. مثال طور: مينڍا، گابا، ڳيرا (پنجاب ۾ يرا). هندُن ۾ ڪي برهمڻ به آهن، جيڪي عجيب و غريب ذاتين جا آهن. جهڙوڪ ڪاٺپاڙ، گاڏهي، پُڇرت وغيره. هنن ۾ هڪ ذات ڪوُئا چنڊا به آهي جا سچ پچ عجيب ڏسجي ٿي. ذات جا ڪُوئا ته ٿين ٿا، پر وري چنڊا، هڪ عجيب ڳالهه آهي.
گڏهه جي ٻچي کي کودو، کوتو يا کودڙو به چوندا آهن. هندي ٻوليءَ ۾ اهي نالو عام يا رواجي آهي، پر سنڌ ۾ اهو نالو ڪنهن خاص مطلب سان رکيو ويندو آهي. جڏهن ڪنهن خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جلد مري ويندا آهن ته اُنهن جا مائٽ نئين ڄاول ٻار جو نالو ’کودڙو‘ رکندا آهن، يعني اهو نالو اهڙو آهي، جنهن کي پيار جي نظر وچان ڏسي نه ٿو سگهجي ۽ مائٽن ۾ ڄڻ ته اهو ٻار پيار جي نظر کان محروم رکيو ٿو وڃي. اهڙيءَ طرح ڏٺو ويو آهي ته ڪيترن ئي ٻارن جي مرڻ بعد اهڙي نالي وارو ٻار جيئرو ٿو رهي. مطلب ته ٻار مان پيار ۽ موهه جي نظر هٽائي ويئي ته ٻار بچي پيو. ٻيا به اهڙائي ڪجهه نالا آهن. ڪؤڙو، مِرچوُ، کٽوُ وغيره.
جانورن کان علاوه پکين تي به انسان نالو رکن ٿا. پکين مان باز نالو ماڻهن تي رکيو وڃي ٿو. جيئن ته باز محمد شاهه، شهباز خان، شاهه بازراڻي وغيره. طوطي تي به ڪجهه نالا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جيئن ته طوطو خان، طوطومل. پراڻي زماني جي زالن ۾ ’طوطِي‘ نالو به ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. انسانن ۾ ڪيترائي نالا اهڙا آهن، جيڪي سِڌو ئي پکين جي آڌار تي رکيل آهن، جيئن ته: مورخان، ڊيل، ڪونج، مئنا، ڪويَل، وغيره.
ڪيترن جانورن ۽ پکين کي ڪن ملڪن جي قومي نشان ٿيڻ جو شرف حاصل آهي. مثال طور: انگلينڊ جي نشاني شير آهي ۽ انڊونيشيا ۽ آمريڪا جو قومي پکي وڏو باز آهي. ٿائيلينڊ وارن هاٿيءَ کي، روس ۾ رڇُ، فرانس وارن ڪُڪُڙ ۽ آسٽريليا ۾ ڪنگروءَ کي پنهنجو قومي نشان ٺاهيو آهي. ڪراچي ميونسپل وارن پنهنجي نشانيءَ ۾ اُٺ کي شامل ڪيو آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڪمائتو ۽ اصُل رهاڪو جانور مڃيو ويو آهي.
آمريڪا ۾ فقط ٻه سياسي پارٽيون آهن: هڪ ڊيموڪريٽڪ ۽ ٻي آهي ريپبلڪن پارٽي. اِنهن ٻنهي پارٽين جون پنهنجيون الڳ الڳ نشانيون آهن. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ گڏهه کي پنهنجي نشاني ڪري رکيو آهي ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جي نشاني وري هاٿي آهي. اهي نشانيون اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ مقرر ٿيون هيون ۽ اڃا به موجود آهن.
ڀارت ۾ اڃا به دستوري علم جي ڪمي آهي. اِنهيءَ سبب جڏهن چونڊن جو موقعو اچي ٿو ته قدرتي طور اِهو سوال اُٿي ٿو ته اڻپڙهيل ووٽ ڏيندڙن کي ڪيئن اميدوارن جي ڄاڻ ڪرائجي، ڇاڪاڻ ته هو اميدوارن جا نالا پڙهي نه نٿا سگهن. انهيءَ ڪري چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن جي نالن سان گڏ انهن جون ڪجهه نشانيون به رکيون وڃن ٿيون، جيڪي گهڻو ڪري جانورن يا شين سان واسطو رکن ٿيون. جيئن ته ڳئون، گهوڙو، لالٽين، سائيڪل، ڪنوَل جو گل، هٿ جو نشان، وغيره. اهڙين نشانين جي رکڻ جو مکيه مقصد آهي ته جيڪي اڻ پڙهيل ووٽ ڏيندڙ آهن. اُهي اميدوارن يا انهيءَ جي پارٽيءَ جي نشان سان کيس سڃاڻي ڪري سندس نالي اڳيان نشان لڳائي پنهنجو ووٽ ڏيئي سگهن.
ڀارت ۾ آزاديءَ بعد شروعاتي چونڊن وقت ڪانگريس پارٽيءَ پنهنجي اميدوارن جي لاءِ ٻن ڍڳن جي نشاني مقرر ڪئي، جيڪي هر ۾ جوٽيل هئا. انهيءَ وقت ۾ ڀارت ۾ ايتري ترقي ڪانه ٿيل هئي ۽ گهڻو ڪري ماڻهو کيتيءَ جي آڌار تي ئي گذارو ڪندا هئا. هارين جو ملڪ هئڻ ڪري اهڙي نشان جو فائدو ڪانگريس پارٽيءَ کي پهتو ۽ ماڻهن جهجهي تعداد ۾ ڪانگريس کي ووٽ ڏنا. ٻي اليڪشن ۾ به ڪانگريس پارٽيءَ وارن پنهنجي لاءِ ساڳي ئي نشاني گهُري، پر مخالف ڌُر وارن به زور لڳايو ته اِها نشاني اُنهن جي پارٽيءَ کي ملي. آخر فيصلو ڪري اها نشاني خارج ڪئي ويئي. اُن کان پوءِ ڪانگريس پارٽيءَ کي ڳئون جو نشان مليو، جيڪا پنهنجي وَڇڙي (گابي) سان بيٺل هئي. ڀارت ۾ ڳئون جي هندو ڌرم جي خيال کان هڪ وڏي حيثيت آهي ۽ انهيءَ جو فائدو ڪانگريس پارٽيءَ کي به مليو.
اهڙيءَ ريت اها ڳالهه ظاهر آهي ته جانورن جو استعمال نه رڳو نالا رکڻ ۾، يا ٻوليءَ جي ڪم آڻڻ ۾ بلڪ سياسي طور سان به ٿئي ٿو. اڄ ڪالهه به ڀارت جون مختلف پارٽيون پنهنجي سياسي نشان جي لاءِ جانورن جي چونڊ ڪن ٿيون. جيئن ته شِوسينا پارٽي شينهن کي، بهوجَن سماجوادي پارٽيءَ هاٿيءَ کي چونڊيو آهي. هاڻي جانورن جي نشانيءَ جو استعمال نه رڳو سياسي پارٽيون ڪن ٿيون، بلڪ ڪيترا واپاري به پنهنجي سامان وڪڻڻ لاءِ جانورن جي شڪلين جو استعمال ڪن ٿا.
آخر ۾ حالتن جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته انسان ذات ۽ جانورن جي وچ ۾ جيڪي تعلق هو، سو هن وقت اهڙو گهاٽو ۽ گهرو ڪونهي، جيڪو ماضي ۾ هو. پر ساڳئي ئي وقت اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جانورن ڏانهن سندس هلت چلت ۽ نوع جي طرز ۾ ڪافي بهتري ٿي آهي. انسان جڏهن وحشي حالت مان نڪري ماڻهپي جي راهه تي آيو ۽ ٻني ٻاري تي به ڀاڙڻ لڳو ته جانورن سان سندس رشتو به وڌندو ويو. ماڻهوءَ جو سُڀاءُ جيڪو پهرين جهنگلي، ڇِتو ۽ درندو هو، سو پڻ آهستي آهستي تبديلي ڪندو نرم ۽ مٺو ٿيندو ويو.
زماني جي گردش ۽ اُنهن مان پيدا ٿيندڙ نتيجن جو اثر اسان جي سنڌي ٻوليءَ تي به ٿيو آهي. جانورن سان واهپو گهٽ ٿي وڃڻ سبب اُنهن تي ٻڌل پهاڪا، چوڻيون، مشابهتون وغيره پڻ گهٽ ڪتب اچن ٿا. اهو به ممڪن آهي ته وقت گذرڻ سان اِهي به گذري وڃن يعني استعمال ٿيڻ بند ٿي وڃن.
هن موضوع تي بحث ڪرڻ جو اهو به ڪارڻ آهي ته جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر اهڙن پهاڪن جا مثال هِتي هڪ جڳهه تي گڏ ڪجن. جيئن ته اِهي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن کي ماضيءَ ۾ ڪيل ڪم ۽ رواجن جي جهلڪ پيش ڪري سگهن ۽ اها ڄاڻ ٿي سگهي ته ڪنهن وقت ۾ ٻوليءَ ۾ اهي پهاڪا ڪيتري اهميت رکندا هئا. زندگيءَ جي اوائلي دؤر جي آزمودن کي ئي خزاني وانگر سانڍي رکڻ ۾ پهاڪا ادب جو هڪ حصو آهن.
اسان جي ٻوليءَ جي لغت تمام وسيع ٿي ويئي آهي. سبب صاف آهي ته ورهاڱي بعد سنڌي ڳالهائيندڙ دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڦهلجي وسجي ويا. نتيجي ۾ مڪاني ٻولين جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ اچڻ لڳا. اها صورتحال ڪنهن به ٻوليءَ لاءِ خوشگوار آهي، پر گڏوگڏ مختلف ٻولين جي اثر هيٺ اچڻ سان سنڌ جي سنڌي ۽ ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ فاصلو وڌي رهيو آهي، جيڪو خوشگوار آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيسون ايتريون آهن، جو انهن جو ڇيڙو ڪونهي. انهيءَ آڌار تي ممڪن آهي ته جانورن، پکين تي ٻڌل پهاڪا وغيره سمورا هتي پيش نه ڪري سگهجن.
پهاڪن ۾ جانورن، پکين ۽ جيت جڻين جو بيان ٻن قسمن ۾ ٿيل آهي. پهرئين قسم جي پهاڪن ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن جي جنم، ارتقا ۽ رهڻي ڪهڻيءَ تي روشني وڌي ويئي آهي ۽ ٻئي قسم جي پهاڪن ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن جو استعمال ڪنهن ڳالهه کي چٽو ڪرڻ، خوبصورت بڻائڻ يا مثال ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
پهاڪن سان واسطو رکندڙ جانورن پکين ۽ جيتن کي هيٺين ريت ورهائي سگهجي ٿو:
جانور:
پکي:
ٻيا جيت جڻيا ۽ نانگ بلائون:
جانورن، پکين ۽ جيتن سان تعلق رکندڙ عام پهاڪا:
کيرُ ڏيندڙ جانور
مينهن:
مينهن ٿلهي متاري ۽ عام طور ڪاري رنگ جي هوندي آهي. هنديءَ ۾ پهاڪو آهي ”ٻُڌي گهٽي ٻهُو ڀوجن کايه“ يعني گهڻي کاڌي کائڻ سان عقل گهٽ ٿئي ٿو. اِهوئي سبب نظر ٿو اچي جنهن جي ڪري مينهن موڳي، اَڻاسي ۽ سُست هوندي آهي. هيءُ جانور مکيه طرح ٻن قسمن جو آهي. هڪ آفريقا وارو ۽ ٻيو ايشيا کنڊ جو. ڪي مينهون ڀوري رنگ جون به هونديون آهن. مينهن جي نر کي سانُ يا پاڏو چئبو آهي. مينهن جي نر ٻچي کي ڪونهون ۽ مادي ٻچي کي وڇ چوندا آهن. مينهون ڌاريندڙ يا پاليندڙ کي ميهار يا ميهر سڏين. مينهن سان واسطو رکندڙ مکيه پهاڪا ۽ چوڻيون هن ريت آهن:
ڳئون ۽ ٻڪري جيڪڏهن گهڻو کاڌو کائين ته اُنهن کي آڦري ٿي پوندي آهي. پوءِ اُنهن جا مالڪ کين تيل پيارين ۽ ڪُٽيل ڪارا مرچ وغيره کارائين، جيئن کين ڇِڪون اڇن ۽ پيٽ مان واءُ نڪري وڃي، پر مينهن چاهي گهڻو کاڌو کائي ته به اُن کي آڦري ڪانه ٿئي. هن پهاڪي ۾ ڀاڀڙا جينِن جي هڪ ذات آهي، جيڪي سنڌ ۾ به رهندا هئا. هو چاهي ڪيترا به شاهوڪار ٿي وڃن، ته به پنهنجي ڌن دولت جو ڏيکُ ڪونه ڪن. هميشه سادا سُودا رهن. اِنهيءَ تي هيءُ پهاڪو ٺهيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته جيئن مينهن ڍءُ جهلي وڃي ٿي، تيئن ڀاڀڙا به ڌن دولت جو ڍءُ جهلي وڃن ٿا. هُنن کي ناڻي جو غرور ڪونه ٿو ٿئي، نه ڪو هو اُن جو ڏيک ڪن ٿا.
هن پهاڪي جو مطلب به اِهو آهي ته ست پيڙهياتو يعني خانداني شاهوڪار ماڻهو ڪيتري به دولت ڪمائيندو ته به غرور يا ڏيک نه ڪندو، پر ٻئي طرف پوءِ- ڍائي اِنسان کي جي چڱي دولت ملي ته هو رڍ وانگر پيو ٺينگ ٽپا ڏيندو ۽ غرور ڪندو. وقتي هو ٻين جي بي عزتي ڪرڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندو.
ڳئون کي چوي هل ڙِي پُڇ ڪاري.
مطلب ته نيچ ماڻهو جيڪو سڄو عيبن سان ڀريو پيو آهي، اُهو پنهنجا عيب ڏسي ڪونه، پر ٻئي ۾ ٿوري به گهٽتائي ڏسندو ته کيس پيو ٽوڪيندو. هن پهاڪي سان ڀيٽيو: ”پرڻُ چوي ڏونگهي کي، هل ڙي ٽِٽُنگا“.
مڇرن کان بچڻ لاءِ ميهار ڇوڏا، ڇيڻا، ڪاٺيون وغيره ٻاري دونهون ڪندا آهن ته جيئن مڇر مينهن کي تنگ نه ڪن. ڪو اڻ آزمودگار ماڻهو، دونهون ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن پنهنجا کَٿا جلائي ٿو ته اِها بيوقوفي چئبي. مطلب ته جنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ڌنڌي يا واپار جي پوري ڄاڻ نه آهي، اِن هوندي به هوُ اُن واپار ۾ داخل ٿئي ٿو ته نقصان پائيندو.
ڪنهن مينهن جي مالڪ ميهار کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو ته اهو ميهار ٻئي نئين ميهار کي پيو عرض ڪري ته ادا انهن وڇن جي پارت اٿيئي. انهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪجانءِ. هيءُ پهاڪو تڏهن چئبو آهي، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڳالهه سان واسطو ٽُٽي وڃي، ته به پيو اُن باري ۾ سوچي ۽ فڪر ڪري. مطلب ته جيڪا ڳالهه ڇڏي ڏني ته پوءِ ان جي باري ۾ سوچڻ نه کپي.
جيڪڏهن ميهار مري نه پوي ها ته پوءِ هُن جون مينهون رولو ٿي ڀٽڪنديون نه رهن ها. هيءَ پهاڪو اُتي ڪم آڻبو آهي، جتي ڪو ماڻهو گذاري وڃي ته هُن کان پوءِ سندس ٻار آواراگردي ڪن ۽ ڀٽڪندا رهن. اِن حالت طرف هن پهاڪي ۾ ڌيان ڇِڪايو ويو آهي:
مطلب ته مينهون اڃا جهنگ ۾ پيون گاهه چَرن، هُو وَٿاڻ تي اَڃا واپس نه آيون آهن، ته اُنهن کان گهڻو اڳ سندس مالڪ پيو بَرتن صاف ڪري ته مُنهنجون مينهون ڄاڻ آيون، جن لاءِ چَارو تِيار ڪَريان. جڏهن ڪو ماڻهو وقت کان گهڻو اڳ پيو ڪنهن ڳالهه جو سوچ ويچار ڪندو آهي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.
مينهن جي پالڻ ۾ گهڻي محنت گهرجي. شوق سان ڪو ماڻهو مينهون خريد ڪري پر انهن جي سارسنڀال نه ڪري سگهي، تڏهن هيءُ پهاڪو چون. هِتي ٺينهن جو مطلب آهي: خدمت ڪرڻ، سارسنڀال ڪرڻ.
مطلب ته ڏاڍن مُڙسن جي لڙائيءَ ۾ ڪمزورن کي نقصان رسي ٿو.
مطلب ته اُٺن ۽ مينهن جي پاڻ ۾ برابري يا ساٿ نه هلي سگهندو. اُٺ ميدان تي پيل لاڻو کائن ٿا ته مينهون ٻيلن ۾ وڃي گاهه چرن ٿيون. هيءُ پهاڪو اُتي ڪم ايندو آهي، جتي ڌنڌي واپار ۾ ٻن اهڙن شخصن کي گڏ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، جيڪي پاڻ ۾ ٺهي نه سگهندا آهن.
مينهن يا ڳئون جي ٻچي کي جي ننڍي نوڙي ٻڌبي ته هُو گهڻا ٺينگ ٽپا نه ڏيئي سگهندو، پر جيڪڏهن نوڙي ڊگهي آهي ته ان موجب وڏي دائري ۾ پيو گهمندو ۽ ٽپا ڏيندو. مطلب ته هرڪو پنهنجي اثر، رسوخ يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ سان پهچ هئڻ مطابق ڪڏي ٿو يا ناز ڪري ٿو.
جيڪي ماڻهو محنتي ۽ خبردار آهن، اُنهن جون مينهون وڇون ڄڻين ٿيون، جيڪي وڏيون ٿي کير ڏين ٿيون ۽ ٻار ڄڻين ٿيون. اِن سان اُنهن جي مالڪ کي گهڻو لاڀ ٿئي ٿو، ٻئي طرف جيڪي سُست آهن، اُنهن جون مينهون فقط ڪونهان يعني نرٻار ڄڻين ٿيون. اُهي وڏا ٿي فقط بار ڍوئڻ يا گاڏي ڪاهڻ جي ڪم اچن ٿا. مطلب ته سُست ماڻهوءَ کي گهڻو لاڀ نصيب نه ٿو ٿئي.
ڳئون ۽ ڏاند:
ڳئون کي هندوُ ڳئوُ ماتا به چوندا آهن. پر ڏاند کي سنڌيءَ ۾ ڍڳو، بيل ۽ بلد به چون. ڳئون جي نر ٻچي کي گابو ۽ مادي ٻچي کي گابي چئجي ٿو. اِنهن سان واسطو رکندڙ سنڌي محاورن ۽ پهاڪن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
مطلب ته عمر ۾ وڏو هئڻ تي به عقل جي گهٽتائي هئڻ طرف اشارو ڪيو ويو آهي.
مطلب ته گهڻو ڪم ڪندڙ يا وهندڙ هئڻ.
مطلب ته جيڪو گهڻو ڪم ڪري تنهن کان ئي گهڻو ڪم وٺڻ.
يعني ڪنجوس مان به پئسا هٿ ڪرڻ.
پر بدبخت جي ڳئون به نه ويامي.
يعني جيڪي نصيب وارا آهن اُنهن کي گهڻو فائدو رسي ٿو. پر نڀاڳن ماڻهن کي نقصان ئي نقصان پهچي ٿو.
مطلب ته بدنصيب انسان کي نقصان مٿان نقصان پهچي ٿو.
يعني ڪمزور انسان کي وڌيڪ تڪليفون ملن ٿيون.
يعني / سُک ۽ اَمن هوندي به پاڻ کي ڏکي ٿو سمجهي.
مطلب ته هُو کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ به نٿا چاهين، ۽ ٻئي طرف هيءَ پيئي انگل ڪري ته مان ڏاند تي چڙهي هُنن سان سفر ڪندس.
يعني سمرٿ ڪو نهين دوش گُسائين. يا جس ڪي لاٺي اُس ڪي ڀينس. (ڏاڍي ماڻهوءَ جو ڪو ڏوهه ناهي يا جنهن جي لٺ، اُن جي مينهن)
مطلب ته ڏوهه هڪڙي ڪيو پر سزا ٻئي کي ملي.
ٻڪري:
سنڌيءَ ۾ ٻڪريءَ تي ٺهيل پهاڪن ۽ چوڻين جا مثال هن ريت آهن:
هرڪنهن کي پنهنجي عملن جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو.
ٻڪريءَ جو ساهه ٿو نڪري، پر ڪاسائيءَ کي ته رڳو ٻڪريءَ جي گوشت سان واسطو آهي. ڀيٽيو: مروان موت، ملوڪان شڪار.
يعني بدنصيب ماڻهو جنهن ڌنڌي ۾ هٿ وجهي، اُن ۾ هُن کي نقصان ٿئي.
يعني جيڪڏهن ڪو وڏي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ هو ٻڪريءَ جي کير مان ٺهيل گيهه ڇو وٺندو؟ (ڳئون يا مينهن جي کير مان ٺهيل گيهه سٺي جنس جو هوندو آهي.)
يعني ايترو ته غريب آهي، جو سندس در تي ڪن ڪپيل ٻڪري به ڪانهي.
يعني ٻڪريءَ کي جڏهن ڏهبو آهي ته هو اُن وقت ڦولڙيون به ضرور ڪيرائيندي آهي. اُنهن مان ڪجهه کير جي برتن ۾ به ڪرڻ جو اِمڪان هوندو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو ڀلائيءَ جو ڪم ڪري ڪنهن کي خيرات ۾ ڪُجهه ڏئي، پر اُن کي ٽوڪون به هڻي يا گهٽ وڌ ڳالهائي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي.
مطلب ته جتي ڪنهن شخص کي سهارو ملي، اُن کي ئي اُهو نقصان پهچائي تڏهن هيءُ پهاڪو چون.
يعني ٻڪري کي اڄ نه ته سڀاڻي ڪاسائي مارڻ لاءِ کڻي ويندو. هُن جو موت ڪاسائيءَ جي هٿان ضرور ٿيڻو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو ڪي خطري جا ڪم ڪندو هجي ته اُن کي اَڄ نه ته سڀاڻي نقصان ٿيڻ جو گهڻو اِمڪان هوندو آهي.
رڍ ۽ گهيٽو:
ننڍي چوپائي مال ۾ جيتوڻيڪ رڍون ۽ ٻڪريون گڏ شمار ڪيون وڃن ٿيون، پر ٻڪريءَ جي ڀيٽ ۾ رڍ هڪ موڳي ۽ سست جانور آهي. عام طور ماڻهو رڍن جا ڌڻ رکندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن جا وار يا اُن وڪرو ڪندا آهن. رڍ کير ڏيندي آهي، جنهن مان مکڻ به ڪڍبو آهي. ڪي ماڻهو رڍ جو کير نه واپرائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن جي ويچار ۾ ريڍو کير پيئڻ سان بدن ۾ خارش ۽ ملو پيدا ٿئي ٿو. اِن جو ٻيو سبب اهو به آهي ته رڍ جو پيشاب سندس ٿڻن تي ڪرندو آهي.
رڍ جي نر کي گهيٽو چوندا آهن، ۽ سندس ٻچي کي گهيٽو. هلڪي سلڪي رڍ کي ڪوُڪي به چون. ٿلهي ۽ متاري رڍ کي دُمبو چوندا آهن. اِنهن تي ٺهيل ڪجهه پهاڪا ۽ محاورا هن ريت آهن:
يعني گيدي ۽ ڊڄڻو آهي.
يعني سڀيئي هڪجهڙا آهن. منجهن ڪوبه فرق نه آهي.
مطلب ته ڪنهن شخص کي گهڻو ئي سمجهائجي، پر مٿس ڪوبه اثر نه ٿئي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.
ڀيٽيو: آڌا تيتر آڌا بٽير. مطلب ته اڻٺهڪندڙ بيهڪ طرف اشارو ڪيو ويو آهي.
مطلب ته جنهن کي پاڻ وٽ سهارو ڏجي ته اُهو ئي نقصان پهچائي.
يعني گهٽ قيمت واري شيءِ جو قدر ڪونه ٿيندو آهي.
مطلب ته جهيڙاڪو سُڀاوَ جو اِنسان آهي.
يعني جيڪو اِنسان بُنڊ يعني سُڪل وڻ ۾ پيو تير هڻندو ته اُن سان ڪوبه مطلب حاصل ڪونه ٿيندو. اهڙي شخص کي بيوقوف سڏبو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تڏهن به هيءُ پهاڪو چوندا آهن.
ڪم ايندڙ جانور:
اُٺُ:
سنڌ ۾ اُٺُ تمام ڪارائتو جانور آهي. آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جو واپار آس پاس وارن ٻين ملڪن سان گهڻو ڪري اُٺن ذريعي ٿيندو هو. واپاري اُٺن تي مال ڍوئي قافلا ٺاهي راجسٿان، پنجاب، بلوچستان، افغانستان، ايران وغيره تائين واپار ڪرڻ ويندا هئا. اُٺن جي خاصيت اِها آهي ته اُهي ريگستاني علائقن ۾ به آرام سان گهڻيئي ڪوهه مسافري ڪري سگهندا آهن. اُنهن کي پاڻيءَ جي گهُرج به گهٽ هوندي آهي. اُٺن جا مکيه ٻه قسم آهن. لاڏوُ اُٺ جيڪي مال ڍوئڻ جي ڪم اَچن ۽ مَهِري اُٺ جيڪي سواريءَ جي ڪم اچن. اُٺ جي ٻي خوبي اِها آهي ته گهوڙي وانگر اُن جي خدمت ڪرڻي نه پوندي آهي. منزل آئي ته مالڪ اُن کي ڏانوَڻ ٻڌي جهنگ ۾ ڇڏي ڏيندا. اِن حالت ۾ هو گهڻو پري ڀڄي ڪونه ويندو ۽ ميدان ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيو چرندو. اُٺ کي مالڪ ٿورو ڳُڙ ۽ لوڻ کارائيندا آهن ته هُن جي مسافريءَ جو ٿڪ لهي ويندو آهي. اِن ڪري اردوءَ ۾ هڪ چوڻي آهي: ”اُونٽ فرشتي ڪي ذات هئه“. اُٺ جي مادي کي اُٺِ، اُٺِڻي يا ڏاچي چون. اُٺ جي ٻچي کي عام طور توڏو يا ڪوانٽ چئبو آهي. هِتي اُٺ تي ٺهيل ڪُجهه پهاڪا ۽ چوڻيون ڏجن ٿا:
مطلب ته پيٽوڙي يا گهڻو کائيندڙ آهي. اُٺ جي اوجهري ٻين جانورن جي اوجهريءَ کان وڏي ٿيندي آهي. اِن ڪري هو ريگستان جي سفر ۾ ٻن ٽن ڏينهن جو کاڌو پاڻي ڪٺو ڪري رکندو آهي.
مطلب ته اُٺُ چاهي اُتاهينءَ تي مٿي هلي يا پهاڙيءَ تان هيٺ لهي، ٻنهي حالتن ۾ اُن جي سوار کي گهڻي تڪليف ٿيندي آهي. ساڳيءَ طرح اُٺ جي ويهڻ ۽ اُٿڻ ۾، هلڻ يا ڊوڙڻ ۾ به سوار کي گهڻا جهوٻا ايندا آهن. اِن تي هيءَ چوڻي ٺهي آهي:
مطلب ته ماڻهو جيترا گهڻا ڌنڌا ڪندو اُوترائي کيس جوکم کڻڻا پوندا.
هيءَ چوڻي اِن حقيقت تي ٺهي آهي ته اُٺ جڏهن پيشاب ڪندو آهي ته اُهو هن جي پيٽ ۽ ٽنگن تي پيو ڪرندو آهي.
مطلب ته اُٺ پاڻيءَ کان گهڻو ٽهندو آهي. اِن ڪري جيڪڏهن جَتُ هن کي ندي پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙيءَ تي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اُٺ پيو پُٺتي سُڪيءَ طرف ڀڄندو آهي. جنهن ڪري جت هن کي وڌيڪ مار ڏيندو آهي.
اُٺ تي چاهي گهڻو بار رکجي يا ٿورو رکجي، هو ٻنهي حالتن ۾ پيو ڪُرڪندو آهي. اِن سان ملندڙ هڪ ٻيو پهاڪو آهي. اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، کَنڊ وجهه ته به رڙي. هيءُ پهاڪو اُن ماڻهو لاءِ ڪتب ايندو آهي، جيڪو مليل شيءِ تي شُڪُر نه ڪندو آهي. هوندي سوندي پيو شڪايتون ڪندو آهي.
ڪنهن قداور ماڻهوءَ سان ڪو ننڍي قد وارو گڏ هجي تڏهن چئجي. مطلب ته بي- ميل جوڙي آهي.
اُٺ ڄار جي وڻ جا پن گهڻي چاهه سان کائيندو آهي. اِن ڪري اُن جي بوءِ هُن جي وات ۾ رهجي ويندي آهي. ڪابه ڳالهه لڪائڻ تي به لڪي نه سگهي، اُن لاءِ ايئن چئبو آهي. ڀيٽيو: چور ڪي داڙهي ۾ تِنَڪا. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ۾ اِن مطلب کي ظاهر ڪرڻ لاءِ چون. چور جي ڏاڙهيءَ ۾ کنڀُ/ ڪک.
ڪنهن اُٺ چورايو ته اُن کي ننڍي جهوپڙيءَ ۾ نه لڪائي سگهندو. مطلب ته وڏي چوري لڪائڻ مشڪل آهي.
مطلب ته آزمودگار ماڻهو ٻن سيکڙاٽن کان وڌيڪ آهي.
يعني اُٺ تمام گهڻو بار (ڇهه ست مڻ) کڻي سگهندو آهي. ايترو وزن گڏهه نه کڻندو آهي.
مطلب ته اُٺ گهڻو بار ڍوئڻ تي هريل آهي. اِن ڪري اُن تان جيڪڏهن ڪجهه وزن گهٽايو ويو ته آرام پيو محسوس ڪندو.
اُٺڻي جيڪڏهن ڏهه ڪوهه ڊوڙي ٿي ته اُن جو ٻچو يعني توڏو يا ڪوانٽ تيرنهن ڪوهه ڊوڙي ويندو. جڏهن ننڍا وڏن کان اڳتي نڪري وڃن تڏهن چئجي.
اُٺ تي ويٺل سوارُ جڏهن ڪجائي يا پاکڙي ۾ ويٺو هوندو آهي ته هوُ اُٺ کي تيز هلڪلڻ لاءِ جيڪڏهن اُن کي لتون هڻندو آهي ته اُهي اُٺ تائين پهچي نه سگهنديون آهن. اُهي فقط اُنهن ڳوڻين کي لڳنديون آهن جن ۾ مال ڀري اُٺ جي مٿان رکيو ويو آهي. هن پهاڪي جو مطلب آهي ته ڪو ماڻهو جڏهن ڪنهن ڏاڍي مڙس سان پڄي نه سگهندو آهي ته پوءِ ڪمزورن يا ننڍن کي ڌمڪائي پنهنجو غصو ظاهر ڪندو آهي.
مطلب ته سسئي جڏهن ڀنڀور مان پنهونءَ جي ڳولها ۾ ريگستان ۽ جبلن ۾ پئي ڀٽڪي ته هوءَ پنهنجي منزل تي پهچي نه سگهي ۽ واٽ تي ئي مري ويئي. اِن تي ڪنهن چيو ته جيڪڏهن اُٺ تي سوار هجي ها ته پوءِ پنهنجي منزل تي پهچي سگهي ها. هيءُ پهاڪو سسئي پنهون جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي. هن جو ٻيو مطلب اِهو به آهي ته ڪمزور اِنسان کي جيڪڏهن مدد ملي ته پوءِ هوُ ڪامياب ٿيندو.
مطلب ته ڪنهن ڪم جي تياري ٿيندي ڏسي مزدور ماڻهو سوچيندو آهي ته اِهو ڪم هاڻي هُن جي مٿان ئي پوندو.
مطلب ته اِن جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي ته نقصان ڪيترو ٿيندو ۽ ڪنهن جو ٿيندو. هن پهاڪي جو بنياد اِن واقعي سان آهي ته اُٺ جي مٿان ٻورن ۾ ٽاڪُئون سامان رکيل هو. عام طور بيٺل اُٺ جڏهن زمين تي ويهندو آهي ته پهرين هڪ پاسي جُهڪي پوءِ زمين تي سڌو ٿي ويهندو آهي. اِن ڪري هُن جي مٿان رکيل سامان جي ڀڄي پوڻ جو گهڻو امڪان هوندو آهي. اهڙي حالت ۾ اُٺ جي مالڪ لاءِ اِهو سوچڻ مشڪل آهي ته اُٺ اول ڪهڙي پاسي جُهڪندو. جنهن به پاسي هُو جهڪندو ته اُن طرف جو سامان زمين سان ٽڪرائجي ڀڄي پوندو آهي. ڀيٽيو: ”ديکئي اُونٺ ڪِس ڪروٽ بيٺتا هئه.“
گهوڙو:
سڀني وهٽن ۾ گهوڙي جي سواري شاندار ليکي ويئي آهي. اُٺ جي ڀيٽ ۾ گهوڙي جي وڌيڪ خدمت ڪرڻي پوي ٿي ۽ اُن کي کاڌو پيتو به سٺي جنس جو ۽ گهڻو کپي. گهوڙي سان واسطو رکندڙ ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
ٽٽون يا خچر چابُڪ هڻڻ سان تيز هلندا آهن، پر تازي نسل جا گهوڙا اِشاري ڪرڻ سان ئي تيز رفتار سان ڊوڙندا آهن. مطلب ته سياڻو ماڻهو اِشاري سان ئي سمجهي ويندو آهي ۽ ٺيڪ ڪم ڪندو آهي. ڀيٽيو: ”گهوڙي ڪو لات، آدمي ڪو بات“. يا ”عاقلان را اِشارا ڪافي اَست“. مطلب ته سمجهدار کي اِشارو ڪافي آهي.
ڪل يعني نديءَ جي ڪناري تي پيدا ٿيندڙ هڪ قسم جو گاههُ آهي. جيڪڏهن گهوڙي اَنڌي آهي ته اُها بنا سوچ ويچار جي اَڳتي هلندي ويندي ۽ وڃي گاهه ۾ ڦاسندي.
جيڪڏهن تو وٽ گهوڙو آهي ته پوءِ گهر پهچڻ ۾ ڪيتري ديري لڳندي؟
هوُ ڪشيا تان رسيا، هُو نِيان تان چٽُ.
گهوڙي جو لغام ڇڪي اُن کي هلڻ جو اِشارو ڪريو ته هو تيز رفتار سان ڊوڙي وڃي منزل تي پهچائيندو. ساڳيءَ طرح مُلا کي ڀت کائڻ جي دعوت ڏيو ته هوُ هڪدم سمورو ڀتُ کائي ختم ڪندو.
مطلب ته ڪنهن سنڀال نه ڪئي ۽ بيمار ٿي پيو ته اُهو جهٽ ڊهي پوندو. يعني بيماري گهوڙي وانگر تيزيءَ سان اچي ماڻهوءَ کي جلد ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي. پر اُها جونئن جي رفتار سان آهستي آهستي وڃي ٿي. مطلب ته بيمار ٿيڻ تي ماڻهو دارون ڪرڻ سان آهستي آهستي ٺيڪ ٿي سگهندو آهي.
هو پاڻ ته غريب آهي، پر سَڌوُن ڪري ٿو گهوڙا خريد ڪرڻ جون. مطلب ته پنهنجيءَ حيثيت کان وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي اُميد ڪري ٿو. ڀيٽيو: ”لڀيس لوڻڪ به ڪانه، سَڌوُن ڪري مريري جون.“ يا ”پائي ناهي پلي، مارئي جي مُڇ پيئي هلي“. هنديءَ ۾ اِنهيءَ مطلب کي ڏيکاريندڙ پهاڪو هن ريت آهي: ”گهر ۾ نهين داني، اَما چلي ڀُناني.“
تون فارسي سکُ ته پوءِ توکي سُٺي نوڪري ملندي. عملدارن وانگر گهوڙي تي چڙهي گهمندين. هيءُ اُن زماني جو پهاڪو آهي، جڏهن مسلمان حاڪمن جي راڄ ۾ فارسي ٻوليءَ جو بول بالا هو ۽ سمورو سرڪاري ڪاروبار فارسيءَ ۾ هلندو هو.
مطلب ته جيڪڏهن گهوڙو چڱيءَ طرح گاهه ۽ چارو نه ٿو کائي ته اُهو ڪمزور ٿي پوندو. جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ زال گهڻو کاڌو کائيندڙ يا پيٽوڙي آهي ته اُها به اَڻ وڻندڙ ڳالهه آهي.
گڏههُ:
اُٺ ۽ گهوڙي وانگر گڏههُ به بار ڍوئڻ لاءِ گهڻو ڪم ايندو آهي. ڪٿي ڪٿي گڏهن کي گاڏيءَ ۾ ٻڌي به بار ڍوئڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن. اِن ڪري سنڌيءَ ۾ ”گڏهه گاڏو“ هڪ محاورو ٺهي پيو آهي. اِن جو مطلب آهي. تمام آهستي هلندڙ گاڏي. بيوقوف يا مورک ماڻهوءَ جي ڀيٽ اَڪثر گڏهه سان ڪئي ويندي آهي. گڏهه کي کَرُ يا خرُ1 به چئبو آهي. جنهن تان کَرُمغز يا کردماغ لفظ ٺهيا آهن. اِنهن جي معنيٰ آهي: بيوقوف، مغرور، هوڏي. گڏهِه جي ماديءَ کي گڏهه ۽ اُن جي ٻچي کي کودڙو چئبو آهي. گڏهه تي ٺهيل ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
يعني گڏهه کي جيڪڏهن جوَنِ جي ڍير جي سنڀال لاءِ رکبو ته اُهي سلامت نه بچندا. ڇاڪاڻ ته گڏههُ جَوَ کائڻ کان رهي نه سگهندو. ساڳيءَ طرح اهڙي ماڻهوءَ کي سنڀالڻ جو ڪو ڪم ڏجي جيڪو هو پاڻ هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو ته اُن مال جي سنڀال ٺيڪ طرح سان نه ٿي سگهندي.
مطلب ته جيڪو بدصورت آهي، اُهو ڪيترو به هار سينگار ڪندو ته اُهو سهڻو ڪونه ٿي سگهندو. ڀيٽيو: ”گڌا ڌوني سي ڀي بَڇڙا نهين هوتا.“ يا ”ڪوا هويه نه اُوجلا، سؤ من صابن لائه“.
مطلب ته گڏهه کي ڪيترو به گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوئجي ته اُن جو ڪوبه فائدو ڪونهي. ساڳيءَ طرح نيچ اِنسان سان ڪيتري به ڀلائي ڪرِ ته به هوُ بي شڪر ئي رهندو.
سانوڻ جي مهيني ۾ برسات پوڻ ڪري گهڻو گاهه ٿيندو آهي، پر گڏهه هينگُن ڏيڻ ۾ ئي پنهنجو وقت وڃائيندو آهي ۽ گاهه کائڻ جو لاڀ نه وٺندو آهي.
يعني ڪنهن بيوقوف يا بدمعاش اِنسان ۾ جيڪڏهن ڪو ڪم اَٽڪندو آهي ته مجبوريءَ سببان هُن جي خوشامند ڪرڻي پوندي آهي.
جيڪڏهن ڪنهن نالائق ماڻهوءَ کي سُٺي شيءِ ڏبي ته اُن جو قدر نه ٿيندو.
ساٽيءَ کي سورُ ٿيو ته هُن پنهنجي گڏهه کي ڏنڀ ڏياريا. مطلب ته تڪليف هڪڙي کي ٿئي ته سزا ٻئي کي ملي، ڀيٽيو: ”ڌوبي ڪا بس نه چلي تو گڌي ڪا ڪان ڪاٽي“.
مطلب ته جيڪڏهن هرڪو پاڻ کي وڏو ماڻهو سمجهندو ته پوءِ رواجي ڪم به پورو ٿي نه سگهندو. ڀيٽيو: ”آئون به راڻي، تون به راڻي، ته ڪير ڀري پاڻي؟“
يعني مار کائڻ سان گڏهه به سڌو ٿي بار ڍوئڻ جو ڪم ڪندو.
مطلب ته ضرورت پوڻ تي گهٽ درجي جي شيءِ به واپرائڻي پوي ٿي. ڀيٽيو: ”بُک ۾ بصر به مِٺا“.
ننڍا جانور:
نوريئڙو (گلهري)، نورُ (نيولا)، سهو (خرگوش)، ڪوُئو، ڳوهه، سانڊو، اِهي ننڍا جانور يا ساهوارا آهن. اِنهن تي به سنڌيءَ ۾ ڪجهه پهاڪا ٺهيل آهن. اُنهن مان ڪِن تي ٺهيل پهاڪا هن ريت آهن:
ڪو ماڻهو گهڻو ڀٽڪندو رهي يا لههُ چڙههُ ڪري تنهن لاءِ اها چوڻي ڪتب ايندي آهي.
جڏهن ڪو ماڻهو پهري سجاڳ هجي ۽ هن جو دشمن کيس نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري، تڏهن چئبو آهي. هيءُ پهاڪو هڪ آکاڻيءَ تي بيٺل آهي. هڪ ڏائڻ ڪنهن نوريئري کي لالچائي پنهنجي گهر وٺي آئي. اڌ رات جو هُو ڪاتي کڻي نوريئڙي کي ماري کائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر ٻئي طرف نوريئڙو به سمجهي ويو ته هيءَ ڏائڻ مون کي کائڻ چاهي ٿي. ان ڪري هوُ سڄي رات نه سمهيو. پوءِ صبح جي وقت وجهه وٺي ڀڄي ويو.
مطلب ته جڏهن ڪو چوري ڪري ۽ پوءِ اها قبول نه ڪري تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي. ڪنهن ماڻهوءَ شڪار ۾ هڪ سهو ماريو ۽ اُهو گهر آڻي پنهنجي بورچيءَ کي ڏنائين ته اهو پچائي کڻي اچ. بورچي سهو پچائڻ لڳو، پر کيس اهو ايترو ته پسند آيو جو اُن جي هڪ ٽنگ پاڻ کائي ويو ۽ باقي سهو آڻي پنهنجي مالڪ اڳيان رکيائين. مالڪ جڏهن ڏٺو ته هن کي فقط ٽي ٽنگون آهن ته هُن بورچيءَ کان پڇيو ته باقي هڪ ٽنگ ڪيڏانهن ويئي؟ اُن تي بورچيءَ جواب ڏنو ته سائين، سهو منڊو هو. هُڻ کي فقط ٽي ٽنگون هيون. اهڙيءَ طرح پنهنجي ضد تي قائم رهيو، پر پنهنجي چوري قبول نه ڪيائين.
مطلب ته ڪنهن کي ٿوري شيءِ ملي ۽ اُن تي غرور ڪري تڏهن چئجي.
مطلب ته گهڻي محنت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن رواجي نتيجو نڪري يا ٿورو ڦَلُ ملي تڏهن چئبو آهي. ڀيٽيو: ”کودا پهاڙ، نڪلي چُهيا، وه ڀي مري هوُئي.“
مطلب ته ڏوههُ ڪو هڪ ڪري ۽ مار ٻئي تي پوي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي.
مطلب ته هوا جي جهُوٽي کي روڪي نه ٿو سگهجي.
ڀيٽيو: ”جب گيدڙ ڪِي موت آتي هئه تو وهه شهر ڪِي طرف ڀاگتا هئه.“
ڀيٽيو- ”گرگٽ ڪِي طرح رنگ بدلتا هئه.“
يعني قلعي جي ڀِت تي چڙهڻ لاءِ ماڻهو ڳوهه جو استعمال ڪندا آهن.
ان طرح ڳوهه ماڻهن کي مٿي قلعي جي ديوار تي پهُچائڻ ۾ ئي ٻيئي ڳهندي آهي.
جهنگلي جانور:
جهنگلي جانورن تي سنڌيءَ ۾ ڪافي پهاڪا ملن ٿا، جن ۾ ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
شينهن:
شينهن هڪ خطرناڪ جانور آهي. اُهو ٻڪريءَ جهڙن ڪمزور جانورن جو شڪار ڪري اُنهن کي ماري کائي ڇڏيندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن نديءَ جي گهاٽ تي شينهن ۽ ٻڪري گڏ پاڻي پيئن ته چئبو ته اُتي تمام گهڻو امن جو ماحول آهي. ايتري قدر جو شينهن جو تشدد ڪرڻ وارو سڀاءُ ختم ٿي ويندو آهي ۽ ٻڪري به اُنهيءَ کان نه ٿي ڊڄي.
مطلب ته ٻه طاقتور ماڻهو هڪ ئي هنڌ نه رهي سگهندا.
مطلب ته ٻن طاقتور ماڻهن جي لڙائيءَ ۾ ڪمزورن کي نقصان پهچي ٿو.
يعني ڪنهن طاقتور سان ڄاڻي ٻجهي کؤنس نه ڪجي.
يعني ماڻهو ڪيترو به پُرتشدد ۽ طاقتور ڇونه هجي، پر هُو پنهنجن مائٽن کي ضرور پيار ڪري ٿو.
يعني جيڪڏهن تو شينهن کي نه ڏٺو آهي ته ٻليءَ کي ڏس. ٻنهي جي شڪل ۽ صورت هڪجهڙي هوندي آهي. جيڪڏهن تو ڪنهن چور کي نه ڏٺو آهي ته سوناري کي ڏس. هو گراهڪ جي سون مان ڪجهه نه ڪجهه چوري ضرور ڪندو آهي.
مطلب ته طاقتور يا وڏي عهدي واري شخص جي ڪير به گهٽتائي ظاهر نه ڪندو آهي.
هاٿي:
هاٿي سڀني جانورن ۾ قداور ۽ ٿلهو متارو جانور هوندو آهي، هن کي ماڻهو بار ڍوئڻ جي ڪم به آڻيندا آهن. هاٿيءَ تي ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
هيءَ چوڻي اِن ڪري ٺهي آهي جو هاٿيءَ جي مرڻ کان پوءِ هُن جا ڏند ۽ هڏا عام طور ڪم ايندا آهن. جنهن مان سُهڻيون قيمتي شيون، مورتيون ۽ مجسما وغيره ٺاهيا ويندا آهن.
ڪنهن فوج ۾ جيڪڏهن ڪو هاٿي انڌو آهي، ته پوءِ هيڏانهن هوڏانهن پيو ڀڄندو ۽ ڊُڪندو. اِن حالت ۾ هو پنهنجي ئي طرف واري لشڪر کي نقصان پهچائيندو آهي.
هاٿيءَ جا ٻه ڏند ٻاهر نڪتل هوندا آهن، جيڪي نظر پيا ايندا آهن. انهن سان هو کائڻ جو ڪم نه ڪندو آهي. پر کائڻ لاءِ هو وات ۾ اندر جيڪي ڏاٺون آهن، اُهي ڪتب آڻيندو آهي. ڪو ماڻهو ٻاهران هڪڙو وهنوار ڪري ۽ اندريان هن جي ذهن ۾ ٻي ڳالهه هجي، تنهن لاءِ هيءُ پهاڪو چئبو.
مطلب ته ڌڻي سائين گهڻو کائيندڙ ۽ تمام گهٽ کائيندڙ جاندارن لاءِ اناج مُيسر ڪري ڇڏيو آهي.
انسان جو منُ، بَيهڻ جا ڪين آهن.
مطلب ته اهي سڀ چنچل آهن ۽ هميشه پيا لڏندا آهن. انسان کي به جيترو گهڻو ملندس اوترو وڌيڪ پائڻ جي آس ڪندو.
سوُئر:
سوئر کي سنڌيءَ ۾ مروُن به چوندا آهن. هن کي تمام گندو جانور ليکيو ويو آهي، جيڪو گند ۽ ڪرفتي به کائيندو آهي. اِن ڪري عام طور اُن جو گوشت کائڻ سٺو نه مڃيو ويندو آهي. مسلمان اِن جانور کي پليت يعني غليظ ۽ حرام ڪري ليکيندا آهن. اِن تي ڪجهه چوڻيون هن ريت آهن:
مطلب ته هندو گانءِ کي پوتر جانور سمجهي هُن جي پوڄا ڪندا آهن ۽ کيس ڳئون ماتا چوندا آهن. اِن ڪري ڳئون جو گوشت کائڻ پاپ سمجهندا آهن. ٻئي طرف مسلمان سوُئر کي ناپاڪ مڃي ان جو گوشت نه کائيندا آهن.
سوئر پنهنجو ڪنڌ ڦيرائي نه سگهندو آهي. گهڻو ڪري پنهنجي ڳچي سڌي رکندو آهي. اِن طرح جيڪو ماڻهو مغرور هجي يا تڪبر ڪندو آهي، تنهن جي ڀيٽ به سوئر سان ڪندا آهن.
بگهڙ:
اهو جانور بدني بيهڪ ۾ ڪُتي سان وڌيڪ مشابهت رکندڙ آهي. سنڌ ۾ ڪوهستان واري علائقي ۾ بگهڙ گهڻا هوندا آهن. هو ماڻهوءَ کي اڪيلو ڏسي اُن جي مٿان حملو ڪندا آهن. بگهڙ جي ماديءَ کي بگهاڙي چئبو آهي.
هيءُ چوڻي اِن حقيقت طرف ڌيان ڇڪائي ٿي ته بگهڙ جو وات چپ ۽ وات جو اندريون حصو هميشه ڳاڙها هوندا آهن.
مطلب ته ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي سنڀال جو ڪم ڏيڻ جيڪو اُن شيءِ کي گهڻو چاهيندڙ هجي. اِن ڪري اُن سان هميشه خطرو هوندو آهي. ڀيٽيو: ”جَوِ ڍيري، گڏهه رکپال.“ رڍن جي ڌڻ ۾ جي بگهڙ هوندو ته اُهو وجهه وٺي هڪ هڪ رڍ کي ضرور ماري کائيندو.
مطلب ته هوُ بلڪل ڪوڙو آهي. مٿسِ ويساهه ڪرڻ نه گهرجي. هيءُ پهاڪو ٻارن جي هڪ آکاڻيءَ تي ٺهيل آهي. هڪ ڇوڪرو جهنگ ۾ وڃي زور زور سان واڪا ڪرڻ لڳو ته بگهڙ ڙي بگهڙ. مون کي بچايو. اِن تي ڳوٺاڻا لٺيون کڻي هُن جي بچاءُ لاءِ جهنگ طرف ڊوڙي ويا. اُن تي اُن ڇوڪري کِلي چين ته مون فقط اوهان جو آزمودو ٿي ورتو ته اوهان مون کي بچائڻ لاءِ اچو ٿا يا نه؟ اِن طرح اُن نينگر ٻه ٽي دفعا ساڳيءَ طرح ڪُوڙا واڪا ڪيا. پر هڪ دفعي سچ پچ هڪ بگهڙ اُن ڇوڪري وٽ اچي پهتو ۽ هن تي حملو ڪيائين. اِن تي ڇوڪر گهڻي ئي واڪا ڪيا، پر ڳوٺاڻن سمجهيو ته هُو اڳي وانگر ڪوڙا واڪا پيو ڪري. اِن طرح بگهڙ هُن ڇوڪر کي ماري کائي ڇڏيو.
گدڙُ:
گدڙ به ڪُتي جي قد جو هڪ جهنگلي جانور آهي، جيڪو تمام گيدي ۽ ڊڄڻو هوندو آهي. هو گهڻو ڪري ڪنهن ڳوٺ يا بستيءَ جي ويجهو رهندو آهي. رات جي وقت وجهه وٺي بستيءَ مان مرغيون، سها، ۽ ٻيا ننڍا جانور ماري کائڻ لاءِ کڻي ويندو آهي. گيدي ماڻهن جي ڀيٽ گهڻو ڪري گدڙ سان ڪئي ويندي آهي. گدڙ تي بيٺل ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به گهربل شيءِ ملي نه سگهي ته پوءِ هُو چوندو آهي ته اِها سٺي ناهي. اِن ڪري مون کي نه کپي. هيءُ پهاڪو هڪ ٻاراڻي آکاڻيءَ تي ٺهيل آهي. هڪ باغ ۾ گدڙ ڊاک جا ڇڳا منَهه ۾ لٽڪندا ڏٺا. هُن جي دل ٿي ته اُنهن مان ڪجهه ڇِني ڪري ڊاک کائجي. گدڙ گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ ٽپا ڏنا، پر هُو ڊاک تائين پهچي نه سگهيو. نيٺ ٿڪجي پيو. پوءِ چوڻ لڳو ته اِها ڊاک کٽي آهي، مون کي ڪانه کپي. ايئن چئي نااُميد ٿي هُتان هليو ويو.
مطلب ته سنڌ تي حملا ڪندڙ ايترا طاقتور هئا، جن سان سنڌي ماڻهو پڄي نه سگهيا.
يعني ڪوڙي ڌمڪي ڏيڻ. جنهن سان ٻئي ماڻهوءَ تي ڪوبه اثر نه ٿئي.
ڀيٽيو: ”گدڙ وانگر ڳُئي ڇڪي تي رکڻ.“
گدڙ ڳوٺ طرف يا وسنديءَ ۾ ويندو ته ماڻهو اُن کي لٺيون هڻي ماري ڇڏيندا. ڇاڪاڻ ته هو وسنديءَ مان اڪثر ننڍا جانور لِڪ چوري کڻي وڃي کائيندو آهي.
هيءُ پهاڪو هِن حقيقت تي ٻڌل آهي ته جيڪڏهن هڪڙي گدڙ ڪوڪڻ شروع ڪيو ته ٻيا به اونائي اُن جو ساٿ ڏيندا آهن. اِن طرح ڪو ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن خراب ڪم ۾ هڪ ٻئي کي ساٿ ڏين، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
باندر يا ڀولڙو:
باندر عام طور تي جهنگلي جانورن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. پر اُهو شهرن ۽ وسندين ۾ به کاڌي جي ڳولا ۾ هليو ايندو آهي ۽ گهرن ۾ گهڙي کاڌو کڻي ويندو آهي. باندر پنهنجي چنچلتا جي ڪري گهڻا مشهور آهن. اُنهن جا الڳ الڳ قسم آهن. ننڍن باندرن کي مداري پالي اُنهن کان ناچ ڪرائي روزي روٽي ڪمائيندا آهن. باندر نقل ڪرڻ ۾ به گهڻا هوشيار آهن. اِنهن کي سنڌيءَ ۾ ڀولڙو يا ڀولو به چئبو آهي ۽ ماديءَ کي باندري يا ڀولڙي سڏبو آهي. جسماني بيهڪ جي خيال کان باندر اِنسان ذات جي وڌيڪ ويجها آهن. اُهي پنهنجي ٻن پويُن ٽنگن تي ماڻهن وانگر بيهي ڪري هلي سگهن ٿا. اِن تي ڊاروَن جو نظريو مشهور آهي ته اِنسان جو ارتقا جانورن مان ٿيو آهي. باندر تي ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
مطلب ته هرڪو ماڻهو پنهنجي زال کي پيار ڪندو آهي.
اَدرڪ جي استعمال سان ڀاڄي يا ٻيو کاڌو لذيذ ٿئي ٿو. اَدرڪ صحت لاءِ به سٺي شيءِ آهي، جو اُها وائي سور کي ماري ڇڏيندي آهي. اهڙي سوادي شيءِ جي باندر کي ڪهڙي پرک؟
يعني موتين جي مالا جيڪڏهن باندر کي پارائجي ته اُن جو قدر هن کي ڪونه ٿيندو، هو مالا کي ڇِني داڻا الڳ ڪري ڦٽا ڪري ڇڏيندو.
مطلب ته مداري ڀولڙي کي نچائڻ مهل لٺ جو اِشارو ڪري يا کيس ماري نچائيندو آهي. اِن طرح مار ته ويچاري ڀولڙي تي پوندي آهي، پر تماشائي باندر جو ناچ ڏسي پئسا مداريءَ کي ڏيندا آهن. جڏهن هڪ جي محنت جو لاڀ ڪو ٻيو کڻي وڃي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.
هرڻ ۽ ڦاڙهو:
هرڻ پنهنجي چنچل طبع ۽ ڊُڪڻ جي تيز رفتار جي ڪري مشهور آهي. ادب ۾ هرڻيءَ جي اکين جي خوبصوتيءَ جي گهڻي ساراهه ڪيل آهي. مرگهنيَني يعني هرڻ وانگر چنچل ۽ سندر اکين واري ناري يا نايڪا جو ذڪر ڀارتي ادب ۾ گهڻو ملي ٿو. هرڻ جي ئي ذات جو ۽ قد ۾ ڪي قدر ڊگهو ٻيو جانور آهي. ڦاڙهو، جنهن کي ٻارنهن سِڱ (بارهه سينگا) به چوَن. اِنهن جانورن تي ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
يعني هرڻيءَ چنچل سُڀاوَ جي آهي. هوُ گهڻو ڪري پيئي ٺينگ ٽپا ڏيندي آهي. اُن کي جيڪڏهن ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌبي ته اُن جو وڄڻ جي آواز تي هُو وڌيڪ ٽپا ڏيندي آهي. ڪو ماڻهو اڳي ئي شرارتي ۽ شيطان هجي ۽ وري کيس ڪنهن ٻئي جي هُشي ملي وڃي ته هُو پوءِ اڃا به وڌيڪ شرارتي ٿيندو.
هيءُ جانور گهڻو کائيندڙ ۽ لالچي آهي. جيڪڏهن ڪٿي گهڻو کاڌو ملي ويس ته پوءِ اُهو سمورو کائي آڦرجي پوندو. ايتري قدر جو اُتي ئي مري ويندو.
هيءُ پهاڪو گهڻو ڪري اهڙي شخص کي ٽوڪ وچان چئبو آهي، جيڪو ڪم ڪري سگهڻ جي طاقت نه رکندو آهي، پر اِن هوندي به هو ٻٽاڪ پيو هڻندو آهي ته مان وڏا ۽ مشڪل ڪم به پورا ڪري سگهندو آهيان.
گهرُو جانور
گهڻائي ماڻهو ڪي جانور پنهنجن گهرن ۾ شوق وچان پاليندا آهن. اُنهن ۾ ڪتو ۽ ٻلي مکيه آهن. ڪتو پنهنجي وفاداريءَ ڪري مشهور آهي. هوُ هر وقت گهر جي چوڪيداري به ڪندو رهي ٿو. ساڳيءَ طرح ٻلي به وندر جو ذريعو آهي ۽ اُن کي گهر ۾ پالڻ سان ڪوُئن جو آزار نه ٿيندو آهي. اِنهن جانورن کي پالڻ جو گهڻو رواج يورپي ملڪن ۾ آهي. برفاني ملڪن ۾ هڪ ذات جا ڪتا برف ۾ دٻجي ويل اِنسانن کي به ڳولي لهڻ جي طاقت رکندا آهن. ساڳيءَ طرح ڪتن ۾ سنگهڻ جي به غير رواجي طاقت هوندي آهي، جنهن ڪري پوليس کاتي وارا اِنهن ڪتن کي پالي، اُنهن کان ڏوهارين کي ڳولهي ڪڍڻ جو به ڪم وٺندا آهن. هتي انهن جانورن بابت ڪجهه سنڌي پهاڪا ڏجن ٿا:
ڪتو:
يعني غلط ۽ ڏوهه جو ڪم به ڪيو، پر ڪجهه به فائدو نه ٿيو.
يعني جيڪڏهن ڪو اِنسان بک وِگهي مرندو هجي ته لاچاري حالت ۾ جيئڻ لاءِ جيڪڏهن هُن ڪتو کاڌو ته کيس اِهو ڏوهه معاف آهي. عام طور ڪتي جو گوشت کاڌي جي ڪم نه ايندو آهي. ڀيٽيو: ”لاچار کي ڪهڙو آچار؟“
ڪنهن دانگيءَ ۾ رٻ پيئي هئي. ڪتو اُها کائڻ لاءِ اُتي آيو، پر دانگيءَ جو منهن سوڙهو هو. اِن ڪري ڪتو رٻ کائي نه سگهيو. ٻئي طرف دانگيءَ تي لڳل ڪاراڻ سان ڪتي جو منهن ڪارو ٿي ويو. مطلب ته ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به ڪو ڪامياب نه ٿئي ۽ اُلٽو کيس نقصان ٿئي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.
مطلب ته ڪنهن گهٽ ذات واري کي جيڪڏهن ڪا سُٺي شيءِ ڏجي ته اُهو اُن جو قدر نه ڪندو. ڀيٽيو: ”گڏهه ڇا ڄاڻن گيهرن مان“؟
جيڪو ماڻهو سڀني طرفن کان بيڪار ثابت ٿئي، تنهن لاءِ چئجي.
مطلب ته جيڪو ڪنهن ڪم ۾ تڪڙ ڪري ٿو، ته اُن جو نتيجو سٺو نه نڪري. اِن ڪري هر ڳالهه ۾ ڌيرج کان ڪم وٺجي.
مطلب ته هڪ پاڙي جو ڪتو ٻئي پاڙي واري يا ڌارئي ڪتي کي پيو ڀونڪندو آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي ذات ڀائين يا مائِٽن سان پيو وڙهي، تنهن لاءِ هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
مطلب ته بُرو اِنسان پنهنجي عادت موجب برو ڪم ڪرڻ کان باز نه ايندو.
جيڪو ڪتو ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي پيو ڀونڪندو آهي ته اُهي ماڻهو اُنهيءَ ڇتي ڪتي جي مالڪ کي پِٽيندا آهن، جنهن کيس پاليو آهي.
يعني ڇتو ڪتو جنهن کي چڪ پائيندو آهي ته ٻيا ماڻهو اُنهيءَ چڪ واري هنڌ تي جتيون هڻندا آهن ته جيئن اُن جو زهر نه ڦهلجي. جنهن ماڻهوءَ اڳي ئي ڀوڳيو آهي، تنهن کي وري وڌيڪ ڀوڳڻو پوي. تڏهن هيءُ پهاڪو چئجي.
فقير جڏهن رستي تان لنگهندا آهن ته کين ڪتا ڀونڪندا آهن، پر هوُ ڪتن طرف ڪوبه ڌيان نه ڏيندا آهن. جيڪو ماڻهو ٻين بُرن اِنسانن جي پرواهه نه ڪري، اُنهن لاءِ چئجي.
مطلب ته ستي چکيا (باهه) ۾ پاڻ کي جلائڻ کان سواءِ جيڪڏهن واپس هلي اَچي ته اُن جي سڄي سماج ۾ بدنامي ٿيندي آهي. هِن پهاڪي جو بنياد ’ستيءَ جي رسم‘ تي ٻڌل آهي. اڄ ڪالهه اِهو رواج گهڻي قدر بند ٿي چڪو آهي.
هتي اُماڙي جو مطلب آهي جلندڙ ڪاٺي. ڪنهن ماڻهو جلندڙ ڪاٺيءَ سان ڪتيءَ تي حملو ڪيو ته هوءَ باهه جي گرمائش ۽ روشنيءَ کي ڏسي ڀڄي ويئي. پوءِ اُن کي روشنيءَ سان ايترو ته ڊپ لڳو جو آسمان ۾ تارا ڏسي به ڊڄي پئي ويئي. ڀيٽيو: ”دوڌ ڪا جلا ڇاڇ ڀي ڦوڪ ڪر پيتا هئه.“
ٻلي:
گهڻن ئي گهَرن ۾ ٻليءَ کي پاليو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اُها گهروارن کي ڪوئن جي آزار کان بچائيندي آهي. مطلب ته جنهن گهر ۾ ٻلي هوندي ته ڪوئا اُن گهر مان ڀڄي ويندا آهن. ٻليءَ جي نر کي ٻِلو چئبو آهي. ٻليءَ تي ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
هن پهاڪي جو بنياد ٻارن جي هڪ آکاڻيءَ تي ٻڌل آهي. هڪ ٻُڍي ٻلي ڪوئن سان گڏ حج ڪرڻ ويئي، پر پنهنجي عادت موجب اُها ڪوئن کي ماري کائيندي پئي ويئي. ساڳيءَ طرح ڪو برو اِنسان جڏهن نيڪ بڻجڻ جو بهانو ڪري ۽ وري برا ڪم ڪندو رهي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئجي.
ٻليءَ کي ڇِڇِر کائڻ ۾ گهڻو مزو ايندو آهي. اِن ڪري جيڪڏهن ڪنهن هنڌ ڇڇڙ نه هُجن، پر ٻلي پنهنجي ذهن ۾ اهو سمجهي ته اِتي ڇڇڙ ملندا. اِن ڳالهه طرف هِن ۾ اِشارو ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح ڪو ماڻهو تصور ۾ اهڙي ڳالهه سوچي جيڪا اُتي آهي ئي ڪانه، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب اچي.
مطلب ته ڇڪي ۾ ڪا کاڌي جي شيءِ رکي هئي. ٻلي گهڻيئي ٽپا ڏنا ته اُها شيءِ کاوان. پر هو ڇڪي تائين پهچي نه سگهي. اِتفاق سان ڇڪي جي نوڙي ٽُٽي پيئي ۽ ڇِڪو اچي پَٽ تي ڪريو. پوءِ ته ٻليءَ اُن ۾ رکيل دِل پسند شيءِ کائي ڍءُ ڪيو. جڏهن ڪنهن اِنسان کي ڪا شيءِ ملڻ جي اُميد نه هجي، پر اُها اوچتو ڪنهن سبب ڪري کيس ملي وڃي، تڏهن چئجي.
يعني ڊڄڻي ٻلي ڪُوئي کان به پئي ڊڄندي آهي.
ٻليءَ شينهن کي شڪار ڪرڻ سيکاريو، پر کيس وڻ تي چڙهڻ نه سيکاريائين. شينهن جڏهن سِکي ويو ته هُن ٻليءَ تي حملو ڪيو. اِن تي ٻلي هڪ دم ٽپ ڏيئي وڻ تي چڙهي ويئي. شينهن ويچارو ڏسندو ئي رهجي ويو. ڪو اِنسان جڏهن ٻئي کي ڪجهه سيکاري ۽ موٽ ۾ اُهو ٻيو اِنسان کيس نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.
انڌا کاڌو کائي آيا. هوُ جڏهن کائڻ ويٺا ته ڪي ٻلا به اُتي اچي پهتا. اُهي به اُن کاڌي مان کائڻ لڳا. پر انڌن کي اِنهيءَ جي ڄاڻ نه پيئي. جڏهن هڪ جي محنت جو فائدو ڪو ٻيو کڻي وڃي، تڏهن چئجي.
مطلب ته ٺاٺاري جي دُڪان تي ويٺل ٻِلي آهي، جيڪا اُتي ٿيندڙ ٺڪ ٺڪِ جي آواز تي هِري ويئي آهي. اهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالهه تي هِري وڃي اُن لاءِ هيءُ پهاڪو آهي.
مطلب ته شروعات ۾ ئي پنهنجو روعب ڏيکارجي ته پوءِ ٻيا ماڻهو هميشه هُن کان ڊڄندا رهندا ۽ هُن جو حڪم مڃيندا. هن پهاڪي جو بنيادُ هڪ آکاڻيءَ تي بيٺل آهي. ڪنهن ماڻهوءَ شادي ڪئي ۽ پهرينءَ رات جو ئي هن ڪوڙ ڪري ڀرسان لنگهندڙ ڪنهن ٻليءَ کي اهڙو ته زور سان ڏنڊو هنيو جو اُها ٻلي اُتي جو اُتي مري ويئي. اِن واقعي کي ڏسي سندس زال تمام ڊڄي ويئي. هُن سمجهيو ته منهنجو گهوٽ تمام غصي وارو آهي. پوءِ اُها سڄي عمر پنهنجي گهوٽ جي چئي ۾ رهندي هئي.
ڀيٽيو: ”ميري بلي اور مُجهه سي هي ميائون“. مطلب جنهن شخص کي ڪنهن سيکاريو آهي، اُهو سکڻ کان پوءِ اُن شخص سان ئي وڙهڻ اچي، تڏهن چئجي.
مطلب ته ٻلي کائڻ وقت لالچ ڪري گهڻو کاڌو کائي ويندي آهي. پوءِ کيس جڏهن دست لڳندا آهن، تڏهن گهڻو کائڻ تي پڇتائيندي آهي.
پاڻيءَ جا جانور:
گهڻي اهڙا ساهوارا آهن، جيڪي پاڻيءَ ۾ رهن ٿا، اُتي ئي سڄي زندگي گذارين ٿا ۽ اُتي ئي مري وڃن ٿا. اُنهن تي ٺهيل پهاڪن جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
مڇيون:
مطلب ته جيڪڏهن هڪ ماڻهو خراب آهي ته هوُ پنهنجن سڀني ساٿين کي به بدنام ڪري ڇڏي ٿو.
يعني جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ ڳنڍ ۾ ناڻو آهي ته پوءِ مهانگي شيءِ به خريد ڪرڻ ۾ کيس رُڪاوٽ نه ايندي. پر جيڪڏهن وٽس پئسا نه آهن ته سستي شيءِ به کيس مهانگي لڳندي.
مطلب ته ڪا شيءِ ماڻهو پاڻ وٽ سانڍي رکي ۽ وقت تي اُن جو لاڀ وٺي تڏهن چئجي.
مطلب ته جن شاهوڪاريءَ جي وقت سٺو مال کاڌو آهي، اُنهن کي ٿوري به مصيبت اچڻ تي گهڻي پريشاني محسوس ٿيندي آهي.
مطلب ته تمام گهڻو گوڙ لڳل آهي.
مهاڻا ته شڪار ڪري مڇيون ماري گذران ڪن ٿا، پر ٻئي طرف اِهو مڇين جي لاءِ، موت ثابت ٿئي ٿو. ڀيٽيو: ”مرُوئان مؤت، ملوڪان شِڪار“.
مطلب ته نديءَ يا سمنڊ ۾ مڇيون ڦاسائڻ لاءِ جڏهن مهاڻو ڄار وجهي ٿو ته اُن ۾ گهڻيئي مڇيون ڦاسي وڃن ٿيون، پر جڏهن هُو ڄار کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿو، تڏهن ان جي سوراخن مان گهڻيئي ننڍيون مڇيون کسڪي ٻاهر نڪري وڃن ٿيون.
پلو گوڏا کوڙي کاءُ.
سنڌ جي علائقي ۾ سنڌونديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ پلو تمام سوادي ٿيندو آهي. اُن جي ساراهه ۾ هيءَ چوڻي ٺهيل آهي.
يعني جيڪو ماڻهو ڄائي ڄم کان وٺي فطري طرح هنر يا فن ڄاڻي ٿو، ان کي وڌيڪ ٻيو ڇا سيکاربو؟
واگهُو (واڳوُن):
مطلب ته سڄو ڏينهن پيو وهي ۽ محنت ڪري.
يعني زوراور ۽ ڏاڍي ماڻهو جي ڀر ۾ رهي، ان سان جيڪڏهن دشمني ڪبي ته اُن مان پاڻ کي ئي نقصان رسندو. ڀيٽيو: ”جل ۾ رهه ڪر مگر سي بئر.“
مطلب ته ڪوڙو دُک ظاهر ڪرڻ.
ڏيڏرُ:
يعني کوهه جي ننڍي دائري ۾ رهندڙ ڏيڏري جيڪڏهن آسمان ڏانهن نهاريندي ته ان کي اُڀ جو فقط ٿورو ئي حصو نظر ايندو، پر هوءَ ايئن ٿي سمجهي ته اُڀ جو دائرو ايترو ئي آهي، جيترو اُن کي نظر اچي ٿو، پر اِها حقيقت نه آهي. ساڳيءَ طرح ٿوري ڄاڻ رکندڙ جيڪڏهن پاڻ کي عظيم عالم سمجهي ته اُهو به کوهه جي ڏيڏر وانگر آهي. هن پهاڪي جو بنياد سنسڪرت جي سماس ”ڪُوپَ- مَڻڊُوڪَ“ (کوهه جو ڏيڏر) تي بيٺل آهي.
ڪَڇُئون:
يعني ڪڇئون تمام ڌيمي چال سان هلندو آهي. ڪو ماڻهو جيڪڏهن تمام آهستي هلي يا ڍرو ڪم ڪري، تڏهن کيس ٽوڪ وچان ايئن چوندا آهن.
مطلب ته ڪو ماڻهو جڏهن گهڻو وقت نديءَ يا تلاءَ ۾ پيو تري تڏهن کيس چوندا آهن.
پکي
پکي ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا شهري (جيئن ته طوطو، ڪبوتر) ۽ ٻيا جهنگلي (جيئن ته باز، ڳجهه، اُلو يا چٻرو.) ڪن شهري پکين کي ماڻهو شوق وچان پالي گهر ۾ پڃري ۾ بند ڪري رکندا آهن. پکين تي به گهڻي ئي پهاڪا ٺهيل آهن. اُنهن مان ڪجهه چونڊ پهاڪا هتي ڏجن ٿا.
چڻو هئس چُهنب ۾ سو به پِيُس ڪَري.
جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کان وڏن سان ريس ڪري ته کيس نقصان رسندو. اهڙن شخصن لاءِ هيءُ پهاڪو چيل آهي.
مطلب ته ڪا ڳالهه جڏهن هٿن مان نڪري وڃي ۽ اُن کي سُڌاري نه سگهجي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
جڏهن ڪو ماڻهو گهڻي سياڻپ ڏيکاري ۽ پوءِ اُلٽو ڦاسي پوي تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي.
يعني هڪڙو ڪانءُ ڪان ڪان ڪندو ته ٻيا ڪانءُ به ساڳيو سُرُ ڪڍندا آهن. اِن حالت تي هي چوڻي ٺهي آهي.
مطلب ته جهڙو خاندان هوندو تهڙو ئي اولاد پيدا ٿيندو.
جڏهن سنت (صوفي بزرگ) ماڻهو ۽ سُٺا ماڻهو ڪنهن هنڌن هليا وڃن ۽ اُتي باقي چور ۽ ٺڳ وڃي بچن، تڏهن چئجي.
ڀيٽيو: ”سيانا ڪؤئا گوُهه کائي“. مطلب ته ڪو گهڻي سياڻپ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ۽ پوءِ کيس نقصان رسي تڏهن چئجي.
جڏهن چورن جي چوريءَ مان ٻيا ڪي سياڻا حصو کڻي ڀڄي وڃن، تڏهن چئجي.
مور هڪ سهڻو پکي هوندو آهي، پر هن جا پير ڏنگا يا ٽيڏا هوندا آهن. اِن حقيقت تي اِها چوڻي ٺهي آهي. مطلب ته جڏهن ڪو ماڻهو سڄو ڪم سُٺو ڪري پر اُن ۾ ڪا ننڍڙي گهٽتائي رهجي وڃي، تڏهن چئجي.
مطلب ته ماڻهو سُنسان يا اڪيلي هنڌ تي رهي ڪري ڪيترا به سٺا ڪم ڇونه ڪري، پر هن جو قدر ڪرڻ وارا اُتي موجود نه آهن ته پوءِ هُن ماڻهوءَ کي جَسُ نه ملندو.
يعني پنهنجي گهر جي ماڻهوءَ جو ڪو قدر نه ٿيندو آهي، چاهي هو ڪيترو به پهتل شخص ڇونه هجي. ڀيٽيو: ”گهر ڪا جوڳي جوڳيڙا، آن گانوَ ڪا سِڌ.“ ۽ ”گهر جو پير، چلهه جو مارنگُ“.
ڳوٺن ۾ وڏيري يا زميندار تماشي لاءِ ڪُڪڙ وڙهائيندا آهن. هو ڪُڪُڙ ٻين کان گهُرائي اُنهن کي وڙهائيندا آهن، جنهن ۾ گهڻو ڪري ڪيترا ڪُڪُڙ زخمي ٿي پوندا آهن. اِن قسم جي لڙائيءَ ۾ جنهن زميندار جو ڪُڪُڙ کٽندو آهي، اَن جي واهه واهه ٿيندي آهي. اِن حالت تي هيءُ پهاڪو ٺهيو آهي. ”ڀيٽيو: ”لڙي سپاهي، نام سردار ڪا.“
مطلب ته اجايو بحث ڪرڻ. جنهن ڳالهه جو ڪڏهن به فيصلو نه ڪري سگهجي. جيئن ته پهرين ڪُڪُڙ پيدا ٿي يا پهرين آنا ٿيا، اِن ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ اَڄ به مشڪل آهي. رواجي طور سان ڪُڪَڙ آنا ڏيندي آهي، جنهن مان ٻيا ڪُڪُڙ ۽ ڪُڪِڙيون پيدا ٿينديون آهن، پر سوال اِهو آهي ته پهرين آنو ڪيئن ٿيو يا پهرين ڪُڪِڙ ڪڏهن ٿي؟ بنا ڪنهن نتيجي تي پهچڻ وارو اِهو بحث اجايو آهي.
مطلب ته پرڀات يا اَسُر جو وقت پنهنجي قدرتي نموني سان ٿيندو آهي. اُن جو مرغي جي ٻانگ ڏيڻ سان ڪوبه واسطو نه آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي وڏو سمجهي ايئن چئي ته هن کان سواءِ ڪو ڪم نه ٿي سگهندو، پر حقيقت ۾ هُن جو ڪوبه وجود نه هجي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
مطلب ته جيڪو ننڍي هوندي نه سکندو، سو وڏو ٿي سِکي نه سگهندو.
يعني ڪنهن کي سؤدي يا واپار ۾ ٺڳڻ. سٺي شيءَ ڏيکاري کيس خراب شيءِ ڏين ٿا.
يعني الڳ الڳ قسم جي بناوٽ هئڻ. ڀيٽيو: ”ڌڙ ريڍو، سِسي ٻاڪري.“
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
يعني سڀيئي ماڻهو سُهِڻا ۽ سُٺي سُڀاوَ وارا نه هوندا آهن. سڀيئي پکي هنجن وانگر سهڻا نه هوندا آهن. اهڙا ماڻهو تمام ورلي آهن جن مان بهار جي خوشبو ايندي آهي. مطلب ته گڻوان (گڻن وارا) ٿورا هوندا آهن. ڀيٽيو: ”آدمي آدمي اَنتر، ڪوئي هيرا ڪوئي ڪنڪر“.
مطلب ته اهڙو هوشيار آهي، جو مشڪل ڪم به سٺي طرح پورو ڪري ٿو وٺي.
مطلب ته سِرڻ شڪار ڪري پنهنجي آکيري ۾ آڻي اُن جو گوشت کائيندي آهي. هو ڪجهه به بچائي نه رکندي آهي. هيءُ پهاڪو اُن ماڻهوءَ طرف چئبو آهي، جيڪو ڪجهه به بچائي نه رکندو آهي ۽ سڀ پيسو عيش عشرت ۾ ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
يعني جيئن ڪنهن مُئل جانور جي لاش تي ڳجهون اچي ڪٺيون ٿينديون آهن تيئن اچي ماڻهو ڪٺا ٿيا آهن.
مطلب ته جيڪو ماڻهو گهڻيون ٻٽاڪون هڻي، پر ڪجهه به ڪم ڪري نه ڏيکاري، تنهن لاءِ چئبو آهي.
ٻيا جيت جڻيا ۽ نانگ بلائون
گهڻن ئي قسمن جا ٻيا جيت جڻيا هوندا آهن. ڪي زهريلا، جيئن ته وڇون ۽ نانگ بلائون؛ ٻيا رت پياڪ، جيئن ته مُنگهڻُ، ڄؤر، مڇر، جونئن، وغيره. ٽئين قسم جا جيت اُڏامندڙ به هوندا آهن. مثال طور: مکِ، پتنگو، ڀؤنر، مڪڙ، پوپٽ. انهن تي ٺهيل ڪجهه پهاڪا هيٺ ڏجن ٿا:
هٿُ وجهي ٿو نانگن جي ٻر ۾.
يعني هن کي وڇونءَ جي زهر لاهَڻ جو منتر به ڪونه ٿو اچي ۽ نانگن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ننڍي ڪم ڪرڻ جو به علم نه هجي ۽ هوُ وڏا ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، تڏهن ايئن چئجي.
مطلب ته هن جو سڀاءُ اهڙو آهي جو سڀني کي پيو ستائي. وڇونءَ جي ڪنهن سان به دشمني نه هوندي آهي، پر هن جي عادت اهڙي آهي جو جيڪا به شيءِ هن جي ويجهي هوندي، تنهن کي پيو ڏنگ هڻندو.
مطلب ته تمام خطرناڪ اِنسان آهي.
مطلب ته ڳالهه ختم ٿي ويئي، هاڻي فقط اُن جي پچار پيئي هلي.
يعني دشمن کي پيو پالي. جڏهن ڪو ماڻهو اهڙي ماڻهوءَ سان دوستي رکي، جيڪو هن کي نقصان پهچائيندو آهي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
يعني دشمن به ناس ٿئي، پر پاڻ کي ڪوبه نقصان نه رَسي.
ڪنهن کي چاهي نانگ چڪ نه به پاتو پر هو ڊپ وچان سمجهي ته نانگ هُن کي چڪ پاتو آهي ۽ اِنهيءَ ڊپ جي ڪري مري وڃي. اِن حالت تي هيءُ پهاڪو بيٺل آهي.
مطلب ته ڪو ماڻهو اهڙا گهڻا ڪم ڪري جو اُنهن مان نڪرڻ هُن جي لاءِ مشڪل ٿي پوي، تڏهن ايئن چئجي.
يعني اهڙو ماڻهو آهي جو هڪ هنڌ ويٺو آهي، کيس دنيا جو آزمودو گهٽ آهي.
مطلب ته جيڪڏهن ڪِنِ ماڻهن جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي جاچبي ته ڪِٿي نه ڪٿي سندن رشتو ضرور ملي ويندو.
ڄؤر کي هنديءَ ۾ ”جونڪ“ چوندا آهن. هو ماڻهو رت پيئڻ وقت ماڻهوءَ کي ايترو ته پُختو چنبڙندي آهي جو مري به ويندي پر نه ڇڏيندي.
چِچڙ هڪ نَنڍو جيت آهي، جيڪو جانورن کي چنبڙي اُنهن جو رت پيئندو آهي. اُن کي زور سان ڇڪبو آهي ته به نه ڇڏيندو آهي.
مطلب ته جيڪڏهن ڪنهن جي مٿي تي وار نه آهن ته پوءِ هن کي جونءَ يا ليک جي شڪايت نه ٿيندي. يعني جڏهن ڪو بنيادي مسئلو ئي نه آهي ته پوءِ اُن جي فڪر ڪرڻ بيڪار آهي.
ککر جي ماناري تي ٿو ڀِتر اُڇلي. يعني ڄاڻي واڻي مصيبت ۾ پوڻ جا ڪم ٿو ڪري.
يعني جتي ڪا مٺي شيءِ هوندي اُتي مکيون ضرور اينديون.
جتي ڪنهن ڪم ڪرڻ سان فائدو ملڻ جي اُميد هوندي آهي، اُتي سڀ ماڻهو اچي ڪٺا ٿي ويندا.
جانورن، پکين ۽ جيتن سان تعلق رکندڙ عام پهاڪا:
آخر ۾ هتي ڪجهه اهڙن پهاڪن جا مثال ڏجن ٿا جن جو واسطو ڪنهن خاص جانور يا ساهواري سان نه آهي، پر اُهي اِنهي گروهه ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا. جيئن ته:
يعني ڍڳين مينهن جو جيڪڏهن ڌڻ آهي ته اُن جي سنڀال به ڪرڻي پوندي. نه ته سندن مالڪ کي نقصان ٿيڻ جو اِمڪان هوندو آهي.
جيئن ڍڳين يا مينهن جو ڏڌل کير واپس ٿڻن ۾ نه پوندو آهي، تيئن زبان مان نڪتل ڪؤڙ لفظ وري واپس نه ٿيندو.
يعني ڪمزور ماڻهوءَ کي بيماريون وڌيڪ ٿين ٿيون.
يعني جيڪو ماڻهو ڪمزور جانور تي سواري ڪري رهيو آهي، تنهن کي گهُرجي ته هو اوندهه ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجو سفر سوير شروع ڪري.
جيڪو جانور چڱيءَ طرح گاهه وغيره کائي ٿو، اُهو هميشه تندرست رهندو. يعني کائڻ پيئڻ ۾ شرم نه ڪرڻ کپي.
شڪاري پکين، جانورن وغيره کي ماري پنهنجي گهر کڻي ايندو آهي. هو جانورن جي کل لاهي وڪڻندو آهي ۽ اُنهن جو گوشت به کائي يا وڪڻي ڇڏيندو آهي. باقي هڏن جو ڍير وڃي وٽس بچندو آهي.
يعني جيڪو پکي چُڳي چڱيءَ طرح پيٽ ڀري ٿو، اُهو گهڻو وقت جيئي ٿو.
هتي ڏنل مثالن مان صاف ظاهر آهي ته اِنسان پنهنجي زندگيءَ ۾ جانورن، پکين، جيتن وغيره جي وهنوار مان به آزمودو وٺي گهڻي ئي پهاڪا، چوڻيون، محاورا وغيره ٺاهيا آهن. اُنهن جو هُن ادب ۾ سهڻي نموني استعمال ڪيو آهي. اِن قسم جا پهاڪا جيڪڏهن اسين تفصيل طور ڪٺا ڪريون ته هڪڙو وڏو ادبي ذخيرو ٺهي پوي.
5.4 کيتي ٻاڙيءَ، پوک ۽ اَناج متعلق پهاڪا:
اِنسان باندرن واري دؤر مان گذري، جڏهن سمجهه ۽ عقل وارو بڻيو، تڏهن کان سندس لاڳاپو کيتيءَ سان رهيو آهي. شروع شروع ۾ هوُ قدرتي طور سان پيدا ٿيل ڦل. ڦول، ميوا، گاهه وغيره. واهپي ۾ آڻيندو هو. آهستي آهستي اِنسان کي زمين ۾ پوکيل شين جي ڄاڻ پيئي ۽ گڏوگڏ جانورن جي خوبين کان به واقف ٿيو. اِن کان پوءِ هو جانورن جي مدد سان کيتي ڪرڻ لڳو. لوهه جي اوزارن کي به استعمال ۾ آڻڻ لڳو. انيڪ فصلن جي ڄاڻ ٿيڻ لڳي. زمين ۽ موسم جي باري ۾ آزمودا ٿيڻ لڳس. آهستي آهستي کيتي ۽ پوک جو ڪم ماڻهن لاءِ هڪ خاص ڪم ٿي ويو ۽ اُنهن جي جيئڻ جو آڌار پِڻ بڻيو. هڪ خاندان جا سڀيئي ڀاتي اِن ڪم ۾ شريڪ ٿي ويا. وقت گذرندو ويو، اِنسان کي کيتيءَ بابت آزمودا ٿيندا ويا ۽ اُنهن جي آڌار تي پهاڪن جو جنم به ٿيندو ويو. اهي سڀيئي ڳالهيون ننڍي کنڊ جي تاريخ سان پڻ لاڳو ٿين ٿيون. اَڄ ڏينهن تائين هتي جيڪا جهوني ۾ جهوني تهذيب ملي ٿي سا آهي سنڌو تهذيب يا هڙاپا جي تهذيب. هي تهذيب سنڌونديءَ جي ڪناري تي وڌي ۽ ويجهي. اِنهيءَ آڌار تي جيڪڏهن چئجي ته سنڌ جي رهاڪن سڀني کان پهرين کيتي ٻاڙيءَ جي هنر جي ايجاد ڪئي ته وڌاءُ نه ٿيندو. گهڻن ئي عالمن پنهنجن ويچارن ۾ پڌرو ڪيو آهي ته سنڌ جي رهاڪُن کي ڪڻڪ، چانور ۽ ٻئي قسم جي اَناج ۽ ميوي جي کيتيءَ جي هنر جي ڄاڻ حاصل هئي. نه رڳو ايترو، سنڌو ماٿريءَ ۾ ’موئن جو دڙو‘ ۽ هڙاپا نالي هنڌ تي اَناج رکڻ لاءِ وڏا وڏا گدام به مليا آهن. چوڻ جو مطلب آهي ته ڀارت سنڌو ماٿري جي تهذيب واري وقت کان وٺي هڪ کيتيءَ وارو ملڪ رهيو آهي. ڀارت ۾ هر ڏهن سالن ۾ ٿيندڙ آدمشماريءَ جي ڳڻپ موجب اڃا تائين به ڀارت جا ستر سيڪڙو ماڻهو کيتي ٻاڙي (ٻني ٻارو) ڪندا اهن. ڀارت جي مذهبي ڪتابن ۾ به کيتيءَ جي اهميت، عظمت جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي. ”پاراشر سمرتيءَ“ ۾ چيل آهي ته:
نه سُکن ڪرشتو انيَتر يدي ڌرميڻ ڪرشت.
(185 . 5)
مطلب ته کيتيءَ جي برابر ٻيو ڪو ڌرم (فرض) نه آهي ۽ اُنهيءَ وانگر فائدي وارو ٻيو ڪوبه ڌنڌو نه آهي. جيڪڏهن ڌرم مطابق کيتي ٻاڙي ڪئي وڃي ته انهيءَ کان وڌيڪ خوشيءَ واري ٻي ڪابه ڳالهه ڪانهي.
’پاراشر سنهتا‘ ۾ انسان جي زندگيءَ کيتي، اناج ۽ کيتي ڪندڙ هارين جي ضرورت تي هڪ هنڌ چيل آهي ته:
تٿاپِ پرار ٿينتييوَ ڪرشڪان ڀڪتترشڻيا.
يعني سون، چاندي، ماڻڪ، موتي، ڪپڙا وغيره هوندي به ماڻهن کي کاڌي جي شين لاءِ هارين کي عرض ڪرڻو پوندو آهي.
جيئن ڀارت جي ٻين صوبن ۾ کيتيءَ بابت پهاڪا مشهور آهن، تيئن سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ به کيتيءَ سان لاڳاپو رکندڙ گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا. کيتيءَ بابت جيڪي به آزمودا ماڻهن کي ٿيا، اُهي پهاڪن جي شڪل ۾ به محفوظ آهن. اِهو ئي سبب آهي جو زراعت ۽ جيوتش علم نجوم جي ڄاڻ بغير به پهاڪن جي مدد سان ساڌارڻ عام هاريءَ کي کيتيءَ بابت گهڻين ئي ڳالهين جي ڄاڻ ملي وڃي ٿي. جيڪو هاري سکيا جي نالي تي ’الف‘ اکر جي ڄاڻ به نه ٿو رکي، کيس کيتي بابت پهاڪا زباني ياد هجن ٿا. اهڙيءَ ريت هوُ پهاڪن ۾ لڪل کيتي بابت آزمودن مان فائدو کڻي ٿو. عام ڳالهه ٻولهه ٻولي ننڍن ننڍن گفتن ۾ هئڻ ڪري پهاڪا هرڪنهن کي سولائيءَ سان ياد ٿي وڃن ٿا.
سنڌي پهاڪن ۾ کيتيءَ جو ذڪر وڏي تعداد ۽ مختلف موضوعن هيٺ ٿيو آهي. اوائلي دؤر کان ئي ’کيتي‘ لفظ ۾ هاري، کيتيءَ جا اوزار ۽ کيتيءَ جي ڪمن جيئن ته جوٽ، پوک، گُڏَ، ڪٽاڻي، ٻِجُ، ڇٽڻ وغيره جو اظهار ٿيندو رهيو آهي. کيتيءَ بابت پَهاڪن کي هيٺين ريت ورهائي سگهجي ٿو:
کيتيءَ جي اهميت:
صدين کان کيتي هن ملڪ جي روزي روٽيءَ جو هڪ مکيه ذريعو رهي آهي. هارين هن ماڻڪ موتي ڏيندڙ ڌرتيءَ تي هر هلائي اَناج کي دعا ۽ پيار جي شڪل ۾ حاصل ڪيو آهي. هيءُ اناج ئي
انسانن جي کاڌي جي وڏي ضرورت کي پورو ڪري ٿو. سنسڪرت ۾ کيتيءَ بابت چيل آهي ته:
مطلب ته کيتي ڪرڻ وارا ڌرتيءَ ۾ هڪ ٻج کي پوکي، اُن کي وڌائي اناج جي ٻِن يا گهڻن ئي داڻن ۾ پيدا ڪن ٿا.
کيتيءَ جي اهميت کي ڀوجپوري ٻوليءَ جي هڪ پهاڪي ۾ هن ريت ڏيکاريو ويو آهي:
يعني اِنسان جي زندگيءَ ۾ سڀني کان سُٺو ڪم کيتي ڪرڻ آهي. اُن کان پوءِ واپار ڪرڻ آهي. اِنسان کي چاڪري يا نوڪري نه ڪرڻ گهرجي ۽ بيک يا پنڻ ته صفا ڪِرِيلُ ڪمُ آهي.
سنڌي پهاڪن ۾ کيتيءَ جي اهميت هن ريت نظر اچي ٿي:
کيتي آهي پگهر ۽ پورهئي جو ڪم، پر اِهو سڀ کان سٺو آهي. واپار ڪرڻ سان ماڻهو شاهوڪار ٿئي ٿو. نوڪري آهي غلامي ۽ پنهنجو نصيب وڪڻڻ. پنڻ سڀ کان بيڪار ۽ بي- عزتيءَ وارو ڪم آهي.
کيتي مالِڪ جي نظرداريءَ هيٺ ئي فائديمند آهي. ٻئي جي ڀروسي تي کيتيءَ جو ڪم ڪرڻ سان نقصان ٿيندو آهي. کيتي پاڻ ئي ڪرڻ گهرجي ۽ اُن مان ٻئي ڪنهن تي ڀروسو ڪري هن کي حصو نه ڏيڻ گهرجي. ڀيٽيو: ”کيتي ڌڻِيا سيتي“. (راجسٿاني)
مٿي ڏنل ٻنهي پهاڪن بابت عبدالڪريم سنديلو پنهنجي ڪتاب ’پهاڪن جي پاڙ‘ ۾ ڪهاڻي هن ريت ڏني آهي:
چون ٿا ته هِڪڙي زميندار کي ڪا پٿر جي پٽي هٿ اچي ويئي، جنهن تي اِها عبارت نقش ٿيل هئي: ’اُتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار‘. آزمائش ڪڏهن به پوک جي نظرداري نه ڪيائين. اُلٽو هو عيش عشرت ۾ وقت گذارڻ لڳو. ايهو به نه ڏٺائين ته پوک ۾ پورو ڀاڻ آهي يا نه ۽ پورو پاڻي ملي ٿو يا نه؟ نتيجو اِهو نِڪِتو جو هو وڏي نقصان هيٺ اچي ويو. پنهنجو اِهو حال ڏسي هُن پٿر کي غصي وچان زور سان زمين تي ڦٽو ڪيو. هُن سمجهيو ته پٿر تي لکيل کيتيءَ بابت ڳالهه غلط آهي. پر تڏهن هُن زميندار جي نظر پٿر جي ٻئي پاسي تي پيئي، جيڪو هُن پهرين نه ڏٺو هو. اُتي لکيل هو: ’کيتي سر سيتي‘. اِهو لفظ پڙهي اُهو زميندار ڏاڍو ڦڪو ٿيو ۽ پنهنجي عيش عشرت کان هڪدم باز آيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ڏوهه منهنجو آهي ۽ نه ڪي هُن پٿر جو.“
مطلب ته واپار ۾ دوستيءَ جو لحاظ نه رکڻ کپي. هڪ ٻئي کي کارائڻ پيارڻ ۾ ڪمي نه ڪجي، پر جيڪڏهن کيتي ٻاڙيءَ جو سوال هجي ته شرم نه ڪرڻ گهرجي.
کيتيءَ کي وڏي اهميت عطا ٿيل آهي. آڳاٽي زماني ۾ جن وٽ اَن سان ڀريل پَلي هوندي هئي، تِنِ کي شاهوڪار ۽ اوچي نسل جو ليکيو ويندو هو.
کيتي ڪرڻ سٺو ڪم آهي، پر اِهو ڪم ماڻهوءَ جي محنت کان سواءِ ٻين قدرتي ڳالهين تي به بيٺل آهي. جيئن ته زمين جي خاصيت، برسات، کيتي ڪرڻ واري زمين جي ايراضي موسم وغيره. ماڻهو پنهنجي کيتن ۾ محنت ڪري پوک ڪندو آهي، پر جيڪڏهن وقت تي ضرورت موجب برسات نه پيئي، يا فصل کي ڪي قدر جيت لڳي وڃن، ٻوڏ اچڻ سان فصل برباد ٿي وڃي وغيره اهڙا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري فصل برباد ٿي سگهي ٿو. اِن ڪري کيتيءَ ۾ لاڀ ملڻ به ماڻهوءَ جي ڪم يا قسمت تي بيٺل آهي. پر کيتي ڪندڙن لاءِ اِهو نقصان برداشت ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هجي ۽ اُنهن کي وري ٻئي دفعي به کيتي ڪرڻي پوي، تڏهن ايئن چئجي. بدنصيب ماڻهو کيتي ڪري ته ڪڏهن هُن جو ڏاند مري وڃي ته ڪڏهن فصل سٺو نه ٿيڻ ڪري کيس نقصان رسندو آهي.
هيءُ پهاڪو گهڻين ئي ٻولين ۾ ملي ٿو. هن ۾ نصيحت ڏنل آهي ته وقت ۽ موقعي کي ڪڏهن وڃائڻ نه کپي ۽ کيتيءَ تي يعني ٻنيءَ تي، هميشه نظرداري رکڻ کپي. اِنهيءَ لاءِ ڪو اُپاءُ ڪري جهرِڪِيُن کان پنهنجي کيتي. کي بچائي رکڻ لاءِ پهرين ڪو بندوبست ڪري رکجي. ڀيٽيو: ”اَب پڇتائي ڪيا هوت جب چڙيان چُگ گئي کيت.“
کيتيءَ جو طريقو:
هرهڪ ڪم کي ڪرڻ جو ڪونه ڪو طريقو هوندو آهي. جيڪڏهن صحيح طريقي سان ڪم ڪبو ته اُن ۾ فائدو ٿيندو، پر جيڪڏهن اُهوئي ڪم غلط طريقي سان ڪبو ته ڪرڻ واري کي اُن ۾ نقصان رسندو. وقت گذرندي کيتي ڪرڻ جي طريقن ۾ به ڦيرو اچي ويو آهي. سائنسي طريقي سان ۽ نوَن اوزارن جي مدد سان کيتي ڪرڻ ڪري فصل گهڻو پيدا ٿيڻ لڳو آهي. هيٺين سنڌي پهاڪن ۾ کيتي ڪرڻ جي طريقن تي روشني پوي ٿي:
مطلب ته پاڻي سُڪي وڃڻ بعد پوک ڪانه ٿي سگهندي آهي. اِن ڪري وقت سر ڪم ڪري ڇڏڻ گهرجي. ٻي معنيٰ آهي ته اِنسان کي پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي سُٺا ڪم ڪري ڇڏڻ گهرجن. ٻُڍاپي ۾ ڪجهه ڪري سگهڻ جي قوت نه هوندي آهي.
کيتيءَ يا فصل جو سڄو دارومدار ٻج تي هوندو آهي. هڪ ٻج مان ئي گهڻو اَنُ پيدا ٿي سگهندو آهي. اِن ڪري سٺو فصل حاصل ڪرڻ لاءِ سٺي قسم جو ٻج پوکڻ تمام ضروري آهي. هيءُ پهاڪو کيتي جي ڪم ۾ برڪت ٿيڻ جي ڳالهه طرف به اِشارو ڪري ٿو.
ڪڻڪ جڏهن پچي تيار ٿي ويندي آهي ته سنگن مان اَنُ کي ڇنڊي الڳ ڪبو آهي، پوءِ جيڪا بُههُ (يعني تُههُ) نڪرندي آهي اُن کي باهه لڳائي ناس ڪري ڇڏبو آهي. ايئن نه ڪرڻ سان بُهه هوا ۾ اُڏامي ماڻهن ۽ ماحول کي نقصان پهچائيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن بههُ کي چيڪي مٽيءَ ۾ ملائي ڀتين تي پلاسٽر ڪرڻ جي ڪم ۾ به آڻبو آهي.
کيتي ڪرڻ جو هڪ مکيه اصول آهي ته جيڪو ٻج پوکبو، تهڙو ئي ڦلُ ملندو. جَوَ پوکڻ سان جَوَ ئي ملندا، ڪڻڪ ڪانه ملندي. اِنهيءَ ڳالهه تي ڪجهه ٻيا پهاڪا هن ريت آهن: ”جهڙو وڻ، تهڙو ڦڙُ“. ۽ ”جنهن جو بُڻُ بُڇڙو، تنهن جو ميوو مٺو نه ٿئي.“
هيءُ پهاڪو کيتي ڪرڻ جي طريقي کي ٻڌائي ٿو. موتيو چانورن جو هڪ اهڙو قسم آهي، جيڪو گهڻي پاڻيءَ ۾ پوکبو آهي. اِنهيءَ پهاڪي مان اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته موتيو ڪٿي پوکڻ گهرجي.
اهڙي جوڳيءَ کي عزت ۽ مانُ وڌيڪ ملندو آهي، جيڪو گهمندو رهي ٿو ۽ هڪ ئي هنڌ تي گهڻا ڏينهن نه ٿو رهي. اهڙيءَ ريت کيتي لاءِ به وهندڙ پاڻي وڌيڪ سٺو هوندو آهي، بنسبت بيٺل پاڻيءَ جي، ڇاڪاڻ ته بيٺل پاڻي گندو، ڪِنو ۽ مڇرن سان ڀريل هوندو آهي.
زمين جا قسم
زمين جدا جدا قسمن جي مٽيءَ واري ٿيندي آهي. ڪٿي ڪاري مٽيءَ واري زمين آهي ته ڪٿي ڳاڙهي مٽيءَ جي. ڪٿي چيڪي مٽي آهي ته ڪٿي واريءَ واري. ڪنهن مٽيءَ ۾ پوک سٺي ٿيندي آهي ته ڪنهن ۾ خراب. اِنهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي هي پهاڪا ڪن ٿا:
مطلب ته هرهڪ قسم جي زمين جي پوک الڳ الڳ ٿيندي آهي. اِنهيءَ ڳالهه جو هڪ ٻيو مثال ڏسو: ”زمين کري، ته اڪ ڪري.“
کاري زمين جو هڪ قسم آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ڪلر‘ ۽ هندي ۾ ’اُوسر‘ چوندا آهن. اهڙي زمين کيتيءَ لاءِ بيڪار ۽ گهٽ قسم جي ليکبي آهي. ڪلراٺي زمين تي گهڻو پاڻي ڏيئي محنت به ڪجي، تڏهن به اُن ۾ سَلو ڪين اُڀرندو. اِن پهاڪي کي هن ريت به چون- ”ڪلر مان ڪين ٿئي توڙي جال ڏجيس جرُ“. هن پهاڪي جي لِڪل معنيٰ آهي ته نڪمي ماڻهوءَ جي کڻي ڪيتري به خوشامد يا خدمت ڪجي ته به اُن مان ڪوبه ڪم نه نڪري سگهندو آهي. هنديءَ جي هن چوڻي ۾ به کاري زمين يا اُوسر کي گهٽِ قسم جي زمين ڏيکاريو ويو آهي. ”اوُسري ڪي ديوي، ڪودو ڪي اڇت.“ يعني اوسر جي ديويءَ جو سمان ’ڪودو‘ قسم جي چانورن سان ڪيو ويندو آهي، جيڪي گهٽ قسم واري درجي جا چانور هوندا آهن. 1
يعني ڪلراٺي زمين ۾ جوئر جي پوک ڪئي ته اُن مان ڪوبه فصل ڪونه لٿو. اُلٽو جوئر جو ٻج به اجايو ۽ بيڪار ٿي ويو.
هاري
محنت ڪش هاريءَ جي زمين مان سون پيدا ٿيندو آهي. صاحب بڻجي گهمڻ ڦرڻ وارو يا آلسي ڪمچور هاري ڪڏهن به کيتي ڪين ڪري سگهندو. کيتي ڪرڻ ۾ سخت محنت جي ضرورت آهي. هاريءَ جي سامهون مختلف مسئلا اچن ٿا. هن کي جوٽ، پوک، ڪٽاڻي، گُڏ سان گڏوگڏ پنهنجي فصل جي سنڀال پڻ ڪرڻي پوي ٿي. کيتي پنهنجي سِر ڪرڻ مان ئي فائدو رسائيندي آهي نه ته ٻيڙي ٻوڙيندي آهي. اِن بابت ڀوڄپوري ۾ هڪ پهاڪو ڏسو:
مطلب ته ٻني انهيءَ جي ٿئي ٿي جيڪو هر هلائي ٿو، نه ته وري اهيڙي غيري جي ٿي پوندي.
سنڌيءَ ۾ هاريءَ سان لاڳاپو رکندڙ ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
هاريءَ کي هميشه پنهنجي کيتيءَ جو خيال رکڻ گهرجي.
سو سڀني جو آهي راڻو.
مطلب ته جيڪو هاري محنت ڪري گهڻو فصل پيدا ڪندو، ان کي سڀني هنڌ مانَ ۽ عزت ملندي آهي.
کيتيءَ ۾ مددگار جانور
آڳاٽي زماني ۾ کيتي ڪرڻ لاءِ گهڻن ئي جانورن جو استعمال ڪيو ويندو هو، جيئن ته ڏاند، ڍڳو، اُٺ، سانُ وغيره. وقت گذرندي کيتي ڪرڻ لاءِ مشينن جي ضرورت ٿي ۽ اُنهن جي مدد سان کيتي ڪرڻ ۾ سولائي پڻ ٿيڻ لڳي آهي، پر اڃا تائين به ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ جانورن جو استعمال کيتيءَ ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. کيتيءَ ۾ ڪارائتو هئڻ سبب مذهبي ڪتابن ۾ ڏاند جي پوڄا ڪئي ويئي آهي. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ڇنڊڇاڻ ڪندي وقت اُتي جي کوٽائيءَ ۾ ڏاندن جي هئڻ جي ثابتي ملي ٿي. ”پاراشر سمرتيءَ“ ۾ چيو ويو آهي ته ڏاندن پاران پيدا ڪيل اناج تي سموري دنيا پلجي ٿي. ان ڪري ڏاند هن دنيا ۾ ڌرم جو ظاهر روپ آهي:
تئرُ تپادِ تسَسيين سَروَميت دِوَ ڌاريتي.
(پاراشر سمرتي 48 .5)
برهما ڏاند کي اپايو ته هو کيتيءَ ۾ اناج پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري. انهيءَ پاران پيدا ڪيل اناج سان هيءَ سڄي دنيا جيئي ٿي.
ڌرمو ايم ڀُوتلي ساڪشاد برهمڻا هو وَتارِت ههَ.
(پاراشر سمرتي 48. 5)
اِن ڪري اوهين ڏاند جي حفاظت ڪريو، انهن جي سدائين سارسنڀال ڪريو. ڏاند هن ڌرتيءَ تي عين ڌرم جو روپ آهي. هن کي برهما اوتار جي روپ ۾ ڌرتيءَ تي موڪليو آهي.
سنڌيءَ ۾ به ڏاند کي محنت ڪش جانور سڏيو ويو آهي. انهيءَ ڪري سنڌيءَ ۾ ’وهو ڍڳو‘ (محنتي ڏاند) يا ’چاڪيءَ جو ڏاند‘ به چوندا آهن. کيتي ڪرڻ وارن کي ڏاند خريد ڪرڻ وقت تمام گهڻو ڌيان رکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سٺا ۽ طاقتور ڏاند ئي سٺي پوک ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. ڪمزور جانور کيتيءَ جهڙي محنت واري ڪم ۾ پريشاني پيدا ڪندا آهن. سنڌ ۾ چوڻي آهي:
يعني جيڪو ڪمزور آهي، اُن کي بيماريون به وڌيڪ لڳن ٿيون.
جيڪڏهن کيتي ڪرڻ لاءِ گڏهه کي هر ۾ جوٽي سگهجي ها ته پوءِ هاري ڏاند نه پالين ها.
کيتيءَ ۾ جانور جي اهميت ڪنهن کان به لڪل ڪانهي. انهيءَ تي چيل آهي ته:
هِن چوڻيءَ ۾ سون کان به وڌيڪ ملهائتي شيءِ ’پَشوُ سمپتي‘ يعني جانورن کي ٻڌايو ويو آهي.
چوپايو مال اٿيئي ته اُن جي صحيح طريقي سان سنڀال ۽ پالنا ڪر؛ جيڪڏهن ايئن نه ٿو ڪري سگهجي ته انهن جانورن کي وڪڻي ڇڏجي.
چاڪي يعني گهاڻي مان تيل ڪندڙ جو ڏاند گم ٿي ويو، پر اُهو ڏاند گهاڻي جي چوڌاري ڦرڻ تي هِري ويو هو، اِن ڪري اُهو ڏاند رُلي پِني وري واپس پنهنجي گهاڻي تي اچي پهتو.
اُٺ ڪم ڪندڙ جانور ليکيو آهي. ڪنهن وقت ۾ اُٺ سنڌ جي رهاڪن واسطي وڏي اهيمت وارو جانور هو. بار کڻڻ لاءِ اُٺ هڪ طاقتور جانور آهي. کيتيءَ ۾ هر هلائڻ ۽ کوهه مان پاڻي ڪڍڻ ۾ به اُٺ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ان تي چيل آهي ته:
مطلب ته اٺ طاقتور هوندو آهي ۽ هو ٻُڍو هوندي به ٻن ڪوانٽن يعني جوان اُٺن کان به وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو.
کيتيءَ ۾ مددگار اوزار:
هارين جي مالي حالت جي ڄاڻ اُنهن پاران استعمال ڪندڙ اوزارن مان به ٿيندي آهي. هاريءَ کي هر گهڻا آهن؟ ڪوڏرون گهڻيون آهن. کيتيءَ جا ٻيا اوزار ڪيترا اٿس؟ اِنهن ڳالهين جي گهڻي اهميت ٿئي ٿي. تقريباً هڪ ايڪڙ زمين جي کيتي هڪ هر جي کيتي چئبو آهي. انهيءَ آڌار تي هڪ هر جي کيتي هاريءَ کي حيران ڪندڙ آهي، ٻن هرن جي کيتي ڪام چلائو (گذران) آهي، ٽن هرن جي کيتي ٺيڪ ٺاڪ ليکبي آهي ۽ جيڪڏهن چئن هرن جي کيتي هجي ته واهه واهه. اهڙي کيتي راجائي سک ڀوڳڻ جهڙي آهي. انهيءَ ڳالهه تي راجسٿانيءَ ۾ هيٺين ريت پهاڪو چيل آهي:
تين هَل کيتي، چار هَل راج. 1
سنڌيءَ ۾ هر جي اهيمت کي هن ريت ٻُڌايو ويو آهي:
مطلب ته گهر ۾ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي گهڻيون زالون آهن ته اُن جي گهر ۾ هميشه جهڳڙو لڳو پيو هوندو. ساڳيءَ ريت کيتيءَ ۾ هر هلائڻ جي جوابداري جيڪڏهن گهڻن هارين مٿان هوندي ته پوءِ اهو ڪم سٺو نه ٿي سگهندو. هرڪو ايئن سمجهندو ته جيڪڏهن اڄ مان کيتيءَ تي نه پهتس ته ڪو ٻيو هر هلائيندو. ان طرح ڪوبه ڪم نه ڪندو ۽ کيتي نه ٿي سگهندي.
يعني جتي کيتي ۽ روٽي هجي گهر اُتي ئي ٺاهڻ گهرجي، نه ته فائدو پورو نه ملندو.
زمين کي جيترو چڱيءَ طرح سان هر سان کيڙبو، اوترو فصل سٺو ٿيندو ۽ گهڻو اناج ملندو.
کيتيءَ ۾ مددگار ٻيون شيون
ڀاڻ يعني کاڌ کيتيءَ لاءِ هڪ اهم شيءِ آهي. اِن جي بنا اناج سٺي نموني پيدا نه ٿيندو آهي. جيڪو هاري ڀاڻ جي اهميت کي سڃاڻي، اُن جو استعمال پنهنجي کيتيءَ ۾ ڪري ٿو، انهيءَ کي کيتيءَ مان گهڻو فائدو ملي ٿو. ڀاڻ بابت سنڌيءَ ۾ ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
يعني ڀاڻ جي مدد سان کيت ۾ هميشه پنهنجي من پسند جي فصل کي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
مطلب ته ڀاڻ وجهڻ سان زمين ۾ فصل سٺو ٿيندو آهي. زمين تي کڻي ڪيتري به محنت ڪجي، پر ڀاڻ نه وجهبو ته فصل سٺو نه ملندو. زمين جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ۽ سٺو فصل لاهڻ لاءِ صحيح نموني سان ڀاڻ جو استعمال ڪرڻ ضروري آهي. ڀيٽيو: ”کات پڙئي تو کيت، نهين تو ڪوڙو ريت.“ 1
جيئن سٺو فصل حاصل ڪرڻ لاءِ سٺو ڀاڻ استعمال ڪرڻ ضروري آهي، تيئن سهڻي ميوي ۽ سٺي فصل لاءِ سٺي قسم جي ٻج جو هجڻ ضروري آهي. ٻج کي اسين بنياد چئي سگهون ٿا، جيڪڏهن بنياد سٺو نه هوندو ته فصل ڇا سٺو ٿيندو؟ انهيءَ تي چيل آهي ته:
کيتيءَ ۾ مددگار شين ۾ ڀاڻ، ٻج سان گڏوگڏ پاڻيءَ جي پڻ وڏي اهميت آهي:
معنيٰ جنهن کيت ۾ پاڻي جهجهو ملندو، اُتي پوک به اعليٰ درجي جي ٿيندي آهي.
فصل ۽ اناج:
ڀارت ۾ فصلن جا گهڻيئي قسم آهن. اُنهن جي ورهاست پوکڻ ۽ ڪٽائيءَ جي وقت تي ٻڌل آهي. مِينهن کان سياري جي وقت تائين ’خريف‘ نالي فصل ٿيندو آهي. بهار جي موسم کان اوُنهاري تائين ’ربيع‘ نالي فصل هوندو آهي. خريف جي فصل ۾ چانور وڌيڪ پيدا ٿيندا آهن. ربيع جي وقت ۾ ڪڻڪ، جَوَ، چڻا وغيره وڌيڪ ٿين ٿا. ڪڻڪ جي ڳڻپ خاص فصلن ۾ ٿيندي آهي. ڪڻڪ کي اناج ۾ ’سرووتم‘ يعني سڀني کان اعليٰ چيو ويو آهي ۽ اُن کي مختلف نموني سان ڪم ۾ آڻبو آهي. ڪڻڪ ۾ طاقت به گهڻي ٿيندي آهي. اُن بابت سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
ڪڻڪ سڀني اناجن ۾ اعليٰ آهي. انهيءَ جو سواد ڪُتي جهڙي رواجي جانور کي نه ايندو. ڀيٽيو: ”بندر ڪيا جاني ادرڪ ڪا سواد؟“ (هندي)
اَن زندگيءَ لاءِ تمام ضروري شيءِ آهي، جيڪڏهن کائڻ لاءِ اَنُ نه ٿو ملي ته ماڻهو بک جي حالت ۾ ديوانو بڻجي غلط راهه تي هلي وڃي ٿو. اِن ڪري سنسڪرت ۾ چيل آهي: ”انه هه وئي برهم“. يعني ان يا اناج برهم (اُپائڻهار جو) جو روپ آهي. سنڌيءَ جي لهجي سرائيڪيءَ ۾ چوڻي ملي ٿي:
هن چوڻيءَ ۾ زندگيءَ جي هڪ وڏي سچائي لڪل آهي ته جيسين پيٽ نه ڀربو، تيسين ٻيون سڀيئي ڳالهيون اجايون لڳنديون آهن. انهيءَ لاءِ هندي ٻوليءَ ۾ چيل آهي: ”ڀوُکي ڀجن نه هوءِ گوپالا“.
ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي ٺهيل ماني دير سان هضم ٿيندي آهي ۽ هيءُ طاقت ڏيندڙ آهي، پر چانور جلدي هضم ٿي ويندا آهن ۽ اِن ڪري بک به جلدي لڳندي آهي.
ڪڻڪ ۽ چانورن کان پوءِ اناج ۾ چڻن جي گهڻي اهميت آهي. ان مان ڀڳڙا (بٺيءَ ۾ ڀُڳل چڻا) ۽ چڻن جي دال بڻجندي آهي. چڻن سان وسطو رکندڙ ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
مطلب ته چڻن ۽ مٽرن جي کائڻ سان جسم کي طاقت ملندي آهي، پر اُهي دير سان هضم ٿيندا آهن. اِنهن کي کائڻ سان پيٽ ۾ واءُ يا گئس به پيدا ٿيندي آهي.
ڀڳڙا کائڻ سان ماڻهن جا هٿ خراب نه ٿيندا آهن. ان ڪري ماڻهو سفر ۾ کائڻ لاءِ انهن جو استعمال ڪندا آهن.
دال سستي آهي، جيڪڏهن ڪي وڌيڪ مهمان اچي وڃن ته دال ۾ پاڻي وجهي ان کي وڌائجي ته به اها سوادي لڳندي آهي.
دال اهڙي شيءِ آهي، جيڪا غريب غربو رڌي پنهنجي سڄي ڪٽنب کي پالي سگهن ٿا.
مطلب ته اناج جو بي مانو نه ڪرڻ گهرجي. کاڌي لاءِ جيڪو ملي صبر ڪري اهو کائي ڇڏڻ گهرجي.
سنڌي ماڻهن کي گذاري لاءِ ٻه مکيه ذريعا آهن. کيتي ٻاڙي ۽ چوپايو مالُ.
5.5 سماجي سرشتي ۽ حالتن متعلق پهاڪا:
سنڌي پهاڪن ۾ سماج جو چِٽُ:
پهاڪو سماج جو آئينو آهي، ڇوته سماج ۾ جيڪو ڪجهه ڪوڙ سچ قبول پوي ٿو. سو ئي پهاڪي جي شڪل ۾ عام ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن به ملڪ، صوبي ڳوٺ جي سماجي زندگيءَ بابت ڪجهه ڄاڻڻ چاهي ٿو ته اُن لاءِ گهربل ايراضيءَ جي پهاڪن جو اڀياس ڪرڻ تمام ضروري آهي. گهُربل ايراضيءَ ۾ ڪهڙين ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا؟ هُتي ڌنڌا ڪهڙا ٿين ٿا ۽ اُنهن مان ڪهڙا ڌنڌا سُٺا ۽ ڪهڙا گهٽ معيار وارا ليکبا آهن؟ ماڻهن جي مالي حالت ڪهڙي آهي؟ اُنهن جا ويچار ڪهڙا آهن؟ انهيءَ ايراضيءَ جو سماجي سرشتو ڪهڙو آهي؟ پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ ۽ مٽن مائٽن جو ڪهڙو درجو آهي؟ زالن جي سماج ۾ ڪيتري عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ سماج ۾ زال ۽ مرد جو رشتو ڪيتري قدر محبت ڀريو آهي؟ اُنهن جا اصول ڪيتري معيار وارا آهن؟ اِنهن سڀني بابت ڄاڻ جيتري اسان کي پهاڪن معرفت حاصل ٿئي ٿي. ايتري ٻئي ڪنهن ذريعي مان حاصل نٿي ٿئي.
اِهو سچ آهي ته اخلاقيات جي بناوت ملڪ جي وقت، هلندڙ ماحول، تعليم، ابن ڏاڏن جو اخلاق ۽ وهنوار تي ئي دارومدار رکندي آهي. انهن اثرن جي مدد سان ئي اسان کي سماجي حالت جي پروڙ پوي ٿي.
سنڌ جو سماجي ۽ ثقافتي چِٽُ پسڻ لاءِ پهاڪن کي مختلف حصن ۾ ورهائي انهن جو ڇيد هن ريت پيس ڪجي ٿو:
مذهب جي آڌار تي ڀارت جي سماج کي مکيه طور سان ڇهن گروهن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جيڪي آهن: هندو، مسلمان، سک، عيسائي، ٻوڌي ۽ جين. هندو ۽ مسلمانن ۾ ٻيون ننڍيون ۽ وڏيون ذاتيون به گهڻي ئي آهن. سنڌيءَ ۾ هندن ۽ مسلمانن سان واسطو رکندڙ پهاڪن جو وڏو تعداد ملي ٿو، پر سکن، عيسائين ۽ ٻين مذهبن تي سنڌيءَ پهاڪا نه جي برابر آهن. مذهب جي آڌار تي سنڌيءَ ۾ ڪجهه پهاڪا ملن ٿا، جيڪي هن ريت آهن:
هندو:
هتي هندو ڌرم يا مذهب سان اسان جو مطلب آهي ته سناتن ويدڪ ڌرم، جيڪو ويد، پُراڻ ۽ منوُ سمرتي وغيره گرنٿن (مذهبي ڪتابن) تي بيٺل آهي ۽ هن جي اندر سڀ ننڍا وڏا پنٿِ يا فرقا به شامل آهن.
يعني هندُو گهڻو ڪري سُکيا ۽ ستابا آهن.
مطلب ته هندو گهڻو ڪري پنهنجي ڌرم (مذهب) ۽ ذات ۾ ئي شاديون ڪرڻ پسند ڪن ٿا.
هندو ڳئون کي ماءُ ڪري پوڄيندا آهن ۽ اُن جو گوشت کائڻ وڏو گناهه سمجهندا آهن. ساڳيءَ طرح مسلمان سوئر کي ناپاڪ جانور مڃي اُن جو گوشت کائڻ حرام سمجهندا آهن.
ڄٽ اڏي ..... مٿان ......
مطلب ته هندُو خاص ڪري واڻئي کي جيڪڏهن پيسو ٿيندو آهي ته هو پنهنجي جاءِ ۾ پيسو لڳائي اُن کي وڏو ڪندو آهي. پر جڏهن مسلمان کي پيسو وڌيڪ هوندو آهي ته هو گهڻيون شاديون ڪندو آهي.
ڀارت ۾ گهڻا مسلمان، هندن مان ڌرم بدلائي پوءِ مسلمان ٿيا هئا، اِن ڪري ٻنهي جا اصل نسل قديم زماني ۾ گهڻو ڪري هڪ ئي هئا.
مسلمان:
اسلام جي پوئلڳن کي مسلمان چيو ويو آهي. سنڌ صوبي ۾ اُنهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. مسلمانن ۾ اُنهن جيان وڏي ۽ پيچيدو ذات پات جو سرشتو ڪونهي، پر تڏهن به پيغمبر سان رشتي ۽ پاڪيزگيءَ جي آڌار تي ڪي گروهه بڻجي ويا آهن. اُنهن ۾ سيد پاڻ کي محمد صلي الله عليه وسلم جي نسل مان مڃيندا آهن. ان ڪري اُهي پاڻ کي مسلمانن ۾ اعليٰ ۽ معتبر سمجهن ٿا.
مسلمانن کي پڻ سماجي سطح تي هيٺين گروهن ۾ ونڊي سگهجي ٿو: شيخ، سيد، مُغل، پٺاڻ ۽ ٻيا پيشيور ماڻهو (ڪوري، حجام، درزي وغيره). مسلمانن ۾ ذات جو سرشتو لچڪڻو آهي. انهيءَ ڪري گهٽ ذات جو مسلمان پڻ مالي حالت ۽ سُٺن ڪمن جي بدولت اوچي درجي کي حاصل ڪري سگهندو آهي. مسلمان چاهي ڪهڙي به درجي جو ڇونه هجي، پر سنڌ جا هندو مسلمانن کي ”ڄٽُ“ چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ آهي اڻپڙهيل ۽ بيوقوف. 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي وقت سنڌ ۾ 25 سيڪڙو هندو ۽ 75 سيڪڙو مسلمان ۽ ٻين مذهب جا مڃيندڙ هئا. سنڌ ۾ مسلمانن جي گهڻي تعداد سبب هتي جي رهڻي ڪرڻي، پوشاڪ، کاڌي پيتي وغيره تي انهن جو عڪس هيٺين پهاڪن ۾ نظر اچي ٿو:
مسلمانن ۾ شاديون پنهنجن مائٽن ۽ ويجهن عزيزن ۾ ٿينديون آهن. انهن ۾ اِهو رواج آهي ته پنهنجي ڌيءَ جي شادي هو پنهنجن ئي مٽن مائٽن ۾ ڪندا آهن. ٻين ذاتين ۾ شادي ڪرڻ جو رواج مسلمانن ۾ گهڻو ڪري ڪونهي. راجسٿاني ٻوليءَ ۾ انهيءَ رواج طرف اشارو ڪندي هيءُ پهاڪو ملي ٿو ”گهر ڄائي نئِه پَرگهر ڪيوُن جاڻ دئي؟ ڪا ڪئي جائي، پَر گهر جايه تو دوزخ پايَه.“
مطلب ته ويجهن مائٽن ۾ شادي هئڻ ڪري ڌيءَ جا ساهُرا ۽ پيڪا مائٽ هڪ ئي گهر ۾ آهن.
(مطلب ته گهٽ پهچ وارو ماڻهو آهي.)
(يعني پنهنجي ڳالهه کي ڪنهن به قيمت تي مٿي رکڻ.)
ڄَٽَ:
قاضي:
مسلمان جج يعني فيصلو ڪندڙ کي قاضي چوندا آهن.
مُلو:
(ملو پيو واجهائيندو ته ڪو ماڻهو مري ته کيس ڪجهه ملي، ساڳيءَ طرح ڪانءُ ۽ مجاور به ٻئي جو مال پيو تڪيندو آهي.)
پيرُ:
مطلب ته وڏي ڳالهه آهي ويساهه. يعني وشواس جي، پوءِ پير کڻي ڪهڙو به هجي. هڪ دفعي ڪنهن ماڻهو رستي جي ڀرسان پنهنجي پياري ڪُتي جي قبر ٺاهي. اڻ واقف لنگهندڙ اُن کي ڪنهن اوليا جي قبر سمجهي اُتي پَڙ يعني چادر وجهندا ويندا هئا، پر جن کي خبر هئي سي ته کِلندا هئا. اِن ڪري چوندا آهن ته پير وڏو يا ويساهه وڏو؟
ذات پات جي سرشتي موجب مختلف ذاتين تي ٻڌل پهاڪا:
هتان جي سماج جي برپا ٿيڻ ۽ اُن جي اوسر ۾ ورڻ ويوَسٿا يعني چئن ورڻن جي سڀ کان گهڻي اهميت رهي آهي. ڀارت جي رگ ويد واري وقت جي آخرين دؤر کان ورڻ ويوسٿا (ذات پات جو قانون) جو رواج هلندو پيو اچي. هرهڪ صوبي جي سماجي زندگيءَ تي ذات پات جي سرشتي جي گهري ڇاپ ملي ٿي ۽ ڪابه ايراضي اهڙي حالت کان آزاد ڪانهي. ويدن جي دؤر کان ئي ذات پات جي سرشتي مطابق مکيه طور سان چار ذاتيون ٺاهيون ويون آهن: برهمڻ، کشتري، وئش ۽ شوُدر. انهن کان پوءِ هرهڪ ايراضيءَ ۾ مکيه ذاتين ۾ الڳ الڳ انيڪ اُنهن جون شاخون يا ننڍيون ذاتيون ٿيون. جيتوڻيڪ ڀارت جي سڀني ڳوٺن ۽ تعلقن ۾ انيڪ ذاتين جا ماڻهو گڏجي رهن ٿا، پر هرهڪ جي رهڻي ڪرڻي ۽ روزاني زندگيءَ ۾ گهڻو تفاوت ملي ٿو. اُنهيءَ تفاوت جي بنياد تي الڳ الڳ ذاتين جي خوبين، حالتن ۽ ڪمزورين جي ڄاڻ اسان کي پهاڪن ۾ ملي ٿي. جيئن ته گهڻن ئي راجسٿاني پهاڪن ۾ هڪ ئي هنڌ الڳ الڳ ذاتين جو تقابلي تفصيل به ملي ٿو. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ۾ به هڪ ئي پهاڪي ۾ هندو، مسلمان يا ٻيون ذاتيون به شامل ڪيون ويون آهن. مثال طور:
بامڻ ريجهئِي لاڏوان، باڪل ريجهئِي ڀوُت.
واڻيو ڳالهين ٻولهين مان ريجهي ٿو. راجپوت راڳ سنگيت سان خوش ٿئي ٿو. برهمڻ لڏُون ۽ کاڌو ملڻ تي خوش ٿئي ٿو.
مطلب ته برهمڻ، نائي ۽ ڪتا، پنهنجي ذات وارن کي ڏسي ڪتن وانگر هڪ ٻئي تي ڏند شيڪندا آهن يا پاڻ ۾ وڙهندا آهن.
پهاڪن جي مدد سان سنڌ ۾ ذاتين جي وهنوار، رهڻي ڪهڻي ۽ اُنهن جي زندگيءَ جي جهلڪ هتي ڏجي ٿي:
برهمڻ:
آڳاٽي وقت کان ڀارت جي سماجي سرشتي ۾ برهمڻ جي ذات سڀني ذاتين ۾ اُوچي مڃي ويئي آهي، پر وقت گذرندي جيئن تيئن سماج جي سوچ ويچار، وهنوار ۽ رهڻي ڪرڻيءَ ۾ ڦيرو ايندو ويو، تيئن ذات بابت ويساهه ۽ مڃتائن ۾ به تبديلي ايندي ويئي. جهوني دؤر ۾ جيڪي مڃتا ۽ عزت برهمڻ کي حاصل هئي سا اڄ ڪانهي. اڄ ڪلهه جي زماني ۾ سچو مانُ سمانُ ته هڪ طرف رهيو، پر برهمڻ تي طنز جا تير اُڇليا ويندا آهن. سنڌ جي سرحدن سان لڳل راجسٿان جي صوبي ۾ برهمڻ واسطي هڪ پهاڪو ملي ٿو، ان ۾ چيل آهي ته برهمڻن کي سٺ ورهين تائين عقل ڪونه هوندو آهي ۽ تنهن کان پوءِ هُو مري ويندو آهي. 1
سنڌ ۾ به براهمڻ جي عقل بابت هن ريت پهاڪو ملي ٿو:
مطلب ته واپار يا وهنوار جي خيال کان برهمڻ ۾ ٿورو عقل هوندو آهي، جنهن ڪري هو فائدي جو ڪم ڇڏي نقصان وارو ڪم ڪندا آهن:
سنڌيءَ ۾ براهمڻ تي ڪجهه پهاڪا ملن ٿا، جيڪي هن ريت آهن:
هاٿيءَ جو ڪنُ، سدائين پيو لڏي.
مطلب ته اهي سڀ چنچل (لڏندا) آهن.
راجسٿاني ٻوليءَ ۾ ساڳيو مطلب ڏيکاريندڙ هيءُ پهاڪو ملي ٿو:
دئڻ لئڻ نئي، ڪُڇ نهين، نمسڪار هي نمسڪار.
ڀيٽيو: ”برهمڻ هَه ڀوجن پريَه“: (سنسڪرت)
کتري:
ڌرم شاسترن (يعني هندُن جي مذهبي ڪتابن) جي مطابق برهمڻن کان پوءِ سماج ۾ ٻيو درجو راجا جو آهي. ويدڪ دؤر ۾ اهي ”راجنيه“ ۽ پوءِ ”ڪشتريه“ يا کتريءَ جي نالي سان مشهور ٿيا. جيئن برهمڻن کي ڌرم موجب تعليم ڏيڻ جو ڪم هو، تيئن کشترين کي ملڪ ۽ عوام جي حفاظت جو ڪم ڏنو ويو هو. اُتر ڀارت وارن علائقن ۾ اُنهن کي راجپوت ۽ آنڌر پرديش ۾ انهن کي ’راجُو‘ چيو ويو آهي. راجپوت پنهنجي بهادريءَ لاءِ مشهور آهن. هو پنهنجي ماتر ڀوميءَ (مادرِ وطن) لاءِ پنهنجو ڪنڌ ڪپائڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندا آهن. راجسٿان جي هڪ پهاڪي موجب راجپوتن جي ذات ئي زمين آهي. سنسڪرت جي هڪ مشهور پهاڪي ’يٿا راجا تٿا پرجا‘ جو مطلب آهي ته راجا جنهن رستي تي هلندو يعني پنهنجي هلت ۽ وهنوار رکندو، ته ان جي ملڪ جي رعيت به ساڳي ريت هلندي. کشترين تي ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
يعني راجپوت مري ويندو، پر ٻئي جي اڳيان پنهنجو سِرُ نه جُهڪائيندو.
مطلب ته راجا هميشه پنهنجي راڄ کي وَڌائڻ چاهيندو آهي.
وئش (واڻيو) :
چئن ورڻن (ذاتين) ۾ ورهايل ڀارتي سماج ۾ وئش يا واڻئي جو ٽيون درجو آهي. ”ائترييَه برهمڻ“ نالي گرنٿ ۾ واڻئي کي ڍَل ڏيڻ وارو ۽ زورآوريون سهڻ وارو چيو ويو آهي. ڀارت جي سماج ۾ اِها ذات واپاري، وئش، ڀائيبند، بنيا وغيره نالن سان سڃاتي ويندي آهي. جيئن برهمڻ جو ڪم سِکيا ڏيڻ ۽ کتريءَ جو ڪم پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي حفاظت ڪرڻ هو، اُنهيءَ طرح واڻئي جو ڪم واپار ڪري پنهنجي ملڪ ۽ سماج جي مالي حالت کي مضبوط ڪرڻ هو.
جيتوڻيڪ سنڌي سماج ۾ برهمڻ ۽ کتري به آهن، پر اُنهن ۾ واڻين جو تعداد تمام گهڻو آهي. سنڌي سماج گهڻو ڪري واپاري سماج جي شڪل ۾ سڃاتو ويندو آهي. جهوني وقت ۾ به سنڌي واپاري ٻين ملڪن جيئن ته جاوا، سوماترا، افغانستان وغيره ملڪن ۾ وڃي واپار ڪري ايندا هئا. سنڌي واپاري، جيڪي پاڻيءَ جي رستي وڃي ٻين ملڪن ۾ واپار ڪندا هئا، انهن کي ”سنڌ ورڪي“ چيو ويو آهي. واپار ۾ سنڌي واڻين جو گهڻو نالو آهي ۽ هو ٻين ملڪن سان واپار ڪرڻ ۾ پنهنجو خاص مقام به رکندا آهن. انهيءَ ڳالهه طرف اشارو ڪندڙ هيءُ پهاڪو ملي ٿو: ”جيڪي ويا جاوا، سي ٿيا ساوا“. مطلب ته جيڪي واپاري جاوا وڃي پنهنجو مال وڪڻي ايندا هئا، انهن کي سٺو لاڀ ملندو هو.
سنڌ جي ذاتين تي ٻڌل پهاڪن ۾ واڻين بابت پهاڪن جو تعداد تمام گهڻو آهي. هيٺ ڏنل پهاڪن مان اُنهن پهاڪن مان اُنهن جي خوبين ۽ گهٽتاين تي جهجهي روشني پوي ٿي:
جيڪڏهن ويٺو آهي ته سمهيو پيو آهي.
۽ جي سمهيو پيو آهي ته آهي ئي ڪونه.
اها چوڻي سنڌي سماج جي واڻئي جي ڊڄڻي سڀاءُ يا مزاج طرف اشارو ڪري چوي ٿي ته لڙائيءَ جي ميدان ۾ واڻين تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي.
گهر ۾ کائنس ڪوئا ۽ ٻاهر کائينس ڪانوَ.
هڪڙي هڪڙي ايڪويهه تاڻيا.
مطلب ته واڻيا دل جا ڪمزور هوندا آهن.
ٻنهين کي ڀري الله.
مطلب ته کاڌي پيتي ۾ ڪنجوسي پيو ڪري.
شوُدر (پوئتي پيل ذاتيون):
ويدڪ ڌرم گرنٿن (ويدن جي ڌرمي ڪتابن) جي آڌار تي ڀارت جي سماج کي الڳ الڳ ورڻن يا ذات پات ۾ ورهايو ويو آهي. اُنهن سڀني جي ڪمن ۽ زندگيءَ جي طريقهء ڪار ۾ گهڻو فرق آهي. انسانن ۾ به هڪجهڙائي ڪانهي. انهيءَ ڏس ۾ شودرن ۽ ٻين ٽن يعني برهمڻ، کترين ۽ وئشن جي وچ ۾ وڏو فاصلو رکيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته شودر ذات جو ڪن يا عملن ۾ رڳو ٽنهي ذاتين جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي. انهيءَ ريت، چئن ذاتين ۾ ورهايل ڀارت جي سماج ۾ شودرن جو چوٿون درجو يا جڳهه مڃي ويئي آهي. ”ايتريه برهمڻ“ نالي ڌرمي ڪتاب موجب شودر انهن ٽنهي ذاتين جي مرضيءَ سان شودر کي سماج مان ڪڍي سگهبو هو ۽ هُڻ کي مرضيءَ موجب سزا پڻ ڏيئي سگهبي هئي.
شودر ذات جي اندر گهڻي ئي اڇوت ذاتيون شامل ڪيل آهن: جيئن ته: ڍيڍ، چمار، موچي، ڀنگي، ميگهواڙ، ڪاسائي، ڀيل، وغيره. انهن سان واسطو رکندڙ پهاڪا ذاتين جي اندر ڏنا ويا آهن.
ڌنڌي ۽ پيشيور جاتين تي ٻڌل پهاڪا
ڀارت جي سماج ۾ مکيه چئن ذاتين کان سواءِ الڳ الڳ ڪمن يا ڌنڌن تي گذران ڪرڻ وارين ذاتين جو به گهڻو تعداد ملي ٿو. جيئن ته: ڪوري، ڪنڀر، تيلي، ڌوٻي، موچي، لوهار، سونارا، حجام وغيره.
اِهي سڀيئي ڀارت جي سماج جو هڪ حصو آهن. ڌنڌي جي مطابق الڳ الڳ ڪم ڪرڻ وارن تي به گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا، جن جي آڌار تي ڀارت جي ثقافتي ۽ سماجي ڍانچي تي گهڻي روشني وجهي سگهجي ٿي:
ڪوري يا جُلاهو:
سنڌ ۾ ڪوري ذات جا ماڻهو گهڻي وقت کان رهندا پيا اچن. انهن تي ٺهيل ڪجهه پهاڪا هتي ڏجن ٿا:
يعني ڪوري آڏاڻي تي جڏهن ڪپڙو اُڻي ٿو ته اُن وقت ان جي تاڃي پيٽي ۾ ڌاڳن جو حساب اهڙي نموني رکي ٿو، جو رٿيل ڊزائين ٺهي سگهي. ڪي ماڻهو هن پهاڪي جو استعمال ڌڻيءَ سان به لڳائي ڪندا آهن. اِن موجب چئبو ته بندو چاهي ڪيترو به سوچي، پر ٿيندو اُهو ئي جيڪو ڌڻيءَ جي من ۾ آهي.
ڪورين جو مکيه ڌنڌو ڪپڙو اُڻڻ ۽ ان کي وڪڻڻ آهي. هي سادا سودا ۽ گهٽ پڙهيل ذات جا ماڻهو هوندا آهن. هنن جي سادي وهنوار ۽ پراڻي هلت چلت کي لوڪ ڪٿائن ۽ پهاڪن ۾ جوڳو مقام مليل آهي. جيئن ته:
يعني ڪوري گهٽ عقل وارا ۽ سادا ماڻهو هوندا آهن.
ڪوري جنهن هنڌ آڏاڻو يا ڪرگهو رکندو آهي، اُن جي هيٺان ننڍي کڏ به کوٽيندو آهي. پيرن سان هوُ ڪرگهو هلائيندو آهي ۽ هٿن سان ڪپڙي جي اُڻت کي به ٺيڪ ڪندو ويندو آهي. پيرن جي جاءِ هيٺان کڏ هوندي آهي، جيئن ڪرگهو ٺيڪ هلائي سگهجي. هِن پهاڪي جو ٻيو مطلب به آهي ته جيڪو ماڻهو ٻين لاءِ کڏون کوٽي ٿو، اُهو پهرين پاڻ اُن کڏ ۾ ڪري ٿو.
مطلب ته ڪوريءَ کي عزت ڏيڻ سان ڪوبه فائدو ڪونهي. هوُ مانَ ۽ عزت ۽ سُٺن کاڌن مان سمجهڻ وارو نه آهي.
بنا ڪنهن ڪارڻ جي پاڻ ۾ ڪي ڌُريون وڙهن ته ائين چون.
يعني اُڻڻ وقت ڌاڳن کي نڙو هڻي سِڌو رکبو ته ڳنڍ نه ٿيندو.
ڪُنڀر:
ڪُنڀرن جي ذات محنت ڪش ۽ هُنر وارن ماڻهن جي آهي. انهن جو ڪم ڪچي مٽيءَ کي پچائي، سهڻن برتنن ۽ مٽيءَ جي رانديڪن کي ٺاهڻ جو آهي. هي گهرن ۾ ۽ انسان جي روزاني زندگيءَ ۾ ڪم اچڻ واريون مٽيءَ جون گهڻيون شيون ٺاهيندا آهن. جيئن ته ڏيئا، تغاريون، جانورن جي کاڌي کي رکڻ لاءِ وڏا برتن، ڪونڊيون، جهوپڙين تي لڳڻ وارا کپر وغيره. ڪُنڀرن سان واسطو رکندڙ ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
ته گڏهه جا ڪن مروڙي.
تيلي:
تيلِي گهاڻي مان تيلُ ڪڍڻ جو ڪم ڪندا آهن. هي ٻين به ڪجهه شين جي واپار ڪندا آهن. انهيءَ ڪري اُنهن جي مالي حالت ٻين ڌنڌوڙي ذاتين کان وڌيڪ سُٺي آهي. ڇاڪاڻ ته تيليءَ جو لاڳاپو تيل سان آهي، اِنهيءَ ڪري تيل تي ٻڌل پهاڪن جو ذڪر ڪجي ٿو:
سنڌ ۾ ڄانڀي جي ڪؤڙي تيل ۾ مصالحا وجهي ساڙبو آهي ۽ پوءِ اُن تيل ۾ پڪوڙا وغيره ٺاهيا ويندا آهن. اهڙي تيل ۾ ٺهيل پڪوڙا ٻيون شيون وڌيڪ لذيذ ۽ طاقتور هونديون آهن.
راجسٿاني ٻوليءَ ۾ تيليءَ بابت هي پهاڪا ڏِسو:
تيليءَ جي پنهنجي گهر ۾ ئي گهاڻو آهي، پوءِ هو رُکي ماني ڇو کائي؟
يعني تيليءَ جو ڏاند گهاڻي جي چوڌاري پيو ڦرندو آهي.
ڌوٻي:
ڌوٻين جي ذات محنت ڪش ذاتين ۾ مڃي ويندي آهي. هنن جو ڪم ميرن ڪپڙن کي ڌوئڻ جو آهي. ڌوٻين جو واسطو سماج جي هر ڪنهن ننڍي ۽ وڏي طبقي وارن ماڻهن سان پوي ٿو. هن پيشي سان لاڳاپو رکندڙ ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
مطلب ته ڌوٻيءَ جي گهر چوري ٿيڻ تي هُن کي ڪوبه نقصان نه رسندو، پر ٻئي طرف جيڪي ڪپڙن جا اصلي مالڪ آهن، انهن کي ئي ڪپڙن جي چوري ٿيڻ تي نقصان پهچندو.
هيءُ پهاڪو پراڻن يا سڙيل ڪپڙن کي ڌوٻيءَ پاران ڌوئڻ طرف اشارو ڪري ٿو. اهڙن ڪپڙن جي ڦاٽي وڃڻ جو گهڻو امڪان هوندو آهي، جنهن ڪري اُنهن جي مالڪ کي نقصان ٿئي ٿو.
ڌوٻيءَ جو ڪُتو جيڪڏهن گهر ۾ هوندو ته هر اچڻ واري گراهڪ کي ڏاڙهيندو ۽ جيڪڏهن هُو گهاٽ تي هوندو ته ڌوتل ڪپڙن کي خراب ڪري نقصان ڪندو. جڏهن ڪو ماڻهو ٻنهي ڌُرين طرفان ڌڪاريو وڃي ته انهيءَ لاءِ چئبو آهي.
يعني ٻئي کي ٿيندڙ نقصان جو ڌوٻيءَ کي ڪوبه خيال نه ٿو رهي. ڪپڙن ڌوئڻ وقت پٿر تي انهن کي سٽڻ تي هو اڪثر ’ڇوُ ڇوُ‘ جو آواز ڪندو آهي. جي ڪپڙا ڦاٽي يا چوري ٿيا ته ڌوٻيءَ جي گهران فقط ’ڇُو ڇوُ‘ ويندي.
موچي:
موچيءَ جو ڌنڌو ڪرڻ وارا ماڻهو جُوتن ۽ چنپلن کي ٺاهڻ جو ڪم ڪندا آهن. شروع شروع ۾ ماڻهو ڪاٺ کي لسو ڪري اُن جون چاکڙيون ٺاهي پنهنجن پيرن ۾ پائيندا هئا، پر پوءِ چمڙي ۽ رٻڙ جي ايجاد ٿيڻ تي ڪاٺ جي بدران چمڙي جا جوتا ۽ رٻڙ جا چنپل ڪم اچڻ لڳا آهن. موچين بابت سنڌيءَ ۾ ڪجهه پهاڪا ملن ٿا، جيڪي هيٺين ريت آهن:
پنهنجي ڪَئي جو ڦلُ پاڻ ڀوڳڻ تي ائين چون.
مطلب ته موچي حرام ۽ حلال جي جانور جي چمڙي مان ڪمائي ٿو.
لوهار:
لوهار لوهه جي ڪم ڪرڻ ۾ ماهر هوندا آهن. هن ڌنڌي وارا ماڻهو لوهه سان ٺاهڻ واريون گهڻيئي شيون ٺاهيندا آهن، جيڪي عام ماڻهن جي روزاني زندگيءَ ۾ ڪم اچن ٿيون. جيئن ته: چاقو، ڪپ، تسلا، توا، ڪوڏر، لوهه جي ڇاڻي وغيره. آڳاٽي زماني ۾ لوهارن جو مکيه ڪم کترين لاءِ هٿيار ٺاهڻ به هوندو هو، جن ۾ هوُ تلوارون، نيزا، ڀالا، ڍالون وغيره ٺاهيندا هئا. لوهارن ۾ هڪ ذات گاڙِييا لوهارن جي آهي، جيڪي اڄ تائين به پنهجو هڪ هنڌ ٺِڪاڻو ٺاهي ڪونه رهندا آهن. هِن ذات جا ماڻهو پاڻ کي راجسٿان جي هڪ مشهور راجا مهاراڻا پرتاپ جي نسل جا مڃيندا آهن. راڻا پرتاپ جڏهن مغلن سان لڙائيءَ ۾ چتور جو قلعو پنهنجي هٿان وڃايو، تڏهن هوُ جهنگ ۾ وڃي رهيو. هُن قسم کاڌو ته جيستائين چتور واپس نه ورتو اَٿم تيسيتائين مان محلن ۾ نه رهندسُ. هُن کان اڳ سندس گهڻي ئي سپاهي به جهنگن، ٻنين ۾ رهڻ لڳا. ان روايت موجب گاڙِييا لوهار به راڻا پرتاپ سان گڏ رهڻ لڳا. هُو فوج جي لاءِ هٿيار وغيره به ٺاهيندا هئا. وقت گذرندي راڻا پرتاپ چتور جو قلعو وري فتح ڪيو ۽ پنهنجي محل ۾ رهڻ لڳو. پر سندس فوج جا لوهار سپاهي وري قلعي اندر نه ويا. اُن زماني کان وٺي هنن پنهنجو گهر نه ٺاهيو آهي. هي بيل گاڏيءَ ۾ پنهنجي گذران جوڳو سامان پاڻ سان کڻندا آهن ۽ سڄي زندگي رستن جي ڀرسان فٽپاٿن تي گاڏيون بيهاري، اُتي کرُپيون، توا ۽ ٻيو لوهه جو سامان ٺاهي ۽ وڪڻي پنهنجو گُذر ڪندا آهن.
سنڌيءَ ۾ لوهارن بابت ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
يا
مطلب ته لوهارن جي قسمت ۾ ئي ٽانڊا ۽ چڻگون لکيل آهن. هي پهاڪو اِن طرف اشارو ڪري ٿو ته لوهار باهه ٻارڻ لاءِ جڏهن ڌمڻي هلائيندا آهن، تڏهن باهه مان چڻنگون اُڏامنديون آهن، جيڪي اڪثر کين ٽنگن ۾ پيون لڳنديون آهن. اُن حقيقت تي هڪ چوڻي ٺهي آهي.
يعني ٻن ماڻهن جي ڳالهه جي وچ ۾ ٽئين ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. لوهار لوهه مان ڇاٿو ٺاهڻ چاهي، ان جي کيس ئي خبر هوندي آهي. ٻيو ماڻهو اُن جو اندازو نه ڪري سگهندو. ڀيٽيو: ”اُڻندو اُهائي جا هوندي ڪوريءَ جي من ۾.“
(پنهنجا پنهنجن جا ويري آهن.)
ڀيٽيو: ”سئو سنار ڪي، ايڪ لوهار ڪي.“ (هندي)
سونارو:
دُنيا جي قيمتي شين ۾ سُون به هڪ آهي. سون کي گهڙي، اُنهن جا سهڻا ڳهه ڳٺا ۽ زيور ٺاهڻ جو اعليٰ هُنر سونارن جو آهي. سون جا زيور زالن کي تمام گهڻو موهيندا آهن. سونارن کي سماج ۾ شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اِها ڳالهه مڃيل آهي ته سونارو پنهنجين سڳن مائٽن جي سون مان به رَتي ڪڻُ سون جو ڪڍي وٺندا آهن.
سنڌيءَ ۾ سونارن سان واسطو رکندڙ ڪجهه پهاڪا هيٺينءَ ريت آهن:
سُٺي شيءِ جي قيمت يا مُلهه تمام گهڻو هوندو آهي. اُنهيءَ کي رکڻ ۾ ڪوبه نقصان ڪونه ٿيندو آهي.
يعني سچي ۽ ماڻهوءَ جو قدرُ ڪڏهن به گهٽبو ناهي.
ڪنهن شيءِ جي اصل قيمت کان جڏهن اُنهيءَ مان ٻيون شيون ٺاهڻ تي وڌيڪ خرچ اچي، تڏهن چون:
مطلب ته جيڪڏهن سؤ زالن جي چالاڪيءَ کي پاڻ ۾ گڏ ڪجي ته اُها هڪ سوناري جي چالاڪيءَ جي برابر هوندي.
سماج ۾ اِها ڳالهه مڃيل آهي ته سونارو سون گهڙڻ مهل اُن مان ڪُجهه سون ضرور ڪڍي وٺندو آهي. پنهنجيءَ ماءُ جي سون مان به چوري ڪرڻ کان نه ٽرندو آهي.
هن پهاڪي ۾ سوناري جي برابري چور سان ڪئي ويئي آهي. ڀيٽيو: ”جاٽ جنوائي ڀاڻيجو رئيباري سُنار، ڪدئي نه هوسين آپڻا ڪر دئيکو ويوهار.“
حجامُ:
جيئن ڌوٻي سماج جي هرهڪ طبقي جي ويجهو ٿين ٿا، ساڳيءَ طرح حجام جو به هرقسم جي ماڻهن سان گهرو تعلق هوندو آهي. حجام جي ذات سماج ۾ ننڍي درجي تي ليکي ويندي آهي. پر سماج ۾ ڪيترائي ڌرمي، مذهبي ۽ ثقافتي موقعا اهڙا آهن، جن ۾ حجام جي ضرورت پوندي آهي. حجام ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ تيز، چالاڪ پر زبان جا مِٺا هوندا آهن. ڀوجپوريءَ ۾ حجام تي ٻڌل هيءُ پهاڪو حجام جي اُنهيءَ گڻ طرف اشارو ڪري ٿو:
مطلب ته جيئن جهرڪين ۾ ڪانءُ سڀني ۾ تيز ۽ چالاڪ سمجهيو ويندو آهي، تيئن ماڻهن ۾ نائي يعني حجام سڀني ۾ چالاڪ مڃيو ويندو آهي.
سنڌيءَ ۾ حجام تي ڪجهه پهاڪن جا مثال ڏسو:
مطلب ته جيڪڏهن ڪنهن نالائق کي ڪا اختياري ملندي ته پوءِ هُو سڄي خلق لاءِ آزار بڻجي ويندو آهي.
حجامن جو سُڀاءُ هڪ ٻئي جي گلا ڪرڻ ۾ ڪُوڙ ڳالهائڻ جو ٿيندو آهي. هُو حجامت ڪندي مهل پيا ڳالهيون ڪندا ۽ پنهنجن گراهڪن سان ڪُوڙ پَچ ڪري هڪٻئي جي گلا غيبت ڪندا. پنهنجي اُنهيءَ عادت جي ڪري حجامن جي ذات ڀروسي جي قابل نه سمجهي ويندي آهي.
مطلب ته حجام هلڪي ذات جا آهن. هو جتي ويندا اُتي ڪجهه نه ڪجهه نقصان ڪندا آهن يا گلائون ڪري ماڻهن ۾ جهڳڙا ڪرائيندا آهن.
جسماني اوُڻائيءَ يا وِڏ متعلق پهاڪا
سنڌيءَ ۾ ڪجهه اهڙا به پهاڪا ملن ٿا، جيڪي ماڻهن جي جسماني اوڻاين (جيئن ته کدڙو، انڌو، ڪاڻو، گونگو وغيره) سان لاڳاپو رکن ٿا. هِتي اُنهن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
کدِڙو:
سائينءَ جي مهر نرالي آهي. آدم ذات ۾ هن دنيا ۾ ٽن قسمن جا ساهوارا ملن ٿا. هڪڙا آهن مذڪر ٻيا آهن مؤنث ٽيان آهن. وچٿرا، جن کي سنڌيءَ ۾ کدڙو ڪري سڏبو آهي. اُنهن کي سماج ۾ قدرت جو ڏمر سمجهيو ويندو آهي ۽ هي سماجي طبقي کان ٻاهر جي زندگي گذاريندا آهن. مطلب ته سماج ۾ اُنهن کي ڪابه حيثيت نه ڏني ويندي آهي. هڪ رواج موجب کدِڙن جي مرڻ بعد هُن جا ٻيا کدِڙا ساٿي سندس لاش کي گِهِلي کڻي ويندا آهن ۽ هُن جي جسم تي جوُتن جو وسڪارو ڪري ڪچيون گاريون به ڏيندا ويندا آهن. هِن رواج پٺيان سوچ آهي ته ائين ڪرڻ سان شال هُو ٻيو جنم وري کدڙي جي شڪل ۾ نه وٺي، پر ٻئي طرف شادي مراديءَ تي ۽ ٻار، خاص طور سان پُٽ جي پيدا ٿيڻ تي کدڙن جو گهر ۾ اچي ناچ گاني ڪرڻ کي هڪ سٺو سوڻُ مڃيو ويندو آهي. اهو به رواج ڏٺو ويو آهي ته کدڙِي جي مري وڃڻ تي هُن کي ٻيا کدڙا اڌ رات ۾ گهِلي وڃي نديءَ ۾ کيس ٻُوڙيندا آهن.
سنڌيءَ ۾ کدڙن بابت ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
انڌو:
جن شخصن کي اکين ۾ نُور نه هوندو آهي يا روشني نه هوندي آهي، تن کي انڌو، نابين ۽ سُورداس ڪري سڏبو آهي. آدم ذات ۾ اِها جسماني ڪمي گهڻو ڪري ڄائي ڄم کان هوندي آهي. ٻيو ته ڪڏهن ڌڪ لڳڻ ڪري، وڏي عمر ٿيڻ بعد به اکين جي روشني وڃي سگهندي آهي، جنهن ڪري ماڻهو ڏسڻ کان لاچار ٿي ويندو آهي. مردن کي ’انڌو‘ ۽ زالن کي ’انڌي‘ چيو ويندو آهي. ڪجهه وقت اڳ تائين انڌن کي سماج جي مٿان ٻوجهه سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي انهن کي به خاص طور سان پڙهائي ڪجهه هُنر سيکاريا ويندا آهن، جيئن ته: هي سماج جي لاءِ ڪجهه ڪم ڪري پنهنجو گُذر بسر ڪري سگهجن. اهڙي خاص تعليم حاصل ڪرڻ بعد، اکين ۾ روشني نه هوندي به هُو پنهنجي هُنر جي مدد سان گهڻي ئي شيون ٺاهي سگهندا آهن. پڙهڻ جي لاءِ انڌا پنهنجي آڱرين جي ڇهاءُ جو استعمال ڪندا آهن. اُنهن جي لاءِ ڪتاب هڪ خاص لِپيءَ ۾ تيار ڪيا ويندا آهن، جنهن کي ’بريل لِپِي‘ چئبو آهي. انهيءَ طرح سان انڌا به اڄ ڪلهه محنت ڪري سماج ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي رهيا آهن.
انڌن بابت سنڌيءَ ۾ ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
مُلههُ ڏيئي ناڻو، مارائجي منڊي کي.
ڪاڻو:
جنهن شخص جي رڳو هڪ ئي اک ۾ نُورُ هجي، تنهن کي ڪاڻو چئبو آهي. پهاڪن جي دنيا ۾ ڪاڻن کي خراب سوڻ مڃيو ويو آهي:
گنجو:
جن شخصن کي مٿي تي وار نه هجن، اُنهن کي ’گنجو‘ يا
’ٺوڙهو‘ چئبو آهي. اِنهن تي ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
بِندرو (ڄامڙو):
جسماني بناوت جي خيال کان جيڪو انسانُ رواجي قد بُت جو نه هئڻ ڪري گهٽ ڊگهو هجي ته هُن کي ’بندرو‘ چئبو آهي. سماج ۾ اهڙا شخص پنهنجي جسماني بناوت جي ڪمزوريءَ جي ڪري ’مسخرن‘ جو ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن. اِنهن تي ڪجهه پهاڪا هِن ريت آهن:
ٻوڙو:
جيڪو شخص ٻُڌي نه سگهي يا تمام گهٽ ٻُڌي اُن کي ’ٻوڙو‘
چئبو آهي. هِن تي ڪجهه پهاڪا ڏسو:
گونگو:
جنهن شخص کي ڳالهائڻ جي قوت نه هوندي آهي، اَن کي ’گونگو‘ چيو ويو آهي. اهڙا شخص ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي زبان جو استعمال نه ڪري سگهندا آهن ۽ اِشارن مان پنهنجي ڳالهه کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اُنهن تي ٻڌل ڪجهه پهاڪا هِن ريت آهن:
مطلب ته اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.
يعني ساڳئي خيال وارا ماڻهو پاڻ ۾ ٺهڪندا آهن.
جيئن گونگو ڳُڙ کي کائي، اُن جي سواد جي باري ۾ ٻين کي ٻڌائي ڪونه سگهندو آهي، ساڳيءَ طرح جيئن اِنسان ڌڻي سائين جو ديدار ڪيو آهي، اُهو پنهنجي زبان سان ڪانه ٻڌائي سگهندو آهي ته ڌڻي سائين جي ديدار مان کيس ڪهڙو سُڪون مليو آهي. مطلب ته روحاني سُڪون بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
تقابلي پهاڪا
هتي هندُو ڌرم موجب گروهن ذات پات جي سرشتي موجب گروهن، ڌنڌي موجب گروهن ۽ ٻين ذاتين سان گڏوگڏ جسماني اُوڻاين ۽ وهنوار موجب گروهن تي ٻڌل ڪجهه پهاڪن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. اِنهن پهاڪن ۾ گهڻو ڪري سڀيئي اهڙا پهاڪا آهن، جيڪي ڪنهن هڪ ذات سان واسطو رکن ٿا، پر پهاڪن جي دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن ۾ هڪ کان وڌيڪ ذاتين جو بيان ڪيل آهي ۽ ٻنهي جي خاصيتن، گهٽتاين، اوڻائين وغيره تي روشني وڌي ويئي آهي. اهڙن ڪجهه پهاڪن جا مثال هتي ڏجن ٿا:
چور نه ڏيکيا ڏيک سونارا.
سرڪاري عملدار
سنڌ جي هندن ۾ عامل ۽ ڀائيبند فرقن جو بنياد ڪلهوڙن (1700ع کان 1783ع) جي زماني ۾ پيو. سرڪاري هندو عملدارن ۽ مسلمانن کي عامل سڏيو ويو ۽ واپار ڪندڙ هندُن کي ڀائيبند ڪوٺيو ويو. آهستي آهستي اهي ٻئي پنهنجي وهنوار سبب عوام ۾ مشهور ٿيندا ويا، پر ٻئي طرف پنهنجي وهنوار ۾ علحدگيءَ سبب ’ڀائيبند‘ ۽ ’عامل‘ هڪٻئي کان پري به ٿيندا ويا.
سماج جي هرهڪ گروهه ۾ سرڪاري عملدارن بابت مختلف رايا ملن ٿا. سرڪاري عملدارن بابت الڳ الڳ قسمن جي ٿيل آزمودن مان هيٺين پهاڪن جو جنم ٿيو آهي:
عامل يعني سرڪاري عملدار کي پنهنجي عهدي جو فخر هوندو آهي. ان ڪري هُو پنهنجو به دوست نه هوندو آهي. ساڳيءَ طرح ڦڦڙن کي به گوشت ڪري نه سمجهيو ويندو آهي. مطلب ته عاملن مان ڪڏهن به اِها اُميد نه رکجي ته هو اوکي ويل دوستن وانگر وهنوار ڪري ڪنهن جي ڪم اچي سگهندا. اهڙيءَ طرح ڦڦڙ به ڪڏهن کاڌي جي ڪم نه ايندا آهن.
بيماريءَ ۾ ڪو ڊاڪٽرن جي ورُ چڙهيو يا ڪِن سرڪاري عملدارن ۾ ڪنهن جو ڪم پيو ته سمجهجي ته هو ڦاٿو. انهيءَ لاءِ چيو ويو آهي ته حاڪم يعني عملدار ۽ حڪيم يعني ۾ ڊاڪٽر ڪنهن جو ڪم نه ڦاسي.
يعني وڏن ماڻهن جي دوستيءَ تي ڪو ڀروسو ڪونهي. وقت پوڻ تي هوُ ڪڏهن به ڪم نه ايندا آهن.
مطلب ته آفيسر سان دوستي ڪرڻ تي ڪڏهن به مِٺ محبت جو رشتو نه بڻجي سگهندو، ڇاڪاڻ ته آفيسر کي پنهنجي عهدي جو غرور ٿيندو آهي ۽ پنهنجي نوڪريءَ کي بچائڻ خاطر هُو ٻين تي مصيبت اچڻ تي ڪڏهن به کين ڪم نه ايندو آهي.
مطلب ته سرڪاري عملدارن جي خلاف ڪڏهن به نه وڃجي. سرڪاري طاقت ساڻ هئڻ ڪري هُو عام ماڻهن کي ڪڏهن به نقصان پهچائي سگهن ٿا.
مطلب ته جهڙيءَ ريت گهوڙي جي پُٺ وٺڻ تي هُن جي لَتَ لڳڻ جو انديشو هوندو آهي، ساڳيءَ طرح آفيسر جي خلاف وڃڻ تي نقصان ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي. ڀيٽيو: ”افسر ڪئي اگاڙي اؤر گدها ڪي پڇاڙي نه آوئيڪ چاهي“ (اوَڌي) ۽ ”گهوڙا ڪِي پڇاڙي ائور حاڪم ڪي اگاڙي نا جائي ڪي“. (ڀوڄپُوري).
گڏيل ڪٽنب ۽ رشتيدارن متعلق پهاڪا
ڪنهن به گروهه يا ذات يا جاتيءَ جي (سماجي) ۽ ثقافتي پهاڪن جو اڀياس ڪرڻ لاءِ سڀني کان پهرين سماجي سرشتي کي جاچڻ، سمجهڻ نهايت ضروري ٿيندو آهي. سماجي سرشتي ۾ گڏيل ڪٽنب، رشتيدار، (جيئن ته پيءُ، ماءُ، پُٽُ، ڌيءَ، ڀاءُ، ڀيڻ، ڀاڄائي، ناٺي، چاچو، چاچي، مامو، مامي، ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني، ماسڙ، ماسي، وغيره) جهڙا گهڻيئي رشتا اچن ٿا. سماجي سرشتي جي بناوت سمجهڻ کان پوءِ سندن وچ ۾ وهنوار، مِٺ محبت، مان- مريادا، وغيره جي رنگ ڍنگ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان ئي ڪنهن گروهه يا ذات بابت اُنهيءَ سان پروڙ پوي ٿي.
سماجي سرشتي جو ننڍي ۾ ننڍي ايڪو آهي، ڪٽنب يا پريوار. آڳاٽي دؤر ۾ ڀارتي ڪٽنب جو مطلب هڪ گڏيل ڪٽنب هو، جنهن جي معنيٰ آهي ته ڀائرن، چاچن، سؤٽن ۽ ڀائٽين جي وچ ۾ ويجهو تعلق هئڻ ۽ هُو سڀيئي گهڻو ڪري هڪ ئي گهر ۾ يا وري گهرن جي ميڙ ۾ هڪ ئي هنڌ تي ساڳئي ڪٽنب جي ڀاتين وانگر رهندا هئا. يورپيءَ ۽ سئميٽڪ (سامي نسل) ڪٽنبن جيان هتي به ڪٽنب پيءُ جي نسل جو آهي. پيءُ ئي گهر جو مکي (وڏو) ۽ گڏيل ملڪيت جو بندوبست ڪندڙ هوندو هو. لڳ ڀڳ ڀارت جي سڀني صوبن ۾ نسل جو نالو ۽ ملڪيت جو حق پيءُ جي نالي تي هلندو آهي. پر ڏکڻ ڀارت جي ڪجهه صوبن جيئن ته ڪيرل ۾ ڪٽنب جو سرشتو ماءُ جي نالي سان هلڻ جي روايت آهي. پيءُ جي نسل واري روايت ۾ جتي ملڪيت جو حق پيءُ کان پُٽ وٽ ۽ وري ان جي پٽ وٽ ويندو آهي، ساڳيءَ طرح ماءُ جي نالي پويان نسل جي روايت ۾ ملڪيت جو حق ماءُ کان ڌيءَ وٽ ۽ پوءِ وري هُن جي ڌيءَ کي ملندو آهي. هن روايت موجب ڪٽنب جي وڏِي ماءُ هوندي آهي ۽ انهيءَ جي نالي تي ڪٽنب هلندو آهي.
آڳاٽي ڀارت جي ڪٽنب ۾ ماءُ- پيءُ، ٻار- ٻچا، ڏوهٽا- پوٽا، چاچا ۽ سندن ٻارن سان گڏ مرد جي پاسي جا مختلف رشتيدار به شامل هئا. هن ميڙ ۾ گود ورتل ٻار به شامل ٿي سگهندا هئا ۽ جيڪڏهن گهريلو نوڪر ۽ خدمتگار غريب نه هجن ته اُهي پڻ شامل ٿي ويندا هئا. هن کان سواءِ برهمڻ ڪٽنب ۾ انيڪ شاگردن لاءِ به جڳهه هوندي هئي جيڪي گهر جي مُکيءَ جي سايي هيٺ ڊگهي وقت تائين تعليم جو اڀياس ڪندا هئا ۽ ڪٽنب جي ڀاتين وانگر ئي سماج ۾ مانُ پائيندا هئا. اهڙيءَ طرح عام طور تي آڳاٽي دؤر جي نُهنُ- زال سماج ۾ جتي ڇوڪرين جي شادي اُنهن جي ننڍي عمر ۾ ئي ڪئي ويندي هئي، ڪٽنب ۾ گهڻن ئي ڀاتين جي هئڻ ڪري هڪ وڏو ميڙ بڻجي پوندو هو. اهڙيءَ طرح رڳو هڪ شخص کي نه بلڪ سڄي ڪٽنب کي سماجي سرشتي جو هڪ ايڪو سمجهيو ويندو، پر اهڙي ايڪي ۾ ننڍن ننڍن رشتن ناتن جي ڪا اهميت ڪانه هوندي هئي. مثلاً پُٽ پنهنجي پيءُ جي سڀني زالن کي بنا ڪنهن فرق جي ”ماتا“ چوندو هو ۽ ڀائرن ۽ سؤٽن ۾ فرق چٽو نه هوندو هو. آهستي آهستي وقت گذرندي جدا جدا سببن ڪري هندُن ۾ هڪ کان وڌيڪ زالن جو رواج گهٽجندو ويو ۽ سماج ۾ ڪٽنب ۾ به گهڻو فرق اچي ويو. اڄ ڪالهه جي الڳ الڳ حالتن ڪري هڪ ئي ڪٽنب جي ڀاتين کي پنهنجي روزگار خاطر الڳ الڳ هنڌن تي وڃي رهڻو ٿو پوي، جنهن ڪري آڳاٽي زماني جي گڏيل ڪٽنب جي شڪل هاڻي گهٽ نظر اچي ٿي.
ڪٽنب يا پريوار کي ٺاهڻ جا جيڪي خاص سبب آهن، اهي آهن؛ شادي ۽ جنم. اِنهن ٻنهي سببن جي ڪري ڪنهن به ڪٽنب جا ڀاتي هڪ ٻئي سان مختلف رشتن ۾ ڳنڍجن ٿا. ڪٽنب جي اِنهن مختلف ڀاتين ۽ رشتن بابت چيل ويچارن کي پهاڪن ۾ سمجهائڻ لاءِ هيٺين ريت اڀياس ڪجي ٿو:
ڪٽنب متعلق پهاڪا:
مطلب ته پنهنجي ڪٽنب کان الڳ ٿيڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. اِن ڪي اِها خواهش ڪئي ويئي آهي ته پنهنجي ڪٽنب کان ڪوبه الڳ نه ٿئي.
پنهنجي ڪٽنب سان رشتو ڦٽائڻ نه کپي، ڇوته برادريءَ کان الڳ ٿيڻ تي ماڻهوءَ جي بڇڙي حالت ٿي ويندي آهي.
مطلب ته عزيزن يا مائٽن جي هڪ ٻئي سان همدردي ٿئي ٿي.
گڏيل ڪٽنب بابت راجسٿاني ٻوليءَ ۾ هيءُ پهاڪو ڏسو:
مطلب ته گهر جا سڀ ڀاتي جي ڪٽنب ۾ گڏ رهن ٿا ته اُنهن جي مانَ مريادا زندهه رهي ٿي. پر ڀاتين جي الڳ ٿي وڃڻ تي اهڙي ڪٽنب جي عزت گهٽجي ويندي آهي.
ڪٽنبي زندگيءَ ۾ وهنوار متعلق پهاڪا:
مطلب ته جيڪڏهن گهر جا پنهنجا ڀاتي ساڻُ هجن ته جهنگل ۾ به گُل و گلزار ٿي ويندا آهن.
پنهنجو گهر:
مطلب ته پنهنجي گهريلو معاملن ۾ ٻين پراوَن کي شامل نه ڪرڻ گهرجي. اِن سان پنهنجي گهر ۾ فِتنت ٿيندي آهي.
مٽ مائٽ ۽ رشتيدار:
مٽن مائٽن بابت سنڌ ۾ جيڪي پهاڪا ملن ٿا، اُنهن ۾ ٻن قسمن جا پهاڪا آهن: (1) وقت تي يا اؤکي ويل پنهنجا مٽ مائٽ يا رشتيدار ئي ڪم ايندا آهن. جيئن ته، رتُ وِنگو ته به دانگيءَ ڏي وري. (2) اڄوڪي زماني ۾ اهڙو ماحول بڻيو آهي، جو مصيبت وقت پنهنجا به پراوا ٿي وڃن ٿا. مثال طور:
اهڙو ڪو لڳو واءُ، جو پنهنجا پراوا ٿيا.
هڪ ڪُٽنب جا ڀاتي:
آڳاٽي دؤر کان وٺي ڀارتي سماج ۾ هڪ ڪٽنب گهڻو ڪري ڪنهن وڏي مرد جي هٿ هيٺ رهندو آيو آهي. اِن ڪري ڪٽنب ۾ ڏاڏي ۽ پيءُ کي مکيه درجو حاصل ٿيل آهي. پيءُ تي سڄي ڪٽنب کي سنڀالڻ ۽ پالڻ جي جوابداري آهي. اِن تي چيل آهي، ”سنت اُهو جو گهاءُ سهي، پيءُ اُهو جو بارُ سهي“. جيستائين پيءَ حيات آهي، تيستائين ٻارُ بي فڪر آهن. اِن ڪري چيل آهي، ”بابي جي بهار آهي.“ پر جيئن ئي پُٽ وڏو ٿئي ٿو ۽ ڪمائڻ لائق بڻجي ٿو ته هُو چاهي ٿو ته مان پنهنجي محنت ۽ هوشياريءَ سان ڪمايان ۽ پنهنجي پيرن تي بيهان. اِن تي ڪجهه چوڻيون آهن:
ڀارتي سماج ۾ ڪٽنب جي سرشتي ۾ پُٽ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾ وڏو تفاوت اچي ويو آهي. عام طور هرڪو ماڻهو چاهي ٿو ته مون کي پٽ هجي. پٽ جي اهميت تي ڪجهه پهاڪا ڏسو:
اڇي ڪپڙين سَسُ پِرين.
ويدن واري زماني کان وٺي ڀارتي سماج ۾ اها خواهش رهندي آئي آهي ته پُٽ کي جنم ڏيڻ سان ماڻهو ’پِتر ترڻ‘ کان آزاد ٿئي ٿو. مطلب ته پُٽ پنهنجن ابن ڏاڏن کي ’پِنڊ دان‘ (وڏن پٺيان خيرات) ڪري کين مطمئن ڪري ٿو. پُٽ جي ذريعي نسل جي روايت به هلندي رهي ٿي. اِن تي چيل آهي، ”پُٽ ڄائي کان پوءِ پُٺِ پڌري ٿئي ٿي.“ پُٽ وڏو ٿي ڪمائي پنهنجي ڪٽنب جي پالنا ۾ به مدد ڪري ٿو. اِن ڪري کيس ڄڻ ته ڪٽنب جو سهارو ليکيو ويو آهي. ٻئي طرف ڀارتي سماج ۾ ڌيءَ جي جنم کي گهڻي قدر پسند نه ڪيو ويو آهي. اُن جو ڪارڻ ڪي سماجي ڪُرسمون به آهن. اِنهن ۾ ڏيتي ليتي يا ڏاج جي رسم مکيه آهي. پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي شاديءَ ۾ ڏاج ڏيڻ لاءِ قرض کڻڻ کان به نه ٿو ڪيٻائي. اِن تي چوڻي آهي، ”ابو گسي، ڌيءَ وسي.“ پر ڌيءَ جي شاديءَ کان پوءِ پڻ هو پريشانين کان آجو نه ٿو ٿئي. جيڪڏهن هو پنهنجي ڌيءَ کي ڏِڻ وار (وڏن ڏهاڙن) تي ڪجهه سوکڙيون يا مِٺايون وغيره نه ٿو موڪلي ته ڌيءَ جي ساهورن ۾ گِلا ٿئي ٿي:
اِن ڪري ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ وس پڄندي پنهنجن سيڻن کي يعني ڌيءَ جي ساهورن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
اهڙيءَ حالت ۾ ماءُ پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي هميشه اها نصيحت ڏين ٿا ته تون شادي بعد ساهورن جي ڀيت تي هلُ ۽ اُنهن کي خوش رک.
نُهنڙي سوڪَرِ، جا ڏٺئه سَسِ گهرِ.
سلڇڻي ڇوڪري پنهنجي وس آهر اِهائي ڪوشش ڪندي آهي ته هوءَ پنهنجي سٺي هلت چلت مان ساهورن کي خوش رکي. ان سان نه فقط هُن جي، پر سندس پيڪن جي به نيڪنامي ٿيندي:
پيڪا به ٺاري ته ساهرا به ٺاري.
پر ڪن حالتن ۾ جڏهن ڇوڪريءَ کي پنهنجن ساهرن ۾ تڪليفون سهڻيون پون ٿيون، تڏهن هوءَ لاچار ٿي چوي ٿي:
ڌيءَ جا پيڪا مائٽ به اهو سڀ مِٺو ڪري ڀوڳين ٿا. هُو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن سيڻن سان چپِ پياسين ته پوءِ جهڳڙي کان سواءِ ٻيو ڪو نتيجو نه نڪرندو:
تن سان ڪهڙا سينا ساهيون.
ساهرن جي اِنهن ڏُکن سُورن کي ڌيان ۾ رکندي ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڇوڪريون اهو چاهين ٿيون ته اهڙي گهر ۾ شادي ٿئي، جتي سسُ سَهُرو نه هجن. مطلب ته ڇوڪري پاڻ ۽ سندس گهوٽ هجي:
ان ۾ شڪ ناهي ته ڀارت جي هندو سماج ۾ ڌيءَ کي نياڻي ۽ ديويءَ جو روپ سمجهيو وڃي ٿو. ان تي چوڻيون آهن:
پر ان سان گڏي ماءُ پيءُ اهو به سوچين ٿا ته ”ڌيئرون پرائو ڌن آهن.“ يعني کين شادي ڪرائي ساهورن ۾ موڪلڻو آهي. اها خواهش ڀارتي سماج ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي هلندي پيئي اچي. ”اڀي گيانَ شاڪُنتلم“ ۾ ڪوي ڪاليداس ’شڪنتلا‘ لاءِ چيو آهي، ”ارٿو ههِ ڪنيا پرڪِييهَ ايوَ“ يعني ڌيءَ پرائو ڌن آهي، جنهن کي اسان امانت طور سنڀاليون ٿا.
انهيءَ قديمي خواهش ۾ اڄ ڪالهه جي زماني ۾ گهڻو فرق اچي ويو آهي. هاڻي ڇوڪريون به سماج جي جدا جدا ميدانن ۾ ڇوڪرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آهن، نه فقط ايترو، پر ڪيترين ڳالهين ۾ اُهي مردن کان به اڳتي نڪري ويون آهن. اڄ ڪالهه جي سماج ۾ ناريءَ جو ڪردار پاڻ وڌيڪ اهم ليکيو وڃي ٿو.
گڏيل ڪٽنب ۾ ڏيراڻيُن جي وچ ۾ رشتو گهڻو ڪري سِڪ پريم وارو نه رهيو آهي. اِن جي جهلڪ اسان کي گهڻيُن ئي چوڻين ۾ ملي ٿي:
ڪٽنبي زندگي ۽ رشتن ناتن متعلق چوڻيون سنڌيءَ ۾ گهڻي تعداد ۾ ملن ٿيون. اُنهن سڀني کي جيڪڏهن هِتي ڏبو ته وڏو ڪتاب ٺهي ويندو. اِن ڪري هتي فقط ڪجهه ٻيون چونڊ چوَڻيون ڏجن ٿيون:
کيتي وڌي پنهنجي ڪرمن ڪري.
ننڍڙا ٻار
ڀائر
ويٺا ڪن وِروُنهن، ڏڄڻُ ڏوران ئي ڏري.
ناٺي (ڄاٽو، نياڻو)
شال نه ڄمي ڌيءَ، جا ڏجي پرائي پُٽ کي.
ڀيٽيو، هيٺ ڏنل پهاڪا:
گهر جوانئي گڌي برابر، من آوئي جيوُن لادؤ.
(راجسٿاني)
ٻڍي جي شادي
ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا، ته ماريو پوندو ڊهي.
ناري جاتي (عورت ذات) متعلق پهاڪا:
ڀارت جي سماج ۾ ناريءَ کي عام طور سان گهڻو مانُ ڏنو ويو آهي. پر ڪي چوڻيون اهڙيون به آهن، جن ۾ کيس ننديو به ويو آهي. سنڌيءَ ۾ اسان کي ٻنهي قسمن جون چوڻيون ملن ٿيون.
ماءُ
ماسي ٿئي نه ماءُ، توڙي ڪڍي ڏئي ساهه.
ماٽيلي ماءُ
انڌي جي ٿڪُ، جاتي لاڳي تاتي سُڪ.
سَسُ ۽ نُنهن
چنڊ ري نه راتڙي، سج ري نه ڏينهن.
پيڪا به ٺاري ته ساهرا به ٺاري.
ڌيءَ سڀ ڪو پنهنجي.
سالو ۽ سالي
جيڪڏهن سالو پنهنجي ڀيڻويي جي گهر اچي رهيو ته ان مان ڪلهه پيدا ٿيندي ۽ هوُ ڀيڻ جي گهر کي نقصان رسائيندو. ڀيٽيو: گهر ۾ سالا، ديوار ۾ آلا. (هندي)
ڀائر کائين، ڀينرون کائين، پيئي مارئي تي چٽي.
زال ۽ مڙس
جوءِ وٺجي ته ڳولهي وٺجي.
ڄڻي ڏنائينس پٽڙا، لهي ويس سُور.
شادي:
ڄاڃي ماڃي کائي هليا، اُتس آئي گِلا.
سنڌيءَ ۾ پُٽ جي شاديءَ بابت به ڪجهه پهاڪا ملن ٿا. اِنهن ۾ ڪٽنب جي وهنوار تي به ڪجهه روشني پوي ٿي:
پر ڌيءَ هميشه ڌيءَ آهي.
ماڻهو ڪريو ماٺ، مُڙس به ويو ته پئسا به ويا.
پرڻيو ته ويو ماءُ پيءُ کان،
ڄائس ٻار ته ويو پاڻ کان.
سنڌيءَ ۾ وڏي عمر ۾ شادي ڪرڻ کي سُٺو نه ليکيو ويو آهي. ان تي ڪجهه پهاڪا هِن ريت آهن:
ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا، ته ماريو پوندو ڊهي.
تنهن کي ڄاڻج ڪک جو ڪانُ.
ڪنهن عورت جي جيڪڏهن وڏي عمر ۾ شادي ٿئي ٿي ته اُن تي هڪ چوڻي آهي:
اڳي کاڌائون ٿي لوڙهه مڇي، هاڻي لُڏڻ لڳي.
ڪو مرد جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري ٿو يعني جنهن جي گهر ۾ پهاڄون آهن ته اِن ريت کي سُهڻو نه ليکيو ويو آهي. اِن تي چوڻي آهي:
پهاڄ جي رشتي تي ڪجهه چوڻيون هن ريت آهن:
سنڌيءَ سماج ۾ ڪنووٽيءَ جي رسم به موجود آهي. اِن مطابق جنهن گهر ۾ ڌيءَ جي شادي ڪجي ٿي، انهيءَ گهر مان وري پنهنجي پُٽ لاءِ ڇوڪري ورتي ويندي آهي. اِنهيءَ رسم کي ’بدي جي رسم‘ به چوندا آهن. گهڻوڪري نيات، برادري ۾ سوڙهه هئڻ جي ڪري ماڻهو ڪنووٽيءَ جي شادي قبول ڪندا آهن. عام طور ان کي سٺو نه ليکيو ويندو آهي. ان تي چوڻي آهي:
ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا:
نه مامو مِٽ ڪري، نه مامي سُڃاڻي.
ناري:
ڀارتي سماج ۾ جِتي ناري کي پوڄڻ لائق ۽ ديوي سمان ليکيو ويو آهي، اُتي ٻئي طرف هُن جي گهٽتائي يا گلا ۾ به گهڻيئي چوڻيون ملن ٿيون. سنڌيءَ ۾ به اهڙيون چوڻيون گهڻيئي آهن. مثال طور:
سانجهيءَ کان پوءِ اُهو به گُم.
متان ٻيو مالڪ ڪنِ.
يه سب تاڙن ڪي اَڌِڪاري.
ناريءَ بابت اِهو سوچ جو انداز ڀارتي ادب ۾ آڳاٽي دؤر کان وٺي هلندو آيو آهي. مثال طور، سنسڪرت ادب ۾ جتي عورت لاءِ چيو ويو آهي: ”يتر ناريَستُ پوُجينتي، رَمَنتي تتر ديوتاههَ.“ (جتي
ناريءَ جي پوڄا ٿئي ٿي، اُتي ديوتائن جو نواس ٿئي ٿو.) پر ٻئي طرف اِهو به چيو ويو آهي ته ناري ئي جي سهاري آهي. هُن کي جيئڻ لاءِ هميشه ڪنهن مرد جو سهارو کپي:
پُترو رڪشتِ وارڌڪيي، نه اِستري سواتنتريم اَرهتِ.
ڇوڪري جڏهن ڪنواري يا اڻ پرڻيل آهي، تڏهن پيءُ سندس سنڀال ڪري ٿو ۽ جڏهن هُن جي شادي ٿي وڃي ٿي ته پوءِ هُن جو مڙس سندس سنڀال ڪري ٿو. جڏهن هوءَ ٻُڍي ٿي وڃي ٿي ته پوءِ پُٽ سندس سنڀال ڪري ٿو. اِن طرح ڀارتي سماج ۾ ناريءَ کي ڪڏهن به آزادي نه ٿي ملي. هوءَ هميشه ٻئي جي سهاري پنهنجي زندگي گذاري ٿي.
پاڙو ۽ پاڙيسري:
ڪٽنب کان پوءِ سماج ۾ پاڙي ۽ پاڙي وارن کي به گهڻي اهميت ڏني ويئي آهي. اِن تي ڪجهه چوڻيون هن ريت آهن:
5.6 ڌرم ۽ زندگيءَ متعلق پهاڪا
عام لوڪن جي ڌرم (مذهب)، ايشور (پالڻهار) جي هستي ۽ زندگيءَ ۾ وهنوار متعلق گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا. اِن ۾ شڪ نه آهي ته اِنهن ۾ گهڻيون مڃتائون ۽ اعتقاد (Folk beliefs) ڌرمي گرنٿن (Religions books) ۽ شاسترن ۾ بيان ڪيل فڪري رُخن کان متاثر ٿيل آهن. پر اُنهن سان گڏ لوڪن جا تجربا به اهڙن پهاڪن جو بنياد آهن. هِتي اهڙن موضوعن سان واسطو رکندڙ چونڊ پهاڪا ڏجن ٿا.
ايشور يا ڌڻي سائينءَ متعلق پهاڪا:
سڀني ٻولين ۾ ايشور يا پرماتما ڌڻي سائين جي هستيءَ ۾ ويساهه يا يقين رکندڙ پهاڪا ملن ٿا. درشن شاسترن يعني فلسفيانه ڪتابن ۾ ’چار واڪ‘ ۽ ڪن ٻين فلسفين پرماتما جي هستيءَ کي قبول نه ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح سوچ ويچار ۽ غور فڪر جي ارتقا ڪري ڪيترائي ماڻهو ناستڪ (پهريان الله جي هستي کان انڪاري) بڻيا آهن. هوُ خلقڻهار کي نه ٿا مڃين، پر پهاڪن جي دنيا ۾ سنڌيءَ ۾ ناستڪ (الله جي هستي کان انڪاري) ويچار ڌارائن وارو هڪ به پهاڪو مون کي نظر نه آيو آهي. عام لوڪن جو اُپائڻهار ۾ مڪمل يقين آهي. هتي ڪجهه پهاڪا اِن باري ۾ پيش ڪجن ٿا:
اِن ۾ شڪ ناهي ته پرماتما (اُپائڻهار) جي هستيءَ جو مکيه ڪارڻ انسان جي دل جي خواهش آهي. اِن ڪري ئي انسان پٿرن ۾، مورتين ۾ ۽ سڀني هنڌن تي ايشور جي هستيءَ جو انڀو (تجربو) ڪري ٿو. اِن تي هڪ سنسڪرت شلوڪ ۾ چيل آهي:
ڀاوي ههِ وِديَتي ديوستسمات ڀاوو ههِ ڪارڻم.
مطلب ته پرماتما ڪاٺ، پٿر، مٽيءَ جي مورتيءَ ۾ نه آهي، پر اُهو انسان جي من جي ڀاونا (خواهش يا احساس) شرڌا (عقيدت) ۾ نه آهي، پر انسان جي من جي ڀاونا يعني احساس، شرڌا يعني عقيدت ۾ رهي ٿو. انهيءَ ويچار کي ظاهر ڪندڙ هي پهاڪا ڏسو:
قسمت يا ڀاڳ ۾ ويساهه:
سنسڪرت جي درشن گرنٿن يعني فلسفانه ڪتابن ۾ ڀاگيواد يا ڀاڳ ۾ يقين رکڻ واري نظريي کي به گهڻن مڃيو آهي. اِن جو تمام گهڻو اثر ڀارت جي سماج تي پيو آهي. پوُروَ جنمن جي ڪرمن (گذريل جنمن جي عملن) جو ڦلُ انسان کي هن جنم ۾ ڀوڳڻو پوي ٿو. چوراسي لک جوڻين (جنمن) جو چڪر آهي، جنهن مان آتما کي لنگهڻو پوي ٿو. هُو چاهي ڪيتري به ڪوشش ڪري ته به ڀاڳ يا تقدير ۾ جيڪو لکيل آهي، تنهن کي مٽائي نه سگهندو. هر ٻوليءَ جي پهاڪن ۾ اِنهن ڀاونائن (احساس) وارا گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا. هتي سنڌي پهاڪن جا ڪجهه مثال ڏسو:
ڪمبختن جون ڍڳيون به نه ويامن.
ڀاڳ يا مقدر ۾ اڻٽُٽ ويساهه هوندي پڻ پهاڪن ۾ انسان کي اها به صلاح ڏني ويئي آهي ته هوُ ڀاڳ تي نه ڀاڙي، پر ڪنهن به ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ اُدم ضرور ڪري. اِن تي ڪجهه پهاڪا ڏسو:
دنيا چئن ڏينهن جو چٽڪو:
شنڪر آچاريه جي ويدانت مَت جو ڀارتي سماج جي سوچ ويچار تي گهڻو اثر آهي. اِن موجب هن سنسار کي نَشور يعني ناسُ ٿيندڙ ليکيو ويو آهي. هيءَ دنيا مايا جو کيل آهي. اِنهن ويچارن تي ڪجهه پهاڪا هن ريت آهن:
ڌن دولت جي اهميت:
سماج جو اقتصادي سرشتو جيڪڏهن مضبوط آهي ته اُهو سماج ترقي ڪندو، اُن جا ماڻهو سُکي زندگي گذاري سگهندا. اِن ڪري آڳاٽي وقت کان وٺي عوام ڌن يا ناڻي جي هئڻ کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي، جيڪو شاهوڪار آهي، اُهو سماج ۾ طاقتور به بڻجي وڃي ٿو. غريب ۽ گهُرجائو ماڻهو سندس در تي وڃي پنهنجو هٿ ٽنگين ٿا ۽ هُن جي خوشامد به ڪن ٿا. سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين وانگر ناڻي جي اهميت بابت گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا. سماج ۾ ناڻي جي ڪيتري اهميت ۽ ضرورت آهي، اِن باري ۾ ڪجهه پهاڪا ڏسو:
اڳي پُڇيائون ٿي ذات پات، هاڻي پُڇن ٿا ناڻا.
غريب جو ڀيڻوِيو به ڪونه سڏائي.
سڀني ڀارتي ٻولين ۾ ناڻي جي اهميت جي باري ۾ ججهي تعداد ۾ پهاڪا ملن ٿا. سنسڪرت ٻولي به اِن کان بچيل نه آهي:
سَ پنڊِت ههَ سَ شرُتِ مان گُڻگيهَ هه.
س ايوَ وَڪتا سَ چَ درشنِييَه،
سروي گُڻاههَ ڪانچنماشترينتي.
مطلب ته جنهن وٽ ناڻو آهي، اُهو ماڻهو خانداني آهي، اُهو پنڊت، ويدن جو ڄاڻو ۽ گُڻوانُ آهي. اُهوئي سُٺو ڳالهائيندڙ ۽ خوبصورت آهي. سڀيئي گُڻ سون جو سهارو وٺن ٿا.
يَسيه گيهي ٽڪا ناسِتَ، سَ نرههَ ٽڪٽڪايَتي.
يعني ٽڪو ئي ڌرم آهي، ٽڪوئي ڪرم آهي، ٽڪو ئي وڏي ۾ وڏو تپسيا (عبادت) آهي. جنهن گهر ۾ ٽڪو ناهي، اُهو ماڻهو کوکلو آهي ۽ خالي دٻي وانگر کڙ کڙ ڪندو آهي. مطلب ته ٽڪي يعني ناڻي جي بنا ماڻهوءَ جي پنهنجي سماج ۾ ڪابه اهميت نه آهي.
ٻئي طرف زندگيءَ ۾ انسان اِهو به محسوس ڪيو آهي ته پئسو ئي سڀ ڪجهه نه آهي. اِن ڪري پئسي جي موهه ۾ ڦاسي اُن کي پنهنجو ايمان ۽ ڌرم وڃائڻ نه کپي. اهڙن ويچارن تي ڪجهه پهاڪا ڏسو:
لوڪ ۾ وهنوار ۽ اخلاقي قول:
زندگيءَ ۾ انسان پنهنجي شخصي تجربن مان گهڻيئي ڳالهيون سِکي ٿو ته زندگي ڪيئن گذارجي، زندگيءَ ۾ ٻين سان هلت چلت ۽ وهنوار ڪيئن ڪجي. اِن تي گهڻيئي چوڻيون ملن ٿيون، جيڪي قولن وانگر عام آهن. اُنهن جا هتي ڪجهه مثال ڏجن ٿا:
5.7 ٻين موضوعن تي چونڊ پهاڪا
هتي جن مکُيه موضوعن تي پهاڪا ڏنا ويا آهن، اُنهن کان سواءِ ٻيا به گهڻي ئي ننڍا ننڍا نُڪتا آهن، جن تي پهاڪا- چوڻيون چيل آهن. هتي انهن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
ٻولي ۽ سِکيا
(لاڙ يعني ڏکڻ سنڌ جو پڙهيل ماڻهو سِري يعني اُتر سنڌ جي ڍڳي جي برابر آهي.)
(مطلب ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي جملن جون ٻه- ٻه، ٽي- ٽي معنائون نڪرنديون آهن.)
ڏينهن گذرئي وار ڦِرن، ڦِري نه عادتيءَ آٽ.
ڏسو هِي قسمت جو کيل.
يعني جيڪي پَڙهي لکي ٿو، اُن تي عمل به ڪري.
رُلندين پِنندين ته ٿيندين خراب.
صحت يا تندرستي:
اُس ڪي دمڙي ويديه نه کاوي.
جيوتش يا علم نجوم ۾ يقين
(يعني ڄيٺ جي مهيني ۾ ڄاول ٻار پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻا لاها چاڙها ڏسندو آهي.)
(ٻڌر وار يعني اربع ڏينهن تي ڪيل ڪم پورو ٿيندو آهي).
(مطلب ته هُو ڀٽڪندو ٿو رهي.)
(يعني پاڻ ۾ وير ڀاءُ اڻبڻت اٿن).
هندن جي اخلاقيات ۽ ريتون*
اڳڪٿيون:
بِهه مڇي ۽ لوڙهه سمي ويندا سوکڙي.
نوانوي نر جاڳندا، سؤ پوي جيڪار.
کِل مذاق ۽ چيڙائڻُ:
هر ٻوليءَ ۾ ڪجهه اهڙيون چوڻيون ملن ٿيون، جن ۾ ڪو گَهرُو مطلب نه هوندو آهي. اِنهن جو مقصد فقط ڪنهن سان کِل مسخري ڪرڻ يا ڪنهن کي چيڙائڻ هوندو آهي. سنڌيءَ ۾ اِن قسم جون ڪجهه چوڻيون هن ريت آهن:
هٿ ڀري ٿو ڳُئيءَ کي لائي.
جڏهن گنجو ساماڻو، تڏهن مڙني کڻي ماٺ ڪئي.
5.8 ادبي چوڻيون:
عام طور پهاڪن جو جنم روزاني زندگيءَ ۾ ڪتب ايندڙ ڳالهه ٻولهه جي ٻوليءَ مان ٿيندو آهي، پر اُن سان گڏ اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪن حالتن ۾ مشهور شاعرن جون ڪي تُڪون يا پد به عوام ۾ ايتري قدر مروج ٿي وڃن ٿا، جو اُهي گفتگوءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جي شڪل ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا. اُنهن کي اسان ادبي يا ساهتيڪ چوڻيون سڏي سگهون ٿا. عام چوڻين کان اِهي ان ڳالهه ۾ الڳ آهن، جو اُنهن جي رچيندڙ شاعرن جي اسان کي ڄاڻ آهي. وقت گذرندي جيڪڏهن اُنهن جي رچيندڙن جي ڄاڻ نه رهي ته پوءِ اهي پڻ ٻين عام پهاڪن ۽ چوڻين جي قطار ۾ داخل ٿي وينديون. اُنهن ادبي چوڻين جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:
شاهه لطيف جي ڪلام مان ڪجهه تُڪون (مصرعون):
ساميءَ جي سلوڪن مان تُڪون:
هنديءَ جا سنت ڪَوي:
جو گهر ڦونڪي آپنا، چلي هماري ساٿ. (ڪبير)
پنٿي ڪو ڇايا نهين، ڦل لاگي اتِ دور. (رحيم)
بَلِهاري گُرو آپڻو، گوبند دِيو مِلايَه. (ڪبير)
اِڪ دن ايسا آئيَگا، مين روندونگي تايَه. (ڪبير)
پڇاڙي:
هتي سنڌي پهاڪن جو ٻوليءَ جي تخليق، شاعريءَ جي علم جي اصولن، تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان اڀياس ڪيو ويو آهي. پهاڪا عوام جي تجربن مان پيدا ٿيا آهن. اِهو تجربو به اُن قسم جو آهي، جيڪو عام روزاني وهنواري زندگيءَ ۾ حاصل ڪن ٿا. اِن ڪري سنڌي پهاڪن ۾ سنڌي عوام جي آزمودن جو عڪس آسانيءَ سان پسي سگهجي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ ته فقط بادشاهن ۽ شهنشاهن جي ڪارنامن جو، جنگين ۽ لڙاين جو ۽ ٻين اهم واقعن جو چِٽ ملي ٿو پر پهاڪن ۾ اسان کي عام ماڻهن جي زندگيءَ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. جيئن ته پهاڪا عوام جي شخصي آزمودن جي پيدائش آهن، اِن ڪري اُنهن ۾ تضاد يا تڪراري ويچار به ملن ٿا.
پهاڪا زباني طور پيڙهي در پيڙهي هلندا آيا آهن ۽ اسان کي وراثت ۾ حاصل ٿيا آهن. اِن ڪري اِهو فطري آهي ته وقت گذرندي گهڻيئي پهاڪا گم ٿي ويا هجن. هن وقت سنڌيءَ ۾ چوڻين جو جيڪو وڏي ۾ وڏو مجموعو آهي (سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: مرليڌر جيٽلي) تنهن ۾ به ڏهن هزارن کان وڌيڪ پهاڪا قلمبند ٿيل آهن. اُنهن جي اڀياس کانپوءِ به اسان کي وقت بوقت ڪي اهڙا پهاڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي اسان لاءِ نوان هوندا آهن. اِن جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ڪي اهڙا پهاڪا آهن، جن جو پرچار سنڌ جي ڪِن خاص علائقن تائين محدود آهي. ڳوٺاڻن ۾ مروج گهڻيئي اهڙا پهاڪا ملن ٿا، جيڪي شهري سنڌين جا ٻڌل نه هوندا آهن. اِن حقيقت کي ڌيان ۾ رکندي اسين چئي سگهون ٿا ته ڪنهن به ٻوليءَ جي پهاڪن جو چاهي ڪيترو به وڏو مجموعو ڇپائجي، ته به ان کي سؤ سيڪڙو مڪمل مجموعو نه سڏي سگهبو. پر اِن ڳالهه ۾ ذرو به شڪ نه آهي ته اڄ ڪالهه جي دؤر ۾ هرهڪ لساني سماج ۾ پهاڪن جو استعمال گهڻي قدر گهٽ ٿي ويو آهي. نوان پهاڪا به تمام گهٽ ٿا ٺهن. ممڪن آهي ته: ”جئه جوان، جئه ڪسان“، ”ڇوٽا پريوار، سُکي پريوار“ جهڙا ٻول جيڪي تازو هڪ نعري جي صورت ۾ پيدا ٿيا آهن، سي وقت گذرندي پهاڪا بڻجي وڃن. پر هر ٻوليءَ ۾ پهاڪن جو گهڻو تعداد اُهو آهي، جنهن جو جنم چڱو آڳاٽي دور ۾ ٿيو هو. اِن ڪري اُنهن ۾ اسان کي ڪنهن ٻوليءَ جي سماج ۽ ميدان جي آڳاٽي دور جي تصوير ملي ٿي.
اِنهن حقيقتن کي ڌيان ۾ رکي اسان کي سنڌي ٻولي ۽ اُن جي لهجن ۾ مرُوج پهاڪن جو وڏو مجموعو تيار ڪري ڇپائڻ گهرجي، نه ته ڀارت جي موجوده حالتن ۾ وڏي ڄمار جي سنڌين جي هلئي وڃڻ پڄاڻا اسان جا گهڻا پهاڪا به هميشه لاءِ زماني جي دز ۾ لٽجي گُم ٿي ويندا.
Y
[1]. ويدن واري دور ۾ هندو ڌرم موجب: ”گهوڙي جي قرباني جي رسم“.
[2]. ڇيڄ: سنڌي هِندُن جو لوڪ ناچ.
* سنديلو، عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، لاڙڪاڻو سنڌ، 1966، ص 148.
[3]. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو 1980ع، صفحو 170 ۽ 171.
* نامڪ: نالي. اَشڪشت: اڻ پڙهيل. نپڻ: هوشيار. ديپ: ڏيئو. ڀئه ڀيت: ڊڄي وڃڻ. سندري: حسينا.
[4]. ڪٿي ڪٿي هيءُ پهاڪو هيٺين ريت به پڙهيو ويندو آهي:
ساڳئي مطلب طرف اشارو ڪندڙ ٻي چوڻي آهي:
پر ڪِٿي ڪِٿي هن ڳالهه جي مخالفت به ملي ٿي. جيئن ته:
* هت ڏنل پهاڪن/ چوڻين جو پس منظر گهڻو ڪري هندو ڌرم ۽ اُن جي مڃيندڙن جي باري ۾ آهي.