ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II) |
---|---|
ليکڪ | خان محمد جروار |
سنڌيڪار / ترتيب | خان محمد جروار |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-02-4 |
قيمت | 250 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (608) PDF E-Pub |
انگ اکر | 29 October 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 17044 ڀيرا پڙهيو ويو |
”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون.“ جيئن ئي مون اهو جملو ڳالهايو، منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو: ”ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر صحيح ڳالهايو“؟ هڪ، ٻه ٽي،.... ڪيترائي ڀيرا سوچيم ۽ مون کي پڪ ٿي ويئي ته مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر غلط ڳالهايو. پوءِ مون پاڻ وٽ ايندڙ ۽ ڪچهري ڪندڙ استادن ۽ ليکڪن ۽ ٻين هر قسم جي عام ۽ خاص ماڻهن جي گفتن تي ڌيان شروع ڪيو ۽ ڀاسيم ته اهڙيون چڪون اسان جي عام ڳالهه ٻولهه، ۾ عام جام پيون ٿين. فطري هو ته سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ خاص طرح عالمن جي لکت ڏانهن ڌيان ڏيان. ڀروسو ڪريو يا نه، اها حقيقت آهي ته هڪ ٻن عالمن جي لکڻين کان سواءِ ٻن سون کان وڌيڪ نثر توڙي نظم لکندڙ چوٽيءَ جي ليکڪن جي لکتن ۾ اها ساڳي چُڪ ٿوريءَ ڦير گهير سان هزارين ڀيرا ورجائجندي نظر آئي، جيڪا مٿي ڏنل منهنجي جملي ۾ موجود آهي. (ڇا اوهان اها چُڪ پڪڙي؟) سنڌي ٻوليءَ جي هڪ گهڻگهري ۽ شاگرد جي حيثيت ۾ ، سٺو اهو ئي رستو هو ته پنهنجن خيالن کي سنڌيءَ جي ليکڪن توڙي عالمن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي همت ڪريان ۽ کانئن رهنمائي وٺان. پنهنجي ڳالهايل جملي، ۽ عام طرح ڳالهائجندڙ ۽ لکجندڙ جملن تي جيڪا سوچ ڪيم ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه (صحيح يا غلط) پلئه پيو، هيٺ پيش ڪجي ٿو. انهيءَ نيڪ نيت سان ته جيڪو صحيح هجي، ان کي قبولجي ۽ جيڪو غلط هجي، ان کي رد ڪجي ته جيئن صحيح ۽ سٺي جو واڌارو ٿئي پڇاڙي ڇا آهي؟ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾، ۽ سنڌيءَ ۾ به، ڪي آواز يا اکر اهڙا آهن، جيڪي (بظاهر) ڪا به معنيٰ نٿا رکن ۽ گهڻي ڀاڱي مقرر آهن، جيڪي ڪنهن به مقرر لفظ جي اڳيان، پٺيان يا ان جي وچ ۾ جڏهن رکجن ٿا، تڏهن هڪ مخصوص معنيٰ ظاهر ڪن ٿا. اهڙو اکر يا آواز يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي اڳيان، مُنڍ ۾ اچي. ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن، انهن کي ”اڳياڙي“ چئجي ٿو. مثال طور، ”ٻيٽ“ جي آڏو ”اُپ-“ اڳياڙي اچي ”اُپٻيٽ“ ۽ ”جاڳ“ جي آڏو ”سُ-“ اڳياڙي اچي ”سجاڳ“ ٺاهي ٿي. اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي وچ ۾ اچي ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن،، انهن کي ”وچاڙي“ (وچياڙي) چئجي ٿو. مثال طور، ”مرڻ“، ”کرڻ“، ”ٺرڻ“ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پهرئين اکر کانپوءِ ”-آ-“ آڻڻ سان واريسر ”مارڻ“، ”کارڻ“، ”ٺارڻ“ وغيره ٺهن ٿا. اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن، انهن کي ”پڇاڙي“ سڏجي ٿو. مثال طور ”لوهه“ ۽ ”ڪُنڀ“ جي پٺيان ”-اَر“ يا ”-آر“ اچي ”لوهر“ يا ”لوهار“ ۽ ”ڪنڀر“ يا ”ڪنڀار“ ۽ ”ڳنڍ“ جي پويان ”-اَپ“ اچي ”ڳنڍپ“ ۽ ”ميل“ جي پويان ”-آپ“ اچي ”ميلاپ“ ٺهن ٿا. ضميري پڇاڙي ڇا آهي؟ اهڙو اکر يا آواز، يا اکر يا اهڙا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن، پر اهو اکر يا آواز هڪ ”ضمير“ جي به نمائندگي ڪري، يا ان جو مَٽ هجي، ته اهڙي اکر يا آواز کي ”ضميري پڇاڙي“ چئجي ٿو. مثارل طور، ”ڏسندا“، ”ويهندا“، ”گهمندا“، ”ڳالهائيندا“ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پٺيان ”-اسي“ (يا ”-اسون“) ملائجي ٿو ته واريسر ”ڏسنداسي“ (ڏسنداسون)، ”ويهنداسي“ (ويهنداسون)، ”گهمنداسي“ (گهمنداسون) ۽ ”ڳالهائينداسي“ (ڳالهائينداسون)، جهڙا ٺهيل لفظ فعل سان گڏ هڪ ضمير جو به ڏس ڏين ٿا ۽ اهو ضمير آهي ”اسان“ يا ”اسين“. هنن لفظن ۾ ”-اسي“ (يا ”-اسون“) هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي. ڇا ضميري وچاڙيون ۽ ضميري اڳياڙيون به ٿينديون آهن؟ هن مهل تائين ”ضميري وچاڙي“ ۽ ”ضميري اڳياڙي“ جي عنوان تي (شايد) نه لکيو ويو آهي. ”لکيو مانءِ“ (مون توڏانهن لکيو) ۾ بظاهر ٻه ضميري پڇاڙيون آهن، پر قاعدي موجب انهن مان آخريءَ کي ”ضميري پڇاڙي“ ۽ ان کان اڳ واريءَ کي ”ضميري وچاڙي“ سڏڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح، ”لکانءِ ٿو“، ”لکينمِ ٿو“ ۾ اصولن ”ٻه- ٻه ضمير“ ظاهر ڪندڙ آواز آهن، جيڪي مڪمل فعل جي وچ ۾ آيا آهن، تنهن ڪري ٻنهي کي ”ضميري وچاڙي“ سڏڻ گهرجي، يعني ”لکانءِ ٿو“ ۾ به ٻه ضميري وچاڙيون آهن ته ”لکينم ٿو“ ۾ به. ”ضميري اڳياڙي“ جي لاءِ البته آئون ڪجهه چئي نٿو سگهان- ٿي سگهي ٿو ته هجي- باقي اها پڪ اٿم ته هن وقت تائين کوجيل يا ڄاتل ناهي. ان سلسلي ۾ هن مضمون اندر هڪ ٻه اشارا ملن ٿا، وڌيڪ عالمن جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو. زمان حال (١) فعل ”لازميءَ“ جو ڦيرو اسان کي هن طرح پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو: (الف) هيڪل/نَرُ هيڪل/نارِ ١-ضمير متڪلم * مان/ آءُ لکان ٿو. *مان/آءُ لکان ٿي. ٢-ضمير حاضر * تون لکين ٿو. * تون لکين ٿي. ٣-ضمير غائب * هي/ هو/اِهو/ اُهو لکي ٿو *هيءَ/هوءَ/اِها/اُها لکي ٿي. گهڻ/نر گهڻ/نارِ ٤-ضمير متڪلم *اسان/اسين لکون ٿا *اسان/اسين لکون ٿيون. ٥-ضمير حاضر*توهان/اوهان/توهين/اوهين لکو ٿا. *توهان/ اوهان/ توهين/اوهين لکو ٿيون ٦-ضمير غائب*هي/هو/اِهي/اُهي لکن ٿا. * هي/هو/اِهي/ اُهي لکن ٿيون (٢) فعل ”لازميءَ“ جي ڦيري ۾ فعل جي صورت هن طرح رهي ٿي: ب ١- هيڪل، نر، ضمير متڪلم لاءِ * لکان ٿو، پڙهان ٿو، گهمان ٿو. * ڏسان ٿو، ويهان ٿو، بيهان ٿو. ٢- هيڪل، نار ضمير متڪلم لاءِ *لکان ٿي، پڙهان ٿي، گهمان ٿي، * ڏسان ٿي، ويهان ٿي، بيهان ٿي، ٣- گهڻ، نر، ضمير متڪلم لاءِ *لکون ٿا، پڙهون ٿا، گهمون ٿا. * ڏسون ٿا، ويهون ٿا، بيهون ٿا. ٤- گهڻ، نار، ضمير متڪلم لاءِ * لکو ٿيون، پڙهون ٿيون، گهمون ٿيون. * ڏسون ٿيون، ويهون ٿيون، بيهون ٿيون. (ٻ) ١- هيڪل، نر، ضمير حاضر لاءِ *لکين ٿو، پڙهين ٿو، گهمين ٿو. * ڏسين ٿو، ويهين ٿو، بيهين ٿو. ٢- هيڪل، نار، ضمير حاضر لاءِ * لکين ٿي، پڙهين ٿي، گهمين ٿي. * ڏسين ٿي، ويهين ٿي، بيهين ٿي. ٣-گهڻ، نر، ضمير حاضر لاءِ * لکو ٿا،پڙهو ٿا، بيهو ٿا. * ڏسو ٿا، ويهو ٿا، بيهو ٿا. ٤- گهڻ، نار، ضمير حاضر لاءِ * لکو ٿيون، پڙهو ٿيون، گهمو ٿيون. * ڏسو ٿيون، ويهو ٿيون، بيهو ٿيون. (ڀ) ١- هيڪل، نر، ضمير غائب لاءِ * لکي ٿو، پڙهي ٿو، گهمي ٿو. * ڏسي ٿو، ويهي ٿو، بيهي ٿو. ٢- هيڪل، نار، ضمير غائب لاءِ *لکي ٿي، ويهي ٿي، بيهي ٿي. * ڏسي ٿي، پڙهي ٿي، گهمي ٿي. ٣- گهڻ، نر، ضمير غائب لاءِ * لکن ٿا، پڙهن ٿا، گهمن ٿا. *ڏسن ٿا، ويهن ٿا، بيهن ٿا. ٤- گهڻ، نار، ضمير غائب لاءِ * لکن ٿيون، پڙهن ٿيون، گهمن ٿيون. * ڏسن ٿيون، ويهن ٿيون، بيهن ٿيون. (٣)فعلي صيغي جي بناوت، روپ، بيهڪ جو واسطو فاعل سان ڳنڍيل رهي ٿو، مفعول (جيڪڏهن هجي) يا نه، ۽ فعل هڪ مقرر صورت ۾ تبديل ٿئي ٿو (مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو وجهي) (ت) ١- فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير متڪلم آهي ته *مان خطُ /چٺي لکان ٿو. * مان خطَ / چٺيون لکان ٿو. فعل (لکڻ ) جي ڌاتو (لِک) سان ”-آن ٿو“ ڳنڍجي ٿو: * لکان ٿو، پڙهان ٿو، ڏسان ٿو. ٢- فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير متڪلم آهي ته *مان خطُ /چٺي لکان ٿي. * مان خطَ /چٺيون لکان ٿي. فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-آن ٿي“ ڳنڍجي ٿو: *لکان ٿي، پڙهان ٿي، ڏسان ٿي. ٣- فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير متڪلم آهي ته * اسين خطُ / چٺي لکون ٿا. * اسين خطَ / چٺيون لکون ٿا. فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اُون ٿا“ ڳنڍجي ٿو: *لکون ٿا، پڙهون ٿا، ڏسون ٿا. ٤- فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير متڪلم آهي ته * اسان خطُ / چٺي لکون ٿيون * اسان خطَ / چٺيون لکون ٿيون فعل(لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اُون ٿيون“ ڳنڍجي ٿو: * لکون ٿيون، پڙهون ٿيون، ڏسون ٿيون. ٥- فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير حاضر آهي ته * تون خطُ / چٺي لکين ٿو. *تون خطَ / چٺيون لکين ٿو. فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”- اين ٿو) ڳنڍجي ٿو: * لکين ٿو، پڙهين ٿو، ڏسين ٿو. ٦- فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير حاضر آهي ته *تون خطُ / چٺي لکين ٿي. * تون خطَ / چٺيون لکين ٿي. فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”- اين ٿي“ ڳنڍجي ٿو: * لکين ٿي، پڙهين ٿي، ڏسين ٿي. ٧- فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير حاضر آهي ته * توهين خطُ / چٺي لکو ٿا. *توهين خطَ / چٺيون لکو ٿا. فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-او ٿا“ ڳنڍجي ٿو: *لکو ٿا، پڙهو ٿا، ڏسو ٿا. ٨- فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير حاضر آهي ته *توهين خطُ / چٺي لکو ٿيون. * توهين خطَ / چٺيون لکو ٿيون. فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”- اَو ٿيون“ ڳنڍجي ٿو: * لکو ٿيون، پڙهو ٿيون، ڏسو ٿيون. ٩- فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير غائب آهي ته *هي/هو/اِهو/اُهو خطُ / چٺي لکي ٿو. *هي/ هو /اِهو/اُهو خط / چٺيون لکي ٿو. فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اي ٿو“ ڳنڍجي ٿو: *لکي ٿو، پڙهي ٿو، ڳنڍي ٿو. ١٠- فاعل نار، هيڪل، ضمير غائب آهي ته *هيءَ/هوءَ/اِها/اُها خطُ / چٺي لکي ٿي. * هيءَ / هوءَ اِها/اُها خطَ / چٺيون لکي ٿي. فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان”-اي ٿي“ ڳنڍجي ٿو: * لکي ٿي، پڙهي ٿي، ڏسي ٿي. ١١- فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير غائب آهي ته * هي/هُو/اِهي/ اُهي خطُ / چٺي لکن ٿا. *هي/هو اِهي / اُهي خطَ / چٺيون لکن ٿا. فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-اَن ٿا“ ڳنڍجي ٿو: * لکن ٿا، پڙهن ٿا، ڏسن ٿا. ١٢- فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير غائب آهي ته *هي/هو/اِهي/اُهي خطُ / چٺي لکن ٿيون. * هي/ هو/اِهي/اُهي خطَ / چٺيون لکن ٿيون. فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لک) سان ”-ان ٿيون“ڳنڍجي ٿو: * لکن ٿيون، پڙهن ٿيون، ڏسن ٿيون. (٤) هر قسم جي فاعل/ضمير (نر هجي يا نار، هيڪل هجي يا گهڻ) جي پٺيان ايندڙ فعل جي صورت ڪنهن به ٻئي فاعل/ضمير کان ڌار ۽ نرالي نموني جي ٺهي ٿي ۽ اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو ڌاتو سان ڳنڍجندڙ ”پڇاڙي“ ٻي، ڌار، نرالي قسم جي آهي. ڇا، توهان پرکي /تاڙي ورتو آهي ته فعل سان مخصوص پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري پاڻ فعل ۾ اهو گڻ به پيدا ٿي پيو آهي ته اهو پاڻ ۾ هڪ مخصوص ضمير کي به سمايل ڏيکاري سگهي؟ (ٿ) ١- ضمير متڪلم، هيڪل، نر/ نار جي حالت ۾: * خطُ لکان ٿو/ ٿي. * مضمون پڙهان ٿو/ٿي. * نظارو ڏسان ٿو/ٿي هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، توهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ”مان/آءُ“ آهي. فعل جي ڌاتو سان ”-آن“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”مان/آءُ“ (جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي. * ”-آن“ مَٽُ آهي ”مان/آءُ“ جو. ”مان“ جو ”م-“ ڪيرائڻ سان اسان ک ”-آن“ ملي ٿو. جنهن لفظ کي اسين ”آءُ“ لکون ٿا، ان جو حقيقت اُچار ”آن“ (آنءُ) آهي. *مان جو ”م-“ ڪيرائڻ سان مليل ”-آن“ يا ”آءُ“ جو حقيقتي اُچار ”آن“ هِتي هن زمان ۾ ”ضميري پڇاڙيءَ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت – لکان. پڙهان، ڏسان، ٻُڌان- ٺهي ٿي. * فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ لفظ ”ٿو“ – لکان ٿو، پڙهان ٿو – ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير مذڪر (نر) آهي ۽ لفظ ”ٿي“ – لکان ٿي، پڙهان ٿي- ٻڌائي ٿوته هيءُ ضمير مونث (نار) آهي. ٢- ضمير متڪلم، گهڻ، نر /نار جي حالت ۾ *خط لکون ٿا/ ٿيون. * مضمون پڙهون ٿا/ ٿيون. * نظارو ڏسون ٿا/ٿيون. * هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا، توهان فاعل نه سڃاتو ؟ فاعل”اسان/اسين“ آهي. *فعل جي ڌاتو سان ”-اُون“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”اسان/اسين“ (جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي. *”_آن“ مَٽ آهي” مان/ آءٌ“ جو. ”مان“ جو ”م_“ ڪيرائڻ سان اسان ک”_آن“ ملي ٿو. جنهن لفظ کي اسين ”آءٌ“ لکون ٿا، ان جو حقيقي اچار”آن“ (آنءُ) آهي. *مان جو ”م_“ ڪيرائڻ سان مليل”_آن“ يا ”آءٌ“ جو حقيقي اُچار ”آن“ هِتي هن زمان ۾ ”ضميري پڇاڙي“ جو ڪم ڪري ٿو، ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت – لکان، پڙهان، ڏسان، ٻُڌان - ٺهي ٿي. * فعل جي اُن مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ لفظ”ٿو“ _ لکان ٿو، پڙهان ٿو – ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير مذڪر(نر) آهي، ۽ لفظ ”ٿي“ – لکان ٿي، پڙهان ٿي- ٻڌائي ٿو ته هيءَ ضمير مؤنث (نار) آهي. 2 ضمير متڪلم، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾ *خط لکون ٿا/ ٿيون * مضمون پڙهون ٿا/ ٿيون. * نظارو ڏسون ٿا/ ٿيون. * هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، توهان فاعل نه سڃاتو؟ فائل”اسان/ اسين“ آهي. * فعل جي ڌاتو سان”_اُون“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”اسان/ اسين“ (جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي. * - ”اُون“ مَٽ آهي ”اسان/اسين“ جو. هن جو ڌاتو ڳولڻ لاءِ اسان کي ٽي امڪان ذهن ۾ رکڻا ۽ ڇنڊڻا ڇاڻڻا پوندا: ١. ”اسان“ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ”اس“ ۽ ”آن“ (اس+آن) جو ٺهيل هجي. ”اس“ هي/هيءَ/اهو/اهو/هو/هوءَ/هِن/ هن جي بدران ڪم اچي ٿو (اها ڳالهه هن مضمون ۾ ڪجهه دير پوءِ ڄاڻي سگهنداسين) ۽ ”آن“ بابت ٿورو اڳ (ٿ ا) ۾ پڙهي آيا آهيون. ”اس“ + ”آن“ (هي ۽ مان)= ”اسان“. ٢. ”اسين“ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ”آس“۽ ”اِين“ (اس +اِين) جو ٺهيل هجي. هن/هي جي بدران ”اس“ ۽ ”-اين“ نار کي گهڻ ڪرڻ جو/لاءِ هڪ آواز يعني اس+ -اِين = اسين. ”اَسُون“ بظاهر نئون لفظ ۽ اڻٻڌو ڀاسي ٿو، پر ”لکيوسون“ ۽ لکنداسون“ جهڙن هزارن ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچيو ته ايڏو اوپرو به نه لڳندو. ٿي سگهي ٿو ته هي لفظ ”اس“ ۽ ”-اُون“ جي ميلاپ سان ٺاهيو ويو هجي. ”اس“ (هي/هن) ۽ ”-اُون“، نر کي گهڻ ڪرڻ جو آواز. * ”-اُون“ هِتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو، ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت- لکون، پڙهون، ويهون، ڏسون، ٻُڌون- ٺهي ٿي. *فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ لفظ ”ٿا“ – لکون، پڙهون ٿا- ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير نر آهي، ۽ لفظ ”ٿيون“- لکن ٿيون، پڙهن ٿيون- ٻڌائي ٿو ته هي ضمير نارِ آهي. ٣. ضمير حاضر، هيڪل، نر/نار جي حالت ۾: *خط لکين ٿو/ٿي. * مضمون پڙهين ٿو/ٿي * نظارو ڏسين ٿو/ٿي. * هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ”تون“ آهي. * فعل جي ڌاتو سان ”-اِين“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”تون“ (جيڪو ضمير حاضر آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي. *”-اِين“ مَٽ آهي ”تون“ جو. ”-اِين“ جو ڌاتو هن وقت منهنجيءَ ڄاڻ ۾ نه آهي. پر جيڪڏهن ”لکندين“، ”پڙهندين“، ”ڏسندين“، جهڙن هزارن ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچبو ته پڌرو ٿي پوندو ته ”-اِين“ ”تون“ جو مَٽ آهي. *”-اِين“ هِتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو، ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت-لکين، پڙهين، ڏسين، ٻُڌين-ٺهي ٿي. *فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ لفظ ”ٿو“ –لکين ٿو، پڙهين ٿو- ٻڌائي ٿو ته هي فاعل نر آهي، ۽ لفظ ”ٿي“ – لکين ٿي، پڙهين ٿي- ٻڌائي ٿو ته هي ضمير نارِ آهي. ٤. ضمير حاضر، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾: * خط لکو ٿا/ ٿيون *مضمون پڙهو ٿا/ٿيون. * نظارو ڏسو ٿا/ٿيون. *هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين ) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ”توهان/اوهان/ توهين/ اوهين“ آهي. *فعل جي ڌاتو سان ”-او“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”توهان/اوهان/توهين/اوهين“ (جيڪو ضمير حاضر آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي. ”-او“ مَٽ آهي ”توهان/...“ جو ”-او“ جو ڌاتو هن وقت منهنجيءَ ڄاڻ ۾ ناهي، پر جيڪڏهن لکندوء، پڙهندوء، ڏسندوء جهڙن هزارن ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچيو ته پڌرو ٿي پوندو، ”-او“، ”توهان/.......“ جو مَٽ آهي. *”-او“ هِتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت --- لکو، پڙهو، ڏسو، ٻڌو- ٺهي ٿي. *فعل جي ان مخصوص صورت کانپوءِ ايندڙ لفظ ”ٿا“ – لکو ٿا، پڙهو ٿا- ٻڌائي ٿو ته فاعل نر آهي ۽ لفظ ”ٿيون“- لکو ٿيون، پڙهو ٿيون- ٻڌائي ٿو ته فاعل نار آهي. ٥- ضمير غائب، هيڪل، نر/نار جي حالت ۾: *خط لکي ٿو/ ٿي. * مضمون پڙهي ٿو/ٿي. * نظارو ڏسي ٿو/ٿي. * هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ”هي/هو/ هيءَ / هوءَ/ اِهو / اُهو/ اِها /اُها“ آهي. * فعل جي ڌاتو سان ”-اي“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري، منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”هي/.....“ (جيڪو ضمير غائب آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي. *”-اي“ مَٽ آهي ”هي/....“ جو. ”-اي“ بگڙي ”هي“ ٿيو آهي (ڪو ائين به چئي سگهي ٿو ته ”هي“ جي ”هه“ ڪيرائي ”-اي“ پڇاڙي ٺاهي وئي آهي). * ”-اي“ هتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت – لکي، پڙهي، ڏسي، ٻُڌي- ٺهي ٿي. * فعل جي ان مخصوص صورت- کانپوءِ ايندڙ لفظ ”ٿو“ – لکي ٿو، پڙهي ٿو- ٻڌائي ٿو ته فاعل نر آهي ۽ لفظ ”ٿي“ – لکي ٿي، پڙهي ٿي- ٻڌائي ٿو ته فاعل نار آهي. ٦. ضمير غائب، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾: * خط لکن ٿا/ٿيون. * مضمون پڙهن ٿا/ٿيون. * نظارو ڏسن ٿا/ٿيون. *هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙين ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ”هي/هو/اِهي/اُهي“ آهي. * فعل جي ڌاتو سان ”-اَن“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي، جو ”اهي/.....“ (جيڪو ضمير غائب آهي) جي موجودي ڏيکاري سگهي. *”- اَن“ مَٽ آهي ”هي /هو/اِهي /اُهي“ جو، ۽ ”-اَن“ سنڌي ٻوليءَ ۾ جانورن، آسمانن، گلن، ميون.........) اِنَ، اِنَن ۽ اُنَ – اَنن (جن ۾ اسين ”هه“ ملائي ”اِنهن“ چئون ٿا) پڻ ان جو چٽو مثال آهي. اهڙيءَ طرح، اسان وٽ وَٽنِ، سندن، کينِ کانئن، ڏانهنِ، مٿنَ، مٿائن، هيٺائن، منجهن،، جهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جي پڇاڙي ”-اَن“، ”هي/هو/هي/اهي/اُهي“ جي نشاندهي ڪري ٿي. *”- اَن“ هتي، هن زمان ۾، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت- لکن، پڙهن – ٺهي ٿي. * فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ لفظ ”ٿا“ – لکن ٿا، پڙهن ٿا- ٻڌائي ٿو ته فاعل نر آهي ۽ لفظ ٿيون- لکن ٿيون پڙهن ٿيون- ٻڌائي ٿو ته فاعل نار آهي. ٥. هن زمان جي فعلي ڦيري جي حوالي سان ياد رکڻ جهڙيون ڪجهه ڳالهيون: (ٽ) ١. ضميري پڇاڙي هر ”ضميري اَڪهه“ لاءِ ڌار، نرالي ۽ مقرر آهي: *مان/مون/آنءُ/آءُ/آئون لاءِ ”-اَن“ نر توڙي نار، هيڪل *تون/تو لاءِ ”-اَ ين“ *هي/هو/هيءَ/هوءَ/اُهو/اِهو لاءِ ”-اي“ * اسان /اسين/اسون لاءِ ”-اَون“ نر توڙي نار، گهڻ * توهان/توهين/اوهان/اوهين لاءِ ”-اَو“ *هي/هو/اِنهن/اُنهن/هنن/هنن لاءِ ”-اَن“ ٢. ضميري پڇاڙي ملڻ جي ڪري، هر ضميري آڪهه لاءِ فعل جي صورت پڻ ڌار، نرالي ۽ مقرر صورت وٺي بيهي ٿي. *لکان هيڪل *لکين *لکي *لکون گهڻ *لکو * لکن ٣. * هر هڪ هيڪل، نر فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ”ٿو“ اچي ٿو. * هر هڪ هيڪل، نار فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ”ٿي“ اچي ٿو. * هر هڪ گهڻ، نر فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ”ٿا“ اچي ٿو. * هر هڪ گهڻ، نار فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ”ٿيون“ اچي ٿو. ٤. فعل جي مڪمل صورت ٻن حصن ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ فاعل جي جنس ۽ ڳڻپ بابت ڄاڻ ڏئي ٿي: نر نار * لکان ٿو، پڙهان ٿو *لکان ٿي، پڙهان ٿي. هيڪل * لکين ٿو، پڙهين ٿو * لکين ٿي، پڙهين ٿي. * لکي ٿو، پڙهي ٿو * لکي ٿي، پڙهي ٿي. * لکون ٿا، پڙهون ٿا * لکون ٿيون، پڙهون ٿيون. گهڻ * لکو ٿا، پڙهو ٿا * لکو ٿيون، پڙهو ٿيون. * لکن ٿا، پڙهن ٿا * لکن ٿيون، پڙهن ٿيون. ٥. فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل آهي. ٦. اهو ضمير ”ضميري پڇاڙيءَ“ جي صورت ۾ موجود آهي. ٧. اها ضميري پڇاڙي (يعني ضمير) فاعل جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٺيڪ ان ڪري ٨. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن زمان جي حوالي سان اسان کي جيڪو فعلي ڦيرو پڙهايووڃي ٿو (ڏسو 1-الف)، ان ۾ حقيقتا ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا موجود آهي. ڇا، ان کي ويا ڪرڻ جي درست سکيا سڏي سگجي ٿو؟ هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ”هئڻ“ يا ”هجڻ“ جو فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ”حال“ ئي آهي. ١. هن فعل جو ڦيرو اسان کي هن نموني پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو: (ٺ) هيڪل/نر هيڪل/نار ١. ضمير متڪلم *مان (سُٺو) آهيان. * مان(سُٺي) آهيان. ٢. ضمير حاضر * تون (سٺو) آهين. * تون (سٺي) آهين. ٣. ضمير غائب *هي/هي/اِهو/اُهو(سٺو)آهي.*هيءَ/هوءَ/اِها/اُها (سٺي) آهي. گهڻ/نر گهڻ/نار ٤. ضمير متڪلم *اسان (سٺا) آهيون. *اسان (سُٺيون) آهيون. ٥. ضمير حاضر * توهان(سٺا) آهيو. * توهان (سُٺيون) آهيو. ٦. ضمير غائب *هي/هو/اِهي/اُهي(سٺا)آهن. *هي/هو/اِهي/اُهي(سٺيون آهن. ٢.اچو، ڏسون ته اکر ۽ لفظ ڪيئن ٿا ڳالهائن: ث ١- ”آهيان“: - ڪير؟ + ”مان/آءُ/آنءُ/آئون“ –جنهن کي ”ضمير متڪلم“ چئبو آهي. - زمان؟ + حال (هن وقت، هاڻي، اجهو هينئر) - ڳڻپ؟ + هڪ (اڪيلو،هيڪل، واحد، ڇڙو) - جنس؟ + اها سڌ تيستائين نه پوندي، جيستائين آڏو اسم يا صفت نه اچي- اسم يا صفت نر هوندي ته ”نر“ آهيان ۽ جي نار هوندي ته ”نار“ آهيان. - بناوت؟ + بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. آهيان: ”آهه“ + ”-آن“ = ”آهيان“. ”آهه-“ ”زمان حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي ٿو ۽ ”-آن“ مان /مون/آءُ/آئون/ آنءُ“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه-“ سان مليل پڇاڙي ”-آن“ هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير متڪلم“ ۽ ”هيڪل“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. - جيڪڏهن ضمير موجود آهي ته پوءِ اسان کي ساڳيو ئي ضمير متڪلم ”مان“ ڳنڍي، ”مان آهيان“ ڇو ٿو پڙهايو/سيکاريو وڃي؟ ڇا، ان نموني فاعل جو ڏس ڏيندڙ ضمير ”ٻه“ نه ٿي پوندا؟ +اهو سوال پنهنجن عالمن کان پُڇو. ٢- ”آهين“: - ڪير؟ + ”تون“ – جنهن کي ”ضمير حاضر“ چئبو آهي. - زمان؟ + حال. - ڳڻپ؟ + هيڪل. - جنس؟ + اها سڌ تيستائين نه پوندي، جيستائين آڏو اسم يا صفت نٿي اچي- اسم يا صفت نر هوندي ته نر سڏبس ۽ جي نار هوندي ته نار سڏبس. -بناوت؟ + بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سڏيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه“ + ”-اِي“ = ”آهي“. ”آهه-“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي ٿو ۽ ”-اين“ ”تون“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه-“ سان مليل پڇاڙيءَ ”-اين“ هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير حاضر“ ۽ ”هيڪل“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. - ”تون آهين“ ڇو ٿو سيکاريو وڃي؟ + اهو سوال پنهنجن عالمن کان پُڇو. ٣- ”آهي“: - ڪير؟ + ”هي“ (هي/هيءَ/هُو/اِهو/اُهو/اِها/اُها)- جيڪو ضمير غائب آهي. زمان ”حال“ اٿس ۽ ڳڻپ ”هڪ“. ”نر“ يا ”نار“ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي، جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. - بناوت؟ + بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه“ + ”-اي“ =”آهي“. ”آهه-“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي ٿو، ۽ ”_اي“ ”هي/ هو/ هيءَ/ هوءَ/ اِهو/ اُهو/ اِها/ ُها“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه“ سان مليل پڇاڙي ”_اي“ هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي جيڪا ”ضمير غائب“ ۽ ”هيڪل“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ”هي آهي“ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو. (4) ”آهيون“: + ”اسان/ اسين“ جيڪو ”ضمير متڪلم“ آهي، زمان ”حال“ اٿس ۽ ڳڻپ ”هڪ کان وڌيڪ“ . ”نر“ يا ”نار“ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه-“ + ”-اُون“ = ”آهيون“. ”آهه“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي ٿو، ۽ ”-اُون“ ”اسان/اسين/اسون“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه“-“ سان مليل پڇاڙي هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير متڪلم“ ۽ ”گهڻ“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ”اسين“ آهيون“ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پڇو. ٥- ”آهيو“: + ”توهان/اوهان/توهين/اوهين“- جيڪو ”ضمير حاضر“ آهي. زمان ”حال“ اٿس ۽ ڳڻپ ”هڪ کان وڌيڪ“ . ”نر“ يا ”نار“ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي، جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه-“+ ”-او“ = ”آهيو“، ”آهه“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ، جو ڏس ڏئي ٿو، ۽ ”-او“ ”توهان/ توهين/اوهان/اوهين“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه-“ سان مليل پڇاڙي هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير حاضر“ ۽ ”گهڻ“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ”توهان آهيو“ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو. ٦- ”آهن“: + ”هي/هو/اِهي/اُهي“ – جيڪو ضمير غائب آهي. زمان ”حال“ اٿس ۽ ڳڻپ ”هڪ کان وڌيڪ“. ”نر“ يا ”نار“ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي، جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ”لفظ“ ۽ هڪ ”پڇاڙيءَ“ جو ميلاپ. ”آهه-“ + ”-اِن“= ”آهن“. ”آهه“ زمان ”حال“ ۽ ”هجڻ“ جو ڏس ڏئي ٿو، ۽ ”-اِن“ ”هي/هو/اِهي/ اُهي“ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ”آهه-“ سان مليل پڇاڙيءَ هڪ ”ضميري پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”ضمير غائب“ ۽ ”گهڻ“ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ”هي/هو/اِهي/اُهي/ آهن“ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو. ٣- هن فعلي ڦيري جي حوالي سان ياد رکڻ جهڙيون ڪجهه ڳالهيون: (پ) ١- ضميري پڇاڙي هر ضميري آڪهه لاءِ ڌار، نرالي ۽ مقرر آهي: *مان/مون/آنءُ/آءٌ/آئون لاءِ ”-آن“ هيڪل * تون/ تو لاءِ ”-اين“ * هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِهو/اُهو لاءِ ”-اي“ * اسان/اسين/اسون لاءِ ”-اُون“ گهڻ *توهان/اوهان/توهين/اوهين لاءِ ”-اَو“ *هي/هو/اِهي/اُهي لاءِ ”-اَن“ ٢- ضميري پڇاڙي ملڻ جي ڪري هر ضميري آڪهه لاءِ فعل جي صورت پڻ ڌار، نرالي ۽ مقرر صورت وٺي بيهي ٿي: *آهيان هيڪل * آهين * آهي *آهيون گهڻ * آهيو *آهن ٣- فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل آهي. ٤- اهو ضمير ”ضميري پڇاڙيءَ“ جي صورت ۾ موجود آهي. ٥- اها ”ضميري پڇاڙي“ فاعل جي هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي، ۽ ٺيڪ ان ڪري ٦- پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن فعلي ڦيري جي حوالي سان به اسان کي جيڪو جيڪو فعلي ڦيرو پڙهايو وڃي ٿو (ڏسو ا-ٺ)، ان ۾ حقيقتا ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا موجود آهي. ڇا، ان کي وياڪرڻ جي درست سکيا سڏي سگهجي ٿو؟ مٿي ڏنل سموريءَ ڳالهه ٻول جو نتيجو هي نڪري ٿو ته زمان حال ۾ اسان وٽ ”ڪَرڻ، ۽ هئڻ“ واري فعل جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ڳالهايو، لکيو، پڙهيو ۽ سيکاريو وڃي ٿو، ان ۾ بنا ڪنهن ضروري سبب جي ساڳئي قسم جو فاعل ٻه ڀيرا ورجايو وڃي ٿو: هڪ ”مان“، ”اسان“، ”تون“، ”توهان“، ”هي“ ۽ ”اُهو/ اُهي“ جي شڪل ۾ ۽ ٻيو جيڪو ”ڪَرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري فعل جي حالت ۾ ضميري پڇاڙيءَ جي مليل يا اڳواٽ جذب ٿيل صورت ۾ آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته صحيح فعلي ڦيرو هينئن ٿيڻ گهرجي: ”ڪَرڻ“ واري فعل جي حوالي سان- * لکان ٿو- لکان ٿي- لکون ٿا- لکون ٿيون. *لکين ٿو- لکين ٿي- لکو ٿا- لکو ٿيون. *لکي ٿو- لکي ٿي- لکن ٿا-لکن ٿيون. هن ڦيري مان جيڪڏهن شامل ضميري پڇاڙي ڪڍي ڇڏجي ۽ فاعل طور ڌار ضمير آندو وڃي ته ڦيري جي حقيقي ۽ اصولي صورت هن طرح بيهندي: * مان لکٿو-مان لکٿي-اسان لکٿا-اسان لکٿيون. * تون لکٿو-تون لکٿي-توهان لکٿا-توهان لکٿيون. *هي لکٿو-هيءَ لکٿي-هي/اهي لکٿا- هي/اهي لکٿيون. ساڳيءَ طرح، ”هئڻ“ واري فعل جو صحيح ڦيرو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن ان جي آڏو ڪوبه ضمير فاعل طور نه آندو وڃي، ڇو ته واسطيدار ضمير فعلي صيغي سان ڳنڍيل آهي: * ضمير متڪلم، هيڪل-آهيان. *ضمير متڪلم، گهڻ-آهيون. * ضمير حاضر، هيڪل- آهين. * ضمير حاضر، گهڻ- آهيو. * ضمير غائب، هيڪل- آهي. * ضمير غائب، گهڻ-آهن. زمان حال ۾ ”ڪرڻ“ جي فعل جي حوالي سان ”ٻه“ ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون ۽ عام جام اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه ٿورو ذڪر ڪجي ٿو.(ٻِٽي ضميري پڇاڙيءَ جي گڻن ۽ ان جي ڪري ٻوليءَ جي ڏات تي پوءِ ڳالهائبو.) فعل/مذڪر بناوت مفهوم/معنيٰ /فعل مونث (ج) لکانءِ ٿو= لک+آن+ءِ = (مان) تو ڏانهن لکان ٿو. لکانءِ ٿي. لکانوَ ٿو= لک+آن+وَ = (مان) توهان ڏانهن لکان ٿو. لکانوَ ٿي. لکانس ٿو=لک+ آن+ اس = (مان) هن ڏانهن لکان ٿو. لکانس ٿي. لکاننِ ٿو= لک+آن+ ان =(مان) هنن ڏانهن لکان ٿو. لکاننِ ٿي. (ڄ) لکينمِ ٿو= لک+اين+ام= (تون) مون ڏانهن لکين ٿو. لکينمِ ٿي. ؟ = (تون) (اسان ڏانهن لکين ٿو.) ؟ لکينس ٿو= لک+اين+اس =(تون) هن ڏانهن لکين ٿو. لکينس ٿي. لکين ٿو= لک+اين+ ان = (تون) هنن ڏانهن لکين ٿو. لکينن ٿي. (جهه) لکيم ٿو= لک+ اي+ام = (هو) مون ڏانهن لکي ٿو. لکيم ٿي. ؟ = (هو) (اسان ڏانهن لکي ٿو). ؟ لکيس ٿو= لک+اي +اس = (هو) هن ڏانهن لکي ٿو. لکيس ٿي. لکينِ ٿو= لک+اي+ان =(هو) هنن ڏانهن لکي ٿو. لکينِ ٿي. لکيئه ٿو= لک+ اي+ ءِ = (هو) تو ڏانهن لکي ٿو. لکيئه ٿي. لکيوَ ٿو= لک+ اي+ وَ = (هو) توهان ڏانهن لکي ٿو. لکيوَ ٿي. (ڃ) لکونئهِ ٿا= لک+ اون+ ءِ =(اسين) تو ڏانهن لکون ٿا. لکونئهِ ٿيون. لکونوَ ٿا= لک + اون+ وَ = (اسين) توهان ڏانهن لکون ٿا. لکونوَ ٿيون. لکونس ٿا= لک+ اون+ اس =(اسين) هن ڏانهن لکون ٿا. لکونس ٿيون لکوننِ ٿا= لک+اون+ ان =(اسين) هنن ڏانهن لکون ٿا. لکوننِ ٿيون. (چ) لکوم ٿا= لک+ اَو+ام = (توهان) مون ڏانهن لکو ٿا. لکوم ٿيون. ؟ = (توهان) (اسان ڏانهن لکو ٿا). ؟ لکوس ٿا= لک+اَو+ اس =(توهان) هن ڏانهن لکو ٿا. لکوس ٿيون. لکونِ ٿا= لک+اَو +ان = (توهان) هنن ڏانهن لکو ٿا. لکونَ ٿيون. (ڇ) لکننم (لکنم) ٿا= لک+ ان+ آءِ = (اهي) مون ڏانهن لکن ٿا. لکنئه (لکنم) ٿيون. ؟ = (اهي) (اسان ڏانهن لکن ٿا) ؟ لکننئه (لکنئه) ٿا= لک+ ان+ آءِ =(اهي) تو ڏانهن لکن ٿا. لکننم (لکنئه) ٿيون. لکنوَ ٿا = لک+ ان+ وَ = (اهي) توهان ڏانهن لکن ٿا. لکنوَ ٿيون. لکنس ٿا= لک+ان+ اس = (اهي) هن ڏانهن لکن ٿا. لکنس ٿيون. لکنن (لکنن) ٿا= لک+ ان+ اِن =(اهي) انهن ڏانهن لکن ٿا. لکنن (لکنن) ٿيون. ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ مٿي ڏنل لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون: ١- ڪجهه لفظن جي اچار ۾ ”شَد“ جهڙي ڪيفيت نظر اچي ٿي. (عام طرح سمجهيو وڃي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شد رکندڙ لفظ موجود ناهن، جنهن ڳالهه سان مون کي اختلاف آهن” شد رکندڙ لفظ يا اکر سنڌي ۾ ئي نه، جيتري هندي ڄاڻان ٿو، ان ۾ به موجود نظر اچن ٿا.) اهي لفظ سنڌيءَ ۾ زباني طرح ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ ٿا وڃن، ۽ هنديءَ ۾ ”اڌ-اکر“ وڌيڪ لکجي ٿو. ٢- ضميري پڇاڙيون ان ساڳيءَ شڪل ۾ نظر اچن ٿيون، جيئن ”ڪَرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري فعلي ڦيري ۾ نظر آيون، ڪٿي ڪٿي تحرڪ وڌيڪ نظر اچي ٿو. (ها، ”مان“ جي بدران ”-ام“ ۽ ”هن“ جي بدران ”-اس“ ضميري پڇاڙي اڃا بحث هيٺ نه آيون آهن.) (مٿي جيڪي به فاعل/ ضميري ننڍيءَ ڏنگيءَ ۾ ڏنل آهن، اهي رڳو ان ڪري، جيئن رسمارسمي طريقي موجب ”جيڪو غلط آهي“ ڳالهه سمجهه ۾ اچي سگهي.) زمان ماضي ١- فعل ”لازمي“ جو ڦيرو (زمان ماضي مطلق) اسان کي هن نموني پڙهايو/ سيکاريو وڃي ٿو: (ح) هيڪل/نر هيڪل/نار ١- ضمير متڪلم * مون لکيو *مون لکيو ٢- ضمير حاضر * تو لکيو * تو لکيو ٣-ضمير غائب * هِن/هُن لکيو *هِن/هُن لکيو گهڻ/نر گهڻ/نار ٤- ضمير متڪلم *اسان لکيو *اسان لکيو ٥- ضمير حاضر * توهان لکيو * توهان لکيو ٦- ضمير غائب * هنن/هُنن لکيو * هِنن/هُنن لکيو ٢. هن فعلي ڦيري کي جيڪڏهن هينئن پڙهجي ته (خ) * مون چٺو لکيو. * فاعل ضمير متڪلم،هيڪل نر *مون چٺي لکي (لکيي). * مون چٺا لکيا. *مون چٺيون لکيون. ڌيان ڏيئي سوچيو: ضمير متڪلم هيڪل نر جي بدران ڪو به ٻيو ضميرُ، فاعل طور آڻي پڙهبو، ته به جملي جي بيهڪ اها ئي رهندي. مثال طور: * اسان/توهان/هن/هنن چٺو لکيو. * اسان/ توهان/هن/هنن چٺا لکيا. * اسان/ توهان/ هن/ هنن چٺي لکي. *اسان/توهان/هن/هنن چٺيون لکيون. ڌيان ڏئي سوچيو ته فاعل طور ضمير ڪهڙو به هجي، ضمير جي هر صورت سان هر هڪ فعل جون چار صورتون، گڏجي، ٺهڪي ۽ درست نموني اچن ٿيون. ائين ڇو؟ اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو زمان ”ماضيءَ“ ۾ فعلي صيغي جو سڌو واسطو فاعل سان نه، مفعل سان رهي ٿو. مفعول جيڪڏهن ١- هيڪل نر آهي ته – لکيو، پڙهيو، ڏٺو ٢- هيڪل نار آهي ته- لکي، پڙهي، ڏٺي ٣- گهڻ نر آهي ته- لکيا، پڙهيا، ڏٺا ٤- گهڻ نار آهي ته – لکيون، پڙهيون، ڏٺيون هتي، اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته زمان ماضيءَ ۾ فعل جون صورتون هڪ ڊگهو ۽ تفصيلي بحث ۽ ڇنڊڇاڻ گهرن ٿيون، ڇو ته زمان ماضيءَ ۾ فعلي صيغاجيڪا صورتخطي ۽ جيڪو اچار رکن ٿا، اهو ئي ڪٿي فعل آهي ته ڪٿي اسم يا صفت. مثال طور: (مان) لکيو آهيان (هتي ”لکيو“ اسم آهي) مون لکيو آهي (هتي ”لکيو“ فعل آهي) (مان) پڙهيو آهيان (هتي ”پڙهيو“ صفت آهي) مون پڙهيو آهي (هتي ”پڙهيو“ فعل آهي) هتي، انهن بحثن کان پاسيرو رهي، رڳو فعلي صيغي بابت ڳالهه ٻولهه ڪجي ٿي. (د) ١- مفعول، هيڪل، نر جي حالت ۾: *مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺو لکيو. *مون/.......................... گهوڙو ڏٺو. مفعول هيڪل نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اِيو“ ڳنڍجي ٿو- لکيو، پڙهيو، گهميو، سمهيو. پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو امر فعل جي هڪ صورت ٺاهي (جيئن ”ڏِسڻ“ جي ”ڏِس“ مان ”ڏِسيو“ – ”مان ڏسيو پيو اچان“)، ۽ جنهن جو اسم فعل جي ٻي صورت ٺاهي (جيئن ”ڏسڻ، جي اسم ”ڏٺ“ مان ”ڏٺو“ ) ته اهڙيءَ حالت ۾ اسم جي پوئين اکر (ٺ) سان ”-او“ ملائجي ٿو-ڏٺو، ويٺو، بيٺو. فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو پوي. ٢- مفعول، گهڻ، نرجي حالت ۾: *مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺا لکيا: * مون/......................... گهوڙا ڏٺا. مفعول، گهڻ، نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اِيا“ ڳنڍجي ٿو-لکيا، پڙهيا، گهميا، سمهيا-، پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو اسم فعلي صيغو ٺاهي ته اهڙيءَ حالت ۾ ”-آ“ ملائجي ٿو-ڏٺا، ويٺا، بيٺا. فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو پوي. ٣- فاعل، هيڪل، نار جي حالت ۾: * مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺي لکي. *مون/...................... گهوڙي ڏٺي. مفعول هيڪل نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اِي“ يا حقيقت ۾ ”-اِيي“ ملائجي ٿو- لکي، پڙهي- پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو اسم فعلي صيغو ٺاهي ٿو ته اهڙيءَ حالت ۾ ”-اِي“ ملائجي ٿو- ڏٺي، ويٺي، بيٺي. ٤- مفعول، گهڻ، نار جي حالت ۾: * مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺيون لکيون. * مون/.......................................گهوڙيون ڏٺيون. - مفعول، گهڻ، نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اِيون“ ملائجي ٿو- لکيون، پڙهيون- پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو اسم فعلي صيغو ٺاهي ٿو ته اهڙيءَ حالت ۾ به ”-اِيون“ ملائجي ٿو- ڏٺيون، ويٺيون، بيٺيون. ٣- زمان ماضيءَ ۾ ضمير جي صورت تي ڪجهه نه ڪجهه ۽ هڪ عجيب اثر پوي ٿو: - ”مان/آءُ/آنءُ“ جي ڀيٽ ۾ ”مون“ وڌيڪ سونهي ٿو- مون لکيو. - ”تون“ جي ڀيٽ ۾ ”تو“ ڪجهه هنڌن تي ڏاڍو ٺهي ٿو- تو لکيو. - ”هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِها/اُها“ جي بدران ”هَن/هُن/اِن/اُن“ وڌيڪ ٺهڪي ٿو- هن لکيو. - ”اسين“ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو لڳندڙ آواز ”اسان“ آهي – اسان لکيو. - توهين/اوهين“ جي ڀيٽ ۾ ”توهان/اوهان“ سٺو لڳي ٿو – توهان لکيو. - ”هي/هو/اِهي/ اُهي“ بدران ”هِنن/هُنن/اِنهن/اُنهن“ جو واهپو سونهي ٿو- هنن لکيو. * ضمير جي ان صوتي تبديليءَ جو ڪارڻ (شايد) فعل جو مفعول سان لاڳاپيل هجڻ آهي. هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ”هئڻ“ يا ”هجڻ، جو فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ماضي ئي آهي. (ڌ) هيڪل/نر هيڪل/نار ١- ضمير متڪلم: مان هُيس (مثال: ”مان سچار هُيس“) ٢- مان هيسَ. ٣- ضمير حاضر: تون هُئين (مثال: ”تون سچار هئين“) ٤-تون هُئِيئن (هئينءَ؟) ٥- ضمير غائب: هي هيو/ هو (مثال: هي سچار هيو.) ٦- هيءَ هئي. گهڻ/نر گهڻ/نار ضمير متڪلم: ٧- اسين هئاسي/هياسي (مثال:”اسين سچار هئاسي/هياسون“)٨- اسين هيونسي ضمير حاضر: ٩- توهان هُيَئو (مثال: ”توهان سچار هُيَئو“) ١٠- توهين هيَئو ضمير غائب: ١١- هي هيا/هئا(مثال: ”هي سچار هُيا“) ١٢- هي هُيون مٿي ڏنل ڦيري ۾ ضمير غائب، نر توڙي نار ۽ هيڪل توڙي گهڻ (٥، ٦، ١١، ١٢) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. ساڻن ضميري پڇاڙي ملڻ کانپوءِ به سندن صورت اها ئي بيهي ٿي، باقي سمورن ضميرن سان ڳنڍيل فعلي صيغي ۾ ڪانه ڪا ضميري پڇاڙي سمايل آهي، ۽ ان ڪري فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي پيو آهي. ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار، سان ضميري پڇاڙي ”-اُس“ ۽ ”-اُس“ ڳنڍيل آهن، جن بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ ”-اَس“ ۽ نار جي حالت ۾ ”-اَس“ ڪم اينديون آهن ۽ ان لاءِ ڪوبه علمي سبب يا دليل موجود ناهي، باقي ضمير حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن، اهي ضمير حاضر جي ئي نشاندهي ڪن ٿيون. زمان ماضي ۾ ”هئڻ“ جي فعل جون حقيقي صورتون هي آهن: ١- فاعل هيڪل ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) – هيو (هئو). ٢- فاعل هيڪل ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي)- هئي (هُيَي). ٣- فاعل گهڻ ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) – هيا (هئا). ٤- فاعل گهڻ ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) – هيون. ان ڪري، زمان ماضيءَ ۾ ”هئڻ“ جي فعل جو ڦيرو هن طرح هئڻ گهرجي: (ڏ) مان هيو (مان سچار هيو) مان هئي (مان سچار هئي) تون هيو (تون سچار هيو) تون هئي (تون سچار هئي) هي هيو(هي سچار هيو) هيءَ هئي (هيءَ سچار هئي) اسان هيا(اسان سچار هيا) اسان هيون (اسان سچار هيون) توهان هيا (توهان سچار هيا) توهان هيون (توهان سچار هيون) هي هيا (هي سچار هيا) هي هيون (هي سچار هيون) ضميري پڇاڙيءَ جي هجڻ ڪري، اهو ڦيرو هينئن ٿيندو: (ڊ) ١- ضمير متڪلم، هيڪل، نر جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اُم“ ملائجي ٿي: ---- سچار هُيم (مان سچار هيو). فعلي صيغي (هيو) جو آخري آواز ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ضميري پڇاڙي ”-اُم“ آڻجي ٿي. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول /هيڪل نر آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ---- لکيم، پڙهيم، ڏٺم، بِيٺم. ٢- ضمير متڪلم، هيڪل نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَم“ ملائجي ٿي: ---- سچار هُيَم (مان سچار هئي). فعلي صيغي (هُئي) جو آخري آواز ”-اي“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ضميري پڇاڙي ”-اَم“ آڻجي ٿي. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول هيڪل نار آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ---- لکيي (لکي)، پڙهيي (پڙهي، ڏٺيي(ڏٺي) جي بدران لکيم، پڙهيم،ڏٺم. ٣- ضمير متڪلم، گهڻ، نر، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَسي“ (۽ ان جو مٽ آواز ”-اسون“، ”-اسين“) ملائجي ٿي: -سچار هياسي/هياسون/هياسين(اسين سچار هئا.) فعلي صيغي (هُيا) جي آخري آواز سان ”-اسي“ (يا ان جو مٽ آواز ”-اسون“ يا ”-اسين“) ملائجي ٿو. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول گهڻ نر آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو- لکيوسي/لکيوسون/لکيوسين: پڙهيوسي/ پڙهيوسون/ پڙهيوسين: ڏٺوسي/ڏٺوسون/ڏٺوسين. ٤- ضمير متڪلم، گهڻ، نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اسي“ (۽ ان جو مٽ آواز ”-اسون“ يا ”-اسين“) ملائجي ٿي: سچار هيونسي/هيونسين(اسين سچار آهيون) فعلي صيغي (هيون) جي پٺيان ”-اسي“ (يا ان جو مٽ آواز ”-اسين“ يا ”-اسون“) ملائجي ٿو. ”ڪرڻ“ واري فعل ۾ به مفعول گهڻ، نار آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو---- لکيونسي/لکيونسين، پڙهيونسي/ ڏٺوسي/ ڏٺيونسين. ٥- ضمير حاضر، هيڪل، نر، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اِين“ ملائجي ٿي: -سچار هئين (تون سچار هيو.) فعلي صيغي (هيو) جو آخري آواز ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اينءَ“ ملائجي ٿو. ٦- ضمير حاضر، هيڪل، نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اين“ ملائجي ٿي: ----- سچار هئيئن (تون سچار هئي.) فعلي صيغي (هئي) جو آخري آواز ”-اِي“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اينءَ“ ملائجي ٿو. ٧- ضمير حاضر، گهڻ، نر، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَو“ ملائجي ٿي: - سچار هُيَئو (توهين سچار هيا) فعلي صيغي (هيا) جو آخري آواز ”-آ“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-او“ ڳنڍجي ٿو. ٨- ضمير حاضر گهڻ، نار، جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ”-اَيون“ ملائجي ٿي: ---- سچار هيون (توهين سچار هيون). فعلي صيغي (هيون) جو آخري آواز ”-ايون“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اِيون“ آڻڻ جي ڪري، فعلي صيغي جي صورت ساڳي ئي رهي ٿي. ائين به چئي سگهجي ٿو ته ضميري پڇاڙي ”-ايون“ فعلي صيغي جي آخري آواز ”-ايون“ ۾ جذب ٿيل آهي. ٩- ضمير غائب، هيڪل، نر، جي حالت ۾ فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون: ---- سچار هيو (هو سچار هيو.) ١. زمان ماضيءَ ۾ هن صورت لاءِ ڪابه ضميري پڇاڙي مقرر ناهي. هيءَ ڳالهه عقل، منطق ۽ دليل جي ويجهو ناهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي گڻن کان پري آهي. ٢. ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم ايندڙ آواز اهڙو ڪو آهي جو فعل جي هن صيغي ۾ اهڙيءَ طرح ملي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو جو فعلي صيغي جي صورت ۾ ساڳي ئي بيهي ٿي(جيئن ضمير حاضر، گهڻ نار جي سلسلي ۾ ٿيو هو.) مون کي اها ئي ڳالهه درست ڀاسي ٿي پر هن کي ڪو ماهر ئي سمجهائي سگهي ٿو. زمان حال ۾ ”ڪَرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري فعل جي ڦيري ۾ اسان جاچي ورتو آهي ته ”هي/هو/هيءَ/هوءَ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙي ”-اي“ آهي. ڀاسي ائين ٿو ته اها ئي ضميري پڇاڙي هتي ڪم آئي آهي ۽ جزب ٿي، گم ٿي ويئي آهي. ٣. ضميري پڇاڙي ”-اُس“ آهي پر اها ضميري پڇاڙي اچڻ کانپوءِ فعل جي صورت حقيقت ۾ ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ جو مفهوم ظاهر ڪري ٿي- ”آيس“ معنيٰ ”هو هُن وٽ آيو“. ”ويٺس“ معنيٰ ”هو هن وٽ ويٺو“ .البت، ”هَيس“ ٻه معنائون ظاهر ڪري ٿو: پهرين ”هن وٽ هو“، ۽ ٻي ”هو هن وٽ هيو“. (پهرينءَ معنيٰ لاءِ چئبو ته ”هوس“ بگڙجي ”هيس“ ٿيو آهي، ۽ ٻيءَ معنيٰ لاءِ چئبو ته ”هيوس“ بدلجي ”هيسُ“ ٿيو آهي) تنهن ڪري، ضمير غائب هيڪل نر لاءِ درست ڳالهه اها ئي بيهي ٿي، جيڪا ”٢“ هيٺ ڪيل آهي، ۽ ان سان جڏهن وڌيڪ ”-اُس“ ضميري پڇاڙي ملي ٿي ته اها ”هن“ ۽ ”هن وٽ“، ”هن کي“، ”هن جو“، ”هن تي “ وغيره مطلب ظاهر ڪري ٿي. ١٠- ضمير غائب،هيڪل، نار جي حالت ۾-سچار هئي (هيءَ سچار هئي)-فاعل هيءَ/هوءَ/ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ”٩-“ هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ”-اُس“ بدران ”-اَس“ هوندي. ١١- ضمير غائب، گهڻ، نر، جي حالت ۾، فاعل هي/هو/اهي/اُهي جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ”٩-“ هيٺ ڪيل آهن. *سچار هيا (هي/اهي سچار هيا). فعل جو صيغو اهو آهي، جيڪو گهڻ، نر لاءِ ڪم اچي ٿو ۽ ٻيو فرق اهو هوندو ته هيڪل، نر جي سلسلي ۾ ڄاڻايل ضميري پڇاڙي ”-ُاس“ بدران هتي ضميري پڇاڙي ”-اَن“ ڪم ايندي. ١٢- ضمير غائب، گهڻ،نار جي حالت ۾. فاعل هي/هو/اِهي/اُهي جي بدران هتي ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ”١١-“ هيٺ ڪيل آهن. *سچار هيون(اهي سچار هيون) هن ضميري پڇاڙيون رکندڙ ڦيري مان ملندڙ سبقن کي واضح ڪرڻ کان اڳ، سٺو لڳي ٿو ته ”ڪرڻ“ واري فعل جي حوالي سان به ضميري پڇاڙين جو ذڪر ڪري وٺجي. (ڍ) ضميري پڇاڙي-١: متڪلم هيڪل نر يا نار، فاعل ”مون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اُم“ ۽ ”-اَم“ ڪم اچي ٿي. ١- مفعل هيڪل، نر آهي ته *چٺو لکيُم (مون چٺو لکيو). * ڇوڪرو ڏٺم (مون ڇوڪرو ڏٺو). -هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُم“ ملائجي ٿو---- لکيُم، پڙهيُم، ڏٺُم. ٢- مفعول گهڻ، نر، آهي ته * چٺا لکيَم، (مون چٺا لکيا). * ڇوڪرا ڏٺم. (مون ڇوڪرا ڏٺا). -هيڪل نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَم“ ملائجي ٿو --- لکيَم، پڙهيم، ڏٺَم. ائين به چئي سگهجي ٿو ته جمع جي صيغي (لکيا، ڏٺا) جو آخري ”-آ“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَم“ ملائجي ٿو. ٣- مفعول هيڪل يا گهڻ نار آهي ته * چٺي لکيَم، (مون چٺي لکي). * چٺيون لکيم(مون چٺيون لکيون). * ڇوڪري ڏٺم (مون ڇوڪري ڏٺي). * ڇوڪريون ڏٺم (مون ڇوڪريون ڏٺيون). (ڏسو ضمري پڇاڙي ١-”٢“) ضميري پڇاڙي- ٢: ضمير حاضر هيڪل، نر يا نار، ---- فاعل ”تون/تون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اَءِ“ ۽ ”اَءِ“ ڪم اچي ٿي: ١- مفعول هيڪل نر آهي ته * چٺو لکيَئه (تو چٺو لکيو) * ڇوڪرو ڏٺئه (تو ڇوڪرو ڏٺو). - هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُءِ“ ملائجي ٿو- لکيئه، پڙهيُئه، ڏٺُئهِ. ٢- مفعول گهڻ، نر، آهي ته *چٺا لکيئه (تو چٺا لکيا). * ڇوڪرا ڏٺَئهِ (تو ڇوڪرا ڏٺا). -هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري – ”او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَءِ“ ملائجي ٿو- لکيئه، پڙهيَئه، ڏٺئهِ. ائين به چئي سگهجي ٿو ته جمع صيغي (لکيا،ڏٺا) جو آخري ”-آ“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”اَءِ“ ملائجي ٿو. ٣-مفعل هيڪل يا گهڻ، نار، آهي ته * چٺي لکيَئه (تو چٺي لکي). * ڇوڪريون ڏٺئهِ (تو ڇوڪريون ڏٺيون). (ڏسو ضميري پڇاڙي ٢- ”٢-“) ضميري پڇاڙي -٣: ضمير غائب، هيڪل، نر يا نار-فاعل ”هِن/هُن“ جي بدران (ڪا اهڙي ضميري پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جنهنکي کوجي نه سگهيو آهيان يا وري) ”-اُس“ ۽ ”-اَس“ ڪم اچي ٿي (هي نُڪتو ٻولڄاڻڪ ۽ ٻوليڄاڻڪ طئه ڪندا). ضميري پڇاڙي -٤: ضمير متڪلم، گهڻ، نر يا نار --- فاعل ”اسان/ اسين“ جي بدران ”-اَسي“ (يا ان جو مَٽ ”-اَسو“ يا پاڻ ”-اسين“) ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم اچي ٿي: ١- مفعول هيڪل، نار، آهي ته *چٺو لکيوسي (اسان خط لکيو) *ڇوڪرو ڏٺوسي(اسان ڇوڪرو ڏٺو). - هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جي پٺيان ”-اسي“ يا اَسون“ يا ”-اسين“ ملائجي ٿي- لکيوسي /لکيوسون/ لکيوسين. ٢- مفعول هيڪل، نار، آهي ته * چٺي لکيسي (اسان چٺي لکي). * ڇوڪري ڏٺيسي (اسان ڇوڪري ڏٺي). -هيڪل، نار، لاءِ فعلي صيغي (لکي، ڏٺي) جي پٺيان ”-اسي“ يا ”-اَسون“ يا ”-اسِين“ ملائجي ٿي- لکيسي/لکيسون/لکيسين. ٣- مفعول گهڻ، نر، آهي ته * چٺا لکياسي (اسان چٺا لکيا). ڇوڪرا ڏٺاسي (اسان ڇوڪرا ڏٺا). - گهڻ، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيا، ڏٺا) جي پٺيان ”-اسي“ يا ”-اَسون“ يا ”-اسين“ ملائجي ٿي-لکياسي/لکياسون/لکياسين. ٤- مفعول گهڻ، نار، آهي ته * چٺيون لکيونسي (اسان چٺيون لکيون). *ڇوڪريون ڏٺيونسي (اسان ڇوڪريون ڏٺيون). - گهڻ، نار، لاءِ فعلي صيغي (لکيون، ڏٺيون) جي پٺيان ”-اسي“ يا ”-اَسون“ يا ”-اسين“ ملائجي ٿي—لکيونسي/لکيونسين. ضميري پڇاڙي -٥: ضمير حاضر، گهڻ، نر يا نار--- فاعل ”توهان/ توهين“ جي بدران ضميري پڇاڙي –”اُو“ ۽ - ”اَوَ“ ڪم اچي ٿي: ١- مفعول هيڪل، نر، آهي ته * چٺو لکيُوَ (توهان چٺو لکيو) * ڇوڪرو ڏٺوَ (توهان ڇوڪرو ڏٺو) - هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُو“ ڳنڍجي ٿو—لکيوَ، پڙهيُوَ، ڏٺُوَ. ٢- مفعول هيڪل، نار، آهي ته * چٺي لکيَوَ (توهان چٺي لکي) * ڇوڪري ڏٺُوَ (توهان ڇوڪري ڏٺي) - هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُو“ ڳنڍجي ٿو- لکيَوَ، پڙهيَوَ، ڏٺَوَ. ٣- مفعول گهڻ، نر، يا نار آهي ته * چٺا لکيَوَ (توهان چٺا لکيا) * ڇوڪريون ڏٺوَ (توهان ڇوڪريون ڏٺيون) (ڏسو ضميري پڇاڙي -٥”٢“)- ضميري پڇاڙي- ٦: ضمير غائب، گهڻ، نر يا نار-فاعل ”هِنن/هُنن“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اُن“ ۽ ”-اَن“ اچي ٿي: ١- مفعول هيڪل، نر، آهي ته * چٺو لکينِ (هنن چٺو لکيو). *ڇوڪرو ڏٺُنِ (هنن ڇوڪرو ڏٺو). - هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اُن“ ڳنڍجي ٿو--- لکينُ، پڙهيُنِ، ڏٺُنِ. ٢- مفعول هيڪل، نار، آهي ته * چٺي لکيَنِ (هنن چٺي لکي). *ڇوڪري ڏٺن (هنن ڇوڪري ڏٺي). - هيڪل، نر، لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-اَن“ ڳنڍجي ٿو--- لکيَنِ، پڙهيَنِ. ٣- مفعول گهڻ، نر، آهي يا نار ته *چٺيون لکين (هنن چٺيون لکيون). *ڇوڪرا ڏَٺنِ (هنن ڇوڪرا ڏٺا). (ڏسو ضميري پڇاڙي -٦”٢“)- زمان ماضيءَ جو ذڪر ڪندي لڳ ڀڳ ابتدا ۾ ئي بيان ڪيو هوم ته هي زمان، فعلي ڦيري ۽ ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان، هڪ ڊگهو بحث گهري ٿو. اها ڳالهه ورجائڻ جي گهرج ان ڪري پيئي جو هيٺ ٻه-چار اهڙا مثال ڏجن ٿا، جيئن ان ڳالهه کي ڪجهه بهتر نموني ذهن ۾ آڻي سگهجي. اسان –ڏٺو ته ١- لکيُئهِ، ڏٺئهِ ۽ پڙهيُئهِ معنيٰ واريسر، ”تو لکيو“،”تو ڏٺو“، ”تو پڙهيو“. پر : *چِڙيئهِ (هو) ”تو تي چڙيو“، * کِليئه (هو)”تو تي کِليو“، *ڀُليئه(هو) ”تو تي ڀُليو“، وغيره، معنيٰ بدلائي ڇڏين ٿا. -اها ساڳي صورتحال چِڙيئه، کِليئه، ڀُليَئهِ، وغيره، ۽ فاعل جي گهڻ، صورتن، چڙيُو، کِليو، ڀُليو وغيره ۽ چڙيوَ، کليَوَ، ڀُليَوَ وغيره سان به آهي. ٢- ساڳيءَ طرح * هيُن (هنن وٽ هو ) ۽ هيُن (هنن وٽ هئي)، * ٿين (هنن کي ٿيو) ٿيَن (هنن کي/سان ٿي)، * لٿُن (هنن تان لٿو) ۽ لٿن (هنن تان لٿي) جي سلسلي ۾ به ڪجهه نيون ڳالهيون سامُهِن اچن ٿيون. زمان ماضي جي سلسلي ۾ ٻي ڳالهه به ڌيان لهڻي ٿي ته فعل جو سڌو واسطو مفعول سان آهي. پر ڪجهه ضميري پڇاڙيون اهڙيون آهن، جيڪي جڏهن فعلي صيغي سان ڳنڍجن ٿيون، تڏهن فعل جو سڌو واسطو مفعول کان ٽٽي فاعل سان ٿيو وڃي - ۽ اها حالت رڳو ضمير غائب جي سلسلي ۾ ملي ٿي، ضمير متڪلم ۽ ضمير حاضر جي سلسلي ۾ نه. جڏهن ته زمان حال ۽ زمان ماضيءَ ۾، رڳو ضمير غائب جي سلسلي ۾ ئي سهي، فعل جي اهڙي ڪابه صورت نٿي ملي، جنهن جو سڌو واسطو فاعل بدران مفعول سان هجي. (الائجي ڇو؟) (ذ) ١- ضمير غائب، هيڪل (نر يا نار) آهي ته (١- مفعول هيڪل، نر) * چٺو لکيائين(هن چٺو لکيو) (٢- مفعول گهڻ، نر) * چٺا لکيائين (هن چٺا لکيا) (٣- مفعول هيڪل، نار) * چٺي لکيائين) هن چٺي لکي) (٤-مفعول گهڻ، نار) *چٺيون لکيائين (هن چٺيون لکيون) -هتي ضمير غائب (نر يا نار) جي بدران ڪم آيل ضميري پڇاڙي ”آئين“ آهي، جيڪا مٿي ڏنل –پهرئين جملي ۾ فعل ”لکيو“ جو آخري –”او“ ڪيرائي، ڳنڍي وئي آهي، - ٻئي جملي ۾ فعل ”لکيا“ جو آخري ”-آ“ ڪيرائي، ڳنڍي وئي آهي، - ٽئين جملي ۾ فعل ”لکي“ سان ڳنڍي وئي آهي، ۽ -چوٿين جملي ۾ فعل ”لکيون“ جو آخري ”-اُون“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي. ٢- ضمير غائب، گهڻ (نر يا نار) آهي ته (١- مفعول هيڪل، نر) *چٺو لکيائون (هنن چٺو لکيو) (٢-مفعول گهڻ، نر) * چٺا لکيائون (هنن چٺا لکيا) (٣-مفعول هيڪل، نار) * چٺي لکيائون (هنن چٺي لکي) (٤-مفعول گهڻ، نار) *چٺيون لکيائون (هنن چٺيون لکيون). -هتي ضمير غائب (نر يا نار) جي بدران ڪم آيل ضميري پڇاڙي ”-اَئون“ آهي، جيڪا مٿي ڏنل -پهرين جملي ۾ فعل ”لکيو“ جو آخر ”-او“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي. - ٻئي جملي ۾ فعل ”لکيا“ جو آخري ”-آ“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي. - ٽئين جملي ۾ فعل ”لکي“ سان ڳنڍي وئي آهي، ۽ - چوٿين جملي ۾ فعل ”لکيون“ جو آخري ”-اُون“ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي. ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، مٿي ڪيل ڳالهه ٻول چٽا سبق ڏئي ٿي ته: ١- زمان ماضيءَ ۾ فعلن جا صيغا هڪجهڙا هجڻ جي باوجود مختلف معنيٰ، مفهوم ۽ وياڪرڻي بيهڪ رکن ٿا. ٢- زمان ماضيءَ ۾ فعل جو سڌو واسطو مفعول سان ڳنڍيل رهي ٿو. ٣- ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، زمان ماضيءَ ۾ هڪ اهڙي فعلي بناوت ملي ٿي، جيڪا رڳو ضمير غائب جي نشاندهي ڪندي فاعل سان لاڳاپيل آهي، مفعول سان نه. ٤-هي جو اسان ڏهاڙي ڳالهه ٻول ۾ ”مان لکيس“-، ”مان پڙهيس“، ”مان آيس“، ”مان ويس“، ”مان ويٺس“، مان بيٺس“ جهڙا جملا ڳالهائيندا رهون ٿا، اهي سراسر غلط آهن. بالفرض، جي مٿي ڏنل فعلن پٺيان ضميري پڇاڙي – ”اس“ جو مطلب ۽ مفهوم ”مان/آءٌ“ هجي به، ته به ”مان آيُس“ جي معنيٰ ٿيندي ”مان مان آيو“ جنهن کي ڪنهن به طرح صحيح جملو سڏي نٿو سگهجي، جڏهن ته، حقيقت ۾، ”مان آيس“ جو صحيح مفهوم ”مان هو هن وٽ آيو“ آهي، ۽ اهو ڪو جملو ئي ناهي. ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ وارا فعل اسان جي هن ڳالهه جي تصديق ڪندا. ٥- ”اسين آياسي“ جي حقيقي معنيٰ ”اسين اسين آيا“ آهي. صحيح جملو ”آياسي“ يا ”اسين آيا“ آهي. ٦- ”تون آئين“ جي حقيقي معنيٰ ”تون تون آيو“ آهي. صحيح جملو ”آئين“ يا ”تون آيو“ آهي. ٧- تون آئيئن (هي جملو لکڻ ۾ گهٽ ۽ ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ اچي ٿو) جي حقيقي معنيٰ ”تون تون آئي“ آهي. صحيح جملو ”آئيئن“ يا ”تون آئي“ آهي. ٨- ”توهان آيوَ“ جي حقيقي معنيٰ ”توهان توهان آيا“ آهي. صحيح جملو ”آيوَ“ يا ”توهان آيا“ آهي. ٩- هن لکيو ۽ اهڙن ٻين ضميرن ۽ ضميري پڇاڙين بابت اميد ته ڪونه ڪو، خاص طرح سنڌيءَجو ماهر، اسان جي رهنمائي ڪرڻ پسند ڪندو. هيٺ ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظ اسان جي ان ڳالهه کي اڃا وڌيڪ پختگيءَ سان ظاهر ڪن ٿا: (ر) هيڪل/نر هيڪل/نار *لکيو مانءِ=لک+ يو+مان+ءِ = مون تو ڏانهن لکيو= لکيو مانءِ * لکيومانوَ= لک+يو+مان+و = مون توهان ڏانهن لکيو=لکيومانوَ * لکيومانسِ= لک+يو+مان+اس =مون هن ڏانهن لکيو=لکيومانس * لکيومانِ= لک+يو+مان+ ان(لکيوماننِ)= مون هنن ڏانهن لکيو=لکيومانِ * لکيُئه= لک+يو+اُ+ءِ (لک + يو + او +اُءِ+)= تو مون ڏانهن لکيو= لکيُئه * ؟ = (تو اسان ڏانهن لکيو)= ؟ * لکيُس= لک+يو+اُ+اس(لک +يو+او+اُءِ+ اس)= تو هن ڏانهن لکيو= لکيُس * لکينِ= لک+يو+اُ+ان(لک+يو+او+ اُء+ ان) = هن هنن ڏانهن لکيو لکيُن * لکيوم= لک+يو+ او+ام = هن مون ڏانهن لکيو=لکيوم * ؟ = هن اسان ڏانهن لکيو= ؟ * لکيوس= لک+ يو+ او+ اس = هن هن ڏانهن لکيو= لکيوس *لکيونِ=+لک+ يو+ او+ ان = هن هنن ڏانهن لکيو = لکيونِ گهڻ/نر گهڻ/نار * لکيوسونئه=لک+يو+اسون+اءِ = اسان تو ڏانهن لکيو= لکيوسونئهِ * لکيوسيوَ= لک+ يو+ اسي+ او =اسان توهان ڏانهن لکيو=لکيوسيوَ * لکيوسونس= لک+ يو+ اسون+ اس = اسان هن ڏانهن لکيو= لکيو سونس * لکيوسُونِ= لک+ يو+ اسون+ اس (لکيوسوننِ= اسان هنن ڏانهن لکيو= لکيوسونِ * لکيَومِ= لک+ يو+ اوَ+ ام =توهان مون ڏانهن لکيو= لکيوم * ؟ = = توهان اسان ڏانهن لکيو= ؟ * لکيُوَس= لک+ يو+ اوَ+ اس = توهان هن ڏانهن لکيو =لکيُوَس * لکيُوَنَ= لک+ يو+ اوَ+ ان = توهان هنن ڏانهن لکيو = لکيُوَنِ *لکيوم(؟)= = هنن مون ڏانهن لکيو = لکيوم * ؟ = = هنن اسان ڏانهن لکيو = ؟ * لکيوسِ = = هنن هن ڏانهن لکيو = لکيوس * لکيونِ = = هنن هنن ڏانهن لکيو = لکيونِ مٿي ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙين واري ڦيري ۾ ضمير غائب (هيڪل توڙي گهڻ ۽ نر توڙي نار) جي سلسلي ۾ ڪجهه ڏکيائون اڏو اچن ٿيون. شايد اهو ئي سبب آهي جو زمان ماضيءَ ۾ ۽ ضمير غائب جي حوالي سان اسان کي اهو ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلي ڦيرو ملي ٿو، جنهن جو ذڪر (ذ) سري هيٺ ڪيو ويو هو. اهو ڦيرو، ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ جي صورت رکندي، هن طرح ملي ٿو؛ (ڙ) * لکيائينمِ= لک+ يو ائين+ ام = هن مون ڏانهن لکيو.= لکيائينم * ؟ = (هن اسان ڏانهن لکيو) = ؟ * ؟ لکيائينءِ) = هن تو ڏانهن لکيو = ؟ (لکيائينءِ) * لکيائينوَ (؟ ) = هن توهان ڏانهن لکيو= لکيائينوَ * لکيائينسِ = هن هن ڏانهن لکيو= لکيائينسِ * لکيائينِ (لکيائيننِ) = هن هنن ڏانهن لکيو= لکيائينِ * لکيائونمِ= = هنن مون ڏانهن لکيو= لکيائونم * ؟ = (هنن اسان ڏانهن لکيو) = ؟ * لکيائونئه = = هنن تو ڏانهن لکيو= لکيائونئه * لکيائونوَ= = هنن توهان ڏانهن لکيو= لکيائونوَ * لکيائونسِ = = هنن هن ڏانهن لکيو= لکيائونس * لکيائونِ (لکيائوننِ) = = هنن هنن ڏانهن لکيو= کيائونِ ٻٽي ضميري پڇاڙي مٿي ڏنل (ڏسو ر ۽ ز) لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون: ١- لڳ ڀڳ سڀني فعلن کي سنڌيءَ جي اصولن موجب وري جاچڻ جي گهرج آهي. ٢- ڪيترائي لفظ ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ ٿا وڃن. ٣- چٽو ٿي اچي ٿو ته ”-ام“ ضميري پڇاڙي ”مان/ آءُ“ جي بدران، ”سي-اسي/اسين/-اسون“ ضميري پڇاڙي ”اسين/اسان“جي بدران، ”-اس“ ضميري پڇاڙي ”هِن/هُن“ جي بدران ۽ ”-ان“ ضميري پڇاڙي ”اِنهن/اُنهن/ هِنن/ هُنن“ جي بدران ڪم اچي ٿي. هن مهل تائين اسان ٻن زمانن جي هڪ هڪ روپ ۾ ”ڪرڻ“ ۽ ”هئڻ“ واري فعل جي حوالي سان مختصر جائزو ورتو آهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون بحث طلب آهن، پر هتي ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان ئي ڳالهه ٻول جاري رکبي. زمان مستقبل ١. فعل لازميءَ جو ڦيرو اسان کي هن طرح پڙهيو وڃي ٿو: (ز) هيڪل/نر هيڪل/نار ١- ضمير متڪلم * مان/آءٌ لکندس *مان/آءٌ لکنديس ٢- ضمير حاضر * تون لکندين * تون لکندينءَ ٣- ضمير غائب *هي/هو/اِهو/اُهو/لکندو *هيءَ/هوءَ/اِها/اُها لکندي. گهڻ/نر گهڻ/نار ٤-ضمير متڪلم *اسان/اسين/لکنداسي/لکنداسون/لکنداسين*اسان/اسين/لکنديوسين/...... ٥- ضمير حاضر *توهان/توهين لکندوءُ * توهان/توهين لکنديونُ. ٦- ضمير غائب *هي/هو/اهي/اُهي لکندا *هي/هو/اهي/اُهي لکنديون. ٢. مٿي ڏنل فعلي ڦيري ۾ ”لکندس“، ”لکنديس“ ”لکندين“، لکندينءَ“، ”لکنداسي“، ”لکنديونسي“ ۽ ”لکندوء“ فعلي صورتون پاڻ سان ضميري پڇاڙي ڳنڍيل رکن ٿيون. انهن ضميري پڇاڙين موجب، سندن بيهڪ ڏاڍي گهٽ- وڌ ٿي پئي آهي ۽ اسان کي انتهائي غلط مفهوم دماغ ۾ ويهاريو پيو وڃي. ان جي ڇنڊڇاڻ اسين ڪجهه دير پوءِ ڪنداسين. پر ڀاڳ ڀلا آهن ”هي لکندو“، ”هيءَ لکندي“، ”هي لکندا“ ۽ ”هي لکنديون“ جا، جو اهي باقاعدي اصولي شڪل وارو فعل رکن ٿا.حقيقت اها آهي ته ضمير غائب جي هر صورت سان، واريسر، جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي، ان جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو. جيستائين تعلق آهي ”توهين لکنديون“ جو ، اها ڀل چڪ ۾ به ان ئي شڪل ۾ رهڻي آهي ڇو ته اها ئي ان جي فعلي صورت آهي ۽ اها ئي ضميري پڇاڙيءَ واري صورت. ٣. قاعدي موجب زمان مستقبل ۾ فعل جي صورت هن طرح آهي/هئڻ گهرجي: س *حقيقت اها آهي ته ضميرغائب جي هر صورت سان، واريسر، جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي، ان جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو. ١- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب لکندو، پڙهندو، گهمندو، سمهندو....... هيڪل/نر ڏسندو، ويهندو، بيهندو....... ٢- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب لکندي، پڙهندي، گهمندي، سمهندي....... هيڪل/نار ڏسندي، ويهندي، بيهندي....... ٣- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب لکندا، پڙهندا، گهمندا، سمهندا..... گهڻ/نر ڏسندا، ويهندا، بيهندا............ ٤- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب لکنديون، پڙهنديون، گهمنديون، سمهنديون............ گهڻ/نار ڏسنديون،ويهنديون، بيهنديون........... ٤. ”مستقبل“ لاءِ سنڌيءَ ۾ لفظ ”آئندو“ آهي، جنهن کي ”آئيندو“ به چوندا ۽ لکندا آهيون. آئندو/آئيندو شايد ”آءِ (آهه) +اِند/اِندو/ايندو“ جو ميلاپ آهي. ”آهه“ ”هجڻ“ موجود هجڻ ۽ (زمان) حال جي نشاندهي ڪري ٿي، ۽ ”-اِند“ يا ”اِندو“ ”ايندڙ“ جي ڄاڻ ڏئي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت جو اکري نشان ”-اِند“ يا ”-اِندو“ آهي، جيڪو فعل جي امر سان ملي، فعل جي آئندي (مستقبل) واري شڪل ٺاهي ٿو: ان جي پرک هيٺينءَ طرح ڪري سگهجي ٿي: (ڏسو ٥) ٥. فعلي صيغي جي بناوت، روپ، بيهڪ جو واسطو فاعل سان ڳنڍيل رهي ٿو، مفعول سان نه ۽ فعل هڪ مقرر صورت ۾ تبديل ٿئي (ڦيرو کائي) ٿو: (مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو وجهي) ١- فاعل هيڪل ۽ نر آهي ته ضمير متڪلم * مان خطُ/چٺي لکندو *مان خطَ / چٺيون لکندو. ضمير حاضر * تون خطُ / چٺي لکندو * تون خطَ / چٺيون لکندو. ضمير غائب * هي/هو خطُ / چٺي لکندو * هي/ هو خطَ / چٺيون لکندو. + فاعل هيڪل نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اندو“ ڳنڍجي ٿو- لکندو، پڙهندو، ڏسندو. ٢- فاعل گهڻ ۽ نر آهي ته ضمير متڪلم * اسان خطُ / چٺي لکندا * اسان خطَ / چٺيون لکندا. ضمير حاضر * توهان خطُ / چٺي لکندا *توهان خطَ / چٺيون لکندا. ضمير غائب * هي/ هو خطُ / چٺي لکندا *هي/ هو خطَ / چٺيون لکندا. + فاعل گهڻ، نر، آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اندا“ ڳنڍجي ٿو- لکندا، پڙهندا، ڏسندا. ٣- فاعل هيڪل ۽ نار آهي ته ضمير متڪلم * مان خطُ / چٺي لکندي * مان خطَ / چٺيون لکندي. ضمير حاضر * تون خطُ / چٺي لکندي *تون خطَ / چٺيون لکندي. ضمير غائب * هيءَ/هوءَ خطُ / چٺي لکندي* هيءَ/ هوءَ خط / چٺيون لکندي. + فاعل هيڪل، نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ”-اندي“ ڳنڍجي ٿو- لکندي، پڙهندي، ڏسندي. ٤- فاعل گهڻ ۽ نار آهي ته ضمير متڪلم *اسان خطُ / چٺي لکنديون *اسان خطَ / چٺيون لکنديون. ضمير حاضر * توهان خطُ / چٺي لکنديون* توهان خطَ / چٺيون لکنديون ضمير غائب * هي/ هو خطُ / چٺيون لکنديون* هي/ هو خطَ / چٺيون لکنديون. + فاعل گهڻ، نار، آهي ته فعل (لکڻ) جي امر(لک) سان ”-انديون“ ڳنڍجي ٿو. – لکنديون، پڙهنديون، ڏسنديون. ڇا، مٿي ڏنل سڄي ڳالهه ٻول ۽ ان ڪري فعلي بناوت، تبديليءَ ۽ ڦيري ۾ هڪ باقاعدگي ۽ اصولي شڪل نظر نٿي اچي. پوءِ مروج فعلي ڦيري (زمان مستقبل) ۾ ”لکندس“، ”لکنديَس“، وغيره، ڪٿان آڻي ٽُنبيو ۽ ٻوليءَ ۽ وياڪرڻي قاعدي کي بگاڙيو ويو آهي؟ هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ”هئڻ، يا ”هجڻ“ جو فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ”مستقبل“ ئي آهي. ١. هن فعل جو ڦيرو اسان کي هن نموني پڙهايو/ سيکاريو وڃي ٿو: (ش) هيڪل /نر هيڪل/نار ضمير متڪلم ١- * مان (سچار) هوندُس. ٢-*مان(سچار) هوندَس( هونديَس) ضمير حاضر ٣- * تون (سچار) هوندين ٤- * تون (سچار) هونديءَ. ضمير غائب ٥- * هي/هو (سچار) هوندو ٦- * هيءَ/ هوءَ (سچار) هوندي. گهڻ/نر گهڻ/نار ضمير متڪلم ٧- * اسان (سچار) هونداسي. ٨- * اسان (سچار) هونديونسي. ضمير حاضر ٩- * توهان (سچار) هوندوء ١٠- * توهان (سچار) هونديون. ضمير غائب ١١- * هي/هو (سچار) هوندا ١٢- * هي/ هو (سچار هونديون. مٿي ڏنل ڦيري ۾ ضمير غائب، نر توڙي نار ۽ هيڪل توڙي جمع (٥، ٦، ١١ ۽ ١٢) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. اهي ۽ ضمير حاضر، گهڻ، نار (10) سان گڏ ڏنل فعل جي صورت ان ڪري حقيقي ۽ صحيح آهي جو ان ۾ ضميري پڇاڙي ملڻ کانپوءِ به سندن صورت اها ئي بيهندي. باقي سمورن ضميرن سان فعل جي جيڪا صورت ڳنڍي وئي آهي. ان سان ڪانه ڪا ضميري پڇاڙي به ڳنڍيل آهن، ۽ ان ڪري فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي پيو آهي. ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار، سان ضميري پڇاڙي ”-اُس“ ۽ ”-اَس“ (ايسَ) ڳنڍيل آهن، جن بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو ٿو وڃي ته ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ ”-اَس“ ۽ نار جي حالت ۾ ”-اَس“ (-اِيَس) ڪم اينديون آهن، ۽ ان جي لاءِ ڪوبه علمي سبب يا دليل موجود ناهي. باقي ضمير حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن، اهي پاڻ جنهن فاعل جي نشاندهي ڪن ٿيون، اهو ضمير حاضر آهي. زمان مستقبل ۾ ”هئڻ“ جي فعل جون حقيقي صورتون هي آهن: ١- فاعل هيڪل ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) * هوندو. ٢- فاعل هيڪل ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) * هوندي. ٣- فاعل گهڻ ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) * هوندا. ٤- فاعل گهڻ ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) * هونديون. ان ڪري، زمان مستقبل ۾ ”هئڻ، جي فعل جو ڦيرو هينئن هئڻ گهرجي: *مان هوندو *مان هوندي *اسان هوندا *اسان هونديون. *تون هوندو * تون هوندي * توهان هوندا * توهان هونديون. * هي هوندو * هيءَ هوندي * اهي هوندا *اهي هونديون. ”ضميري پڇاڙي“ ڳنڍجڻ کانپوءِ اهو ڦيرو هينئن ٿيندو: *هوندُم *هوندَم * هونداسي *هونديونسي * هوندين *هوندينءَ * هوندوء *هونديون (؟)* * هوندو * (؟) * هوندي (؟) * هوندا ؟ * هونديون (؟) ۽ ”ڪَرڻ“ واري فعل جو ڦيرو هن طرح هجڻ گهرجي: *مان لکندو *مان لکندي * اسان لکندا *اسان لکنديون * تون لکندو * تون لکندي * توهان لکندا * توهان لکنديون * هي لکندو * هيءَ لکندي * اهي لکندا * اهي لکنديون ضميري پڇاڙيءَ سان گڏ هي ڦيرو هن طرح هجڻ گهرجي: * لکندُم (مان لکندو). * لکندمَ (مان لکندي). * لکنداسي (اسان لکندا) * لکنديونسي (اسان لکنديون). * لکندين(تون لکندو) * لکندينءَ (تون لکندي). * لکندؤ( توهان لکندا) * لکنديون ( توهان لکنديون) (؟) *لکندو (هو لکندو)(؟) * لکنديون(اهي لکنديون(؟) * لکندا ( اهي لکندا) (* نوٽ: جن لفظن جي پويان ننڍي ڏنگيءَ ۾ سوال جي نشاني ڏنل آهي، اهي ڌيان لهڻن ٿيون.منهنجو خيال اهو آهي ته انهن لفظن ۾ ضميري پڇاڙي اهڙيءَ طرح شامل ٿي سمائجي ويئي آهي، جو فعلي صيغو ساڳي ئي صورت وٺي بيٺو آهي.) هاڻي اچو ته زمان مستقبل مطلق کي ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان پڙهون: (هيٺ ڏنل ڦيري ۾ اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، ان سان فعلي صيغي تي ڪو به اثر نٿو پوي. فعلي صيغو فاعل سان لاڳاپيل آهي) : (ض) ضميري پڇاڙي: ١- ضمير متڪلم، هيڪل، نر- فاعل ”مان/آنءُ“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اُم“ ڪم اچي ٿي: * چٺو/ چٺيون لکندَم (مان چٺو / چٺا لکندو) * چٺي/چٺيون لکندَم (مان چٺي/ چٺيون لکندو) - فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نر واري صيغي (لکندو، پڙهندڙ) جو آخري ”-او“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-ام“ رکجي ٿو. لکندم، پڙهندم، ڏسندم. ضميري پڇاڙي: ٢- ضمير متڪلم، هيڪل، نار –فاعل ”مان/آءٌ“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”–اَم“ ڪم اچي ٿي:* چٺو/چٺا لکندم(مان چٺو/ چٺا لکندي). * چٺي/ چٺيون لکندم(مان چٺي / چٺيون لکندي). - فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نار واري صيغي (لکندي، پڙهندي) جو آخري ”-اِي“ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”-ام“ رکجي ٿو- لکندم، پڙهندم، ڏسندم. ضميري پڇاڙي: ٣- ضمير متڪلم، گهڻ، نر – فاعل ”اسان/اسين“ جي بدران ضميري پڇاڙيءَ طور ”-اسي/اسون-/- اسين“ ئي ڪم اچي ٿي(هتي رڳو هڪ نشاني ڪم آڻجي ٿي) : * چٺو/ چٺا لکنداسي(اسين چٺو/چٺا لکندا). * چٺي/ چٺيون لکنداسي(اسين چٺي/چٺيون لکندا). -فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نر واري صيغي (لکندا، پڙهندا) سان ”-اسي“ ملائي رکجي ٿو- لکنداسي/ لکندسين/ لکنداسون، پڙهنداسي/ پڙهنداسين/ پڙهنداسون. ضميري پڇاڙي: ٤- ضمير متڪلم، گهڻ، نار –فاعل ”اسان/اسين“ جي بدران ضميري پڇاڙيءَ طور –اسي/-اسون-/اسين ئي ڪم اچي ٿي: * چٺو/ چٺا لکنديونسي (اسان چٺو /چٺا لکنديون). * چٺو / چٺيون لکنديونسي (اسان چٺي/ چٺيون لکنديون). -فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نار واري صيغي (لکنديون، پڙهنديون) سا ”-اسي“ ملائي رکجي ٿو- لکنديونسي / لکنديونسين، پڙهنديونسي/پڙهنديونسين. ضميري پڇاڙي :٥- ضمير حاضر، هيڪل، نر- فاعل ”تون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اين“ ڪم اچي ٿي:* چٺو/چٺا لکندين( تون چٺو / چٺا لکندو).* چٺي/ چٺيون لکندين (تون چٺي/ چٺيون لکندو). - فعل جي مستقبل، هيڪل ۽ نر واري صيغي (لکندو، پڙهندو) جو آخري ”-او“ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ”-اين“ رکجي ٿو- لکندين، پڙهندين، ڏسندين. ضميري پڇاڙي: ٦- ضمير حاضر، هيڪل، نار – فاعل ”تون“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اينءَ“ ڪم اچي ٿي:* چٺو/چٺا لکندينءَ (تون چٺي/ چٺا لکندي).* چٺي/چٺيون لکنداينءَ (تون چٺي / چٺيون لکندي). - فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نار واري صيغي (لکندي، پڙهندي) جو ”-اِي“ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ”-اينءَ“ رکجي ٿو- لکندينءَ، پڙهندينءَ، ڏسندينءَ. ضميري پڇاڙي: ٧- ضمير حاضر گهڻ، نر- فاعل ”توهان/توهين“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اَو“ ڪم اچي ٿي: * چٺو/ چٺا لکندوء ( توهان چٺو / چٺا لکندا). * چٺي/ چٺيون لکندوء ( توهان چٺي/ چٺيون لکندا). - فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نر واري صيغي (لکندا، پڙهندا) سان ”-اَو“ ملائجي ٿو- لکندوء، پڙهندوء، ڏسندوء. ضميري پڇاڙي: ٨- ضمير حاضر، گهڻ، نار-فاعل ”توهان/توهين“ جي بدران ضميري پڇاڙي ”-اِيون“ ڪم اچي ٿي: * چٺو/ چٺا لکنديون( توهان چٺو/ چٺا لکنديون).* چٺي/ چٺيون لکنديون( توهان چٺي/ چٺيون لکنديون). - فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نار واري صيغي (لکنديون، پڙهنديون) سان ”-اِيون“ ملائجي ٿو يا ائين چئجي ته ”اِيون“ ڪيرائي ”اِيون“ ملائجي ٿو- لکنديون، پڙهنديون، ڏسنديون. ضميري پڇاڙي: ٩- ضمير غائب، هيڪل، نر –فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون: ١- زمان مستقبل ۾ هن صورت لاءِ ڪابه ضميري پڇاڙي مقرر ناهي. هيءَ ڳالهه عقل، منطق ۽ دليل جي ويجهو ناهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گڻن کان پري آهي. ٢- ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم ايندڙ آواز اهڙو ڪو آهي جو فعل جي هن صيغي ۾ اهڙيءَ طرح ملي جذب ٿي وڃي ٿو جو فعلي صيغي جي صورت ساڳي ئي بيهي (جيئن ضمير حاضر، گهڻ، نار، جي سلسلي ۾ ٿيو هو) مون کي اهائي ڳالهه درست ڀاسي ٿي، پر ان کي ڪو سنڌيءَ جو ماهر ئي سمجهائي سگهي ٿو. زمان حال جي ”هئڻ“ ۽ ”ڪرڻ“ واري فعل جي ڦيري ۾ اسان ڄاتو هو ته ”هي/هو/هيءَ/هوءَ“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙي ”-اي“ آهي. ڀاسي ائين ٿو ته اها ئي ضميري پڇاڙي هتي ڪم آئي آهي ۽ جذب ٿي گم ٿي ويئي آهي. (يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته زمان حال ۾ ضمير غائب گهڻ لاءِ ڪم آيل ضميري پڇاڙي ”-او“ ڪنهن سبب يا غلطيءَ جي ڪري هتي ڪم آندي وئي هئي ۽ هتي اها ئي ملي، سولائيءَ سان جذب ٿي سگهي ٿي). ٣- ضمري پڇاڙي ”-اُس“ آهي – لکندُس، پڙهندس- پر اها صورت حقيقت ۾ ٻٽيءَ ضميري پڇاڙيءَ جو مفهوم ظاهر ڪري ٿي: ”لکندس“ معنيٰ ”هُو هن کي لکندو“، ”پڙهندس“ معنيٰ ”هو هن کي پڙهندو“، ”ڏسندس“ معنيٰ ”هو هن کي ڏسندو“، ”ويهندس“ معنيٰ ”هو هن وٽ ويهندو“. تنهن ڪري، ضمير غائب، هيڪل، نر، لاءِ اها ئي ڳالهه درست بيهي ٿي، جيڪا ٢- هيٺ ڪيل آهي، ۽ ان سان جڏهن وڌيڪ ”اُس“ ضميري پڇاڙي ملي ٿي ته ”هن“ ۽ ”هن وٽ“ ”هن کي“ ”هن تي“ مطلب ظاهر ڪري ٿي. ضميري پڇاڙي: ١٠- ضمير غائب، هيڪل، نار – فاعل ”هيءَ/هوءَ“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ضميري پڇاڙي ٩- هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ”-اَس“ هجي. ضميري پڇاڙي: ١١- ضمير غائب، گهڻ، نر- فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ضميري پڇاڙي -٩ ۽ ضميري پڇاڙي -١٠ هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ”-ان“ هجي. ضميري پڇاڙي: ١٢- ضمير غائب، گهڻ، نار- فاعل ”هي/هو“ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به ساڳيون ضميري پڇاڙي -١١ واريون ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، مٿي ڪيل ڳالهه ٻول چٽا سبق ڏئي ٿي ته ١- ”مان لکندُس“ جي حقيقي معنيٰ ”مان هي هن ڏانهن لکندو“ آهي. صحيح جملو ”لکندُم“ يا ”مان/آءُ لکندو“ ٿيندو. ٢- ”مان/آءٌ لکندَس“ جي حقيقي معنيٰ ”مان هي هن ڏانهن لکندي“ آهي. صحيح جملو ”لکندَم“ يا ”مان لکندي“ ٿيندو. ٣- ”مان لکنديَس“ جي حقيقي معنيٰ به اها ساڳي ئي ٢- نمبر واري آهي ۽ صحيح صورت به اها. ٤- ”اسان/اسين/لکنداسي/لکنداسون/لکنداسين“ جي حقيقي معنيٰ ”اسان اسان لکندا“ آهي. صحيح جملو ”لکنداسي/ لکنداسون/ لکنداسين“ يا ”اسان لکندا“ (اسين لکندا) ٿيندي. ٥- ”اسان لکنديوسين“ جي حقيقي معنيٰ ”اسان اسان لکنديون“ آهي. صحيح جملو ”لکنديُوسين/ لکنديونسين/ لکنديونسي“ يا ”اسان لکنديون“ ٿيندو. ٦- ”تون لکندين“ جي حقيقي معنيٰ ”تون تون لکندو“ آهي. صحيح جملو ”لکندين“ يا ”تون لکندو“ ٿيندو. ٧- ”تون لکندينءَ“ جي حقيقي معنيٰ ”تون تون لکندي“ آهي. صحيح جملو ”لکندينءَ“ يا ”تون لکندي“ ٿيندو. ٨- ”توهان لکندوء“ جي حقيقي معنيٰ ”توهان توهان لکندا“ آهي. صحيح جملو ”لکندوء“ يا ”توهان لکندا“ ٿيندو. باقي ضميرن ۽ ضميري پڇاڙين جي سلسلي ۾ اميد آهي ته ڪو نه ڪو، خاص طرح سنڌي جو ماهر، اسان جي رهنمائي ڪرڻ پسند ڪندو. هيٺ ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظ اسان جي ان ڳالهه کي اڃا وڌيڪ پختگيءَ سان ظاهر ڪن ٿا. زمان مستقبل ۾ ”ڪَرڻ“ واري فعل جي حوالي سان ٻه ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون، ۽ عام جام اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو: ط هيڪل/نر هيڪل/نار * لکندو مانءِ= لک+ اندو+ مان+ ءِ = مان تو ڏانهن لکندو.= لکنديمانءِ. * لکندو مانوَ = لک+ اندو+ مان+ وَ =مان توهان ڏانهن لکندو.= لکنديمانوَ. * لکندو مانس= لک+ اندو+ مان+ اس = مان هن ڏانهن لکندو= لکنديمانس. * لکندو مانِ = لک+ اندو+ مان+ ان = مان هنن ڏانهن لکندو.= لکنديمانِ. * لکندينم= لک+ ان+ اين+ ام = تون مون ڏانهن لکندو.= لکنديئَم. * ؟ = (تون اسان ڏانهن لکندو). = ؟ * لکندينس= لک+ اند+ اين+ اس = تون هن ڏانهن لکندو.= لکنديئس. * لکندينِن= لک+ ان+ اين+ ان = تون هنن ڏانهن لکندو.= لکندينئن. لکندومِ= لک+ اند+ او+ ام = هو مون ڏانهن لکندو. = لکنديئم. * ؟ = (هو اسان ڏانهن لکندو). = ؟ لکندُءِ= لک+ اد+ او+ ءِ = هو تو ڏانهن لکندو.= لکندَءِ. * لکندُوَ= لک+ اندو+ او+ وَ = هو توهان ڏانهن لکندو.= لکندَسِ. * لکندُن= لک+ اند+ اُو+ ان = هو هنن ڏانهن لکندو.= لکندَنِ. گهڻ/نر گهڻ/نار * لکنداسونءِ= لک+ اندا+ اسون+ءِ = اسين تو ڏانهن لکندا.= لکنديُوسونءِ. * لکنداسونوَ= لک+ اندا+ اسون+ وَ =اسين توهان ڏانهن لکندا= لکنديونسيوَ. * لکنداسونس= لک+ اندا+ اسون+ اس =اسين هن ڏانهن لکندا.= لکنديونسونس. * لکنداسونِ = لک+ اندا+ اسون+ ان = اسين هنن ڏانهن لکندا.= لکنديوسُونِ. * لکندؤم= لک+ اندا+ آو+ ام =توهين مون ڏانهن لکندا.= لکنديئوم. * ؟ = (توهين اسان ڏانهن لکندا). = ؟ * لکندؤس= لک+اندا+آو+اس = توهين هن ڏانهن لکندا.= لکنديوئوس. * لکندؤن= لک+ اندا+ آو+ ان = توهين هنن ڏانهن لکندا.= لکنديئون. * لکندام= لک+ اندا+آو+ام = اهي مون ڏانهن لکندا.= لکنديونئم(؟) * ؟ = (اهي اسان ڏانهن لکندا) = ؟ * لکندءِ = لک+اندا+ آءِ = اهي تو ڏانهن لکندا.= لکنديونءِ. * لکندوَ = لک+ اندا+آ+ اس = اهي توهان ڏانهن لکندا.= لکنديونئوَ. * لکندس=لک+اندا+آ+ان = اهي هن ڏانهن لکندا.= لکندَس (لکنديونئس). * لکندنِ= لک+ اندا+ آ+ ان =اهي هنن ڏانهن لکندا.= لکندنِ (لکنديُوئن). ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ مٿي ڏنل لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل جملا آهن. هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون: ١- ڪجهه لفظن جي اچار ۾ شد جهڙي ڪيفيت نظر اچي ٿي. ٢- لڳ ڀڳ سڀني فعلن کي سَنڌِي جي اصولن موجب وري جاچڻ جي گهرج آهي. ٣- ڪيترائي لفظ ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ ٿا وڃن. ٤- چٽيءَ طرح پڌرو ٿي اچي ٿو ته ”-اس“ ضميري پڇاڙي ”هِن/هُن/ هي/هو“ جي بدران ۽ ”-ان“ ضميري پڇاڙي ”هنن/هنن“ جي بدران، ”-ام“ ضميري پڇاڙي ”مان/مون/آنءُ“ جي بدران ۽ ”-اسي-/-اسون“ ضميري پڇاڙي ”اسان/اسين“ جي بدران ڪم اچي ٿي. هاڻي اچو ته ٻين ڪجهه زمانن تي سندن ڦيري ۽ ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان مختصر نظر وجهون: (١) زمان حال مدامي ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو. صحيح صورت، ضميري پڇاڙيءَ سميت *آءٌ لکندو آهيان. * لکندو آهيان. *آءٌ لکندي آهيان. * لکندي آهيان. * اسين لکندا آهيون. * لکندا آهيون. * اسين لکنديون آهيون. * لکنديون آهيون. * تون لکندو آهين. * لکندو آهين. * توهان لکندا آهيو. * لکندا آهيو. * تون لکندي آهين. * لکندي آهين. * توهان لکنديون آهيو. * لکنديون آهيو. * هي لکندو آهي. * لکندو آهي. * هيءَ لکندي آهي. * لکندي آهي. * اهي لکندا آهن. * لکندا آهن. * اهي لکنديون آهن. * لکنديون آهن. (٢) زمان حال متشڪي ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو صحيح صورت ضميري پڇاڙيءَ سميت * آءٌ لکندو هوندس. * آءٌ لکندو هوندو. * لکندو هوندمُ. * آءٌ لکندي هونديس. * آءٌ لکندي هوندي. * لکندي هوندم. * اسين لکندا هونداسين. * اسين لکندا هوندا. * لکندا هونداسين. *اسين لکنديون هونديونسين. * اسين لکنديون هونديون. *لکنديون هونديونسين. * تون لکندو هوندين. * تون لکندو هوندو. * لکندو هوندين. * تو لکندي هوندين. * تون لکندي هوندي* لکندي هونديئن. * توهان لکندا هوندا. * توهان لکندا هوندا.* لکندا هوندوء. * توهين لکنديون هونديون. * توهين لکنديون هونديون* لکنديون هوندؤ. * هي لکندو هوندو. * هي لکندو هوندو. * لکندو هوندو. * هيءَ لکندي هوندي. * هيءَ لکندي هوندي.* لکندي هوندي. * اهي لکندا هوندا. * اهي لکندا هوندا. * لکندا هوندا. * اهي لکنديون هونديون. * اهي لکنديون هونديون.*لکنديون هونديون. (٣) زمان حال استمراري ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو. صحيح صورت، ضميري پڇاڙيءَ سميت * آءٌ لکان پيو. * لکان پيو. * آءٌ لکان پئي. * لکان پئي. * اسين لکون پيا. * لکون پيا. * اسين لکون پيون. * لکون پيون. * تون لکين پيو. * لکين پيو. * تون لکين پئي. * لکين پيو. * توهان لکو پيا. * لکو پيا. * توهان لکو پيون. * لکو پيون. * هي لکي پيو. * لکي پيو. * هيءَ لکي پئي. * لکي پئي. * هي لکن پيا. * لکن پيا. * هي لکن پيون. * لکن پيون. (٤) زمان مستقبل استمراري ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو. صحيح صورت ضميري پڇاڙي سميت * مان لکندس پيو. * مان لکندو پيو. * لکندم پيو. * مان لکنديس پئي. * مان لکندي پئي. * لکندم پئي. * اسان لکنداسون پيا. * اسان لکندا پيا. * لکنداسي پيا. * اسان لکنديونسين پيون. * اسان لکنديون پيون.* لکنديونسي پيون. * تون لکندين پيو. * تون لکندو پيو. * لکندين پيو. * تون لکندينءَ پئي. * توهان لکندي پئي.* لکندينءَ پئي. * توهان لکندا پيا. * تون لکندا پيا. * لکندوء پيا. * توهان لکنديون پيون. * توهان لکنديون پيون.* لکندو پيون. * هي لکندو پيو. * هي لکندو پيو. * لکنديو پيو. * هي لکندي پئي. * هي لکندي پئي. * لکندي پئي. * هي لکندا پيا. * هي لکندا پيا. * لکندا پيا. * هي لکنديون پيون. * هي لکنديون پيون.* لکنديون پيون. (٥) زمان ماضي استمراري ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو. صحيح صورت ضميري پڇاڙيءَ سميت * مون لکيو ٿي (نر) (جيئن ته فعل سڌو فاعل ضمير متڪلم، هيڪل * مون لکيو ٿي(نار) سنئون مفعول اسان (چٺو) لکيم پئي. * اسان لکيو ٿي(نر) لاڳاپيل آهي، ان ڪري (چٺا) لکيم پئي. * اسان لکيو ٿي (نار) فاعل ضمير ڪهڙو به. (چٺي) لکيم پئي. * تو لکيو ٿي(نر) صحيح ڦيرو هينئن ٿيندو) (چٺيون لکيم پئي. * تو لکيو ٿي (نار) .... (چٺو) لکيو پئي. * فاعل ضمير متڪلم، گهڻ * توهان لکيو ٿي (نر) .... (چٺا) لکيا پئي. (چٺو) لکيوسون پئي، *توهان لکيو ٿي (نار) .... (چٺي) لکي پئي. (چٺي) لکياسون پئي. * هن لکيو ٿي(نر) .... (چٺيون) لکيون پئي. (چٺي) لکيسون پئي. * هنن لکيو ٿي (نار) . (......) جي جاءِ تي (چٺيون لکيونسون پئي. * هنن لکيو ٿي(نر) ڪهڙو به صحيح رکبو، فاعل ضمير حاضر، هيڪل * هنن لکيو ٿي(نر) ڦيري جي صورت اها ئي بيهندي. (چٺو) لکيُئه پئي (چٺا) لکيَئه پئي. (مٿي ڏنل ڦيرو رڳو (چٺي) لکيئه پئي. هڪ حالت ۾ صحيح آهي (چٺيون) لکيئه پئي. يعني تڏهن جڏهن مفعول فاعل ضمير حاضر، گهڻ نر ۽ هيڪل هجي.) (چٺو) لکيُو پئي. (چٺا) لکيَوَ پئي. (چٺي) لکيَوَ پئي. (چٺيون) لکيَوَ پئي. * فاعل ضمير غائب، هيڪل (چٺو) لکيائين پئي. (چٺا) لکيائين پئي. (چٺي) لکيائين پئي. (چٺيون) لکيائين پئي (*) فاعل ضمير غائب، گهڻ (*) (هتي فعل جو اهو صيغو آندل آهي، (چٺو) لکيائون پئي. جنهن جو سڌو واسطو فاعل سان آهي (چٺا) لکيائون پئي. نه ڪي مفعول سان) (چٺي) لکيائون پئي. (چٺيون) لکيائون پئي. (٦) زمان ماضي قريب ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو. صحيح صورت ضميري پڇاڙيءَ سميت * مون لکيو آهي (نر) + فاعل ضمير ڪهڙو به هجي فاعل ضمير متڪلم هيڪل * مون لکيو آهي (نار) جيئن ته فعل جون صورتو * (چٺو) لکيو اٿم. * اسان لکيو آهي (نر) مفعول سان لاڳاپيل آهن، * (چٺا) لکيا اٿم. *اسان لکيو آهي (نار) ان ڪري صحيح ڦيرو * (چٺي) لکي اٿم. *تو لکيو آهي (نر) هن طرح ٿيندو: * (چٺيون) لکيون اٿم. * تو لکيو آهي (نار) ...... (چٺو) لکيو آهي. فاعل ضمير متڪلم گهڻ * توهان لکيو آهي(نر) ......(چٺا) لکيا آهن. * (چٺو) لکيو اٿئون. * توهان لکيو آهي (نار) ..... (چٺي) لکي آهي. * (چٺا) ليکا اٿئون. * هن لکيو آهي (نر) .....(چٺيون) لکيون آهن. * (چٺي) لکي اٿئون. * هن لکيو آهي(نار) * (....) جي جاءِ تي ڪهڙو * (چٺيون) لکيون اٿئون. فاعل ضمير حاضر هيڪل * هنن لکيو آهي (نار) به ضمير رکبو، ڦيري جي *هنن لکيو آهي(نر) صورت اها ئي بيهندي. * (چٺو) لکيو اٿئه. (نوٽ: ڦيرو پڙهائڻ جو * (چٺا) لکيا اٿئه. مٿي ڏنل طريقو رڳو * (چٺي) لکي اٿئه. هڪ حالت ۾ صحيح آهي * (چٺيون) لکيون اٿئه. يعني تڏهن، جڏهن مفعول نر ۽ هيڪل هجي). فاعل ضمير حاضر گهڻ * (چٺو) لکيو اٿوَ. (*) ”اَٿئِن“ به اچاريو ويندو آهي. * (چٺا) لکيا اٿوَ. (**) ”اٿئِن“ به اچاريو ويندو آهي. *(چٺي) لکي اٿوَ. * (چٺيون) لکيون اٿوَ. فاعل ضمير غائب هيڪل * (چٺو) لکيو اٿائين. * * (چٺا) لکيا اٿائين. * (چٺي) لکي اٿائين. * (چٺيون) لکيون اٿائين. فاعل ضمير غائب گهڻ. * (چٺو) لکيو اٿائين.* * (چٺا) لکيا اٿائين. * (چٺي) لکي اٿائين. * (چٺيون) لکيون اٿائين. فاعل ضمير غائب گهڻ. *(چٺو) لکيو اٿن/اٿائون.** * (چٺا) لکيا اٿن/اٿائون. * (چٺي) لکي اٿن/اٿائون. * (چٺيون) لکيون اٿن/اٿائون. (٧) زمان ماضي بعيد ڦيرو،جيئن پڙهايو وڃي ٿو. صحيح صورت ضمير پڇاڙيءَ سميت * مون لکيو هو (نر) + جيئن ته فعل سڌو سنئون فاعل ضمير متڪلم هيڪل *مون لکيو (نار) مفعول سان لاڳاپيل آهي، ان ان (چٺو) لکيو هُئُم/هُيُم. * اسان لکيو هو(نر) ڪري فاعل ضمير ڪهڙو به (چٺا) لکيا هُئُم/هيَم. * اسان لکيو هو (نار) هجي، صحيح ڦيرو هيئن ٿيندو:(چٺي) لکي هُئَم/هيَم. * تو لکيو هو (نر) ..... (چٺو) لکيو هو. (چٺيون) لکيون هئَم/هيَم. * تو لکيو هو (نار) (....) جي جاءِ تي ڪهڙو به فاعل ضمير متڪلم، گهڻ، *توهان لکيو هو (نر)ضمير رکبو، ڦيري جي صورت (چٺو) لکيو هئوسون/هيوسون. *توهان لکيو هو(نار) اها ئي بيهندي. (چٺا) لکيا هئاسون. * هن لکيو هو(نر) .... (چٺا) لکيا هئا. (چٺي) لکي هئيسون. * هن لکيو هو (نار) .... (چٺي) لکي هئي. (چٺيون) لکيون هُيوسون. فاعل ضمير متڪلم، گهڻ، * هنن لکيو هو(نر) .... (چٺيون) لکيون هيون. (چٺو) لکيو هُيُوَ. * هنن لکيو هو (نار) (چٺا) لکيا هُيُوَ. (نوٽ: مٿي ڏنل ڦيرو (چٺي) لکي هيو. رڳو هڪ حالت ۾ (چٺيون) لکيون هيون. صحيح آهي، يعني فاعل ضمير حاضر، گهڻ تڏهن، جڏهن مفعول (چٺو) لکيو هُيُوَ. نر ۽ هيڪل هجي.) (چٺا) لکيا هُيَوَ. (چٺي) لکي هيو. (چٺيون) لکيون هيو. فاعل ضمير غائب هيڪل * (چٺو) لکيو هئائين. (چٺا) لکيا هئائين. (چٺي) لکي هئائين. (چٺيون) لکيون هئائين. فاعل ضمير غائب گهڻ (*) ”هُئئن“ به اچاربو آهي. ** (چٺو) لکيو هين/هيائون. (**) ”هُئَئن“ به اچاربو آهي. (چٺا) لکيا هُينَ/هئائون. (چٺي) لکي هين /هئائون. (چٺيون) لکيون هُينَ/هئائون. قاعدن ۽ قانونن جي ڳولا. آواز ضميري پڇاڙيءَ يا ضميري پڇاڙين جي حوالي سان هنوقت تائين جيڪي به لفظ بحث هيٺ اچي چڪا آهن، انهن مان هيٺ ڏنل آواز ئي آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ضميرجي نمائندگي ڪن ٿا: (ض) ١- ضمير متڪلم، هيڪل (نر ۽ نار)، --- فاعل ”مان/مون/آءٌ/آئون/آنءٌ“ ”-آن“، ”-اُم“، ”اَم“ ”-اِم“، ”-مان“ ٢- ضمير متڪلم، گهڻ (نر ۽ نار)،- فاعل ”اسان/“/”اسين“”-اون“، ”-اسي“، ”-اسون“، ”-اسين“. ٣- ضمير حاضر، هيڪل، (نر ۽ نار)، --- فاعل ”تون“/ ”تو“: ”اين“، ”اُئه“، ”اَئه“، ”-ائِه“ (”-اينءَ“، نار لاءِ هڪ هنڌ) ٤- ضمير حاضر، گهڻ (نر ۽ نار)--- فاعل ”توهان“/”توهين“/”اوهان“/”اوهين“: ”-اَو“، ”-اَو،“ ”-او“. ٥-ضمير غائب، هيڪل (نر ۽ نار)، - فاعل ”هي/هيءَ/هو/هوءَ/هن/هُن/اِن/اُن: ”-اي“، ”-او“، ”-اُس“، ”-اس“، ”-ائين“ (-”اي“ نار لاءِ ڪجهه هنڌن تي) ٦- ضمير غائب- گهڻ(نر ۽ نار)- فاعل ”هي/هو/اِهي/اُهي/انهن/اُنهن/هنن/هُنن: ”-اِن“، ”-اُن“، ”-ان“، ”-اَئون“. ڪجهه ٻيا آواز، جيڪي فعل جي امري صورت کي هڪ مخصوص معنيٰ ڏين ٿا: ١- هيڪل، نر، لاءِ آواز : ”-او“، يا ”-ا+ او“ يا ”-او+ او“. ٢- هيڪل، نار، لاءِ آواز : ”-اي“ يا ”اَِ +اي“ ”-اِي+اِي“. ٣-گهڻ، نر، لاءِ آواز : ”-آ“ يا ”-ا+آ“ يا ”-آ+آ“. ٤- گهڻ، نار، لاءِ آواز : ”-اِيون“ يا ”-ا + ايون“ يا ”-اِي/اِيون“ يا ”-ايون+ايون“ يا ”-اِي“ + اُون“. ٥- نر لاءِ آواز: ”-ا، يا ”-او“. ٦- نار لاءِ آواز : ”-اَ“ يا ”-اَي“ ٧- هيڪل، نار کي گهڻ بنائڻ لاءِ آواز: ”-ايون، يا ”(-اي)+اُون“. ٨- هيڪل، نر، کي گهڻ بنائڻ لاءِ آواز: ”-اُون، ”-آ“. ٩- (ڪنهن به جنس کي) گهڻ بنائڻ لاءِ آواز: ”-اَن“، ”-اِن“، ”-اُن، ”-آئون“ (”-آئون، ٿي سگهي ٿو ته ”۽“ جو ڌاتو هجي. ”-ا (نر) +اون ”گهڻ“) ١٠- زمان حال لاءِ آواز: ”ٿ“ - زمان ماضي لاءِ آواز : ”ي“ - زمان مستقبل لاءِ آواز : ”د“ يا ”-اَند“. ١١- ”اسان“ ممڪن آهي ته ”اس+آن“ جو ميلاپ هجي. ”-اس“ اسان ڏٺو آهي ته ”هي/هِي“ (ضمير غائب) جي بدران ڪم ايندڙ آواز آهي، ۽ ”آن“ برابر آهي ”مان“ جي. ”هي/هِي+ مان“ يعني ”اسان“. اهو به ممڪن آهي ته ”اسان“ مخصوص هجي ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ نر توڙي نار ٻئي جنسون شامل هجن. ١٢-”اَسون“ عام ڳالهائڻ ۾ موجود ناهي، پر ضميري پڇاڙيءَ جي حيثيت ۾ ڏاڍي گهڻي واهپي ۾ آهي. ”اسون“ ممڪن آهي ته ”اَس“ ۽ ”اون“ جو ميلاپ هجي. ”اس“ برابر آهي ”هي“ (نر) جي، ۽ ”-اُون“ نشاني نر کي گهڻ ڪرڻ جي. اهو به ممڪن آهي ته ”اسون“ مخصوص هجي ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ رڳو نرَ موجود هجن. ١٣- ”اسين“ ممڪن آهي ته ”اس+اِين“ جو ميلاپ هجي. ”اس“ برابر آهي ”هِي (نار) جي، ۽ ”-اِين“ نشاني نار کي گهڻ ڪرڻ جي. اهو به ممڪن آهي ته ”اسين“ مخصوص هجي ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ رڳو ناريون موجود هجن. ١٤- ”اَسي“ ٿي سگهي ٿو ته رڳو ضميري پڇاڙيءَ لاءِ مقرر ڪيل آواز هجي، ٻِٽي ضميري پڇاڙيءَ وارن سڀني زمانن جي ڦيري ۾ اسان ڏٺو ته ”اسان ڏانهن“ لکڻ بابت کوٽ نظر آئي. خبر ناهي ته اها ضميري پڇاڙي ڪهڙي آهي ۽ ڇو عام واهپي ۾ ناهي. ١٥- ”مان“ ۽ ”آن“ (آنءُ) بابت ”اسان“، ”اسين“ ۽ ”اسون“ واريءَ خصوصيت کي بنياد بنائي، چئي سگهجي ٿو ته، ممڪن آهي ته، ڪنهن زماني ۾ ”مان“ متڪلم نر لاءِ ۽ ”آن“ متڪلم نار لاءِ مخصوص هجي. ١٦- ضمير حاضر هيڪل لاءِ آواز ”-او“ (تو= ت +او) ٿي سگهي ٿو ته ”تو(او)+ اِين“ بدلجي ”تو اين (او اي)“ يعني ”توهين“ (اوهين)، ۽ ”تو (او)+ آن “ بدلجي ”توآن (اوآن)“ يعني ”توهان“ (اوهان) ٿيو هجي. ۽ اهو به ممڪن آهي ته ڪنهن زماني ۾ ”توهان/توهين“ مخصوص هجي نرن لاءِ، ۽ ”اوهان/ اوهين“ مخصوص هجي نارين لاءِ. ١٧-ضمير غائب ۾ خاص طرح گهڻ بابت آواز، ”هي/اِهي/اُهي/ هنن/هُنن/اِنن/اُنن/اِنهن/اُنهن“ نر، نار ۽ بيجان جي تخصيص نٿا ڏيکارين، خبر ناهي ڇو. جڏهن ته ضمير غائب هيڪل بابت آوازن ۾ اها تخصيص ٿوري ڪه گهڻي نظر اچي ٿي. ضميري پڇاڙين بابت بيڌياني چڱيءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيون ته ضميري پڇاڙين بابت اسان جو رويو بيڌيانيءَ وارو، غفلت ڀريو، جاهلاڻو يا اڻڄاڻائيءَ وارو آهي. اسان ضميري پڇاڙين کي ضمير واري حيثيت ڏيڻ بدران انهن کي اڻڄاڻائيءَ وچان فعل جو حصو ڪري سمجهيو ۽ جڏهن ضميري پڇاڙيءَ کي بي معنيٰ، بي مطلب ۽ بي مفهوم ڪري ڄاتوسون، تڏهن اسان کي فاعل جي صورت ۾ ساڳيو ئي ضمير ڌار آڻڻو پيو ۽ ان ڏانهن غفلت ايتري ئي زورائتي رهي جو پنهنجن ايندڙ نسلن کي، عالمن جي نظرداريءَ جي باوجود، غلط يعني ٻٽو ضمير رکندڙ ساڳيو فاعل پڙهائڻ ۽ سيکارڻ شروع ڪري ڏنو- ۽ اها غفلت اتي وڃي پهتي جو اسين سيکڙاٽن کي اهو ٻڌايون ئي نٿا، يا ڄاڻڻ جي باوجود ٻڌائڻ جي زحمت ئي نٿا ڪيون ته هتي، هن جملي ۾ ساڳئي فاعل طور ٻه ضمير آندل آهن - ۽ اهڙيءَ طرح، ضميري پڇاڙين جي سموري اهميت ۽ ان ۾ سمايل جهونن، وڏڙن ۽ سگهڙن جي ڏاهپ کي پاڻ ئي غرق ڪري ڇڏيوسون. جيترو مون پڙهيو آهي، ۽ جيترو ڄاڻان ٿو، ان جي بنياد تي پڪ سان چئي سگهان ٿو ته اسان جا سمورا ٻولي- ڄاڻڪ چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته ”لکان ٿو“، ”لکان ٿي“، ”لکون ٿا“، ”لکون ٿيون“، ”لکندُم“ (لکندس؟)، ”لکنداسي“، لکيم“، ”آيم“ (آيس؟) جهڙن سڀني فعلي بناوتن سان هڪ ضمير ڳنڍيل آهي، جيڪو فاعل جو ڪم ڪري ٿو پر پوءِ به. پاڻ ئي، ٻوليءَ جا ڄاڻو هوندي به، ”مان لکان ٿو“، ”اسين لکون ٿا“، ۽ ”مان لکندم“، ”مان آيم“ سان گڏ ”مان لکندس“ ۽ ”مان آيُس“ جهڙا جملا، جن کي وياڪرڻي اصول موجب جملو سڏي ئي نٿو سگهجي، لکندا ڳالهائيندا رهن ٿا. نه رڳو لکن ٿا، پر ايندڙ نسلن کي پڙهائيندا ۽ سيکاريندا به رهن ٿا. ”مان آيُس“، ”مان لکندس“ ۽ ان قسم جا ٻيا ”جملا“ نيٺ ڪهڙي قسم جا جملا آهن، ڪهڙي وياڪرڻ جي ڪهڙن اصولن موجب ٺاهيا ويا آهن، ۽/يا ڪيئن ٺهيا آهن؟ ڳالهه ڪجي اصول ۽ علم جي. ”-اس“ ضميري پڇاڙي آهي ۽ ضمير غائب هيڪل جي معنيٰ ظاهر ڪري ٿي. مٿي ڏنل سمورا فعل جاچيو، ڇا ٿا ٻڌائن؟ فعلن کي ڌار، هتي ڪجهه لفظ ڏجن ٿا، انهن جي معنيٰ تي ڌيان ڏيو ۽ ڏسو ته ”اس“ ضميري پڇاڙي ڪهڙي ضمير جي بدران ڪم اچي ٿي: * وَٽس (هن وٽ) * سندس (هن جو) * کيس (هن کي) * کانئس (هن کان) *ڏانهس (هن ڏانهن) * مٿس، مٿانئس (هن مٿان، هن جي مٿان) * هيٺانئس (هن جي هيٺان) * پڻهس (هن جوپيءُ) *ماڻَس، ماڻهس (هن جي ماءُ) * پُٽس (هن جو پٽ) * ڀيڻس (هن جي ڀيڻ) * سسڻسِ (هن جي سس) * نُنهڻس، نُهڻس (هن جي نُنهه، نُهه) * چاچس، چاچهسَ (هن جو چاچو) * چاچِس، چاچِهس (هن جي چاچي) * مامس، مامهس (هن جو مامو) * مامس، مامهس (هن جي مامي) * ڏاڏس (هن جو ڏاڏو) * ڏاڏهس (هن جي ڏاڏي) * نانَس ( هن جو نانو) * نانهس (هن جي ناني) - ۽ ٻيا ڪيترائي. انهيءَ بنياد تي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ”-اس“ پڇاڙي ”هن“ جي بدران ڪم اچي ٿي. ان ڪري اسان جا لکيل پڙهيل ۽ عالم ماڻهو جڏهن ”آيس“ ۽ ”لکندس“ جهڙا لفظ ڪم آڻين، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کان هڪ سوال ضرور پڇن: ”ڇا/ ڪهڙو سبب آهي جو فعل جي آخر ۾ ”-اس“ ڳنڍي لکان ٿو، بنا ”-اس“ ڳنڍڻ جي ڇو نٿو لکان؟“ هاڻي اچون ٿا ”-ام“ ضميري پڇاڙيءَ تي .مٿي ڏنل سمورن هڪ ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلن ۾ ”-ام“ ”مان“ يا ”آنءُ“ جي بدران ڪم آئي آهي. هيٺ ڏنل ڪجهه لفظ تي به ٿورو ڌيان ڏيو: * وٽم (مون وٽ) * سندم (مون جو) * ڏانهم (مون ڏانهن) * مَٿم، مٿانُئم (مون مٿان) * هيٺانئم، هيٺائم (مون هيٺان) * پُٽم (منهنجو پٽ) * ڌيڻم (منهنجي ڌي) * سسڻم (منهنجي سس) * ڀيڻم (مون جي ڀيڻ) * نُنهڻم، نُهڻم (مون جي نُنهه، نُهه) چاچم (مون جو چاچو) * ڏاڏم (مون جو ڏاڏو) * مَنجهم (مون منجهه)- ۽ ٻيا ڪيترائي. انهيءَ بنياد تي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ضميري پڇاڙي ”_ام“ضمير متڪلم هيڪل جي بدران ڪم اچي ٿي. اسان اهو به ڏٺو آهي ته زمان حال مطلق جي فعل ۾، يعني ”لکان ٿو“، ”لکان ٿي“، ”پڙهان ٿو“، ”سَکان ٿو“ – ”سکان ٿي“ ۾ ”-آن“، ۽ ”لکيُم“، ”لکيُم“، ”لکندُم“ ”لکندم“ جهڙن ماضي ۽ مستقبل جي فعلي صيغن پٺيان ”-ام“ به ”مان/آنءٌ“ جو ئي مٽ آهي. ان ڪري جڏهن ڪو عالم، اديب يا شاعر ۽ ليکڪ، ڄاڻڪ ڳالهائيندڙ ”مان لکان ٿو“، ”مان لکان ٿي“، ”مان لکندم“، ”مان لکندم“، ”مان آيمُ“، ”مان آيمَ“ جهڙا لفظ لکي، تڏهن هڪ گهڙي ترسي پاڻ کان اهو سوال ضرور پڇي ته ”هي ڪهڙي قسم جو جملو لکي رهيو آهيان: ڇا، اهو وياڪرڻي اصولن موجب ٺيڪ آهي؟“ ٺيڪ اها ئي ڳالهه باقي سمورين ضميري پڇاڙين وارن فعلن بابت به انهن سڀني لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي چوڻ گهران ٿو، جيڪي انهن جي آڏو اهو ساڳيو (ضميري پڇاڙيءَ وارو) فاعل ٻيهر آڻن ٿا. جيڪڏهن اسان کي اها ڄاڻ نه هئي ۽ ان ڪري غلط پئي لکيو آهي، ته هاڻي پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي. باقي جن عالمن ۽ ڄاڻڪن، ليکڪن ۽ شاعرن وغيره کي اها خبر هئي ته پوءِ به ساڳي غلطي ڄاڻي ٻجهي، آرس سبب ڪندا رهيا. اهي، حقيقت اها آهي ته، پنهنجيءَ ٻوليءَ جا ڏوهاري آهن: نه رڳو پاڻ غلطي ۽ غفلت ڪئي اٿائون، پر ٻين کي منع ڪرڻ ۽ درست ڪرڻ بدران اٽلو پڙهائيندا ۽ سيکاريندا رهيا ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ هڪ وڏي ۽ اهم فرض نڀائڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي اَٿئون. ڪجهه مهربانن دوستن، بحث مباحثو ڪندي ان ڳالهه کي مڃيو ۽ ڪجهه دوستن ائين چيو ته اها ڳالهه درست آهي، پر..... .... پر ”مان آيس“ يا ”مان آيم“، ”مان لکندس“ يا ”مان لکندم“ ۽ ”مان لکان ٿو“ ۽ ”اسان لکون ٿا“ جهڙا جملا به هروڀرو ڪي غلط ناهن. اها ڪجهه ٻولين جي خصوصيت هوندي آهي ته اهي پاڻ وٽ ڪي اهڙا طور طريقا رکنديون آهن، جن کي سندن گرامر جي ٺوس اصولن پٽاندر بيان/ ثابت نٿو ڪري سگهجي. سنڌي ٻولي ۾ به اهڙيون خصوصيتون آهن، جن مان هڪ ضمير يعني فاعل کي ٻه ڀيرا ورجائڻ آهي. ائين چوڻ جي ڪري جملي ۾ هڪ قسم جو زور، شدت، اسٽريس (stress) ۽ گهرائي پيدا ٿئي ٿي. اها، هڪ غلط ڳالهه کي هڪ صحيح ڳالهه، وسيلي صحيح ثابت ڪرڻ جي هڪ ناجائز ڪوشش سڏي سگهجي ٿي. (١) جيڪڏهن ڪجهه خاص حالتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪجهه خاص معاملن ۾ جنگ ڪرڻ جائز هجي ته ڇا، هر ڳالهه ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ هر معاملي ۾ جنگ ڪرڻ جائز ٿي پيو ڇا؟ اسان وٽ ته زمان حال جو هر جملو ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا آڻي لکيو وڃي ٿو! ضمير متڪلم بدران ”-اس“ ضميري پڇاڙي ڪم آڻڻ منهنجي نظر ۾ غلط آهي، تنهن ڪري ان کي هتي ڄاڻايل بحث هيٺ آڻڻ بيڪار آهي. رڳو هڪ مثال ڏيان ٿو ته جيئن ڳالهه چٽي ٿئي. مشهور وڏي شاعر شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾، صفحي ٢٣ ۽ ٢٨ تي، هي جملا به ڪم آندا آهن: ”ڏند صاف ڪري مان ٻاهر اڱڻ ۾ آيُس“ ۽ مان کُولي ۾ موٽي آيُس“. ”اڱڻ ۾ آيُس“ آڏو ”مان“ ڏيڻ سان يا ”کُولي ۾ موٽي آيُس“ آڏو ”مان“ ڏيڻ سان، ڇا، هِتي جملي ۾ زور، شدت، اسٽريس، گهرائي پيدا ڪئي ويئي آهي؟ ڇا، هنن جملن ۾ شدت پيدا ڪرڻ جي ڪا گهرج آهي به، ۽ ڇا، شاعر شعوري طرح ڄاڻي ٿو ته ”مان“ ڪم آڻڻ جي ڪري هو پنهنجي جملي ۾ شدت پيدا ڪري رهيو آهي؟ (٢) هاڻي اچو ته سنڌيءَ ۾ انهن لفظن کي، ۽ انهن جي مطلب ۽ مقصد کي جاچيون، جن ۾ ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا ورجائي ٿو. اڳ ۾ هي هڪ جملو پڙهو: ”مان سچ ڳالهايم“. ان جملي جو مطلب آهي ”مان مان سچ ڳالهايو“ ڇا هن جملي ۾ ضمير ”مان“ ٻه ڀيرا فاعل طور آڻڻ جي ڪري شدت ۽ گهرائي پيدا ٿي آهي، يا مورڳو جملو ئي بگڙي غلط ٿي ويو آهي؟ ”وزير وزير ڪوڙ ڳالهايو“. ”ماڻهوءَ ماڻهوءَ سچ ڳالهايو“ تي ٿورو ڌيان ڏيو. فاعل ٻه ڀيرا آيو آهي.پر فاعل کي ورجائڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ”وڻ وڻ مان هڪ واس اچي ٿو“، ”گل گل ۾ سڳنڌ سمايل آهي“، ”ماڻهو ماڻهو ملهه وڙهي ٿو“، ”صوبو صوبو حقن لاءِ رڙي ٿو“، ”نگر نگر کي پنهنجي ثقافت آهي“، ”رنگ رنگ جي ٻولي ٻي“، ٻولي ٻولي پنهنجا گڻ رکي ٿي“...... مٿي ڏنل لفظن ۾ جيڪي به لفظ هڪ ئي جملي ۾ ٻه ڀيرا اچن ٿا، انهن کي جاچڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته اهي لفظ ”هر هڪ“ يا ”سڀ ڪنهن“ جو سهڻو اظهار آهن. (٣) ڪنهن به جملي ۾ عام طرح ”ٺيڪ“، ”سچ پچ“، ”هر حالت ۾“، ”ضرور“، ”حقيقت ۾“، ”بهرحال“، سچ ته“، ”انتهائي ضروري“، ”ضرور بالضرور“ جهڙا لفظ شدت، زور يا اسٽريس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم آندا وڃن ٿا. پر ساڳئي ضمير کي ٻه ڀيرا فاعل طور آڻڻ سان ڪنهن به قسم جي شدت پيدا نٿي ٿئي. ائين ڪرڻ هڪ چُڪ آهي، جنهن سان ضميري پڇاڙيءَ جي اهميت مري ٿي، لفظ ۾ ضميري پڇاڙيءَ وارو آواز بيڪار ۽ ناجائز واڌارو ٿيو پوي، ۽ ٻولي بگڙي ٿي. (٤) ڇا، فعلي ڦيرو سيکاريندي، جملي ۾ زور يا شدت پيدا ڪرڻ جي ڪا به گهرج آهي؟ ڇا، ڦيرو سيکاريندي، اسان کي اها تعليم ڏني وڃي ٿي ته هر جملي ۾ فاعل(ضمير) ٻه ڀيرا ورجايل آهي ۽ ان جو سبب اهو آهي ته جملي ۾ شدت پيدا ٿئي؟ ان ڪري، اها راءِ رکان ٿو ته هڪ جملي ۾ ٻه ڀيرا ساڳيو ضمير فاعل طور آڻڻ جو سبب نه ته ڪو وياڪرڻي اصول آهي ۽ نه ئي وري ڪا جملي ۾ شعوري طرح شدت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش. اها هڪ چُڪ آهي، جيڪا اڻڄاڻائيءَ ۽ بيڌيانيءَ سبب يا غفلت جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ پيدا ڪئي وئي آهي. درست فعلي ڦيرو (١) زمان حال ۾ ”ڪَرڻ“ وارو فعل (ڏسو ب، ٻ، ڀ، ت ۽ ٿ) ”هُئڻ“ وارو فعل(ڏسو ث) (٢) زمان ماضيءَ ۾ ”ڪَرڻ“ وارو فعل (ڏسو د) ”هئڻ“ وارو فعل (ڏسو ڏ) (٣) زمان مستقبل ۾ ”ڪَرڻ“ وارو فعل (ڏسو ”زمان مستقبل“ ۾ ٥ ) ”هُئڻ“ وارو فعل (ڏسو ص) فاعل ۽ مفعول سان لاڳاپيل فعلن جي ڳولا اسان ڏٺو ته زمان حال ۽ زمان مستقبل ۾ رواجي طرح جيڪي فعل اچن ٿا ۽ جن جو ڦيرو ڪيون ٿا، انهن جو سڌو واسطو فاعل سان رهي ٿو. انهن جملن ۾ مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعل جي صورت تي ڪو به اثر نٿو پوي. پر زمان ماضيءَ ۾ رواجي طرح جيڪو فعلي ڦيرو پڙهايو وڃي ٿو، انهن جو سڌو واسطو وري مفعول سان رهي ٿو ۽ انهن جملن ۾ فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي سان سڌي واسطي ۾ نٿو رهي. ائين ڇو آهي؟ ۽، ڇا، اهو جائز سوال ناهي ته جڏهن ٻه زمانن جي فعل جو سڌو واسطو فاعل سان آهي ته ٽئين (زمان ماضيءَ) جو ڇو نه آهي؟ڇا، ان ۾ فعل جي اهڙي ڪابه صورت ناهي، جيڪا سڌو واسطو مفعول بدران فاعل سان رکي؟ ۽، ڇا، زمان حال مستقبل ۾ فعل جي اهڙي ڪا صورت ناهي، جيڪا فاعل بدران مفعول سان واسطو رکندي هجي؟ اهو سوال هينئن به پڇي سگهجي ٿو ته ڇا، ڪنهن زماني ۾ ائين به هو ته سنڌيءَ ۾ فعل جون ساڳئي زمان ۾ ٻه صورتون هجن، هڪ جو سڌو واسطو فاعل سان هو(جيئن هن وقت زمان حال) ۽ زمان مستقبل جي فعلن ۽ زمان ماضيءَ ۾ ضمير غائب جي حوالي سان ضميري پڇاڙي رکندڙ فعل جو آهي)، ۽ ٻيءَ جو سڌو واسطو مفعول سان هو(جيئن هن وقت زمان ماضيءَ ۾ عام ملي ٿو؟) ڦ -١ اسان جڏهن زمان حال جي ”ڪَرڻ“ واري فعل جي ڦيري مان ضمير جي نشاندهي ڪندڙ آواز ڪڍي ڇڏيا هئا، تڏهن مجموعي طرح اسان سان فعل جون هي چار صورتون مليون هيون: ١- لکٿو، ٢- لکٿي، ٣- لکٿا ۽ ٤-لکٿيون. هيءَ صورت ياد رکجو. ڦ – ٢ جڏهن زمان مستقبل ۾ ”ڪرڻ، واري فعل جون اهي صورتون کڻون ٿا، جيڪي اڄڪلهه به شڪارپور ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ عام رائج آهن ته اسان کي فعل جون هي چار صورتون ملن ٿيون: ١-لکدو، ٢- لکدي، ٣- لکدا ۽ ٤- لکديون. هيءَ ڳالهه به ياد رکجو. ڦ- ٣ هاڻي، زمان ماضيءَ ۾ ”ڪرڻ“ واري فعل جي عام مروج صورتن کي ڌيان سان جاچيو: ١-لکيو، ٢- لکي، (لکبي)، ٣- لکيا ۽ ٤- لکيو. هيءَ ڳالهه به ياد رکجو. اهڙيءَ طرح، اسان کي فعل جي صورتن جا ٽي سيٽ مليا آهن، ۽ ٽنهي ۾ رڳو هڪ اکر جو فرق آهي – ڦ- ١ ۾ ”ٿ“، ڦ-٢ ۾ ”د“ ۽ ڦ-٣ ۾ ”ي“، باقي سڀ اکر ۽ آواز ساڳيا آهن. اهي سڀ اکر ۽ آواز ساڳيا ڇو آهن، انهن ۾ هڪجهڙائي ڇو آهي؟ ڇا، اهي بنا ڪنهن قانون قاعدي ۽ پابنديءَ جي، پنهنجي ليکي ٺهي پيا يا ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ هڪ اصول هيٺ مقرر طريقي سان رٿيا ويا؟ ڦ- ١ ۾ فعل جي امر (لک) کانپوءِ ”ٿ“ ٿو پوي ته زمان حال جو صيغو ملي ٿو- لکٿو، لکٿي..... ڦ- ٢ ۾ فعل جي امر (لک) کانپوءِ ”د“ ٿو پوي ته زمان مستقبل جو صيغو ملي ٿو- لکدو، لکدي....... ڦ-٣ ۾ فعل جي امر (لک) کانپوءِ ”ي“ ٿو پوي ته زمان ماضيءَ جو صيغومليٿو- لکيو، لکيي(لکي)....... (گهڻي تفصيل لاءِ مهرباني ڪري منهنجو مضمون ”هر هڪ لفظ هيري کاڻ“ پڙهو). اهو عمل به چٽيءَ طرح اعلان ڪري ٿو ٻڌائي ته فعلي صيغن جون سموريون اڏاوتون ڪي اتفاقي، اوچتو، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي وجود ۾ نه آيون آهن، پر هڪ منظم سرشتي موجب، باقاعدگيءَ سان، اصولي پابندين هيٺ جوڙيون ويون آهن. ڇا، ايڏيءَ عاليشان فني اڏاوت جا خالق، فنڪار ۽ مصور چوٽيءَ جي ڏاهن، اڪابرن ۽ سگهڙن کان گهٽ درجي جا هوندا؟ اها مهارت، تنظيم ۽ سمجهه وڏي واڪ ٻڌائي ٿي ته هن ٻوليءَ جا خالق، وياڪرڻ رٿيندڙ ۽ لفظن جي ايڏي نفيس گهڙاوت ڪندڙ، زبردست قسم جي ڳڻ ڳوت جا مالڪ هئا. (منهنجي هڪ مضمون ”جامع سنڌي لغات جو جائزو: پهرئين جلد جي پهرين پڙهڻي“ ۾ ڄاڻايل هڪ بنيادي فعل مان ٺهي سگهندڙ ممڪن فعلي صورتن جي ڳڻپ لڳ ڀڳ. 340 (اکرين ٽي سو چاليهه) آهي ۽ منهنجي ڪاٿي موجب سنڌي ٻوليءَ جا بنيادي فعل هزارن کان گهٽ نه آهن. هاڻي ڪاٿو ڪريو ته صورتحال ڪيئن آهي. اسم، صفتون ۽ ٻيون شيون تهان ڌار آهن) هاڻي، اچو ته شڪارپور وارن ساٿين سان صلاح ڪريون ته سندن پاران هنوقت تائين جيئاريل زمان مستقبل جو فعلي صيغو فاعل سان سڌي واسطي ۾ آهي يا مفعول سان: -* مان/تو/هن چٺو لکدو. *مان/تو/هن چٺا لکدا. -* مان /تو/هن چٺي لکدي. * مان/تو/هن چٺيون لکديون. -* اسان/توهان/هنن چٺو لکدو * اسان/توهان /هنن چٺا لکدا. -* اسان/توهان /هنن چٺي لکدي * اسان/توهان/هنن چٺا لکدا. شڪارپور وارا جوان هي ڇا پيا چون! هي ته فعلي صيغي جو سڌو واسطو مفعول سان پيا ڏيکارين. ڀائرو، شابس اٿو، جس لهڻو، جو توهان سنڌيءَ جي هڪ اهڙي فعلي صيغي کي سنڀالي رکيو آهي، جنهن کي باقي سنڌ گم ڪري/وڃائي ويٺي هئي! زمان حال جي بظاهر گم ٿي ويل فعلي صيغي کي اسان ٿوري دير اڳ ڳولي هٿ ڪيو آهي. اچو ته ان جو فعلي ڦيرو ڪري ڏسون: -* مون چٺو لکٿو. * مون چٺا لکٿا. -* مون چٺي لکٿي. * مون چٺيون لکٿيون. -* اسان چٺو لکٿو. * اسان چٺا لکٿا. -* اسان چٺي لکٿي. * اسان چٺيون لکٿيون. (هي) ڇا ٿو چوي؟ ڇا، فعلي صيغي جو واسطو مفعول سان ناهي؟ باقي ضميرن سان به ڦيرو ڪري ڏسو. ڳالهه ان سچائيءَ کان ٻاهر ناهي. ”ڳالهه مڃڻ جهڙي ناهي“. ”الائي ڇو“، ذهن قبول نٿو ڪري. شايد ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ ڪو مناسب دليل نٿو ملي!“ مٿي ڄاڻايل ڳالهه کوجڻ کانپوءِ، منهنجي ذهن ۾ پهريائين اهي خيال آيا، پر هن وقت تائين انهن جي سچائي ئي ثابت ٿي آهي. هن وقت مون وٽ اهڙو ڪو هڪ به دليل ناهي، جنهن جي بنياد تي مٿي کوجيل ڳالهه کي رد ڪري سگهجي. توهان، جي رهنمائي ڪندا ته ڏاڍو سٺو. زمان ماضيءَ ۾ مون کي هن وقت تائين اهو فعلي صيغو نه لڀجي سگهيو آهي، جنهن جو واسطو مفعول بدران فاعل سان هجي. باقي ضمير غائب هيڪل توڙي گهڻ واري ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلي صيغا ضرور مليا آهن، جن ۾ فعل جو واسطو سنئو سڌو فاعل سان آهي، مفعول سان نه( ڏسو”ذ“ ۽ ”ڙ“). ڇا، هتي اهو سوال پڇڻ مناسب ناهي ته فعل جي هيءَ زمان حال واري شڪل (لکٿو، لکٿي، لکٿا، لکٿيون) ”گم“ ڇو ٿي وئي ۽ زمان مستقبل واري شڪل(لکدو، لکدي، لکدا، لکديون)، محدود ڇو ٿي وئي؟“ بلڪل مناسب سوال آهي. نيڪ نيتيءَ سان ۽ سچائيءَ جو ڳولا لاءِ پڇيل هر هڪ سوال مناسب ئي نه ضروري پڻ آهي ۽ جيڪو نٿو پڇي، اهو ڏوهاري آهي ۽ ڏوهاري اهو به آهي، جيڪو اهڙي سوال جو جواب ڳولڻ جو جتن نٿو ڪري. ٻين هزارين سوالن جي نه ڄاتل جواب جيان، مون کي ان سوال جي جواب جي به سُڌ ناهي. باقي هڪ امڪان رکي سگهجي ٿو ته متان فعلي صيغن جي هموزنيءَ جي ڪري ائين ٿيو هجي. ۽ اهو به ممڪن آهي ته جڏهن زمان حال ۾ ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلي صيغو (جيڪو فاعل سان لاڳاپيل آهي) ۽ زمان مستقبل جو ”د“ بدران ”-اند“ (لکندو) رکندڙ فعلي صيغو (جيڪو پڻ فاعل سان لاڳاپيل آهي) ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ۾ وڌيڪ سهنجو محسوس ٿيو هجي ۽ اهو پڻ ممڪن آهي ته انهن فرقن اچڻ جي ڪري فعلي صيغي جي جيڪا چٽي صورت ٺهي ٿي (لکندو، لکان ٿو، لکيو.....) متان ان جي ڪري پوئين ڳالهه سولائيءَ سان قبول ڪئي وئي هجي. (جيڪو حال حبيبان، سوئي پيش پريان جي. پنهنجي سمجهه جيڪڏهن ان کان اڳتي سُري، پوءِ ڀلي انهن خيالن جي مخالف هجي، ضرور پيش ڪبي.) سڌريل ٻولي ڪهڙي ۽ سڌاريل ٻولي ڪهڙي؟ ”سمڪرت“ کي سنسڪرت“ اچاريندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ٻوليءَ کي اڄڪلهه ”سنسڪرت“ سڏيو وڃي ٿو، يعني جنهن ٻوليءَ کي سڌاريو ويو ان کي ”سنسڪرت“ سڏجي ٿو. جيڪا اڳ ۾ ئي سڌريل، سنواريل، سهنجايل ٻولي هئي، يا جيڪا پوءِ سڌاري، سنواري ۽ سهنجائي وئي، ان کي سنسڪرت نٿو سڏيو وڃي (ٻه سئو سال به نه ٿيندا جو انگريزي ٻوليءَ کي سڌاريو، سنواريو ۽ سهنجايو ويو، پر ان کي سنسڪرت نٿو سڏجي). ان جو مطلب هي ٿيو ته اڄ کان ڪي ٽي هزار ورهيه اڳ، جنهن هڪ ٻوليءَ کي اسان جي ننڍي کنڊ ۾ سڌاريو، سنواريو ۽ سهنجايو ويو، رڳو ان هڪ ٻوليءَ کي ئي ”سنسڪرت“ سڏيو وڃي ٿو. اها ٻولي جڏهن سڌري، سنوري ۽ سهنجي ٿي، تڏهن ان کي ”سنسڪرت“ سڏيو ويو. چٽو مطلب هي آهي ته اها ٻولي سڌرڻ، سنورڻ ۽ سهنجو ٿيڻ کان اڳ (پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته) اڻ سڌريل (يا گهٽ سڌريل)، اڻ سنوريل (يا گهٽ سنوريل ) ۽ ڏاڍي ڏکي (يا ڏکي) هئي. ان اڻ سڌريل (يا گهٽ سڌريل)، اڻ سنوريل (يا گهٽ سنوريل ) ۽ ڏاڍي ڏکيءَ (يا ڏکي) ٻوليءَ کي جڏهن سڌاريو، سنواريو ۽ سهنجايو ويو، تڏهن ان تي نالو ئي ”سنسڪرت“ پئجي ويو. چيو ٿو وڃي ته اڄ کان ڪي ساڍا ٽي هزار ورهيه اڳ موجوده سنڌ ۾ وچ- ايشيا کان ماڻهن جو هڪ وڏو ٽولو (۽ ان جي ڪڍ ننڍا ننڍا ٽولا) آيو، جنهن پاڻ کي ”آريو“ پئي سڏيو ۽ جڏهن هتي جي ماڻهن تي هڪ ڊگهيءَ ويڙهه کانپوءِ قبضو ڪري حاڪميت ڄمايائين، تڏهن هتان جي رهواسين کي ”اڻ-آريو“، ”داس“ ۽ ”ڪرشن“ سڏيائين. اهو ٽولو لاڏائو هو، جنگجو (يعني جهنگلي فطرت رکندڙ) هو، شڪاري هو، جانور پالڻ ته ڄاڻندو هو، پر زراعت جي معاملي ۾ ڪورو ڄٽ، ۽ هن جي ٻوليءَ ۾ سُر جهڙوڪر هئا ئي ڪو نه ۽ موسيقيءَ ۽ نرت جهڙن نازڪ ۽ نفيس فنن کان اڻواقف هو. هو نرت کي جادوءَ جو عمل ۽ موسيقيءَ کي هڪ عجيب ۽ ڀوائتي شي سمجهندو هو، ۽ ظاهر آهي ته جنهن ٻوليءَ ۾ سُر جهڙوڪر موجود ئي نه هجن، اها ڪيڏي نه کهري ۽ اڍنگي هوندي، جڏهن ته منجهس وينجڻ به گهٽ هئا. جن کي ”اڻ –آريو“، ”داس“ ۽ ”ڪرشن“ سڏيو ويو، اُهي شڪاري دور ٽپي زرعي دور ۾ پهچي چڪا هئا. انهن پنهنجا ڳوٺ ۽ شهر اڏڻ ڄاڻي ورتا هئا. انهن هڪ هنڌ ٽڪي پنهنجو کاڌو پاڻ اپائڻ جو هنر ڄاتو پئي. وٽن موسيقي به هئي ته نرت به ، مجسمي سازي به هئي ته چٽسالي به، ۽ وڏي ڳالهه ته ڪيترائي وڌيڪ وينجڻ رکندڙ ۽ سُرن واري سُريلي ٻولي به هئي، جنهن کي لکڻ ۽ ڇپڻ پڻ ڄاڻندا هئا. ١- ”سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ۽ مکيه خاصيت يا خاص ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌيءَ جي ڪهڙي به لفظ جو پهريون توڙي پويون اکر ”ساڪن“ ڪونهي. سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ يا ته ڪو حرف علت، يا ته ڪا اعتراب آهي ئي آهي. اهو نمونو، ڪشميري ۽ اُڙيا (يعني اوڙيسا جي ٻولي ) کانسواءِ، ٻيءَ ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ ته ڪانهي. پر خود سنسڪرت ۾ به ڪانهي!“ (ڀيرو مل: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ص: ٢٢٣) ٢- سنڌي ٻوليءَ ۾ ”لفظن جي وزن“ جو خيال رکيو ويو آهي، جنهن جي نشاندهي ڪاڪو ڀيرومل هينئن ڪري ٿو: ’ڇوڪرو‘ مونث ’ڇوڪري‘ پر ’ڇوڪرُ‘ مونث ’ڇوڪرِ‘ هتي ’ڇوڪرو‘ (او،پڇاڙي)جو اچار گهٽائي ’ڇوڪرُ‘ (اُپڇاڙي) ڪيو اٿئون، ته مونث لفظ ڇوڪري (اي پڇاڙي) جو اُچار به گهٽائي ڇوڪرِ (اِ پڇاڙي) ڪيو اٿئون. ساڳيءَ ريت، ڇوڪرو جمع ڇوڪرا ۽ ڇوڪرُ جمع ڇوڪرَ- انهيءَ ريت، جمع جوڙڻ مهل به جمع واري آ پڇاڙيءَ کي گهٽائي آ ڪريون ٿا. ائين ڄڻ ته لفظ جو وزن پورو ڪري بيهارجي ٿو. رڳو شعر ۾ وزن جو خيال ڪبو آهي، پر هن ريت مونث ۽ جمع جوڙڻ مهل وزن جو خيال رڳو سنڌي ٻولي ڪري ٿي.“ (”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ “،ص: ٣٢٥). (ڪاڪو ڀيرومل انهن سنڌي عالمن مان هڪ آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي هڪ بگڙيل لهجي جي ڌيءُ يا پوٽي سمجهن ٿا.) ان ٻوليءَ کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”موهن جي دڙي جي ٻولي“، ڊاڪٽر غلام علي الانا ”پراڻي سنڌي“ (جيڪا ختم ٿي وئي) ۽ سراج الحق ميمڻ ”پروٽو-سنڌي“ سڏيو آهي. مون کي ته اهي ٽيئي رايا ساڳيا ٿا محسوس ٿين. سراج صاحب جي خيال موجب، اها ئي سنڌي، ويس مٽائيندي، هاڻوڪي روپ کي پهتي آهي. هڪ ڳالهه سڌي آهي،۽ منطقي طرح به نتيجو هي ٿو نڪري، ته ان موهن جي دڙي واريءَ پراڻيءَ يا پروٽو سنڌي ٻوليءَ کي ”سم“ نه ڪيو ويو. اها ڪا ٻي ٻولي هئي، جنهن کي ”سم“ ڪيو ويو. اها ڪهڙي ٻولي هئي، ۽ ان کي ”سم“ ڪرڻ جي گهرج ڇو محسوس ڪئي وئي؟ هن سوال جي پوئين حصي جو جواب اڳ ۾ ڳولڻو پوندو. ڪنهن به ٻوليءَ کي ”سم“ ڪرڻ (سڌارڻ، سنوارڻ، سهنجائڻ) جي گهرج ڇو ٿي محسوس ڪجي؟ مثال لاءِ، اسان کي ڪجهه ڳالهين تي ڌيان ڏيڻو پوندو: ١- سنڌي صورتخطي ڦيرائي، رومن (انگريزي) الفابيٽ مقرر ڪرڻ جي نيت ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن وٽ موجود آهي، جيڪي پاڻ کي سنڌيءَ جو گهڻگهرو سمجهن ٿا. هو ان لاءِ ڪيترائي دليل ڏين ٿا ۽ سندن چوڻ موجب ان نموني سنڌي ٻوليءَ کي تيز رفتار ڪري ۽ ترقيءَ جي راهه تي آڻي سگهجي ٿو. ٢- لڳ ڀڳ سڀني سنڌي عالمن، سياستدانن، ڏاهن ۽ اڪابرن جو خيال آهي ته سنڌي ماڻهن کي انگريزي ضرور سکڻ گهرجي، ڇو ته ان ۾ خا ص طرح سائنسي ۽ تحقيقي مواد ججهو آهي. ڪي ته ان راءِ جا به آهن ته انگريزي اصطلاحن جو ترجمو ڪرڻ بنا ئي سنڌيءَ ۾ آڻي پنهنجائڻ گهرجن. ٣- اهي سڀ ڳالهيون ان ڪري ڪيون وڃن ٿيون جو انگريزيءَ کي هڪ سڌريل ٻولي سمجهيو وڃي ٿو ۽ سنڌيءَ کي ان جي ڀيٽ ۾ کٽل ۽ سُڃي! ٤- انگريزيءَ جهڙي سڌريل ٻولي به جڏهن ٻين ٻولين جا ڪي لفظ پاڻ وٽ آڻي ۽ جذب ڪري ٿي ۽ تمام گهڻا لفظ آڻي ۽ جذب ڪري ٿي، تڏهن وٽس لفظن کي صحيح ڪرڻ اُچاري سگهڻ جي قوت جي کوٽ چٽيءَ طرح محسوس ٿئي ٿي، ڇو ته وٽس ڪيترائي وينجڻ موجود ناهن. مثال طور، ”جامع سنڌي لغات، پٺيان ڏنل اها فهرست ڏسو، جنهن ۾سنڌي وينجڻن کي انگريزيءَ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي، يا ”انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا“ ۾ خاص طرح عربيءَ مان آيل لفظن جي اُچارن کي ڏسو. هتي چيني ۽ ويٽنامي ٻولين مان رڳو ٻه لفظ ڳالهه کي چٽو ڪرڻ لاءِ ڏجن ٿا. انگريزيءَ ۾ هڪ نالي MAOTSE-TUNG ۽ هڪ خطاب NGOYAN کي ڏسو. اسين انهن لفظن کي ”مائوزي تنگ“ ۽ ”نگوين“ لکندا آهيون. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي حوالي سا، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ائين لکڻ باوجود صحيح اُچار ظاهر نٿو ٿئي. هاڻي ”تسي“ ۽ ”نگوين“ تي ڌيان ڏيو، جن ۾ ”ت“ ۽ ”ن“ ساڪن ڪري رکيا ويا آهن. ڄاڻايل لفظن کي غلط اُچاريندڙ ٻوليون چيني ويٽنامي سمجهجن، يا انگريزيءَ کي سڏجي؟ جيڪڏهن ڪا ٻولي سڌريل ۽ اڳتي وڌيل سنڌي ٻوليءَ (سنڌ جي ٻوليءَ، موهن جي دڙي جي ٻوليءَ“ پراڻي سنڌيءَ، پروٽو-سنڌيءَ) جي ڱ، ڳ، ڄ، ڃ، ڏ، ڻ، ٻ وغيره، کي غلط اچاري ۽ انهن کي نگ، گگ، جج، نج، ڊ/ڊر/در، نن، بب، وغيره اُچارڻ لڳي، يعني هڪ اکر ساڪن رکي (جيئن تسي ۽ نگوين ۾ انگريزيءَ رکيو، ته ڇا چوڻ گهرجي: اِهي آواز سنڌي ڦيرايا سنڌيءَ جا ڦيرايا ويا؟ جان مارشل چيو هو ته ڪن ڳالهين ۾ سنڌو ماٿر جي تهذيب ميسوپوٽيميا ۽ مصر جي تهذيبن کي به شهه ڏيئي وڃي ٿي. اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن،جن جي زور تي شهه ڏيئي وڃي ٿي؟ ”آرين“ جي اچڻ کان به هڪ هزار سال اڳ ۾، سنڌي سماج ۽ سنڌي ٻولي وڌيڪ اسريل هئا. وٽن موسيقي ۽ نرت به موجود هو. ”آريا“ کين ”اڻ آريا“ سڏڻ باوجود سندن موسيقيءَ، نرت، سڌريل سماج ۽ ڇاپي هيٺ ايندڙ ۽ سڌريل ٻوليءَ کان ڊڄندا هئا. انهن شين کي سمجهڻ ۾ کين پنج سئو سال لڳي ويا ۽ پنج سئو سالن کانپوءِ کين هڪ ٻوليءَ کي ”سم“ ڪرڻ جي گهرج شدت سان محسوس ٿي. سڌي ڳالهه آهي ته اها سندن ئي (لڳ ڀڳ بي سُري ۽ کهري) ٻولي هئي، جنهن کي هنن ”سم“ ڪيو ۽ ”سنسڪرت“ سڏيو. سنڌي ٻولي سندن آڏو ”فريم آف ريفرنس“ هئي (جيئن اڄ سنڌين لاءِ انگريزي ٻولي ”فريم آف ريفرنس“ آهي. جڏهن سوين ميسارجي ويل پنهنجي وقت جي شاندار ٻولين کي ڏسجي ٿو ( جن جو چڱو چوکو ذڪر، ”فاتحن جي دنيا“، ليکڪ يوسف شاهين، ۾ موجود آهي)، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جي اڻمئي ۽ جٽادار سگهه کي بي اختيار مڃڻو پوي ٿو. صدين کان وري وري غلاميءَ هيٺ رهندڙ ٻولي، جنهن جي الفابيٽ ئي ختم ڪئي وئي، ڳالهائجڻ ۾ جيئري رهجي آئي آهي، اهو سنڌين ۽ سندن ٻوليءَ جو انتهائي شاندار ڪارنامو آهي. مٿان وري اهو ته پنهنجيءَ جهوليءَ ۾ انهن سڀني ٻولين جا هزارين لفظ سمائي، پنهنجي مزاج موجب ڦيرائي، پنهنجا ڪري ڇڏيائين. حقيقت ۾ سنڌيءَ جي بقا جا وڏا، اهم ۽ بنيادي سبب ٽي آهن: (١) سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي مستقل مزاجي. (٢) سنڌي ٻوليءَ جي قاعدن ۽ قانونن جي بي پناهه پائداري، ۽ (٣) سخت قانونن باوجود انتهائي لچڪ پذيري. ڌيان ڏيو وياڪرڻ ۾ ضميري پڇاڙيون (جن کي ڪٿي ڪٿي ”وِچاريون“ به سڏي سگهجي ٿو) ۽ انهن جي ميلاپ سبب ٺهندڙ لفظ انتهائي نازڪ ۽ نفيس ٿين ٿا ۽ بنيادي ۽ اهم حيثيت رکن ٿا. اهي ايڏيءَ ته بيڌيانيءَ ۽ بگاڙي جو شڪار ٿيون آهن جو لفظن ۽ جملن ۾ سندن موجودگيءَ کي محسوس ئي نٿو ڪيو وڃي. ان جو پڪو مثال زمان حال ۾ ”ڪرڻ“ ۽ ”هئڻ“ وارن فعلن جا ڦيرا آهن. جيئن ئي منهنجو انهيءَ ڳالهه تي ڌيان ويو، هڪ پاسي هيءُ مضمون لکڻ شروع ڪيم (جيڪو لکڻ جاري هو ته ان وچ ۾ ٻيو مضمون ”هر هڪ لفظ هيري کاڻ“ به لکي وتم ) ۽ ٻئي پاسي ڪجهه پڙهيل ڪڙهيل دوستن ئي نه پر عام ماڻهن سان به ان موضوع تي ڳالهه ٻول جاري رکيم. جو آيو، جنهن ٻڌو، مون تي کلڻ لڳو، چيو ويو ته معاشي ڳڻتيءَ ۽ گهڻي، ناجائز ۽ غير ضروري سوچ ويچار نيٺ تنهنجا به ترا ڪڍي ڇڏيا، ڪنهن ڪم جو نه رهين، چريو ٿي پئين، اڳ ئي چرين جي کوٽ هئي جو تون پيدا ٿيو آهين، هاڻي ڪندين ٻين جا به دماغ خراب: سنڌي ٻوليءَ جو ٻيڙو هاڻي وري تون ٻوڙيندين، ڄڻ ته بروهي ٿو لڳين جيڪو پهريون ڀيرو هتي سنڌ ۾ آيو هجي: لڳي ٿو ته ڪا يورپي چِٻ اچي اسان وٽ پهتي آهي - ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه ۽ مون ويٺي ٻڌو ۽ سوچيو ته سندن ڳالهايل جملن مان ڪهڙو جملو صحيح هو ۽ ڪهڙو غلط ! عجيب ڳالهه آهي: ٻوليءَ جي وياڪرڻ جو فعلي ترڪين ۽ ضميري پڇاڙين جهڙو اهم ۽ بنيادي موضوع ايڏيءَ بيڌيانيءَ ۽ بگاڙي جو شڪار ٿي وڃي ۽ مٿان وري جيڪو صحيح ڳالهائي /لکي، ان تي ٽوڪ منجهان کليو وڃي، ۽ جيڪو غلط ڳالهائي/ لکي، ان کي ٺيڪ سمجهندي، ڪجهه به نه چيو وڃي ! ڳالهه ڪجي اصول ۽ علم جي. مثال طور، ”مان آيو“ (آيُم) يا ”مان لکندو“ (لکندم) ۽ اهڙيون ئي ٻيون صورتون علمي ۽ اصولي طرح صحيح آهن ۽ ائين ئي ڳالهائڻ ۽ لکڻ گهرجن. ائين چوڻ سان ”بروهڪو“ يا ”پرڏيهي“ ٿي پوڻ جهڙو بي مغز عذر ڏيئي، پاڻ کي هروڀرو، زوريءَ ۽ اجايو صحيح سڏڻ ڪو علمي رويو ناهي. هڪ ”بروهي“ يا ”پرڏيهي“ لفظن کي صحيح معنيٰ ۽ مفهوم ۾ ڪم آڻي، جيڪڏهن صحيح اُچاري ۽ ڳالهائي ٿو ته ان تي کلندڙ، ٽوڪ ڪندڙ کي ڇا سمجهبو؟ کلڻو ۽ ٽوڪ ڪرڻي ئي آهي ته ان تي ڪرڻ گهرجي، جيڪو غلط ڳالهائي ۽ لکي ٿو. رحم جوڳي حالت آهي ! ٻين ٻولين جي قدرتي ۽ تاريخي وارثن کي اهو اونو ته پرڏيهي ماڻهو سندن ٻوليءَ کي بگاڙن ٿا، ان ڪري اهي پاڻ وٽ ايندڙ پرڏيهين کي اچڻ کان اڳ يا ايندي ئي پنهنجي ٻوليءَ جي سکيا ڏين ٿا، پر اسين سنڌي آهيون(جيڪي سياسي سببن جي ڪري پاڻ وٽ ايندڙ پرڏيهين کي پنهنجي ٻولي سيکارڻ جي پوزيشن ۾ ته ناهيون)، پاڻ ئي پنهنجي ٻوليءَ کي بگاڙيو ويٺا آهيون ۽ بگاڙيندا وڃون پيا، جڏهن ته اسان وٽ جيڪو پرڏيهي اچي ٿو، اهو ڪوشش ڪري يا اڻڄاڻائيءَ وچان اسان جي ٻوليءَ کي جيڪڏهن صحيح ڳالهائي ٿو ته اسين ان کي شابس ڏيڻ بدران اٽلو مٿس کِلون ۽ ٽوڪون ڪريون ٿا! ٽوڪ لائق حيثيت ۾ ڪير هئڻ گهرجي؟ دنيا ۾ جو به ڏاهو ٿيو آهي، جاهلن پاران ٽوڪ، چٿر، تبرا ۽ ڌڪار جو شڪار ٿيو آهي. پر دنيا ۾ علم ۽ سائنس جي موجودگي ۽ واڌ ٻڌائي ٿي ته اڪابر ۽ عالم ماڻهن ۽ سچائيءَ ۽ علم اڄ تائين اڻڄاڻن ۽ جاهلن کان مات نه کاڌي آهي. ضمير(ضميري پڇاڙيءَ جي صورت ۾) هوندي به ساڳيو فاعل وڌيڪ، ٻيو ڀيرو آڻڻ سبب هڪ وڏي غلطي ڪندا رهيا آهيون، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اهڙين غلطين سان رچائي ”مالامال“ ڪري ڇڏيو اٿئون، ڇا، اهڙين غلطين کي درست ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن درست ڪرڻو ۽ رکڻو آهي ۽ وڌيڪ بگاڙي کان بچائڻو آهي، ته اسان کي وسيع ذهن رکي، مستقل مزاجيءَ سان اهو ڪم ڪرڻو پوندو. پهرين ذميواري عالمن ۽ ليکڪن، پبلشرن ۽ ايڊيٽرن تي اچي ٿي. * * * ”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون“- جيئن ئي مون اهو جملو ڳالهايو، تيئن منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو: ”ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن موجب صحيح ڳالهايو؟“ پنهنجيءَ ڄاڻ آهر مٿي ڏنل/ لکيل ٿوري سوچ ويچار کانپوءِ مون کي محسوس ٿيو ته مون اهو جملو غلط ڳالهايو. هي جملو صحيح تڏهن ٿيندو، جڏهن هينئن چئجي يا لکجي: ”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچندا“. يا ”توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون“. هن جملي ۾ لفظ ”ٺيڪ“ شدت، اسٽريس پيدا ڪري ٿو. اهو ساڳيو جملو بنا شدت جي هينئن چئبو يا لکبو: ”اسين توهان وٽ شام جو ڇهين وڳي پهچندا“. يا ”توهان وٽ شام جو ڇهين وڳي پهچنداسون“. هن جملي ۾ ”توهان“ جي بدران به ضميري پڇاڙي ڪم آڻي سگهجي ٿي: ”شام جو ڇهين وڳي پهچنداسونوَ“ ۽ جيڪڏهن شدت سان چوڻو آهي ته: ”شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسونوَ.“ (”ٺيڪ“ بدران ”هر حالت ۾“ به چئي سگهجي ٿو.) ”اسين توهان وٽ پهچندا“ جي بدران ”پهچنداسونوَ“. ضميري پڇاڙي هڪ بهترين، نازڪ ۽ اهم خصوصيت آهي. ٻوليءَ کي سهڻو ۽ سهنجو ٺاهي ٿي ۽ نه رڳو جملي کي ننڍو ڪري ٿي، پر ان کي سولو ڪري ڳالهائڻ ۾ وقت، ۽ لکڻ ۾ وقت، جاءِ ۽ فالتو پورهيي کان بچائي ٿي. اسان ضميري پڇاڙيءَ جي اصولي فائدن کي تباهه ڪري، بي ڌيانيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ وچان هڪ اجايو بار پاڻ تي وڌائي ڇڏڻ سان گڏ ٻوليءَ جي فطري سونهن ۽ جوڙجڪ کي به هاڃو رسايو آهي (جيڪو صدين کان ڪاهيندڙ ڌاريا به نه رسائي سگهيا). ڇا، سنڌي ماڻهو، خاص ڪري عالم، ليکڪ ۽ پبلشر، وسيع ذهن رکي، پنهنجو پاڻ کي هي سوال ورجائي پڇي سگهون ٿا: ”ڇا، مون هي جملو صحيح ڳالهايو/لکيو/سوچيو/ڇپيو؟“. (مهراڻ 1-2/1994ع)