ڪتاب جو نالو | دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي |
---|---|
ليکڪ | جي. اي. گريئرسن |
سنڌيڪار / ترتيب | نصيـر مـرزا |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 969-8194-17-7 |
قيمت | 30 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 737900 ڀيرا پڙهيو ويو |
چڱي ڳالهه ٻارو هيءَ مون کان ٻُڌو،
سويري سُمهو ۽ سَويري اُٿو!
سويري سُمهڻ جي جو عادت رکي،
وڏِي پــاڻ ۾ ٿـــو لـِيـاقـت رکـي.
صُبح جو سويري ٿو جيڪو اُٿي،
اُنهيءَ تي خدا ڀي ٿو راضي رهي.
هزارين چَڱايون انهيءَ کي مـِلن،
خُدا جون مٿس رحمتون ٿيون رهن.
سويري سُمهڻ مان سَگهائـِي سَري،
بُرائـِي به سڀ ڪا اُنهيءَ کان پري.
سويري سُمهڻ کي وسارج نه مُور،
صبح جو سويرو تون اُٿجان ضرور!
آواز: رجب علي شاعر: محمد خان غني
(1979-1903ع)