دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي

ڪتاب جو نالو دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب نصيـر مـرزا
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-17-7
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     737814   ڀيرا پڙهيو ويو

ريل


اِجهـــــــا ريـــــلَ آئـــــــي، اِجهــــا ريـــــلَ آئــــــي،
ننڍي بابُوءَ ٽيشــــــڻ تي گـِهـــــنٽي وڄــــائي.

اڳيان جنهن جي اِنجڻ ڏسو ڪيئن وڻي ٿي؟
هـٽـائـڻ لاءِ مــاڻـهن کي سـيـٽي هڻي ٿي:
اِجها ريل آئي اِجها ريل آئي!

 

ڏِسو ڪيئن ته ٽيشڻ تي گاڏا بيهن ٿا،
۽ مـاڻهــــــــو اُنهـن ۾ چـَڙهـــــــن ٿـا، لـــهــــــن ٿـا:
اِجها ريل آئي، اِجها ريل آئي!

هي بابُو ڏسو، جنهن جي ڪاري آ ڏاڙهي،
جَهنڊيون ٻه اٿس، هڪ آ سائي ٻي ڳاڙهي،
اِجها ريل آئي، اِجها ريل آئي!

 

اُٿــــــو، ريـــــل- بابُــو ٿـــــو سيــــٽـِــــي وڄــــائـــي،
وڃــــڻ لاءِ هــــاڻــــــي ٿـــــو گــــــاڏي هـــــلائــــي.

 

 

 

آواز: رجب علي                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                     شاعر: مظفر حسين جوش

            (1995- 1919ع)