دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي

ڪتاب جو نالو دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب نصيـر مـرزا
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-17-7
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     737793   ڀيرا پڙهيو ويو

اَنتر مَنتر


اَنتر مَنتر جادو جنتر،

ڀڃو پروليون ٻارو!

 

هڪڙي شيءِ ٿي واءَ ۾ اُڏري، هوائي جهاز ڀي ناهي،

تري ٿي جيڪا ٻيڙيءَ وانگر، ڪاغذ جي ڀي ناهي!

جيڪو ڀڃندو تنهن کي ملنديون،

مٺڙيون لوليون،ٻارو!

ڀلا ٻڌايو ڇاهي؟

 

”لغڙُ!“

”اون هون“....

”ڄاهو؟“

”نه.....نه!“

”آڙي!؟“

”ها.....!“

 

اَنتر مَنتر جادو جنتر،

ڀڃو پروليون ٻارو!

هڪڙي شيءِ ٿي پَٽ تي ڊوڙي، ماڪوڙي وانگي،
تيزُ هلي ته، دِل ڏَڪائي، واچُوڙي وانگي،
بيهي ته گُم سُم، هلي ته اِئين ڄَڻ،

سمنڊ جون ڇوليون ٻارو!

ڀلا ٻڌايو ڇاهي!؟

 

”ڏينڀوُ؟“

”اون- هون!“

”گانگٽ؟“

”آن- هان“.....

”موٽر!“

”ها!“.....

 

اَنتر مَنتر جادو جنتر،

ڀڃو پروليون ٻارو!

هڪڙي شيءِ ٿي ڳالهائي پر، ماڻهو ڀي ته نه آهي!
سڀ ڪنهن کي ٿي عـِلمُ پڙهائي، پاڻ پَڙهيل ڀي ناهي.
عـِلمَ عَقُـل سان، ڀري ٿي سَڀ جون،

خالـِي جهوليون ٻارو!

ڀلا ٻڌايو ڇاهي!؟

 

”ٽيليفون؟“

”آن .... هان“......

”ڪتاب!؟“

”اون- هُون“......

”ريڊيو!؟

”ها......!“

اَنتر مَنتر جادو جنتر،

ڀڃو پروليون ٻارو!

هڪڙي شيءِ ٿي رات جو جاڳي، ڏينهن جو ٿي آرامُ ڪري،
جيڪو اُن جو دشمن بنجي، اُن جي ننڊ حرامُ ڪري.
پَکي آهي پر، آنا نه ڏي“

ڄڻي ٻچن جون ٽوليون، ٻارو!

ڀلا ٻڌايو ڇاهي؟

 

”پٽاٽو؟“

”آن- هان“....

”ٻاٽيٻر؟“

”اون- هون“....

”چمڙو؟“

”هان.....!“

 

 

اَنتر مَنتر جادو جنتر،

ڀڃون پروليون ٻارو!

هڪڙي شيءِ ٿي وڻ تي بيهي، نوريئڙو ڀي ناهي!
گهر ٿي ٺاهي ريشم جهڙو، ڪوريئڙو ڀي ناهي!
سارو ڏينهن ٿي ٻولي ڏاڍيون، مٺڙيون ٻوليون، ٻارو!

ڀَلا ٻڌايو ڇاهي؟

 

”بلبل!؟“

”آن- هان“.....

”ڳورَپٽ؟“

”آن- هان؟“

”ڪوئل“....

”ها....!“

 

اَنتر مَنتر جادو جنتر،

ڀڃون پروليون ٻارو!

هڪڙي شيءِ ٿي جهنگلَ جَبَل جو سيرُ ڪرائي ماڻهن کي،
نَديون ٽپي ٿي، پري پري جا شهرَ گهمائي ماڻهن کي،
عَقلَ جي ڊوڙَ ڪريو ته انهيءَ کي،

ڳوليو ڦولهيون، ٻارو!

ڀلا ٻڌايو ڇاهي؟

 

”سائيڪل!؟“

”اون- هون“....

”ٻيڙي!“

”آن- هان“.....

”ريل!؟“

”ها......!“

 

اَنتر مَنتر جادو جنتر،

ڀڃو پـِروليون ٻارو!

 

آواز: ماسٽر محمد ابراهيم                                                                                                                                                                                                                                                                                                                شاعر: نياز همايوني

(2004- 1936ع)