دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي

ڪتاب جو نالو دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب نصيـر مـرزا
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-17-7
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     737903   ڀيرا پڙهيو ويو

مهاڳ


”دٻلي ٿي ڇڻڪي“ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيو ۾ رڪارڊ ٿيل، ٻارن جي گيتن مان، ڪجهه چونڊ گيتن جو مجموعو آهي. جيڪي لڳ ڀڳ پنجاهه ورهيه اڳ، سنڌ جي عظيم فنڪارن جي آوازن ۾، ٻارڙن جي مقبول ريڊيائي پروگرام ”ٻارڙن جي ٻاريءَ“ لاءِ رڪارڊ ڪيا ويا هئا.

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، سترهين آگسٽ 1955ع تي، هومسٽيڊ هال مان پنهنجي نشريات جو آغاز ڪيو هو. جيئن ئي هيءَ اسٽيشن قائم ٿي ۽ فضائن ۾ ”هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو آواز“ ٻُريو. اُن سان گڏ، من موهيندڙ نغما سنڌ جي فضائن ۾ گونجيا، ته چوڌاري هن اسٽيشن جي واهه واهه ٿي وئي. بعد ۾ ماڻهن جي هن ميڊيا سان والهانه دلچسپيءَ جي پيشِ نظر، سماج جي هر طبقي جي ٻڌندڙن لاءِ خصوصي پروگرام شروع ڪيا ويا.  اهڙن پروگرامن ۾ هڪڙو هفتوار پروگرام سنڌ جي معصوم ۽ پيارن پيارن ٻارن لاءِ پڻ مخصوص ڪيو ويو ۽ اُن جو نالو تجويز ٿيو: ”ٻارڙن جي ٻاري“. اِهو پروگرام ان ئي نالي سان اڄ به ريڊيو حيدرآباد جي اسٽوڊيو مان هر آچر تي، صبح جو ڏهين وڳي ڌاري Live يعني سڌو سنئون نشر ٿيندو آهي ۽ جنهن ۾ دلچسپي رکندڙ ٻار اڄ به اچي شريڪ ٿيندا رهندا آهن. 1957ع ڌاري ريڊيو حيدرآباد تان شروع ٿيندڙ ان پروگرام جو پهريون ميزبان هو ”ادا“ مصطفيٰ قريشي ۽ ان کان پوءِ ان پروگرام جا مقبول ميزبان رهيا، سائين سرور بلوچ، زاهد قلباڻي، عبدالغفور کوسو ۽ علي احمد جمالي. هن ڪتاب وارا اڪثر گيت جن فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيا، اُهي هئا، ماسٽر محمد ابراهيم، استاد محمد جمن،

 

روبينه، وحيد علي ۽ رجب علي وغيره. رجب علي ته ڳائڻ جو آغاز ئي ٻارڙن جي گيتن ڳائڻ سان ڪيو هو ۽ سڀ کان اول، سندس آواز ۾ جيڪو مزيدار ٻاراڻو گيت رڪارڊ ٿيو هو، اُن جا ٻول هئا: ”منهنجي پياري بلبل“.

هي سڀ گيت، جيڪي هن مجموعي ۾ آهن، گهڻو ڪري ته سٺ واري ڏهاڪي ۾ ئي رڪارڊ ٿيا هئا ۽ اڄ جي وڏڙن مان، جن جن اِهي گيت پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ ريڊيو حيدرآباد تان ٻڌا هئا، اڄ به، جڏهن هو انهن گيتن کي ٻيهر ٻڌندا آهن، ته پنهنجي ننڍپڻ جي يادن ۾ گم ٿي سوچيندا آهن: اي ڪاش! وقت ايڏو تيزيءَ سان نه گذرِي وڃي ها ۽ اي ڪاش! اسين اڃا به اوترائي ننڍڙا ٻار هجون ها، غمن ۽ فڪرن کان آزاد ۽ بي پرواهه ٻار، پنهنجي دنيا ۾ مگن ۽ خوش!

مون کي ياد آهي، ڪالهه جي ٻين ڪيترن ئي ٻارن وانگر، ٻارن جي اُن دلچسپ ۽ تفريحي پروگرام ۾، چاليهه کن سال اڳ، آءٌ پاڻ به وڃي شريڪ ٿيندو هوس. ان وقت ادا مصطفيٰ قريشي ۽ پوءِ ”ادا“ سرور بلوچ، مون کي ياد آهي ته پروگرام شروع ٿيڻ کان پهرين، آيل ٻارن جي نالن جي مڪمل فهرست تيار ڪندا هئا ۽ پوءِ هڪ هڪ ٻار کي، جيڪو گيت يا نظم هو ياد ڪري ايندا هئا، اُن جي ريهرسل ڪرائيندا هئا ۽ ان جي زير زبر دُرست ڪرائي، پوءِ ان کي مائيڪ تي پڙهرائيندا هئا. بعد ۾ مقرر وقت تي Live اسٽوڊيو ۾ مائيڪ جي چوڌاري ٻارن کي اچي ويهاريندا هئا ۽ On air جي ڳاڙهي بتي ٻرڻ سان ئي وڏي آواز ۾ چوندا هئا: ”السلام عليڪم پيارا ٻارو“ ۽ اسين سڀ ٻار اوتري ئي گونجدار آواز ۾ وراڻيندا هئاسين: ”وعليڪم السلام“! پوءِ پروگرام جي ابتدا ۾ ڪي سٺيون سٺيون ۽ نصيحت ڀريون ڳالهيون ڪرڻ بعد ڏسندو هوس ته ڪڏهن هو اسان کي ٻوليون ٻڌائيندڙ پلپليءَ کان ٻوليون ٻڌرائي پيا وندرائيندا هئا ته ڪڏهن اسٽوڊيو جي ڪنڊ ۾ رکيل ڪينواس ذريعي ظفر ڪاظمي صاحب پيو ٻارن کي تصويرون ۽ ڪارٽون ٺاهڻ سيکاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڏسندو هوس ته ماسٽر محمد ابراهيم، استاد محمد جمن يا روبينه اسٽوڊيو ۾ Live اچي ٻارن لاءِ گيت، نظم، سازن جي سنگت سان ڳائي پيا ٻڌائيندا هئا. 1960ع واري ابتدائي ڏهاڪي ۾ جيڪي اهڙا گيت رڪارڊ ٿيا هئا، اُهي هئا، ”انتر منتر جادو جنتر، ڀڃو پروليون ٻارو!، ”هوڪن جي بازار ٻارو، هوڪن جي بازار“، ”ڏسو نرالو کيل ٻارو، ڏسو نرالو کيل“، آيو ڦوڪڻي وارو“ ۽ ”سي سي، سي سي آيو سيارو“ وغيره. اصل ۾ ته نصاب ۾ آيل نظمن ۽ گيتن کان پوءِ اِهو پهريون ڀيرو ئي هو جو ٻارڙن لاءِ ريڊيو تان مقبول فنڪارن جي آواز ۾ اهڙا گيت رڪارڊ ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو بي انتها مقبول ٿي ويو. ماضيءَ ۾ رڪارڊ ٿيل اِهي سڀ گيت، جڏهن هاڻي به ٻارن جي ان پروگرام ذريعي ريڊيو تان نشر ٿيندا آهن، ته نه فقط ماضيءَ جي، اسان جهڙن ٻارن، پر اڄ جي جديد ٻارن کي پڻ، فوراً وندرائڻ لڳندا آهن. اهڙن گيتن جي دلچسپ هجڻ جي پيشِ نظر سوچيم، انهيءَ کان اڳي، جو ماضيءَ جو هي دلچسپ، مزيدار ۽ من موهيندڙ سرمايو، بي قدريءَ جي ڌوڙ ۽ وقت جي اونداهيءَ ۾ گم ٿي وڃي، ڇو نه ان کي هڪ مجموعي ۽ آڊيو سي . ڊيءَ جي صورت ۾ نئين نسل جي حوالي ڪيو وڃي.

مون کي خوشي آهي ته سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جي اڳوڻي پبليڪيشن آفيسر (۽ موجوده اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ائڊمن) پنهنجي دوست خالد آزاد جي معرفت اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمئن ۽ برک اديب عبدالقادر جوڻيجي هن آئيڊيا کي نه فقط پسند ڪيو، پر ڪتاب سان گڏ آڊيو سي. ڊيءَ جاري ڪرڻ جو به واعدو ڪيو، پر عبدالقادر جوڻيجو اڳتي هلي اٿارٽي ڇڏي ويو. پر خوشقسمتيءَ سان کانئس پوءِ هن اداري جون واڳون سنڌ جي عالم خاتون ۽ اسان جي وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين اچي سنڀاليون آهن، ۽ سون تي سهاڳو هي به جو ساڻس ٻانهن ٻيلي اسان جو دوست تاج جويو، سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ اچي شامل ٿيو آهي. تاج جويي ۽ خالد آزاد، مون کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته پهرين ”ٻاراڻن گيتن“ جو مجموعو، ڪتابي صورت ۾ ڇپائجي ۽ اُن بعد هن ڪتاب جي آڊيو سي ڊيءَ جو سوچجي. آءٌ به ذهني طور تيار ٿي ويو آهيان، مون کي پڪ آهي ته ڊاڪٽر فهميده حسين جيئن درسي ڪتابن ۾ موجود نظمن ۽ گيتن جون آڊيو سي ڊيون ٺهرائڻ شروع ڪرايون آهن، تيئن نئين سال ۾ ”ريڊيائي گيتن“ جون سي ڊيون به تيار ڪرائيندي.

آءٌ دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر فهميده حسين، تاج جويي ۽ خالد آزاد جو، جن هي ڪتاب ڇپايو آهي ۽ اميد پيو ڪريان، ته پراڻي ۽ نئين دؤر جي نسل پاران منهنجي هن پورهيي جو، دل سان قدر ڪيو ويندو. انشاءَ الله !

 

 

حيدرآباد                                                                                                                        نصير مرزا

2010- 5- 7