دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي

ڪتاب جو نالو دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب نصيـر مـرزا
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-17-7
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     737722   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


”دٻلي ٿي ڇڻڪي“ ٻارن لاءِ ريڊيائي گيتن جو اهڙو مجموعو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان گهڻن کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويندو ۽ جيڪي ٻار هي گيت پڙهندا ته انهن ۾ موجود خوبصورت ٻول کين ضرور موهيندا. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اهي سمورا گيت آڊيو ڪيسٽن/ سي ڊين تي پڻ محفوظ ڪيا پيا وڃن. محترم نصير مرزا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا رڪارڊ ڪرايل هي گيت گڏ ڪري هڪ دؤر جي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي ۽ ريڊيو پاڪستان جي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ ڪردار کي پڻ ظاهر ڪيو آهي.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران هنن گيتن جي اشاعت ٻاراڻي ادب واري رٿا هيٺ ڪرائي وئي آهي ته جيئن سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي. اسان کي اميد آهي ته پڙهندڙ اٿارٽيءَ جي هن ننڍڙيءَ ڪوشش کي ضرور مان ڏيندا.

 

 

                                                               ڊاڪٽر فهميده حسين

2010- 5- 5                                                                          چيئرپرسن