دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي

ڪتاب جو نالو دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب نصيـر مـرزا
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-17-7
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     737904   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻلڙي


ڀُــــــورن وارن واري ٻــــلــــــڙي.
نـِيـــريـــن اکــــڙيـــن وارِي ٻـــلـــــڙي.

سهـڻو مُـنهـن ۽ نـقشـو پيـارو،
مُنـــهـن بـِلــــــور جيــــــان مــــوچـــارو،
هلڪــي سلڪــي، نازڪ بـــــي حد.
نـــخــــريـلــــــــي ۽ نـــيـــــــاري ٻـــلــــــــڙي!

گوشت کي هرگز ڪين ڇڏي ٿي،
ٿالهيون ٿانوَ سڀئي چَٽي ٿي.
لـِڪي لـِڪي ۽ ڊوڙي جهٽ پٽ،
ڪــــوئـــــا کــــائـــــي پـــيــــــاري ٻــــلــــڙي.

ڪوئـِي گهر ۾ کاڌو کـائي،
ڀر ۾ بيٺي راڳ ٿــــي ڳـائي.
ڪوئي مون کي ڀـي کارائي،
چـــاهـــــي ٿـــــي ويـــچــــاري ٻـــلــــڙي.

 

 

 

آواز: ماسٽر محمد ابراهيم                                                                                                                                                                                                                                                                                         شاعر: سيد منظور نقوي

             (1997-1924ع)