سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس

ڪتاب جو نالو سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس
ليکڪ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
سنڌيڪار / ترتيب ڦلومل ميگهواڙ، (نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين)
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-116-3
قيمت 350    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     544503   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    هند ۾ ٻيو وڏو ڪم ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ جو آهي، جنهن پنهنجي ڊاڪٽريٽ جو مقالو ”سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي ثقافتي اڀياس“ لکي هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن تي کيس 2003ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملي. هي سڄو ڪم آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾، پر هن لاءِ لپيءَ ديوناگري استعمال ڪيل هئي، جيڪا هند ۾ هاڻ ڄڻ ته رائج ٿيندي پئي وڃي ڇو جو هندستان ۾ سنڌين آڏو ٻه انتخاب هئا. هڪ ٻولي ۽ ٻيو لپي. هنن پهرين نقطي کي انهي بنياد تي ترجيح ڏني ته گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ پيڙهين ۾ ٻولي زندهه رهي.