سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)
ليکڪ خان محمد جروار
سنڌيڪار / ترتيب خان محمد جروار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-02-4
قيمت 250    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17054   ڀيرا پڙهيو ويو

انگريزن جي دور ۾ عربي-سنڌي لکاوٽ: ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي


(نوٽ: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڌي ٻوليءَ جو نامور عالم ۽ اديب آهي. هي مضمون سندس ڪتاب ”ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ- سنڌي ٻوليءَ جون لپيون“ تان سندس ٿورن سان ورتل آهي. هونئن ته سڄوئي ڪتاب سنڌيءَ ٻوليءَ جي ماهرن جي پڙهڻ وٽان آهي، پر هن مضمون ۾ سنڌي رسم الخط (لپيءَ) جي تاريخ سٺي ۽ سليس نموني ۾ بيان ٿيل آهي.) (ادارو) اڄ ڪالهه اسين سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ جيڪا عربي-سنڌي آئيويٽا ڪتب پيا آڻيون. اُنهيءَ کي (هاڻوڪو) روپُ، سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت کانپوءِ، سن 1853ع ۾ ڏنو ويو، جنهن کي ڏيڍ سئو سال مس ٿيا آهن، انهيءَ آئيويٽا جو اتهاس دلچسپ آهي. سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت برپا ٿيڻ: سرچارلس نيپئر مارچ 1843ع ۾ سنڌ جي ميرن کي شڪست ڏيئي انگريزي حڪومت جو پايو وڌو. کيس سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو. هو آڪٽوبر 1847ع تائين اُن عهدي تي رهيو. انهيءَ عرصي ۾، سندس ڌيان ملڪ جي بدانتظاميءَ کي دور ڪري امن قائم ڪرڻ ۽ ڪن سماجي سُڌارن ڏانهن هو. سو، سنڌ ۾ تعليمي سرشتي جي سڌاري ۽ واڌاري جي ڏس ۾ ڌيان ڏيئي ڪو نه سگهيو. نيپيئر جي دور ۾ ڪن سرڪاري عملدارن پنهنجي ليکي سنڌ ۾ انگريزي اسڪول برپا ڪرڻ سان گڏ عيسائي مذهب جي ڦهلاءَ جي ڪوشش ڪئي. نيپئر جي سنڌ مان رواني ٿيڻ کانپوءِ، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو. بمبئي پريزيڊنسيءَ جي گورنر طرفان سنڌ ۾ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. جيڪو سنڌ جي انتظامي ڪمن کي عمل ۾ آڻيندو هو. نيپئر جڏهن سنڌ جون واڳون ڇڏيون، تڏهن سر جارج ڪلارڪ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو گورنر هو. هن آر. ڪي. پرنگل کي سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو، جيڪو آڪٽوبر 1847ع کان وٺي. 1850ع جي آخر تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. هن جي ايامڪاريءَ ۾ ئي سرڪاري سطح تي سنڌي ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪن رٿائن کي عمل ۾ آڻڻ طرف ڌيان ڏنو ويو. انگريزن جي حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حالت: انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جي لکاوٽ جو ڪو به هڪ سرشتو نه هو. عربي-فارسي لکاوٽ ۾ سنڌيءَ جي آوازن لاءِ هرڪو ڪاتب پنهنجيءَ سمجهه مطابق جدا جدا حرف پيو ڪتب آڻيندو هو. ايتري قدر جو هڪ ئي ڪاتب جي لکيل قلمي نسخي ۾ هڪ ئي سنڌي آواز لاءِ علحده حرف ڪتب آندا ويندا هئا. سنڌي هندو واپاري خواجا توڙي ميمڻ، سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ”سنڌي لپي“ (هٿ واڻڪائي يا خواجڪي لپي) استعمال ڪندا هئا. ان کانسواءِ سنڌ جا هندو رهواسي ديوناگري (جنهن کي شاستري اکر به چوندا هئا) ۽ گرمکي لپين ۾ سنڌي ٻولي لکندا پڙهندا هئا. سبب اهو هو ته هندن جا ڌرمي شاستر ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل هئا. نانڪ پُنٿ جو سنڌ ۾ گهڻو پرچار ٿيڻ کانپوءِ سک مت جا ڌرمي گرنٿ گرمکي لپيءَ ۾ هئڻ ڪري، انهن ٻنهي لپين جو سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. هندستان جي ٻين گهڻن ئي پرانتن وانگر، سنڌ ۾ پڻ مسلمان حاڪمن جي دور ۾ سرڪاري ڪاروبار جي ٻولي فارسي هئي. پر انگريزن جي سنڌ ۾ حڪومت شروع ٿيڻ کانپوءِ، پهرين ڏهاڪو کن سالن تائين فارسيءَ جو استعمال رهيو. عربي ٻوليءَ جو اسلام سان واسطو هئڻ ڪري، گهڻا مسلمان عربي لپيءَ جو استعمال ڪندا هئا، پر عربي ۽ فارسي ٻوليون سنڌ جي عام ماڻهن جي سمجهه کان ٻاهر هيون. روزاني زندگيءَ ۾ عام ماڻهن جي وچ ۾ وهنوار ۽ واپار جي ٻولي سنڌي هئي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو مس هئا، جيڪي سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ فارسيءَ جو اڀياس ڪندا هئا. فارسي ٻوليءَ جو سرڪاري لکپڙهه ۾ اهڙو حال هو، جو جملن ۾ اڌ کان مٿي سنڌ ي لفظن جو استعمال پيو ٿيندو هو. انگريزن جڏهن سنڌ جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ ڪيون، تڏهن ڏٺائون ته عام طور سنڌي ماڻهو دانهن فرياد پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ ڪن ٿا. ڪچهريءَ جا منشي انهن جو بيان ڀڳل ٽٽل فارسيءَ ۾ درج ڪن ٿا. ڪو انگريز فارسي ڄاڻندڙ ان جو ترجمو فارسيءَ مان انگريزيءَ ۾ ڪري عملدار اڳيان پيش ڪندو هو. ايتريون منزلون پار ڪندي، بعضي ته فرياديءَ جي فرياد جو اصلوڪو مطلب ئي اڪثر بدلجي ويندو هو. اهڙيءَ حالت ڏسي، هندستان ۾ مرڪزي انگريز سرڪار فيصلو ڪيو ته هر هڪ علائقي ۾ سرڪاري ڪاروبار ۽ لکپڙهه ۾ انهيءَ علائقي جي ٻولي استعمال ٿيڻ گهرجي ۽ يوروپي سرڪاري؟ پَڌَرِنامُو ڪَمِشَنر صاحَبِ بَهَادُر سِنڌُ جي دَربار مَنجهَان سَڀنَي مَاڻهن چَڱن ۽ مَٺَنَ رَهنَدَڙَن سِنڌ جي کي سُڌ ٿي ڏِجي تَه ڪيِتَرا عَرضَدار عَريِضِي پَهچي نَهاوُ لَهَڻ لاءِ حُضُور ڏانھ ٿَا مُوڪَلين تِن مَنجهَان ڪي فاَرسي ۾ ڪي سِنڌي ۾ ٿَا لِکَن اُهَا ڳَال نَا مُوچَاري آهي. تِنهنڪَري جھِ ڪِنهنکي عَريضي وَاسطي ٿيڻ نِهاو جي حُضُور ڪَمِشَنر صَاحَبِ بَهَادُر سِنڌ جي دَربار مَنجهه عرضَ رَکڻي هُجي تَه سِنڌي وَائي ۽ عَربي اکَرِن ۾ لِکي موڪَلي جيڪَڏهين ڪھِ سَبَبَ کانَ فاَرسي عَريضي لَکڻَ ضَرور ڄَاڻي تهَ اُن فاَرسي عَريضي سَاڻ تَرجمو سِنڌي ۾ پڻَ ڪَرِي مُو ڪَلي تَه ٻُڌَڻ ۾ اِينديِ بس تاريخ 29 مهينو آگسٽ سن 1857. انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾، سنڌيءَ کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ وارو حڪم نامو، جيڪو سر بارٽل فريئر، تڏهوڪي ڪمشنر، سنڌ، سنه 1857ع ۾ جاري ڪيو، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل آهي ته عرضدار پنهنجي درخواست ”سنڌي ٻوليءَ“ ۾ لکي موڪلي ۽ اگر فارسيءَ ۾ لکڻ جو لاچار هجي، ته ”سنڌيءَ ۾ اُن جو ترجمو ساڻ موڪلڻ ضروري آهي (ته ٻُڌڻ ۾ ايندي.) عملدار توڙي ڏيهي ماڻهو مقرر وقت اندر پنهنجي پنهنجي علائقي جي ٻوليءَ جو اڀياس ڪري ان ۾ امتحان پاس ڪن. انهيءَ سرڪاري نيتيءَ مطابق سنڌ ۾ پڻ سنڌين جي پنهنجي ”سنڌي زبان“ کي ڌاري ٻولي فارسيءَ جي جڳهه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. * اپريل 1848ع ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي گورنر جارج ڪلارڪ سنڌ جي ڪمشنر پرنگل کي لکي موڪليو ته: ”سرڪاري ڪاروبار ۽ لکپڙهه ۾ اسان کي علائقائي ٻوليءَ سنڌيءَ جو استعمال ڪرڻ گهرج. مون کي سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته اسانجا مالگذاري ۽ انصاف کاتي جا آفيسر (چاهي سندن کاتن ۽ ڪچهرين جو عملو ڪهڙي به نموني ڇو نه مقرر ڪيو وڃي.) فارسيءَ يا انگريزيءَ جهڙي هڪ ڌاري ٻوليءَ جي ذريعي ڪهڙيءَ طرح اثرائتي نموني ڪم هلائي سگهندا.“ پرنگل صاحب پنهنجن زبردست آفيسرن کان راءِ گهري ته هو جاچ ڪري ٻڌائين ته سنڌ ۾ سرڪاري ڪاروبار لاءِ ۽ عام ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪهڙي ٻولي عملي لحاظ کان گهڻي ۾ گهڻي ڪارگر ثابت ٿيندي؟ انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ڪجهه يوروپي عملدار اهڙا هئا، جن پنهنجي شوق وچان سنڌي ٻوليءَ جو سٺو اڀياس ڪيو هو. انهن ۾ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ آبپاشي کاتي ۾ مقرر ٿيل عملدار رچرڊ برٽن مکيه هئا.ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ته پنهنجي سرڪاري دفتر جي مشغولين مان وقت ڪڍي، انگريزي – سنڌي شبد ڪوش ۽ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر تيار ڪري سرڪار کي ڏنا هئا. اهي ٻيئي ڪتاب 1849ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپجي ظاهر ٿيا. انهن ڪتابن سان گڏوگڏ هو سنڌي-انگريزي شبد ڪوش تيار ڪرڻ ۾ مشغول هو. اهو ڪوش سندس گذاري وڃڻ بعد سرڪار 1855ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اسٽئڪ ۽ برٽن، ٻنهي سرڪاري ڪاروبار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال واري نيتيءَ جي دلي آجيان ڪئي. فارسي کي هٽائي سنڌي ٻولي کي آڻڻ جي زوردار لفظن ۾ سفارش ڪئي. هنن اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هر ڳالهه کي سٺي نموني ظاهر ڪرڻ جي پوري صلاحيت آهي. چيائون ته جيتري قدر نئين زماني جي علم ۽ سائنس جو سوال آهي. اُتي پڻ اسين عربي، سنسڪرت ۽ ٻين ترقي ڪيل ٻولين جي مدد سان گهربل لفظ ۽ اصطلاح ٺاهي سگهون ٿا. ان طرح اهو يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري ڪاروبار ۽ لکپڙهه ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال شروع ڪيو وڃي. ٻئي طرف تعليم جي کيتر ۾ پڻ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ هلندڙ سرشتي مطابق سنڌ ۾ پڻ ابتدائي تعليم ستين درجي تائين سنڌيءَ ذريعي ۽ تنهن کانپوءِ مٿين درجن ۾ انگريزيءَ جي ذريعي (Medium) ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ جي لکاوٽ جو مسئلو: مٿئين فيصلي بعد سوال پيدا ٿيو ته سنڌي ٻولي ڪهڙيءَ لپيءَ ۾ لکي وڃي؟ انهيءَ وقت سنڌي جدا جدا لپين ۾ لکي ويندي هئي ۽ لکاوٽ جو ڪو به هڪ مقرر سرشتو نه هو. سنڌ جي اصلوڪيءَ ۽ نرالي، ”سنڌي“ لپيءَ جا سڄيءَ سنڌ ۾ تيرهن چوڏهن نمونا هلندڙ هئا، ٻئي طرف عربي-فارسي لکاوٽ ۾ پڻ سنڌي آوازن لاءِ جدا جدا حرف پيا استعمال ٿيندا هئا. انهيءَ سوال تي سنڌيءَ جي ٻن يوروپي ماهرن، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ليفٽيننٽ رچرڊ برٽن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. سنڌيءَ لاءِ لپي چونڊڻ بابت سندن رايا هن ريت هئا: ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو رايو: (1) سنڌي ٻولي سنسڪرت سٿ جي ٻولين مان هڪ مکيه ٻولي آهي، انهيءَ ڪري سنڌيءَ ۾ لکڻ لاءِ لپي به اُهائي استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪا سنسڪرت سٿ جي ٻولين مان هجي. هن پاڻ به پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌيءَ لاءِ ديوناگري لپي استعمال ڪئي هئي. ائين ڪرڻ جو سبب هن صاف لفظن ۾ اهو ڄاڻايو ته سندس مقصد يوروپي عملدارن کي جلد ۽ سولي نموني سنڌي سيکارڻ آهي. سنڌ ۾ جيڪي يوروپي عملدار مقرر ڪيا پئي ويا، سي بمبئي پريزيڊنسيءَ مان ٿي آيا. اهي مراٺي، گجراتي ۽ هندي ۽ ديوناگري لپي اڳيئي ڄاڻندا هئا. (گجراتي لپيءَ جي ديوناگريءَ سان گهڻي مشابهت آهي، فقط اُن ۾ حرفن مٿان ليڪ ڪانه ڏبي آهي). سندس خيال هو ته جيڪڏهن هو ديوناگريءَ ۾ لکيل سنڌي ٻولي سکندا، ته کين نئين لپيءَ جو اڀياس ڪرڻو نه پوندو. (2)سنڌي ٻوليءَ لاءِ خدا آبادي سنڌي لپيءَ کي اختيار ڪرڻ گهرجي. اها لپي حيدرآباد ۽ انهيءَ جي آس پاس وارين ايراضين جا سنڌي هندو واپاري ڪتب آڻيندا آهن. (3) سنڌي ٻوليءَ مٿان عربي-فارسي حرف مڙهڻ نه گهرجن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ سنسڪرت سٿ واري سنڌي ٻولي درست نموني سکي نه سگهبي. (4) خدا آبادي لپي سنڌيءَ جي خاص پنهنجي ۽ نرالي لپي آهي، جيڪا صدين کان وٺي استعمال ٿيندي پيئي اچي. انهيءَ لپيءَ جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي لکيت ۾ به نرالو وجود قائم رکي سگهبو. (5) برٽن ۽ ڪن ٻين جو اعتراض آهي ته خدا آبادي لپيءَ ۾ سُرن جا اُچار ڏيکارڻ لاءِ جدا حرف يا سُرن جون ماترائون نه آهن، ان ڪري اها لپي فقط شارٽ-هئنڊ وانگر آهي، جيڪا واپاري ماڻهو پنهجي لکپڙهه ڳجهي رکڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. انهيءَ اعتراض جو جواب ڏيندي، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ لکيو ته جيڪڏهن اسين عربي-فارسي اکرن ۾ سنڌي لکنداسين، ته ان لپيءَ ۾ به اسان کي گهڻيئي نوان حرف سنڌيءَ جي خاص آوازن ڏيکارڻ لاءِ ٺاهڻا پوندا. ڌاريءَ لپيءَ ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪري، انهيءَ کي اپنائڻ کان اهو بهتر آهي، ته اسين سنڌي ٻوليءَ جي نج ۽ آڳاٽي لکاوٽ ۾ ضروري سڌارا ڪري سُرن جون ماترائون ڏيئي، اها لپي سنڌيءَ لاءِ استعمال ڪريون. اسٽئڪ خدا آبادي سنڌي لپيءَ ۾ گهربل سُر ۽ انهن جون ماترائون گڏي هڪ، مڪمل ورڻمالا تيار ڪري ڏيکاري. مطلب اهو هئس ته عربي-فارسي اکرن ۾ تبديلي ۽ سڌارا ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ خدا آبادي لپيءَ ۾ معمولي ۽ تمام ٿورا سڌارا ڪرڻا پوندا. رچرڊ برٽن جو رايو: ليفٽيننٽ رچرڊ برٽن عربي اکرن ۾ ضروري سڌارا ۽ واڌارا ڪري، انهن کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جي فائدي ۾ هو. ان لاءِ هن جا مکيه دليل هن ريت هئا: (1) سنڌي هڪ شاهوڪار ٻولي آهي ۽ انهيءَ جي وياڪرڻي بيهڪ ٻين ٻولين کان نرالي آهي. عام طور، يوروپي عملدار سنڌيءَ کي هندستاني ٻوليءَ جو بگڙيل روپ سمجهي، انهيءَ کي نظر انداز ڪندا رهيا آهن. سندن اهو ويچار درست نه آهي. (2) سنڌيءَ جي اڀياس سان اسين سنڌ جي اُتر-اولهه وارين ٻولين (جهڙوڪ: پشتو، جاٽڪي، بلوچي، بروهي وغيره) جو علم سولائيءَ سان حاصل ڪري سگهنداسين. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ گهڻا الفاظ سنڌيءَ جا آهن، يا انهن سان ملندڙ آهن. (3) سنڌي ٻوليءَ ۾، ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ گهڻا آهن، انهيءَ ڪري انهن کي صحيح نموني ۾ لکڻ لاءِ عربي لکاوٽ ۾ ضروري سڌارا ڪري، ان کي سنڌيءَ لاءِ اپنائڻ بهتر ٿيندو. (4) سنڌيءَ ۾ جيڪي دستخط ۽ قلمي نسخا مليا آهن، سي به عربي-فارسي اکرن ۾ لکيل آهن. اسٽئڪ جيڪو خدا آبادي لپيءَ کي اپنائڻ جي وڪالت ڪري ٿو، ان ۾ ڪو به لکيل ادبي ڪتاب نه مليو آهي. سنڌ ۾ هندو واپارين کانسواءِ ٻيا سڀ سنڌي انهيءَ لکاوٽ کان اڻواقف آهن. (5) خدا آبادي سنڌي لپيءَ کي مڪمل روپ ڏيڻ لاءِ اسان کي عربي لپيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سڌارا ڪرڻا پوندا. ٻئي طرف عربي لپيءَ جي خاصيت اها به آهي ته اها لکاوٽ ايشيا جي گهڻين ئي ٻولين اپنائي آهي. انهيءَ ۾ معمولي سڌارا ڪري اسين سنڌيءَ لاءِ به عربي اکر استعمال ڪري سگهون ٿا. رچرڊ برٽن پڻ پنهنجن دليلن کي وزندار بڻائڻ لاءِ عربي اکرن ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪري، انهيءَ جي آئيويٽا تيار ڪري، پنهنجيءَ رپورٽ سان گڏ پيش ڪئي. هن عربي لکاوٽ جو ”بَسخي“ عبارت وارو نمونو اپنائڻ جي لاءِ سفارش ڪئي، ڇاڪاڻ ته ان لپيءَ سان سنڌ جا اڪثر رهواسي مسلمان اڳيئي واقف هئا. برٽن جو دليل هو ته جيئن ته قرآن شريف جي لکاوٽ به نَسح آهي. سنڌي مسلمان ننڍي هوندي کان ئي وٺي اُنهيءَ جو اڀياس شروع ڪري ٿو. لپيءَ بابت انهيءَ سموري بحث جو سار ڪئپٽن اسٽئڪ تيار ڪري سرڪار ڏانهن فيصلي ڪرڻ واسطي موڪليو. هن انهيءَ دستاويز ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ٻين يوروپي عملدارن جا ويچار به شامل ڪيا. تنهن کانپوءِ، برٽن جي مکيه دليل بابت پنهنجا ويچار ظاهر ڪندي هن لکيو ته انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته سنڌ جا اڪثر رهواسي عربي-فارسي اکر ڄاڻن ٿا، ۽ انهن ۾ عربي ۽ فارسي ٻوليون پڙهن ٿا. انهن اکرن ۾ لکيل سنڌي ٻوليءَ جا دستخط گهڻي ڀاڱي اسلام مذهب سان واسطو رکن ٿا، جيڪي ملن ۽ مولوين عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. اُنهن کي پڙهڻ لاءِ خود سنڌي ماڻهن کي به گهڻو اڀياس ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته انهن ڪتابن ۾ گهڻيئي سنڌي آواز جدا جدا صورتن ۾ لکيل آهن. ٻئي طرف گرمکي يا ديوناگريءَ ۾ لکيل سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب هرڪو سولائيءَ سان پڙهي سگهندو. انهيءَ ڪري ديوناگري سٿ جي ڪهڙي به لپي، خاص ڪري خدا آبادي لپي، سنڌي آوازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ عربي لپيءَ کان وڌيڪ سمرٿ آهي. اهي سنڌيءَ جون پنهنجون نج لپيون آهن. مان خاص طور خدا آبادي لپيءَ کي اپنائڻ لاءِ ان ڪري سفارش ٿو ڪريان. پنهنجيءَ رپورٽ سان گڏ هن خدا آبادي لپيءَ ۾ ڏهه سُر ۽ ٻيا سنڌيءَ جا خاص وينجن گڏي پوري ورڻمالا جي تختي به لڳائي، اسٽئڪ ايترو به لکيو ته جيڪڏهن سنڌي ماڻهو انهيءَ لپيءَ ۾ دستاويز ۽ عريضيون وغيره لکي پيش ڪندا، ته مان اُهي قبول ڪندس. پرنگل جي سفارش: سنڌ جي ڪمشنر پرنگل 26 اپريل 1849ع تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اپنائڻ جي سوال تي جدا جدا ماهرن جا ويچار بمبئي سرڪار کي موڪليا. هن پاڻ اسٽئڪ جي سڌاريل خدا آبادي ورڻمالا ۾ سنڌي لکڻ لاءِ بمبئي سرڪار کي سفارش ڪئي. جارج ڪلارڪ جي جڳهه تي بمبئي پريزيڊنسيءَ جو گورنر لارڊ فاڪلئنڊ مقرر ٿيو هو. هو سنڌ جي ڪمشنر پرنگل جي ڪيل سفارش سان شامل راءِ ٿيو. هن سنڌي ٻوليءَ لاءِ سڌاريل خدا آبادي لپيءَ کي عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ ڪري لارڊ فاڪلئنڊ اهو فيصلو ڪيو ته سڀني عملدارن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن اندر سنڌي ٻوليءَ ۾ مقرر ڪيل امتحان پاس ڪرڻ لازم ٿيندو، گورنر جو اهو فيصلو 27 جولاءِ 1849ع جي ڪارروائيءَ ۾ درج ڪيل آهي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو فيصلو: لارڊ فاڪلئنڊ، سنڌ جي ڪمشنر پرنگل وٽان آيل رپورٽ، پنهنجن ويچارن سان گڏ، هندستان سرڪار معرفت، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي لنڊن موڪلي، ته انهيءَ سوال تي هو پنهنجو فيصلو ڏين. هنن انهيءَ سوال تي گهرائيءَ سان ويچار ڪري 8 ڊسمبر 1952ع تي پنهنجو فيصلو لنڊن مان لکي موڪليو. (ضميمو-1) عربي الف – ب اپنائڻ جي فائدي ۾ هدايت ڪندي لکيائون ته ”هن سوال تي خبرداريءَ سان سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ اسان جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو سنڌيءَ لاءِ عربي لکاوٽ اپنائڻ جي فائدي ۾ آهي پر ساڳئي وقت اسين انهيءَ لاءِ به تيار نه آهيون، ته اسان جي ويچارن تي ڪنهن به وڌيڪ جاچ جوچ ڪرڻ کانسواءِ عمل ڪيو وڃي.“ ان سان گڏ هنن اِها به هدايت ڪئي ته ”بمبئي سرڪار کي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ سنڌ جا اُهي يوروپي عملدار شامل ڪيا وڃن، جيڪي سنڌي ٻولي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا. سنڌ جا اُهي ڏيهي ماڻهو به مقرر ڪرڻ گهرجن، جن جو چرتر ۽ عمل اهڙي قسم جو هجي، جو اُهي ڪارائتي نموني جوڳي مدد ڏيئي سگهن. اها ڪاميٽي ان سوال تي ويچار ڪري جيڪا راءِ پيش ڪري، سا بمبئي سرڪار نموني ۾ عمل ۾ آئي.“ بارٽل فريئر ۽ ايلس جي رٿا: ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن جي ڪورٽ جو فيصلو جڏهن بمبئي سرڪار کي پهتو، ته پرنگل 1850ع جي ڊسمبر مهيني ۾ سنڌ مان روانو ٿي ويو هو. سندس جاءِ تي جنوري 1851ع ۾ بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو هو. سندس عمر پنجٽيهه ورهيه هئي. هو ان عهدي تي ڊسمبر 1859ع تائين رهيو، پنهنجي زماني ۾ بارٽل فريئر جدا جدا کيترن ۾ سنڌ ۾ جيڪي سڌارا ڪيا، سي سنڌ جا اتهاس ۽ سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهن. هتي اسان جو واسطو فقط تعليمي سڌارن ۽ سنڌيءَ لاءِ لپيءَ جي چونڊ سان آهي. بهرحال، ڊائريڪٽرن جو سنڌيءَ جي لکاوٽ بابت فيصلو سال 1853ع جي شروعاتي مهينن ۾ بارٽل فريئر وٽ پهتو. هن پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر بي. ايڇ. ايلس کي انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ هدايت ڏني. ايلس پنهنجي رپورٽ 29 ڊسمبر 1854ع تي تيار ڪري ڪمشنر کي ڏني. جا سال کن ڪمشنر جي آفيس ۾ پيئي هئي (ضميمو -2) بارٽل فريئر 24 ڊسمبر 1855ع تي اها رپورٽ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر سي. جي. ايرسڪائين کي موڪلي، جيڪا بمبئي سرڪار 1856ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي. (ضميمو-3) انهيءَ رپورٽ جي باريڪيءَ سان اڀياس ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس پنهنجي بالا عملدار بارٽل فريئر جي هدايت ۽ رضامنديءَ سان جيڪا عالمن جي ڪاميٽي ٺاهي، ان جولاءِ 1853ع ۾ عربي-سنڌي الف- ب جي تختي تيار ڪري ڇپائي پڌري ڪئي. ايلس اها سياڻپ ڪئي ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪهڙي لپي اپنائجي (عربي-سنڌي يا خدا آبادي؟) انهيءَ سوال کي ڪاميٽيءَ جي اڳيان ايجنڊا تي رکيائين ئي ڪونه. هن لکيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ٻن ماهر يوروپي عملدارن انهيءَ سوال تي اڳيئي وستار سان بحث ڪيو هو ۽ ان بحث ۾ ٻين عملدارن جا رايا به ويچار هيٺ آندا ويا هئا. ان بحث ۾ پنج کن سال اڳيئي گذري چڪا هئا، پر ڪو به هڪ يڪراءِ فيصلو ٿي نه سگهيو هو، انهيءَ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ درسي ڪتاب، گرامر ۽ ڊڪشنريون وغيره ڇپائڻ جون رٿائون به پاڻيءَ ۾ پسي پيون هيون، جيڪڏهن انهيءَ سوال تي ڪاميٽيءَ ۾ وري بحث پئي شروع ٿيو ته انهيءَ جو انت ئي ڪو نه ٿيندو، فقط ڪاغذ ڪارا ٿيندا ۽ ڊگها ڊگها منٽس تيار ٿيندا ويندا. سنڌي ٻوليءَ جو ماهر رچرڊ برٽن ان وقت سنڌ ۾ حاضر ڪونه هو. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پڻ بيماريءَ جي ڪري علاج لاءِ موڪل تي لنڊن هليو ويو هو. ايلس پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته انهن ٻنهي عالمن جا ويچار اسان وٽ اڳيئي فائيلن ۾ موجود آهن، ان ڪري ان سوال تي ٻيهر بحث ڪرڻ مان ڪو به کڙتيل ڪونه نڪرندو. فقط وقت جي بربادي ٿيندي، اها ڳڻ ڳوت ڪري هُن مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ اڳيان فقط سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي لپيءَ ۾ لکاوٽ جو هڪ روپ مقرر ڪرڻ جو مسئلو ايجنڊا تي رکيو. ڪاميٽي مقرر ڪرڻ جي رٿا: سوال ٿو اُٿي ته سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر، عربي-فارسي لپيءَ ۾ سنڌي لکڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي؟ انهيءَ جاٻه سبب هئا. پهريون ۽ مکيه سبب اهو هو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن پنهنجي آرڊر ۾ سنڌيءَ جي ماهر عالمن جاڪاميٽي مقرر ڪري لپيءَ جي چونڊ لاءِ هدايت ڪئي هئي. ٻيو سبب اهو هو ته جيڪا لکاوٽ چونڊي وڃي، انهيءَ ۾ ضروري سڌارا ۽ واڌارا ڪري ان کي ”مقرر روپ“ ڏنو وڃي. ايلس جو سياڻپ ڀريو قدم: اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس، جنهن جي هٿ هيٺ سنڌ جو تعليم کاتو هو، تنهن بارٽل فريئر جي اجازت سان، لپيءَ جي چونڊ ڪرڻ جي سوال کي ريٽي ڇڏيو.هن ان وقت جي سنڌ جي حالتن تي غور ڪري ڏٺو ته اٽڪل پنجهتر سيڪڙو رهاڪو مسلمان آهن،اهي عربي-فارسي اکرن کان ڪي قدر واقف آهن. ٻئي طرف پنجويهه سيڪڙو رهاڪن ۾ گهڻو تعداد هندن جو آهي، جيڪي واپار ۽ اقتصادي لحاظ کان اهميت رکندڙ آهن. سرڪاري نوڪرين ۾ به مسلمانن جي ڀيٽ ۾ گهڻائيءَ وارا آهن. جيڪڏهن خدا آبادي لپي سرڪاري طور تسليم ڪري عمل ۾ آڻبي ته مسلمان ناراض ٿيندا، جيڪڏهن عربي لپي تسليم ڪبي ته هندو انهيءَ فيصلي کي قبول ڪونه ڪندا. انهيءَ لحاظ کان هن سياڻپ ڪري اسڪولي تعليم جي کيتر ۾ ٻنهي لکاوٽن کي قبول ڪري عمل ۾ آندو. سنڌي هندن جو هڪ اهڙو طبقو به هو، جنهن ديوناگري-سنڌي لپيءَ ۾ ٻولي سيکارڻ جي گهر ڪئي. انهيءَ لاءِ پڻ شروعاتي سطح تي ديوناگريءَ ۾ ڪجهه درسي ڪتاب ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر جيئن ته بارٽل فريئر ۽ ايلس جو لاڙو عربي لکاوٽ تسليم ڪرڻ جي فائدي ۾ هو، انهيءَ ڪري جدا جدا وشين تي عربي-سنڌي ۾”گهڻا“ درسي ڪتاب ڇپائي شايع ڪيا ويا. سرڪاري ڪاروبار جي لکپڙهه ۾ پڻ عربي- سنڌي لپيءَ کي همٿايو ويو. نتيجو اهو نڪتو ته انگريزن جي حڪومت ۾ گذريل صديءَ جي آخر تائين هر کيتر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ”عربي-سنڌي لپي“ ۾ لکڻ جو رواج وڌي ويو. ٻئي طرف سنڌ جي ٻين لکاوٽن (خدا آبادي، ديوناگري ۽ گرمکي) جو دائرو پاڻمرادو، ڏينهون ڏينهن، گهٽبو ويو. انهيءَ جا انگ اکر اسان کي ايلس جي تيار ڪيل تعليمي رپورٽ ۽ ان کانپوءِ تعليم کاتي طرفان وقت به وقت شايع ڪيل رپورٽن ۽ سنڌ جي جهونن گزيٽيئرس مان ملن ٿا. 1853ع ۾ الف –ب جي صورت مقرر ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي: بارٽل فريئر سن 1853ع ۾ ايلس جي پرڌانپڻي هيٺ جيڪا الف –ب (آئيويٽا) جي صورت مقرر ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي، انهيءَ جولاءِ 1853ع ۾ عربي-سنڌي الف-ب جي تختي ٺاهي تيار ڪئي، اها پوءِ تعليم کاتي طرفان سڀني اسڪولن کي موڪلي ويئي ته ان مطابق سنڌي ٻولي لکي وڃي. سال کن اندر تعليم کاتي طرفان ايلس ان لپيءَ ۾ ڏهاڪو کن ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. ان ڳالهه جو ذڪر هن ڊسمبر 1854ع ۾ تيار ڪيل رپورٽ ۾ ڪيو آهي. سنڌي الف-ب جي صورت مقرر ڪرڻ وقت 1853ع واري ڪاميٽيءَ ۾ ڪهڙا عالم ميمبر هئا ۽ انهن جي وچ ۾ ڪهڙين ڳالهين تي بحث ٿيو. انهيءَ جا سمورا منٽس حيدرآباد سنڌ جي ”ٽريننگ ڪاليج فارمين“ جي لئبرريءَ ۾ حفاظت سان رکيا ويا هئا. (ڏسو ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، پهريون ڇاپو، 1941ع). انهيءَ سموري ڪارروائيءَ جو فائيل محمد صديق ميمڻ به نظر مان ڪڍيو هو. جنهن جي آڌار تي هن ڪن اهم نقطن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (برٽش حڪومت کان اڳ) ڀاڱو پهريون، ڇاپو 1937ع (صفحو 18 کان 24) ۾ ڪيو آهي. خوش نصيبيءَ سان مون کي انٽرنيشنل ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سنڌ ۾ وڃڻ جو موقعو ٽي دفعا مليو آهي.، انهن سفرن دوران وقت ڪڍي حيدرآباد سنڌ جي ٽريننگ ڪاليج ۽ ٻين سرڪاري توڙي غير سرڪاري لئبررين ۾ انهيءَ ڪاميٽيءَ جي منٽس کي نظر مان ڪڍڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيم، پر ڪنهن به هنڌ اُهي ڏسڻ جو موقعو ملي نه سگهيو. ٽريننگ ڪاليج جي لئبررين قرب ڪري، گذريل صديءَ ۾ شايع ٿيل ڪيترائي درسي ڪتاب ڏيکاريا. جڏهن ساڻس 1853ع واري ڪاميٽيءَ جي منٽس جو ذڪر ڪيم ته هُن وراڻيون ته اُهي فائيل برابر سندس ڪاليج جي لئبرريءَ ۾ رکيل هئا، پر ويهارو کن سالن کان اُهي گم آهن! اها ڳالهه ٻڌي مان نراس ٿي ويس. ان ڪري، هتي انهيءَ ڪاميٽيءَ بابت ضرور ي معلومات محمد صديق ميمڻ ۽ ڀيرو مل مهد چند آڏواڻيءَ جي لکيتن موجب پيش ڪئي اٿم. ڪاميٽيءَ جي ميمبر: ڪاميٽيءَ ۾ مقرر ڪيل ميبر هن ريت هئا: (1) اسسٽنٽ ڪمشنر بي. ايڇ. ايلس (صدر) (2) راءِ بهادر نارائڻ جگنناٿ وئديه (جنهن جي نالي سان ڪراچيءَ جو جهونو NJV هاءِ اسڪول آهي). (3) ديوان ننديرام ميراڻي (سيوهاڻي) (4) ديوان پرڀداس انندرام رامچنداڻي(حيدرآبادي) (5) ديوان اُڌارام ٿانورداس مير چنداڻي (حيدرآبادي) (6) خان بهادر مرزا صادق علي بيگ (حيدرآبادي) (7) ميان محمد (جيڪو پوءِ نارمل اسڪول ۾ ماستر هو) (8) قاضي غلام علي (ٺٽي جو رهاڪو)، ۽ (9) ميان غلام حسين (ٺٽي جو رهاڪو). ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جي نالن مان ظاهر آهي ته اُهي سڀ ان زماني ۾ تعليم کاتي سان وابسته هئا، يا سرڪاري برپا ڪيل اسڪولن ۾ ماستر هئا. انهن مان گهڻن پوءِ سنڌيءَ ۾ درسي ڪتاب به لکي تيار ڪيا. نارائڻ جگنناٿ وئديه، اصل ۾ اول بمبئيءَ جي تعليم کاتي ۾ هو. هن جي مادري زبان مراٺي هئي، پر پوءِ جڏهن سنڌ ۾ بدلي ٿي آيو ته هن سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيو ۽ ان ۾ ڪجهه درسي ڪتاب ترجمو به ڪيائين. سنڌ ۾ هو پهريون غير- يوروپي عالم هو، جيڪو تعليم کاتي ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. ڪاميٽيءَ ۾ چار هندو ۽ چار مسلمان عالم ۽ تعليمدان هئا. ڀيرومل مهر چند جي غلطي: ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي ڀيرومل مهر چند لکيو آهي ته خان بهادر مرزا صادق علي بيگ، مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ هو، حقيقت ۾ ڏسجي ته ان باري ۾ ڀيرومل کان غلطي ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته ”مرزا صادق علي بيگ“ جيڪو اُن ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. اهو حيدرآباد جو ته هو، پر قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ نه هو. قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا ”سائو پن، ڪارو پنو“ ۾ لکيو آهي ته سندس وڏي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ جو جنم سن 1845ع ۾ ٿيو هو، جيڪڏهن جنم جو اهو سال صحيح آهي ته پوءِ سندس وڏو ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ 1853ع ۾ اٺن سالن جي عمر ۾ انهيءَ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪڏهن به ٿي نٿي سگهيو! انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ پهريون سنڌي مسلمان هو، جنهن بمبئي يونيورسٽيءَ مان سن 1872ع ۾ بي. اي جو امتحان پاش ڪيو هو. هو پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ جدا جدا عهدن تي مقرر ٿيو. شرٽ ۽ اڌارام ٿانورداس سان گڏ هن سن 1879ع ۾ سنڌي-انگريزي ڊڪشنري ٺاهي هئي، جيڪا سنڌ جي تعليم کاتي طرفان شايع ڪئي ويئي. هو ”سنڌ سڌار“ اخبار جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر به هو ۽ پو عربي-سنڌي ۾ هِجيئون سڌارڻ لاءِ جيڪي ڪاميٽيون تعليم کاتي طرفان مقرر ڪيون ويون. انهن ۾ هن ميمبر طور ڪم ڪيو هو. ڪاميٽيءَ ۾ بحث جا مکيه نقطا: ڪاميٽيءَ ۾ عربي-سنڌي ورڻمالا کي مقرر ڪرڻ وقت مکيه طور ان ڳالهه تي بحث ٿيو ته عربي ۽ فارسي آئيويٽا جا اهڙا حرف، جن جو اُچار سنڌي ٻوليءَ ۾ نه آهي، انهن کي آئيويٽا ۾ شامل ڪجي يا نه؟ جيئن ته سنڌي ۾”ع“ جو اُچار ”اَ“ وانگر ڪندا آهن، اُتي الف-ب ۾ فقط ”اَ“ حرف رکڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح ”ت“ ۽ ”ط“ منجهان فقط ”ت“ حرف، ”س“، ”ص“ ۽ ”ث“ منجهان فقط ”س“ حرف، ”هه“ ۽ ”ح“ منجهان فقط ”هه“، ”ز“، ”ذ“، ”ض“، ۽ ”ظ“ منجهان فقط ”ز“، ”ڪ“ ۽ ”ق“ منجهان ”ڪ“ حرف رکڻ گهرجي. اها ڳالهه ڀاشا وگيان جي اصولن مطابق صحيح هوندي به انهيءَ رٿ کي ان ڪري رد ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي حرف ڪڍي ڇڏبا ته پوءِ مسلمان ٻار پنهنجا ڪيترائي عربي فارسي نالا درست نموني لکي نه سگهندا. مائٽ ڪڏهن به قبول نه ڪندا ته سندن ٻار با مطلب لفظ ۽ نالا، غلط هِجيئُن ۾ لکن، مثال طور، ”محفوظ علي“ يا ”صادق علي“ نالن کي ڪير به ”مهفوز الي“ ۽ ”سادڪ الي“ لکڻ قبول نه ڪندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻيئي عربي ۽ فارسي لفظ جذب ٿي ويا آهن. اُهي جيڪڏهن اصلوڪي صورت ۾ نه لکبا، ته انهن جي اصليت جو پتو به نه پوندو. عيسوي سترهين صديءَ جي وچ واري عرصي کان وٺي اسان کي گهڻيئي سنڌي قلمي نسخا عربي-فارسي لپيءَ ۾ لکيل مليا آهن، انهن ۾ ڪاتبن عربي ۽ فارسي حرف قائم رکيا آهن. جيڪڏهن اهي سڀ حرف ڪڍي ڇڏبا، ته پوءِ اهو سمورو ادبي ذخيرو ايندڙ نسل لاءِ بيڪار ٿي پوندو. انهيءَ ڪري اسان کي فقط نج سنڌي آوازن کي عربي-فارسي لکاوٽ ۾ لکڻ لا ڪو هڪ سرشتو مقرر ڪرڻ گهرجي. ان طرح اهو عام اصول طئه ڪري پوءِ عربي-سنڌي الف-ب ۾ سڌارا آڻي لکاوٽ جو هڪ جهڙو سرشتو مقرر ڪيو ويو. ايلس جي صدارت هيٺ مقرر ٿيل عالمن جي ڪاميٽي ءَ ڪا نئين عربي-سنڌي الف- ب ايجاد ڪانه ڪئي، جيئن اڪثر ڪن عالمن پئي ڄاڻايو آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ته انهيءَ ڪاميٽيءَ ابوالحسن جي تيار ڪيل عربي-سنڌي الف-ب کي مکيه آڌار بڻايو. انهيءَ کان پوءِ جدا جدا ڪاتبن جي لکيل سنڌي قلمي نسخن جو جائزو وٺي، هر هڪ سنڌي آواز لاءِ استعمال ٿيندڙ جدا جدا حرفن جي نمونن جون لسٽون تيار ڪيون. انهن جو اڀياس ڪندي هنن ڏٺو ته گهڻن ڪاتبن اڪثر عربي فارسي حرفن تي ٽٻڪا وڌائي ۽ انهن جي جدا جدا بيهڪ مقرر ڪري سنڌي آوازن لاءِ حرف ٺاهيا هئا. سنڌيءَ جي وسرگي آوازن لاءِ، ڪن حالتن ۾ ڪاتبن اردو لکاوٽ جي طرز تي حرف ۾ ”ـهه“ نشاني گڏي، وسرگي آواز ظاهر ڪيو هو. جيئن ته: جهه (ج+هه)؛ گهه (گ+هه). اهي اصول ڌيان ۾ رکي، اڳين ڪاتبن جي لکڻين مان سنڌي آوازن لاءِ استعمال ڪيل حرفن جي چونڊ ڪئي ويئي. ڪن ٿورين حالتن ۾ ٽٻڪن جي ڦيرڦار ڪري ڪي نوان حرف به ٺاهيا ويا. ان طرح عربي-سنڌي آئيويٽا جي تختي مقرر ڪئي ويئي. الف-ب جي مقرر ڪيل تختي: انهيءَ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ جي سموري ڪاروائي ۽ تيار ڪيل تختي اڃان تائين مون کي هٿ اچي نه سگهي آهي، پر انهيءَ مطابق سنڌي ٻاراڻو ڪتاب ننديرام ميراڻي سيوهاڻيءَ لکي تيار ڪيو هو. اهو پهريون ڪتاب آهي جيڪو تعليم کاتي سن 1853ع ۾ عربي –سنڌي الف-ب سيکارڻ لاءِ لِٿو تي ڇپائي پڌرو ڪيو هو. انهيءَ جو 1857ع وارو ڇاپو مون وٽ موجود آهي. انهيءَ ۾ مقرر ڪيل عربي-سنڌي الف-ب جي تختي هن ريت ڏنل آهي. ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، جيڪو ان زماني ۾ سنڌ ۾ هو، ۽ سنڌيءَ توڙي ٻين ٻولين جو ماهر هو، تنهن ايلس جي تيار ڪيل انهيءَ الف-ب واري تختيءَ تي سخت لفظن ۾ جُلهه ڪئي. هُن پنهنجي تنقيد جو سارُ پنهنجي لکيل سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۾ به ڏنو آهي. اهو ڪتاب ٽرمپ سن 1872ع ۾ جرمنيءَ جي لپسيا شهر مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. تنهن کان اڳ سن 1866ع ۾ شاهه جي رسالي جو ڪجهه حصو به ايڊٽ ڪري جرمنيءَ مان شايع ڪيو هئائين. ٽرمپ پنهنجن انهن ٻنهي ڪتابن ۾ جيڪا عربي-سنڌي لپي ڪتب آندي آهي، سا هن پاڻ ٺاهي هئي. ايلس جي تيار ڪيل عربي-سنڌي الف – ب بابت ٽرمپ جيڪو مکيه اعتراض ورتو. اُهو هن ريت آهي ته ايلس ڪاتبن جي عربي-سنڌي لکاوٽ جي آڌار تي جيڪا نئين الف –ب سنڌيءَ لاءِ مقرر ڪئي آهي، اُن ۾ حرفن تي ٽٻڪن لڳائڻ ۾ ڪو به اصول نظر نٿو اچي. انهيءَ کانسواءِ هن وسرگي وينجن (Aspirated –consonants) ”گهه-جهه“ هندستاني لکاوٽ جي طرز تي چونڊيا آهن، ته ٻيا وسرگي وينجن وري ٽٻڪن ذريعي ٺاهيا اٿس (جيئن: ڦ، ڀ، ڇ، ٺ، ڍ، ٿ، ڌ) ان طرح حرفن تي بنا ڪنهن اصول جي ٽٻڪا لڳائڻ بجاءِ ايلس کي گهربو هو ته سنڌيءَ لاءِ هندستاني (اردو) لکاوٽ اپنائي ها. ائين ڪرڻ سان سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ سنڌ کان ٻاهر به ٿي سگهي ها، ڇاڪاڻ ته هندستاني (اردو) لکاوٽ ڄاڻندڙ آسانيءَ سان سنڌي ٻولي پڙهي ۽ سکي سگهن ٿا. صورتخطيءَ مقرر ٿيڻ کانپوءِ، ايلس ڊسمبر 1854ع ۾ سنڌي جي تعليمي واڌاري بابت رپورٽ لکي پيش ڪئي، اُها سر بارٽل فريئر ڊسمبر 1855ع ۾ پنهنجي خط سان گڏ بمبئيءَ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر کي موڪلي. انهيءَ خط ۾ هن صاف لفظن ۾ ارنيسٽ ٽرمپ جي تنقيدي جائزي ..............................هتي نشانيون اينديون........................................... حوالو ڏيندي لکيو آهي ته، ”مان قبول ٿو ڪريان ته مون کي ان الف-ب ۾ حرفن تي استعمال ڪيل ٽٻڪن ۾ ڪو به سرشتو يا اصول نظر نٿو اچي. پر انهيءَ صورتخطيءَ ۾، ٻن سالن اندر چڱا ئي سنڌي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن جو اڀياس سنڌ جي اسڪولن ۾ ڪيو پيو وڃي. اهڙيءَ حالت ۾ ان صورتخطيءَ ۾ وري نئين سر ڦير گهير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو.“ عربي-سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا: سن 1853ع ۾ انگريز سرڪار جي تعليم کاتي طرفان، اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس جي صدارت هيٺ جيڪا عالمن جي ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، تنهن عربي –سنڌي الف –ب جي ٻاونجاهه حرفن واري آئيويٽا کي مقرر روپ ته ڏنو، پر انهيءَ ڪاميٽيءَ لفظن جي هجي يا املا لکڻ جا ڪي به اصول تيار نه ڪيا، انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو تعليم کاتي طرفان جيڪي سنڌي درسي ڪتاب تيار ڪري ڇپايا ويا، انهن ۾ ڪيترائي لفظ جدا جدا صورتن ۾ لکيا پئي ويا، ايتري قدر جو هڪ ئي لکندڙ جي ڪتاب ۾ هڪ لفظ جون هِجيئون موجود هيون. مثال طور، ننديرام ميراڻي سيوهاڻي، جيڪو 1853ع واري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن مان هڪ هو، ۽ جنهن چڱائي درسي ڪتاب لکي تعليم کاتي طرفان ڇپائي پڌرا ڪيا، تنهن جي لکڻين ۾ به لفظن جون جدا جدا هِجيئون ملن ٿيون. ننديرام جو لکيل ”باب نامو“ (ٻاراڻو ڪتاب) سن 1853ع ۾ تعليم کاتي ڇپائي پڌرو ڪيو هو. انهيءَ جو سن 1857 وارو لِٿو ڇاپو مون وٽ موجود آهي. ان ۾ صفحي پهرئين تي آئيويٽا ڏيئي، پوءِ ٻاويهن صفحن تائين وينجنن تي سُرن جون ماترائون (زبر، زير، پيش وغيره) لڳائي مثال ڏنا ويا آهن. ان کانپوءِ 23 کان 32 صفحن تائين، ننڍا ننڍا جملا ڏنل آهن، انهن مان هجئين جا ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا: ننديرام جي باب نامي مان هاڻوڪي هجي 1- پَاڻَ سَان پاڻ سان 2- ڪِجي/ڪَجي ڪَجي 3- لاءِ/لائي لاءِ 4- ٻَه پَهَري / ٻِه پَهرِي ٻِپَهري 5- ڇِيُو/ڇِئُو ڇيهو/ڇيئو 6- مَڪتب ۾/مَڪتَبَ ۾ مَڪتَبَ ۾ 7- پِيُ/پِيءُ پِيءُ ننديرام ڪيترن هنڌن تي ٻن لفظن کي گڏي هِڪَ لفظ وانگر لکيو آهي، جن کي حقيقت ۾ جدا ڪري لکڻ کپي: نَڪَجي (نه ڪجي)؛ هيڪجهڙي (هِڪ جَهڙي) اُنَنِکي (اُنَنِ کي)؛ اُنمان (اُنَ مان) ڳَچجيتِرن (ڳچ جيترِن) هن حالت عام عدد جمع جي صورت ۾، ڪِن هنڌن تي آخري وينجن ساڪن لکيو آهي، ته ڪن ٻين هنڌن تي اُن هيٺان زير لکي آهي: آڱِرِيُنِ، لُوڪَنِ، اَکرَن، ٻارَن ننديرام وينجنن تي سرن جون ماترائون لکڻ لاءِ عربي-فارسي ٻولين جو سرشتو اپنايو آهي، پر او ۽ اُو سرن جا اُچار لکڻ ۾ هِجي ۾ گهڻن لفظن ۾ ڪو به فرق نه رکيو آهي. جيئن ته: اُو: مُوڙي، پُورُو پَروُڙَ او: گهڻو، تُوکي، وَڏُو، ڏُوهُ ان طرح تعليم کاتي جي ڇپايل سنڌي درسي ڪتابن ۾ هر هڪ لکندڙ عالم پنهنجي سمجهه ۽ شخصي اُچارن مطابق پئي لفظن جون هِجيئون لکيون. لفظن جون هجيئون مقرر ڪرڻ: سن 1888ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب، سنڌي درسي ڪتابن ۾ جڏهن ساڳيا لفظ جدا جدا هِجيئن ۾ لکيل ڏٺا، تڏهن هن انهيءَ مسئلي تي عالمن جي هڪ ميٽنگ ڪوٺائي، اهڙن لفظن جي هِجي مقرر ڪرائي. پوءِ اهڙن لفظن جا چارٽ تيار ڪرائي سڀني اسڪولن ڏانهن موڪليا ويا ۽ پاڙهيندڙن کي هدايت ڏني ويئي ته ٻارن کي درست هِجيئون لکڻ سيکارين. اهڙن لفظن جا ڪجهه مثال ڏسو: درست هِجي ڌار ڌار صورتون جَڏهِن جُڏهِ، جَڏهِ، جَڏهي، جڏِهين، جَڏين ڪَنهِن ڪَھ، ڪَھ، ڪَنهين، ڪنهن، ڪَهي جَنهنِ جِھ، جَھ، جَنهين، جَنهن، جَهي انهيءَ حقيقت طرف سن 1879 ع ۾ شرٽ، مرزا صادق علي بيگ ۽ اڌارام ٿانورداس پڻ ڌيان ڇڪايو هو. هنن ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي –انگريزي ڊڪشنريءَ کي آڌار بڻايو (جيڪا ديوناگري-سنڌي لپيءَ ۾ هئي ۽ بمبئي سرڪار 1855ع ۾ ڇپائي ظاهر ڪئي هئي.) انهيءَ کي سڌاري ۽ وڌائي هنن وڏي سنڌي –انگريزي ڊڪشنري تيار ڪئي، جيڪا سن 1879ع ۾ سرڪار، تعليم کاتي طرفان ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌري ڪئي. انهيءَ ۾ سرڪاري طور تسليم ٿيل ۽ نئين سر مقرر ڪيل عربي-سنڌي آئيويٽا ۾ سنڌي لفظن جون هجيئون لکيل آهن. ڊڪشنريءَ جا ايڊيٽر مهاڳ ۾ لکن ٿا ته ”اسين معافي گهرون ٿا ته هن ڊڪشنريءَ ۾، ڪيترن سنڌي لفظن جون جدا جدا هجيئون ڏنيون ويون آهن. چاهي اهي هجيئن جا فرق گهڻا نظر ايندا هجن، پر هن وقت انهن کي ڊڪشنريءَ مان هٽائي ڇڏڻ ممڪن نٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته گهڻن ئي لفظن جا اهڙا علحدا اچار نه فقط ڳالهائڻ-ٻولهائڻ ۾ ٻڌڻ ۾ پيا اچن، پر اهي سڀ لکيل ٻوليءَ ۾ پڻ داخل ٿي چڪا آهن. ممڪن آهي ته لفظن جون اهي سڀ مختلف صورتون لکاوٽ ۾ پنهنجو وجود قائم رکي نه سگهن. انهن مختلف هجيئن مان ڪن جو استعمال لکاوٽ مان جيترو جلد ڪڍي ڇڏجي، اوترو بهتر ٿيندو. پر هن وقت اسين فقط انومان ڪري سگهون ٿا ته جدا جدا هجيئن مان ڪهڙيون هجيئون وڃي آخر ۾ قائم رهنديون! هيءُ هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن کي ”ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ“ ۾ بحث جوموضوع بڻائڻ گهرجي، ۽ ان بعد لکندڙن کي فقط انهن هجيئن تائين پاڻ کي محدود ڪرڻ گهرجي، جيڪا انهيءَ ڪاميٽيءَ درست هجيئن طور تسليم ڪيون آهن.“ (1) انهيءَ ڊڪشنريءَ ۾ ڪنهن هڪ لفظ جي جدا جدا مروج اُچارن ۽ انهيءَ موجب جدا جدا هجيئن جو هڪ مثال هن ريت آهي: اِتون، اِتُون، اِتان، اِتَهُن، اِتَهُون، اِتهينِ، اِتَئون، اِتَئُون. اِٿان، اِٿانئون، اِٿانئُون، اِٿانئينِ، اِٿون، اِٿُون، اِٿِهوُن، اِٿهُون، اِٿئون، اِٿَئوُن. ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪاميٽي: بمبئي پريزيڊنسيءَ جي تعليم کاتي مسٽر ڪاورنٽن جي زير صدارت، هن صدي جي پهرئين ڏهاڪي ۾ ”ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪاميٽي“ برپا ڪئي، جنهن جو مقصد هو ته پرڳڻي جي ٻولين سيکارڻ لاءِ جيڪي درسي ڪتاب هلندڙ آهن، انهن تي نظرثاني ڪري، ضروري سڌارا ۽ واڌارا ڪيا وڃن، ان بعد نوان درسي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪجن، انهيءَ سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن لاءِ سنڌ مان تعليم کاتي جو هڪ عالم ديوان پريمچند بمبئيءَ ويو. هن ٻين سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن ۽ تعليمدانن جهڙوڪ مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙيمل کلناڻيءَ ۽ بيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جي مدد ۽ صلاح سان نوان سبق لکائي تيار ڪيا. انهيءَ ۾ هن لفظن جي هجيئن تي به گهڻو ڌيان ڏنو ۽ زيرن، زبرن ڏيڻ جو هڪ مقرر سرشتو عمل ۾ آندو. انهيءَ مطابق نوان سڌاريل سنڌي درسي ڪتاب سال 1905ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا، جيڪي پنجٽيهه کن سال لڳاتار هلندا رهيا. انهن ڪتابن ۾ گهڻيئي بيت ۽ سبق ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جا لکيل آهن. لفظن جي هجيئن مقرر ڪرڻ جي لحاظ کان انهن ڪتابن ۾ وينجنن تي ڊگهن سرن اي ۽ اُو جون ماترائون لکڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو طريقو اختيار ڪيو ويو. انهن ۾ زير ”ي“ جي هيٺان ۽ پيش ”و“ جي مٿان لکيو ويو. جيئن ته: اي: اِيسَ، عِيدَ، ٻَڪرِي، ڌڻي، ٻِلي، اُو: اوُنڌو، سوُمَرُ، پوُنگِڙا، اَکِيوُن، توُن. ماترائن لکڻ جو اهو طريقو سن 1905ع کان اڳ پڻ واهپي ۾ هو، پر انهيءَ سان گڏوگڏ گهڻيئي عربي-فارسيءَ جا عالم سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ عربي-فارسي هجيئن وارو طريقو پڻ استعمال ڪندا هئا. ان موجب لفظن جي شروعات ۾ انهن سرن لکڻ لاءِ الف جي هيٺان زير يا مٿان پيش لکيو ويندو هو ۽ لفظ جي وچ يا پڇاڙيءَ ۾ انهن سرن جي اڳيان ايندڙ وينجن جي هيٺان زير يا مٿان پيش جي ماترا لکبي هئي. جيئن ته: اِي: اَيسَ، عِيدَ، ٻَڪِرِي، ڌَڻِي، ٻِلي اُو: اُونڌو، سُومَـرُ، پُونگِڙا، اَکِيُون، تُون. سن 1905ع کان اڳ سنڌي درسي ڪتابن ۾ عربي فارسي هجيئن وارو سرشتو وڌيڪ مروج هو. پر سن 1905ع ۾ جيڪي نوان سنڌي درسي ڪتاب سرڪار ڇپائي پڌرا ڪيا، انهن ۾ سنڌي ماترائن وارو سرشتو پسند ڪري انهيءَ کي عمل ۾ آندو ويو. سن 1879ع ۾ شايع ڪيل شرٽ، اُڌارام ٿانورداس ۽ مرزا صادق علي بيگ واري سنڌي-انگلش ڊڪشنريءَ ۾ اِي ۽ اوُ سرن ۽ انهن جون ماترائون عربي-فارسي نموني موجب لکيل آهن. پر اُن کانپوءِ، سن 1910ع ۾ پرمانند ميوارام پنهنجي تيار ڪري ڇپايل سنڌي-انگلش ڊڪشنري ءَ ۾ انهن سرن ۽ ماترائن لاءِ سنڌي سرشتو عمل ۾ آندو آهي. ٻئي طرف ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاهه جي رسالي جي مرتب ڪيل ٽن جلدن ۾ هجيئن جو عربي-فارسي سرشتو ڪتب آندو آهي. سندس پهريون جلد 1923ع ۾ ڇپيو هو. هجيئن ۾ وڌيڪ سُڌارا: سن 1905ع ۾ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ رويزن ڪاميٽيءَ طرفان ڇپايل ڪتابن ۾ پڻ ڪيترن لفظن جي هجيئن ۾ گهٽتايون نظر آيون، انهيءَ ڪري سن 1913ع ۾ تعليمدانن ۽ سنڌي عالمن جي مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ اهڙن لفظن جي لسٽ تيار ڪئي، جيڪي جدا جدا نموني يا غلط هجيئن سان پئي لکيا ويا. انهن جي درست هجي مقرر ڪري، انهن مطابق لفظن جي لکڻ لاءِ سفارش ڪئي ويئي. اهڙيون فهرستون ”اخبار تعليم“ جي اپريل 1913ع واري پرچي ۾ شايع ڪيون ويون (1) انهن فهرستن مان ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا: غلط صحيح غلط صحيح اوندائي اونداهي مُکه مُکيه ڏِهاڻي ڏهاڙي ڄڻان ڄڻا پَروا پَرواهه بدماش بدمعاش ٽيو ٽيون چهبڪ چابُڪ هُوا هُئا پڙدو پَردو اهڙين درست هجيئن وارين فهرستن کانپوءِ پڻ هجيئن جا ٻيا مسئلا عالمن جي ڌيان تي آيا. انهيءَ ڪري اُنهن تي ويچار ڪرڻ لاءِ اُن وقت جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر نارائڻ جگنناٿ وئديه، 1915ع ۾ سنڌي عالمن جي هڪ ڪاميٽيءَ مقرر ڪئي، جنهن ۾ مکيه ميمبر مرزا قليچ بيگ هو. ان ڪاميٽيءَ طرفان پڻ ڪن لفظن جي هجيئن ۾ درستين جي سفارش ڪئي ويئي. جيئن ته: مقرر صورت ڌار ڌار صورتون (1) آءٌ آءٌ، آئون ڪيائون ڪياءٌ، ڪيائون ڪُلف ڪُرف، ڪُلُف، قُفل ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب: اپريل 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪري الڳ صوبو بڻايو ويو. سن 1938ع ۾، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، جنهن کي پوءِ ”شمس العلماء“ جو خطاب مليو، سنڌ جي تعليم کاتي جو ”ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن“ مقرر ٿيو.، هو صاحب عربي-فارسيءَ جو عالم هو. هن جڏهن ڏٺو ته سنڌي درسي ڪتابن ۾ اي ۽ اُو سرن جي اُچارن ۾ ”ي“ هيٺان زير ۽ ”و“ مٿان پيش لڳايو ويو آهي، ته اِها ڳالهه کيس نه وڻي. هن سال 1940ع جي شروعات ڌاري ئي ٻاراڻي درجي کان وٺي چوٿين درجي تائين مقرر ٿيل سنڌي درسي ڪتاب نئين سر ڇپائي پڌرا ڪيا. انهيءَ جو مثال سندس ڪتاب ”ابيات سنڌي“ (ڇاپو 1939ع) آهي، جنهن ۾ خواجا محمد زمان لواريءَ جو ڪلام ڏنل آهي. دائود پوٽي صاحب جي انهيءَ نقطي نگاهه سان سنڌ جي ڪن هندو عالمن ڄيٺمل پرسرام ۽ سندس ساٿين اختلاف ڪيو. ڄيٺمل 9 ڊسمبر 1940ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ”سنڌي ساهت سڀا“ برپا ڪئي. پاڻ انهيءَ جو پريزيڊنٽ بڻيو ۽ موتيرام لڇيرام بُٽاڻي ان سڀا جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. سال 1940- 1941ع ۾ سنڌي ساهت سڀا. سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ چوپڙيون ڇپايون. اهو بحث 1947ع تائين هلندو رهيو، جنهن ۾ لالچند امر ڏني جڳتياڻي ۽ ٻين عالمن به بهرو ورتو. 1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو، ته اڪثر سنڌي هندو عالم سنڌ ڇڏي ڀارت ۾ لڏي ويا. اهو بحث ختم ٿي ويو. آزاديءَ کان پوءِ عربي-سنڌي صورتخطي: (هجيئن جا ٻه سرشتا) : سنڌي هندو تعليمدان ۽ ساهتڪار، جيڪي ڀارت ۾ لڏي آيا، تن ڀارت ۾ شاگردن لاءِ نئين سري سان سنڌي درسي ڪتاب ڇپايا، انهن ۾ هجيئن جو اهو سنڌي سرشتو قائم رکيو ويو، جيڪو سنڌي درسي ڪتاب ۾ 1905ع کان وٺي 1940ع تائين هلندو پئي آيو. ٻئي طرف سنڌ ۾ عربي-فارسي طريقي سان هجيئن لکڻ جو اهو طريقو، جنهن کي ٻيهر واهپي ۾ آڻڻ لاءِ 1940ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي زور ڏنو هو، اپنايو ويو. ٻنهي سرشتن ۾ فرق صرف ”اِي“ ۽ “اُو“ سرن لکڻ ۽ وينجنن تي انهن سرن جي ماترائن لکڻ جي طريقي ۾ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ-اکر ٻٽا سر (Diphthongs) لکڻ ۽ انهن سرن جون ماترائون وينجنن سان گڏ رکڻ جو ڪو به هڪ طريقو مقرر ٿي نه سگهيو آهي. هند ۽ سنڌ ۾ اهي سر جدا جدا نمون سان لکيا پيا وڃن. هتي سڀني سرن ۽ انهن جي ماترائن جا مثال ڏجن ٿا: لفظ جي شروع ۾ لفظ جي وچ ۾ لفظ جي آخر ۾ اَ: ....... اَٺَ ڪَمَلَ هَٿَ آ: .... آسَ ڪَمالَ، واٽَ بابا، دَوا ا: ...... اِٽَ دُهِلَ ڇتِ، راتِ اِي:.... ايمانَ تيرَ هاٿِي اَي:...... ايمانَ تيرَ هاٿي اُو:.... اُٺَ لَڪُڻِ هَٿُ، ڪاٺُ اُو:..... اوُنهو قَبوُلُ ماڻهوُ، واڌوُ اُو:..... اُونهو قَبُولُ ماڻهو، واڌُو اي:..... ايڪو مِتيرو هِتي، کاتي او: ..... اونو موتي مَٿو، وَٽو (نوٽ: اي ( ) سُر لاءِ عام طور هيٺان اُڀي ليڪ نه لکي ويندي آهي) هڪ اکر ٻٽا سر (Diphthongs) سنڌيءَ ۾ اَي ۽ اَو هڪ اکر ٻِٽا سر آهن. انهن جو اُچار هڪ اکر (Syllable) ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٻه سر آهن: /اَي/ (اَءِ)؛ /اَو (اَءُ). هن اکرن ۾ اُچار جي گونج پهرئين سر /آ/تي آهي ۽ ٻيو سر گونج کانسواءِ آهي. انهن کي ”نيم سر“ (Semi-vowels) چئجي ٿو. ان ڪري ڳالهائڻ ۾ اِ (ءِ) نيم سر ”ي“ وانگر ۽ اُ (ءُ) نيم سر ”و“ وانگر به اڪثر اچاريا ويندا آهن. گهڻيئي ماڻهو انهن هڪ اکري ٻٽن سرن جو اچار اڪثر ٻن الڳ سرن وانگر به ڪندا آهن، جنهن ۾ ٻنهي سرن تي گونج هوندي آهي ۽ اُهي ٻن لاڳيتن اکرن جي چوٽيءَ تي هوندا آهن. اچارن جي انهن تفاوتن جي ڪري سنڌيءَ ۾ انهن کي لکڻ جون صورتون به جدا جدا واهپي ۾ اچي ويون آهن. جيئن ته: اَي: اَيٽُ سَيرُ شَي ايَ: اِيَٽُ سيَرُ شيَ اَءِ: اَئِٽُ سَئِرُ شَئه ايءِ: ايئِٽ سئِيرُ شيءِ/شيءِ اَو: اَوکو مَوتُ سَو اوَ: اوکوَ موَتُ سوَ اَءُ: اَئکو --- سَئُه اوء: اؤکو مؤتَ سؤ/سَئو اُچارن جون ٻيون نشانيون: لفظن جا صحيح اُچار لکت ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻين نشانين جي به ضرورت آهي. اُهي هن ريت آهن: (1) جزم (8/و): وينجن جي پٺيان جڏهن سر نه هوندو آهي، تڏهن اُن ساڪن وينجن مٿان جزم (هلنت) جي نشاني لکبي آهي. جيئن: پيارُ ڌيانُ پُشپُ جِسمُ (2) شد يا تشديد (..ّ...): ساڳئي وينجن جي ٻٽي آواز ڏيکارڻ لاءِ جيڪا نشاني لڳائبي آهي، اُن کي شد يا تشديد چئبو آهي. هيءَ نشاني اُن ٻٽي وينجن مٿان لکبي آهي: نَقّاش، سَتّار، قُوتَ (3) تنوين (ءً ، و) ”ن“ وينجن جو اُچار ۽ لفظ جي آخر ۾ ايندڙ گُهڻو سر ڏيکارڻ لاءِ هنن نشانين جو استعمال ڪبو آهي: قريباً (قريبن)، فوراً (فورن) حقيقتاً (حقيقتن)، مِثلاً (مِثلن) آءٌ (آئون، سداءِ (سَدائين)، اَس (اَسين)، چياءُ (چيائين)، يارهنَ، (يارهن)، سورهنَ (سورهن)، تنوين جو استعمال جهوني سنڌي صورتخطيءَ ۾ گهڻو هو، جيڪو هاڻي گهٽجي ويو آهي. انهيءَ هوندي به ڪي لفظ (جيئن ته ”۾“، ”۽“) فقط تنوين سان لکيا وڃن ٿا. (4) همزو (ء) : ٻه يا وڌيڪ سر جڏهن ڪنهن لفظ ۾ لاڳيتا ايندا آهن، تڏهن پهرئين سر کي ڇڏي، ان پٺيان ايندڙ ٻيا سر ”همزي“ جي صورت ۾ لکبا آهن. همزو حقيقت ۾ ”الف“ جو ئي ٻيو روپ آهي، جيڪو هميشه لفظ جي وچ يا آخر ۾ استعمال ٿيندو آهي. الف وانگر همزو به هڪ آڌار آهي، جنهن تي جدا جدا سرن جون ماترائون لکبيون آهن. همزي هيٺان سمهيل ليڪ ڏيئي ان ذريعي همزي کي ٻين حرفن سان ملائي به سگهبو آهي: سُر شروع ۾ وچ ۾ آخر ۾ اَ اَئي هُئَڻُ ڌيءَ، تيئَن آ آءُ روئارَڻُ ڪُوئا، هُئا اِ اِئين پائِڻُ جوءِ، جَئهِ اي ايءَ ڀائِيءَ مائي، تَئي اُ اُئن مُئُس پاءُ، چَئهُ اوُ اوُءَ نائوڻو ڀائوُ، مَئوُ اي ايئي ٻائيتالُ پوئُي، ٿِئي او اوني مُئوئي ٻائو، تَئو لڳاتار ٽي سر:آئيءَ ڍوئائِڻُ ڀائُوءَ اِئين ئي سوئائِڻُ ڏيئوُءَ سنڌيءَ ۾ لفظن جي هجيئن ۾ عام طور جزم ۽ شد جو استعمال نٿو ڪيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن اُچار ۾ ساڪن وينجن کي به لکڻ ۾ جزم نه ڏيئي، زِير، زَبَرَ، يا پيش لڳائي متحرڪ وينجن ڪري لکيو ويندو آهي. جيئن ته: پيارُ پِيارُ ڌيان ڌِيان ڌرمُ ڌرَمُ راجيندر راجيندَر اُچارن جون اِهي نشانيون لکڻ ۾ استعمال نه ڪرڻ ڪري گهڻا سنڌي، عربي-فارسي، سنسڪرت-هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ آيل لفظن جا اڪثر غلط اُچار ڪندا آهن. انهيءَ ڪري انهن ٻولين جي عالمن اڳيان کين کلڻ هاب ٿيڻو پوندو آهي. ابتدائي ڪلاسن ۾ ماستر جنهن طريقي سان لفظن جون هجيئون ڪرائي ٻارن کي سنڌي لکڻ سيکاريندا آهن، اُنهيءَ ۾ پڻ جزم، شد جو اُچار نه سيکاريو ويندو آهي. انهيءَ ڪري سنڌين جا اُچار گهڻي قدر ڳالهائڻ ۾ بگڙي ويا آهن ۽ پوءِ لکت ۾ به اُهي غلط هجيئن سان لکيا وڃن ٿا. سنڌي درسي ڪتابن جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اِها ڳالهه هڪدم ظاهر ٿي پوندي. عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ سر جي گهڻي اُچار ۽ انوناسڪ (نَڪائين) وينجن /ن/جي وچ ۾ لکت ۾ ڪو به فرق نٿو رکيو وڃي، جيئن ته: ....... تون (ن گُهڻي سُر ”اوُن“ لاءِ) ...... سَنتِ (نَ وينجن) ..... سَنَتِ (لهڻو) ..... هنسَ (نَ وينجن)، هنسي (کِلَ مُسڪراهٽ)، (ن گُهڻي سر جي اُچار لاءِ) ساڳيءَ طرح وسرگي وينجن ”گهه“، ”جهه“ ۾ ايندڙ ”ـهه“ ۽ وينجن ”ـهه هه“ جي اُچار ۾ پڻ لکت ۾ ڪو به فرق نه رکيو ويو آهي. انهيءَ ڪري گهڻو ڪري ڪيترن لفظن جي درست هجي صورتخطيءَ ۾ معلوم نٿي ٿئي. جيئن ته ”گهر“ لفظ ۾ جيستائين زيرون-زبرون استعمال نه ڪبيون تيستائين معلوم نه ٿيندو ته ان جو ڪهڙو مطلب آهي. گَهرُ (مَڪان، جڳهه) گَهَرَ (گَهرو، اُونهو)؛ گِهَرُ (وڏيون جليبيون، مِٺائيءَ جو قسم). ساڳيءَ طرح: ”جهارِ“ (پکين جو وڳر)؛ جُهارَ (ملاقات) وسرگي وينجينن ”گهه“، ”جهه“ ۽ ”هه“ جي وچ ۾ لکت ۾ فرق ڏيکارڻ جو هڪ آسان طريقو اهو آهي ته وسرگي اُچار جي حالت ۾ هميشه دو-چشمي ”ـهه“ کي گـ ۽ جــ سان جوڙي استعمال ڪجي (گهه، جهه) ۽ ٻين هنڌ، جتي ”هه“ وينجن جو اُچار اچي، اُتي دو-چشمي ”ــهه“ کي ڪڏهن به ڪتب نه آڻجي. عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪهڙا لفظ گڏجي لکجن ۽ ڪهڙا جدا لکجن، انهيءَ واسطي به ڪو سرشتو ٺهي نه سگهيو آهي، جيئن ته: ”مُنهنجو“، ”تُنهنجو“، ”پَنهنجو“ کي هڪ لفظ وانگر ئي لکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ”جو“ حرف جر اڳيان آيل حصو اسين ڪڏهن به جدا ڪتب نه آڻيندا آهيون. اهي پابند روپ آهن. پر ”مونکي“ (مون کي)، ”مونسان“ (مون سان)، ”مونتي (مون تي)، لفظن کي گڏي نه لکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ٻه آزاد لفظ آهن. ساڳيءَ طرح ”لکي ٿو“، ”وڃي ٿو“، لفظن کي به ڪيترا عالم گڏي پيا لکندا آهن. جيئن ته: ”لکيٿو“، ”وڃيٿو“. صورتخطيءَ کي مقرر روپ ڏيڻ جي ضرورت: اڄ ڏينهن تائين سنڌيءَ ۾ گهڻيئي لفظ جدا جدا صورتن ۾ لکيا پيا وڃن، جيئن ته: هو، هُئو، هُيو، هُوو؛ هُئا، هُيا، هُووا؛ وَئي، ويئي؛ پَئي، پيئي؛ اَڃان، اَڃا؛ سوڀراج، صوڀراج؛ موتيلال، موتيلعل؛ جيرامداس، جئرامداس؛ سو، سئه، سئو سؤ. سنڌي درسي ڪتابن، ڊڪشنرين ۽ سنڌي وياڪرڻ جي ڪتابن جو جيڪڏهن باريڪيءَ سان جائزو وٺبو ته سنڌي صورتخطيءَ جا ٻيا به گهڻيئي مسئلا نظر ايندا، جن کي حل ڪري ڪو هڪ معياري لکڻ جو سرشتو تيار ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. هجيئن ۽ لفظن جي درست اِملا لکڻ بابت وقت به وقت ڪن سنڌي عالمن ننڍن ننڍن ليکن ۾ پنهنجا ويچار پئي ظاهر ڪيا آهن، پر منهنجو گهرو دوست، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پهريون عالم آهي، جنهن انهيءَ موضوع تي جدا جدا پهلوئن کان ويچار ڪري ”سنڌي صورتخطي“ (ڇوٿون ڇاپو، 1993ع) ڪتاب لکيو آهي. ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ (1987ع) ڪتاب ۾ به هن انهيءَ موضوع تي (”سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا“-باب نمبر4) وستار سان بحث ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن گهڻو داد لهڻيو. منهنجي ويچار ۾ جيستائين ڪنهن به ٻوليءَ ۾ صورتخطيءَ جو روپ مقرر نه ٿيو آهي، تيستائين گهڻن ئي گنڀير وشين کي لکت ۾ صحيح نموني ۾ پيش ڪرڻ ۽ انهن تي بحث ڪرڻ مشڪل آهي. ڊاڪٽر الانا جا هجيئن بابت ويچار: سنڌي صورتخطيءَ جي مسئلن تي ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجن ڪتابن ۾ جيڪو بحث ڪيو آهي، انهيءَ موضوع تي منهنجي ڄاڻ موجب، ٻين عالمن ۽ تعليمدانن ڪتابي صورت ۾ پنهنجا ويچار تفصيلوار ظاهر نه ڪيا آهن. هنن ڊاڪٽر الانا جي سفارش ڪيل درست هجيئن تي پڻ پنهنجن ويچارن جو اظهار نه ڪيو آهي. ڊاڪٽر الانا مٿي ڄاڻايل پنهنجن ٻن ڪتابن ۾ لفظن جي صحيح صورتخطي لکڻ لاءِ جيڪي سفارشون ڪيون آهن، انهن سان مان گهڻي قدر شامل راءِ آهيان. پر ڪن هنڌن تي منهنجا ويچار کانئس نرالا آهن. هن ڪتاب جي محدود دائري ۾، ڌار ڌار صورتن وارا لفظ کڻي، انهن تي هتي تفصيلوار بحث ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي، ان لاءِ هڪ جدا ڪتاب لکڻ جي ضورت آهي. هتي فقط اهڙا ڪجهه مثال پيش ڪريان ٿو، جن بابت ڊاڪٽر الانا توڙي ٻين عالمن کي ٻيهر سوچڻ گهرجي. (1) ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب جي صفحي 2.9 تي ڊاڪٽر الانا گراسمئن (Grassmann) جي ٺاهيل هڪ قانون جو حوالو ڏيندي سفارش ڪئي آهي ته جن لفظن ۾ ”ٻه وسرگي وينجن لاڳيتن ٻن پدن ۾ اچن ٿا، اُتي پهريون وسرگي وينجن لکت ۾ اوسرگي ڪري لکڻ گهرجي، جيئن ته: گهگهي کي گهگي، جهجهو کي ججهو، جهنجهڻو کي جِنجهڻو، ڀنڀور کي بنڀور، ڀِڀ کي بِڀ، ڀاڀي کي باڀي. حقيقت ۾ ڏسجي ته گراسمئن آوازن جي تبديل ٿيڻ جو اهو قانون سنسڪرت، گريڪ، جرمن وغيره ٻولين مان پروٽو-انڊو-يوروپين ٻولين جي روپن جو انومان ڪرڻ جي حوالي ۾ ٺاهيو آهي.(1) انهيءَ کي سنڌي، اردو، هندي وغيره ٻولين سان لاڳو ڪرڻ وڏي غلطي آهي. هر هڪ ٻوليءَ ۾ اُچارن جون عادتون جدا جدا آهن. ڀاشا وگيانين جا ڪن خاص ٻولين بابت جوڙيل آوازي تبديل ٿيڻ جا قاعدا، قدرتي سرشتي جي نيمن (Laws of nature) وانگر هميشه ۽ هر حالت ۾ سڀني ٻولين سان لاڳو ڪري نه سگهبا آهن. انهيءَ ڪري سنسڪرت ۽ ٻين پراچين ٻولين جي اُچارن جا سڀئي قاعدا، جيئن جو تيئن سنڌيءَ سان لاڳو ڪرڻ صحيح قدم نه ٿيندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا هزارين لفظ آهن، جن ۾ ٻن ٽن لاڳيتن اکرن (Syllables) ۾ وسرگي وينجن هوندا آهن. اُنهن جو اُچار به اسين اوسرگي وينجنن وارو ڪندا آهيون. اهڙيءَ حالت ۾ انهن کي صورتخطيءَ ۾ اوسرگي وينجن ڪري لکڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. ڪجهه ٻيا مثال ڏسو: ڍِڍُ، ٺٺولي، کِکي، ڦوڦينڊو، ڇِڇي، ٿنڀو، ڌڌِڪو، ڇنڇر، ڦيٿو، ڦوڦو، ٿوُٿوُ. (2) سنڌيءَ ۾ گُهڻن سرن (Nasal vowles) ۽ انوناسڪ وينجنن (Nasal consonants) جو استعمال جن لفظن جي اُچارن ۾ ٿئي ٿو، انهن لفظن جون صورتخطيءَ ۾ اڪثر ڌار ڌار صورتون ملن ٿيون. جيئن ته: ماڻهو-ماڻهو؛ اڃان-اڃا؛ ڀاڱون-ڀاڱو؛ امان-اَما؛ ڀنڀور-ڀمڀور. انهيءَ باري ۾ اچو ته ٿوري ۾ هتي ويچار ڪريون. سنڌيءَ ۾ انوناسڪ وينجنن کي ٻن ورگن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (1) ڱ، ڃ، ڻ- اهي ٽي زوردار انوناسڪ وينجن آهن. جنهن به لفظ ۾ انهن مان ڪو به وينجن هوندو آهي ته انهيءَ جي گهڻائيءَ جو اثر سڄي لفظ ۾ سڀني جا اڳيان پٺيان ايندڙ سرن تي پاڻمرادو پوندو آهي. انهيءَ ڪري انهن سرن سان ٻيهر ”ن“ لڳائي، انهن کي گهڻو سر ڏيکارڻ جي ضرورت نه آهي. هر هڪ لفظ ۾ سنڌي آوازن جي اُچارن مطابق اهي سر نَڪان ئي اُچاربا آهن، جيئن ته : مڱڻ، سِڱ، مڃڻ، سُڃو، وڻ، سُڻڻ. (2) ۾ ۽ ن انوناسڪ وينجن گُهڻاڻ جي خيال کان هلڪا انوناسڪ آهن. انهن جي نَڪان اُچارن جو اثر اڳيان پٺيان ايندڙ سر تي ڪن حالتن ۾ پوندو آهي ته ٻين ڪن حالتن ۾ نه پوندو آهي. ان ڪري جن لفظن ۾ سر جي مک يا نڪ واري آواز جي ڪري معنيٰ ۾ تبديلي اچي ٿي وڃي، اُتي سر پٺيان گهڻائي ڏيکاريندڙ نشاني/ن/ لکي گُهڻو سر ڏيکاربو. جيڪڏهن مکائون (Oral) يا صاف سر آهي ته پوءِ سر پٺيان/ن/نشاني نه لکبي. ڪجهه مثال هن ريت آهن: (1) مي (انگريزيءَ جو May مهينو) (1) نائو (جنڊ صاف ڪرڻ لاءِ ڪپڙو) ۾ (مين)- (منجهه، اندر) نائون(Ninth) (2) مادي (مونث، عورت) (2) نائي (حجام) ماندي (پريشان، دُکي) نائين (Ninth) (3) مَدي (بُرائي، کوٽ) (3) نگُ (رتن، نگينو) منڊي (ڍلي، گهٽ اگهه) ننگُ (عزت، شان) (4) نَوَ (نئون- نَو جيوَن، نوجوان) نَوَن (Nine-9) آوازي سطح (Phonetic level) تي ڪنهن به لفظ ۾ جڏهن گڏيل وينجنن ۾ پهريون ويجن انوناسڪ آهي، ته ڌوني وگيان جي اصول موجب اُن جو اُچار پنهنجي پٺيان ايندڙ وينجن جي ورگ (Category) واري انوناسڪ وينجن ۾ بدلجي ويندو آهي. وينجنن جي ورگن جا نمونا هن ريت آهن: (لاڳو انوناسڪ وينجن) ”ڪ“ ورگ- ڪ، ک، گ، گهه: ڱ ”چ“ ورگ- چ، ڇ، ج، جهه : ڃ ”ٽ“ ورگ- ٽ، ٺ، ڊ، ڍ : ڻ ”ت“ ورگ- ت، ٿ، د، ڌ : ن ”پ“ ورگ- پ، ڦ، ب، ڀ : م پر سنڌيءَ ۾ اسين گهڻو ڪري سڀ انوناسڪ وينجن اهڙيءَ حالت ۾/ن/ سان ئي لکندا آهيون. ڪجهه مثال ڏسو: منگهُه (م + اَ + ڱ + گهه+ اَ) گنجَ (گ + اَ + ڃ + ج + اَ) ڏنڊو (ڏ + اَ + ڻ + ڊ + او) ڏندَ (ڏ + اَ +ن + د + اَ) انب (اَ + م + ب + اُ) سنڌيءَ جي لکاوٽ ۾ جيئن اهو اصول ٺاهيو ويو ته گڏيل وينجنن ۾ پهرئين جزي طور ايندڙ سڀ انوناسڪ وينجن /ن/ سان لکيا وڃن، ته پوءِ ڀنڀور لفظ ۾ اهو (م) وينجن سان نه لکڻ گهرجي؛ چاهي اسين صوتيه (ڌوني-تت) واري سطح (Phonemic Level) تي ان حالت ۾ /ن/ لکون ٿا، ته به آوازي سطح تي پٺيان ”ڀ“ وينجن هئڻ ڪري، اتي /ن/ جو اُچار پاڻمرادو سنڌي ٻوليءَ جي اُچارن جي عادت موجب (م)ٿيندو. ڪن لفظن ۾ (م) جو اُچار ايترو زوردار آهي، جو هجي ۾ اهو قائم رکيو وڃي ٿو. جيئن ته: بمبئي، قمبر، چمپا، چمپل، ڪمپني. (3)هاڻي ”اڃا“ ۽ ”وڃان“ يا ”مڃان“ جا مثال ڏسو: هتي ”اڃا“ لفظ ۾ آخر ۾ ”ن“ لکڻ جي ضرورت ناهي. اُچارن جي عادت موجب، ج جي اڳيان ۽ پٺيان ايندر سر (اَ ۽ آ) ٻيئي پاڻمرادو گهڻي اُچار وارا ٿي ويندا آهن. پر ”وڃان“ ۽ ”مڃان“ ۾ آخر ۾ /ن/ لکڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهو زمان مضارع، متڪلم، عدد واحد جي پڇاڙيءَ جو حصو آهي. (وڃ+ آن؛ مڃ +آن) ساڳيءَ طرح ”هو وڻي ٿو“، هتي ”وڻي“ جي آخر ۾ /ن/ نه لکبو، پر ”تون وڻين ٿو“ جملي ۾ ”وڻين“ فعل ۾ /ن/ لکڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ”اين“ پڇاڙي (Suffix) جو حصو آهي (وڻ+ اين= وڻين). انهن مثالن مان ظاهر آهي ته اسان کي لفظن جي صورتخطي يا املا جا قاعدا ٺاهڻ وقت سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي بيهڪ جو به گهڻو خيال رکڻ گهرجي. آخر ۾ هتي مان سنڌي عالمن ۽تعليمدانن جو ڌيان سنڌي ورڻمالا ۾ حرفن جي ترتيب طرف ڇڪائڻ چاهيان ٿو. ٻاراڻن ڪتابن ۾ ڏسبو ته الف-ب جو سلسلو هڪ جهڙو نه آهي. ساڳي ڳالهه سنڌي شبد ڪوشن سان به لاڳو آهي. سنڌي ڊڪشنرين ۾ الف-ب جو سلسلو جدا جدا نموني ڏنل آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن به لفظ کي ڳولهڻ لاءِ خاص طور شاگردن کي گهڻي پريشاني ٿيندي آهي. عربي فارسي الف-ب ۾ حرفن جو سلسلو ساڳي ”صورت“ وارن حرفن جي آڌار تي مقرر ڪيل آهي، جيڪو ڌوني وگيان جي اصولن مطابق نه آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ديوناگري ورڻمالا ۾ حرفن جي ترتيب انهن اصولن مطابق آهي. سنڌي عالمن کي گهرجي ته جيترو جلد ٿي سگهي اهڙن مسئلن تي گنڀيرتا سان ويچار ڪري گهربل قاعدا ۽ شبد ڪوش تيار ڪن. انگريزي هندي سنڌي (1) بلوچ، نبي بخش خان: سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 1992ع. (2) بلوچ، نبي بخش خان: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽدي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي (ٽيون ايڊيشن) 1990ع. (3) بلوچ، نبي بخش خان: جامع لغات سنڌي (پنج ڀاڱا)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ 1960- 1988ع. (4)بلوچ، نبي بخش خان: شاهه جي رسالي جا سرچشما، حيدرآباد سنڌ، 1972ع. (5) الانا، غلام علي: سنڌي صورتخطي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ (چوٿون ڇاپو 1993ع. (6) الانا، غلام علي: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ، 1987ع. (7) الانا، غلام علي: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ، 1979ع. (8) الانا، غلام علي: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سنڌ، 1974ع. (9) الانا، غلام علي: سنڌي صوتيات، ادبيات پبليڪيشن، حيدرآباد 1974ع. (10) الانا، غلام علي: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي. (11) جيٽلي، ڪشنچند ٽوپڻ لال: سنڌي (هٽ واڻڪا) اکرن جي پراچينتا ۽ انهن جي پرچار جي ضرورت، پُڻي، 1985ع. (12) جيٽلي، ڪشنچند ٽوپڻ لال: موهن جو دڙو-هڙپا سنسڪرتي، انهيءَ جو سميه مهرن جي لپي ۽ ڀاشا، پُڻي 1985ع. (13) ٺڪر، هيرو: قاضي قادن جو ڪلام، پوجا پبليڪيشن، نئين دهلي 1979ع. (14) ڇڳاڻي، جهمون: پراڻناٿ جي سنڌي واڻي، ڀوپال. (15) لغاري، عبدالڪريم: سنڌي الف-ب جي ارتقا، سنڌ يونيورسٽي، 1976ع. (16) جتوئي، علي نواز: علم لسان ۽ سنڌي زبان، سنڌ يونيورسٽي، ڇاپو ٻيون، 1983ع. (17) سراج الحق: سنڌي ٻولي، حيدرآباد سنڌ، 1964ع. (18)آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڪراچي 1941ع. (19) ميمڻ محمد صديق: سنڌ جي ادبي تاريخ (ٻه ڀاڱا) حيدرآباد سنڌ. (20) ملڪاڻي، منگهارام اڌارام: سنڌي نثر جي تاريخ، ڪونج پبليڪيشن، بمبئي 1966ع. (21) گدواڻي، منو تولارام: سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جو اتهاس، جيپور، 1968ع. (22) جيٽلي، لوڪناٿ: سنڌي ٻوليءَ جي لپي، بمبئي، 1958ع. (23) رچنداڻي، ليلارام: سنڌي ٻولي، احمد آباد، 1989ع. (24) رچنداڻي، ليلارام: سنڌي نظم جي تاريخ، گانڌينگر 1988ع. (25) ٽماهي مهراڻ (سنڌي ادبي بورڊ)، نئين زندگي ۽ سنڌ ۾ شايع ٿيل مختلف علمي ۽ تحقيقي رسالا. (مهراڻ 4/1999)