دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي

ڪتاب جو نالو دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب نصيـر مـرزا
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-17-7
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     737874   ڀيرا پڙهيو ويو

گيت


نــنـــــڍڙا مـــٺـــڙا ســـهـڻـــا ٻـــــار،
آس وطـــن جـــــــي ۽ آڌار!

هاڻي پڙهڻ جي ڪريو تياري،
ديس جي ٿيندي ناماچاري،
ننــڍڙا مــٺـڙا ســهـڻــا ٻـار،
آس وطــــــن جـــــــي ۽ آڌار.

لفظ پڙهــــون ٿــا سولا سولا،
گيت سکون ٿا مٺڙا مٺڙا،
نــنــــڍڙا مـــــــٺـــــڙا ســـــهــڻــا ٻــار،
آس وطــــــن جـــــي ۽ آڌار.

راند ڪندي ٿا عـِلم پرايون،
علم پرايون سمجهه وڌايون،
نـنــڍڙا مــٺــڙا، سـهـڻــا ٻـــار،
آس وطــن جــي ۽ آڌار.

 

 

 

]نصاب جي ڪتاب مان کنيل[