دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي

ڪتاب جو نالو دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب نصيـر مـرزا
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-17-7
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     737892   ڀيرا پڙهيو ويو

گيت


اوهين ديس جا روشن تارا،
ساکي آهن چنڊ ستارا،
اوهين ديس جا روشن تارا.

جڳ مڳ، جڳ مڳ جرڪو ٿا،
مکڙين وانگر مُرڪو ٿا،
ابــي امــڙ جــا، جــيءَ جيـارا،
اوهين ديس جا روشن تارا.

ديس لاءِ ٿڌڙي هير آهيو،
خوابن جي تعبير آهيو،
سنڌ جا ساٿي آهيو سگهارا،
اوهين ديس جا روشن تارا!

ننڍڙا نينگر ائين کلن ٿا،
ٽاريءَ، ٽاريءَ گل ٽڙن ٿا،
ٽهڪ انهن جا، پيارا پيارا،
اوهين ديس جا چنڊ ستارا!