ڪتاب جو نالو | دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي |
---|---|
ليکڪ | جي. اي. گريئرسن |
سنڌيڪار / ترتيب | نصيـر مـرزا |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 969-8194-17-7 |
قيمت | 30 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 737902 ڀيرا پڙهيو ويو |
آيو آيو،
آيو................ ميلو آيو!
ڪٻريون، ڪانگَ، ڪَبوتر آيا،
جهرڪين، هيڙهن سانگ رچايا،
ڳيرن ويٺي ڳايو!
آيو آيو!
آيو .............. ميلو آيو!
سـِرڻيون، شِڪرا ۽ ڪُونجون،
بَدڪون،ڪُڪڙيون،آيون ٽَرڪيُون،
ڪويل راڳُ ٻڌايو.
آيو آيو!
آيو .............. ميلو آيو!
ڪالهه کٽياڻيون، ڪُمريون آيون،
ڪاٺ- ڪُٽي پئي ڦيريون پايون،
هُد هُد سازُ وڄايو.
آيو آيو!
آيو .............. ميلو آيو!
آواز: رجب علي شاعر: سيد منظور نقوي
(1997- 1924ع)