دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي

ڪتاب جو نالو دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب نصيـر مـرزا
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-17-7
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     737891   ڀيرا پڙهيو ويو

ڏِسو نرالو کيلُ


ٻُڌو هيءَ مون کان ڳالهه نرالي،

ڏِسو نـِرالو کيلُ.

 

ڏسو نرالو کيل، ٻارو!

ڏِسو نـِرالو کيلُ.

 

تـِلڪِ چاڙهيءَ تان ٻيڙي ڊوڙي،
سـنڌو نـديءَ ۾ ريـل، ٻارو!
ڏِسو نِـرالو کيلُ!

 

هاٿـِيءَ جي ٿـِي شادي، جنهن ۾ ٻلين خوبُ پئي ڳايو،
چاچي چٻري ناچُ ڪَيو پئي، طوطي ڍولُ وڄايو،
ڏِسو نـِرالو کيلُ!

 

گهُمندي ڦـِرندي شهرَ ۾ اُٺَ کي کائـِي ويو گابو ڪارو،

آني مان هڪ باندر نڪـِتو، جنهن جو رنگ هو ڳاڙهو:

ڏِسو نرالو کيلُ!

 

راڻي باغ ۾ ڪالهه ٿي گُذرِي، جانورن جي مَئـِچ،
بئٽنگ ڪئي هُئي گدڙن، جنهن ۾ لومڙيءَ ورتي ڪئچ:
ڏِسو نِرالو کيلُ!

 

ڏِسو نـِرالو کيلُ، ٻارو!

ڏِسو نِـرالو کيلُ!

 

آواز: ماسٽر محمد ابراهيم                                                                                                                                                                                                                                                                                   شاعر: مظفر حسين جوش

              (1995-1919ع)