ڪتاب جو نالو | دٻلـِي ٿـِي ڇـِڻڪي |
---|---|
ليکڪ | جي. اي. گريئرسن |
سنڌيڪار / ترتيب | نصيـر مـرزا |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 969-8194-17-7 |
قيمت | 30 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 737726 ڀيرا پڙهيو ويو |
يارَ، ڪريو او مچَ تي وارو!
سي، سي، سي، سي...آيو سيارو.
جڏهن اُتر جي لڳي هوا،
تڏهن اچي ٿو ياد خُدا.
سيءُ سُڪائي سَنڌَ صفا،
ڄڻِ ته پوي پيو پارو!
يارَ، ڪريو او مچَ تي وارو!
ننڍڙي ننڍڙي ٽڪـِلين واري،
سائي هُجي يا اَڇي ڪاري،
جـهـڙي تـهــڙي رِلــي پيـاري،
رات جو آهه سهارو!
يارَ ڪريو او مچ تي وارو.
نانــي ٻُـڍِڙيءَ دونـهـِيـن دُکـائـي،
ويٺـي پنـهنـجـا خــيـال پـچـائـي،
سـاري گهر کان لـِڪي، لڪائي،
چٽي ٿي ڳُڙ جو ڏارو!
يارَ، ڪريو او مچ تي وارو!
سي، سي، سي، سي...آيو سيارو!
يارَ ڪريو او! مچ تي وارو.
آواز: رجب علي شاعر: علي محمد مجروح
(1997- 1926ع)