ڪتاب جو نالو | سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي |
سنڌيڪار / ترتيب | ڦلومل ميگهواڙ، (نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين) |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-116-3 |
قيمت | 350 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 543165 ڀيرا پڙهيو ويو |
روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ جو هيءُ تحقيقي مقالو ”سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس“ شايع ٿيڻ تي مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. منهنجي نگراني ۽ رهنمائيءَ ۾ ڪيل هِن تحقيقي ڪم تي دهلي يونيورسٽيءَ روي پرڪاش کي 2003ع ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري عطا ڪئي آهي.
هيءُ هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي تفصيل سان تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڪرڻ لاءِ مون گهڻن ئي شاگردن کي پئي چيو، پر سنجيدگي ۽ تفصيل کي ڏسي اُهي اڪثر اڳتي وک وڌائڻ جي همٿ نه ڪندا هئا. اِن موضوع تي گهرو اڀياس ڪرڻ لاءِ مون وقت بوقت پنهنجين لکڻين ذريعي سنڌي عالمن جو به ڌيان پئي ڇڪايو. 1993ع ۾ ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا‘ نالي مون هڪ وڏي لغت مرتب ڪئي. اُن ۾ آنجهاڻي بزرگ عالم سنتداس پُنهون مل ڪشناڻي ’سنتل‘ ۽ منهنجا گڏ ڪيل اٽڪل ٻارنهن هزار سنڌي پهاڪا ۽ محاورا سمجهاڻيءَ سان گڏ داخل ڪيل آهن. اِن ڪتاب ۾ سؤ کن صفحن جو مقدمو به لکيم، جنهن ۾ سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جي لسانياتي، سماجي ۽ ثقافتي اڀياس جي اهميت ٿوري ۾ سمجهائي ويئي آهي. اُها اختصار ۾ لکيل تمهيد پوءِ سنڌي عالمن ۾ ايتري ته پسند پيئي، جو ڀارت ۾ اُها اُن ساڳئي سال ۾ جُدا ڪتابي صورت ۾ ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس)“ جي عنوان سان شايع ڪئي ويئي. ڀارت ۾ عربي- سنڌي لپيءَ کان غيرواقف طبقي خاص طور نوجوان پيڙهيءَ جي سنڌي پڙهندڙن ۽ شاگردن لاءِ انهيءَ ڪتاب جو ديوناگري- سنڌي لپيءَ جي شڪل ۾ روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي اُن جو ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ دهليءَ مان شايع ڪرايو.
’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: (هڪ اڀياس)‘ ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون مون سنڌ به موڪليون آهن. اُتي پڻ عالمن ان جو جوڳو قدر ڪيو آهي. انهيءَ موضوع جي نرالي اهميت کي سمجهندي، پوءِ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو (سنڌ) طرفان، اِن ڪتاب جو نئون ڇاپو سنڌيءَ ۾ به شايع ڪيو ويو. اُن کي پڙهي سنڌيءَ جي ڪن عالمن اِن موضوع تي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ، مون سان لکپڙهه به شروع ڪئي آهي.
اِن موضوع تي انهيءَ کان اڳ سنڌي عالمن جو ڌيان بلڪل نه ويو هو. اُڻويهين صديءَ ۾ سنڌ ۾ انگريزن ننڍا ننڍا مجموعا تيار ڪري شايع ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. ڪِن عالمن پهاڪن ۽ اصطلاحن جي بنياد کي به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪنهن به انهن جي لساني بيهڪ، اهميت ۽ خاصيتن تي تفصيل سان بحث نه ڪيو آهي. انهن ننڍن ننڍن مجموعن ۾ اسان جي سماجي، ثقافتي، تاريخي، جاگرافيائي علم جون گهڻيئي تصويرون سمايل آهن، جن ۾ اسان کي پنهنجي گذريل دؤر جا گهڻيئي لِڪيل پهلو ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اِنهيءَ حقيقت طرف سنڌي عالمن جو ڌيان تمام گهٽ ويو آهي.
”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: (هڪ اڀياس)“ نالي پنهنجي ڪتاب ۾ مون انهن ننڍن ننڍن پهاڪن ۾ ٻوليءَ جي استعمال جي اهميت جي فقط هڪ جهلڪ ڏني آهي. حقيقت ۾ انهيءَ جو مقصد اِهو هو ته انهيءَ مان اُتساهه حاصل ڪري ٻيا ڪي عالم اِن موضوع جو گهرائيءَ ۽ تفصيل سان اڀياس ڪن. اها تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو روي پرڪاش اِن ڏُکئي رستي تي اڳتي وک وڌائي آهي. هُن پنهنجي لکيل تحقيقي مقالي ۾ سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو تفصيلوار تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ هُن کيرون لهڻيون. روي پرڪاش انهيءَ موضوع جو تحقيقي اڀياس ڪرڻ لاءِ زباني روايتن مان به وڌيڪ پهاڪا گڏ ڪيا آهن. ان سان گڏوگڏ هُن اِنهيءَ موضوع تي هندي، اردو ۽ انگريزي وغيره ٻولين ۾ ڪيل تحقيقي ڪم جو تنقيدي نظر سان اڀياس به ڪيو آهي. انهن ڪتابن جا حوالا هُن پنهنجي مقالي ۾ گهربل هنڌن تي ڏنا آهن.
هن مقالي ۾ سنڌي پهاڪن جي لسانياتي اڀياس وارو باب هڪ سؤ صفحن کان به وڌيڪ آهي. انهيءَ ۾ پهاڪن جي لسانياتي تخليق انهن ۾ لغت، سينگارن ۽ ڇندن وغيره تي چڱي تفصيل سان بحث ڪيل آهي. سنڌي پهاڪن جي سماجي ۽ ثقافتي اڀياس تي به ڏيڍ سؤ کن پهاڪن ۾ چڱي تفصيل سان ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. هن مقالي جا پهريان ٽي باب، پهاڪن جي خاصيتن تي، اصولن جي لحاظ کان، ڇنڊڇاڻ پيش ڪن ٿا.
هرهڪ ٻوليءَ ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون اهڙا ننڍڙا پريوگ آهن، جيڪي صدين کان وٺي ان ٻوليءَ ۾ هڪ مقرر شڪل ۾ استعمال ٿيا آهن. اُن ٻوليءَ جو ڪوبه ڳالهائيندڙ، پنهنجي مرضيءَ موجب انهن جي لسانياتي بيهڪ ۾ ڪابه ڦيرگهير نه ٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪنهن اهڙي تبديلي ڪئي ته پوءِ اُهي فقرا اُن بدليل شڪل ۾ ٻوليءَ جي رواج موجب درست نه ليکيا ويندا، يا ڪن حالتن ۾ اُهي بيان ۾ پنهنجي گهربل مطلب جو اظهار نه ڪري سگهندا. مثال طور: ”انڌن ۾ ڪاڻو راجا“ پهاڪي ۾ جيڪڏهن اسين ساڳيءَ معنيٰ وارا ٻيا لفظ ڪتب آڻي چئون ته ”سورداسن ۾ ڪاڻو راجا“ يا ”نابينن ۾ هڪ اکيو سلطان“ ته چاهي انهن پهاڪن جي معنيٰ ۾ ڪو فرق ڪونه ٿو اچي، پر هن بدليل شڪلين ۾ اهي پهاڪا سنڌيءَ ۾ قبول نه پوندا. ”گونگي گانءِ هئڻ“ (خاموش سڀاءُ وارو يا نهٺو هئڻ) اصطلاح کي بدلائي جيڪڏهن اسين چئون ته ”گونگي ڍڳي هئڻ“ ته گهربل مطلب ئي ضايع ٿي ويندو. ”پاڻي- پاڻي ٿيڻ“ (لڄي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ) اصطلاح کي بدلائي جيڪڏهن چئون ”جل جل ٿيڻ“، ”آب آب ٿيڻ“ يا ”نير نير ٿيڻ“ ته اِهو محاورو نه فقط پنهنجي گهربل معنيٰ وڃائي ڇڏيندو، پر اُن بدليل شڪل ۾ اهو سنڌيءَ ۾ مُروَج به نه ليکيو ويندو. ٻوليءَ ۾ انهيءَ قسم جي ننڍن فقرن کي مون ”سوتر پريوگ“ (Formula expressions) نالو ڏنو آهي. انهن جي استعمال سان، ٻوليءَ جي نه فقط ڳالهه ٻولهه واري فطري شڪل قائم رهي ٿي، پر اها سهڻي ۽ اثرائتي به بڻجي پوي ٿي.
پهاڪن وانگر محاورن جو به ٻوليءَ، سماج جي تهذيب ۽ ثقافت سان گهرو ناتو آهي. جيئن ته گهوڙا ڙي گهوڙا (مصيبت پوڻ، دانهون ڪرڻ)، ڄڃ تي بيهڻ (اڍنگا خرچ ڪرڻ)، ٽانڊو ٽوپي بند ڪرڻ (برادريءَ مان ڪڍڻ)، پير ۾ ڇنڇر هئڻ (ڀٽڪڻ، رلڻ)، تيرهن تالو هئڻ (چالاڪ هئڻ، نخرا ڪرڻ)، گورو ئي گنگا تي هئڻ (سڀ ڪجهه ناس ٿي وڃڻ)، اٺ ڇٽاڪو هئڻ (دشمني هئڻ)، چولو مٽائڻ (گذاري وڃڻ)، وغيره گهڻيئي سنڌي محاورا آهن، جن جو بنياد سنڌ جي سڀيتا ۽ ثقافت تي ٻڌل آهي. انهن جو به وضاحت سان تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڪرڻ جڳائي. اميد آهي ته روي پرڪاش هاڻي انهيءَ موضوع تي به تحقيقي ڪم شروع ڪندو.
مون کي ياد آهي ته 1988ع ۾ جڏهن مان پنهنجي احترام لائق بابا جن پنڊت ڪرشن چندر جيٽلي ۽ ننڍي ڀاءُ پرمود سان گڏ ايوڌيا (ڀارت جو شهر، جتي راجا رام چندر جي راج گدي هئي) جي تيرٿ ياترا تي ويو هوس، تڏهن پهريون ڀيرو روي پرڪاش، سندس وڏي ڀاءُ گيان پرڪاش ’سرل‘ ۽ ايوڌيا جي ٻين ساٿين سان ملاقات ٿي هئي. اُن وقت روي پرڪاش جي من ۾ سنڌيت جي سڪ جو جيڪو سلو اڀريو هو، اُهو هاڻي آهستي آهستي وڌي وڻ ٿيو آهي. اُن زماني ۾ هو لکنؤ يونيورسٽيءَ ۾ ڪامرس جو شاگرد هو. سال ٻن اندر اهو ڪورس پورو ڪري، سنڌيءَ ۾ ايم. اي ۽ پي ايڇ. ڊي ڪرڻ لاءِ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ مون وٽ آيو هو. 1967ع ۾ ڄاول ۽ هندي ماحول ۾ پلجي وڏو ٿيل هڪ ٻالڪ، جيڪو پنهنجي سچي لگن، اٿڪ محنت ۽ اورچائيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو اڀياس ڪري، سنڌيءَ ۾ پي ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪري ٿو، روي پرڪاش اُن جو هڪ انوکو ۽ معتبر مثال آهي. اسان کي هُن ۾ گهڻيئي آسون، اُميدون آهن. شال هوُ سنڌي ادب جا گهڙا ڀريندو رهي ۽ زندگيءَ ۾ وڌيڪ ترقي ڪندو رهي.
روي پرڪاش جي هن نيڪ ڪم مان جيڪڏهن ٻين به ڪِن سنڌيءَ جي پريمين کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۽ ادب، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي کوجنا ڪرڻ جو اُتساهه مليو، ته پوءِ هيءُ تحقيقي اڀياس پنهنجي مقصد ۾ سڦل ليکيو ويندو.
D- 127، وِويڪ وِهار، مرليڌر جيٽلي
دهلي، 100095
مئي 7، 2005ع