سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)
ليکڪ خان محمد جروار
سنڌيڪار / ترتيب خان محمد جروار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-02-4
قيمت 250    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17041   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻولي-اُن جي بقا ۽ بچا:ءُ علامه آءِ آءِ قاضي


هن کان اڳ مون برادرانِ وطن جي آڏو، هن نڪتي کي بار بار پئي دهرايو آهي، ته هر ٻيءَ شيءَ وانگر، ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌارو فطرت جي قانونن مطابق عمل ۾ اچي ٿو، ۽ ان جي تباهي به فطرت جي قانون مطابق آهي. ان حقيقت لاءِ جيڪڏهن ڪنهن ثابتيءَ جي ضرورت آهي، ته پوءِ قرآن حڪيم جا هي الفاظ هڪ قطعي ثبوت سمجهڻ گهرجن ته: ”لِکُل امة اجل-اذا جاء اجهلم فلايستاخرون ساعته ولا يستقدمون“. (هر ڪنهن قوم لاءِ هڪ مقرر وقت آهي- جڏهن سندن اهو وقت اچي ٿو، تڏهن نڪي هڪ گهڙي دير ڪن ٿيون. نڪي جلدي). هر شيءَ جي بقا جو دارومدار ان جي صلاحيت ۽ صالحيت تي آهي- يعني ته هن ڳالهه تي آهي، ته ان ۾ زندگي پيدا ڪندڙ عمل باقي ڪيتريقدر وڃي رهيو آهي، ڪنهن به شيءِ ۾ جيڪڏهن تخليق جي قوت باقي نه رهي آهي، ته اها زنده رهي نه ٿي سگهي- بس يا واڌارو آهي يا موت. زبان جو مسئلو سماجي شعورتي ٻڌل آهي. ظاهر آهي ته جيستائين هڪ کان زياده ماڻهو نه هوندا، تيستائين گفتگو واري ٻولي پيدا ٿي ڪانه سگهندي. ٻين لفظن ۾ ٻوليءَ جي اسرڻ لاءِ سماج جو هجڻ ضروري آهي؛ فقط هڪ ماڻهوءَ جي وس کان هيءَ ڳالهه ٻاهر آهي: انسان فطري طور ”سماجي“ آهي، ڇو ته بغير سماجي اجتماع جي، هو ”انسان“ بڻجي نٿو سگهي. بقول قرآن حڪيم ”خلق الانسان علمھ البيان“، اجتماعي زندگيءَ جي هيء فطري تقاضا آهي، ته انسان کي بيان جي قوت هجي، ڇاڪاڻ ته تبادلئه خيالات هڪ لازمي ضرورت آهي، انهيءَ ڪري ئي قوم جي اجتماعي زندگي ٻوليءَ کي تشڪيل ڏئي ٿي، يا ان کي ترقي وٺائي ٿي، ۽ ان کي باقي رکي ٿي، جيڪڏهن اهي ضرورتون باقي نٿيون رهن ته ٻوليءَ جو باقي رهڻ به بي معنيٰ آهي. سنڌي ٻوليءَ کي بهترين ماحول هوندي به گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ورهيه ٺهڻ ۾ لڳا آهن، ان جي تشڪيل ۽ ترقي هڪ اهڙي خطي ۾ ٿي، جو اقتصادي لحاظ کان ٻاهر جو محتاج نه هو ۽ هتي جي زندگيءَ جون ضرورتون خود هتي جي باشندن جي هٿان پوريون ٿي ٿيون. مثلاً دنيا جا ڪي ڀاڱا ڪپهه پيدا ڪن ٿا، ڪي چانور پيدا ڪن ٿا، ته ڪي ڪڻڪ اپائين ٿا، مگر سنڌ اهي سڀئي اپائي ٿي، انهيءَ ڪري قديم وقت کان وٺي اقتصادي طور سنڌ پنهنجو پاڻ مڪمل ۽ خود ڪفيل ڀاڱو ٿي رهي آهي. تقريباً تيرنهن سئو سال اڳ سنڌ کي تهذيب ۽ تمدن جو تڪميلي پيغام ٻاهران پهتو، جنهن کي هن ملڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌايو، ۽ ان جو ڦل حاصل ڪيو. اهو سڀ ڪجهه سنڌ اهڙي ته خوش اسلوبيءَ سان ڪيو، جنهن جو مثال هتي جو ڪو ٻيو صوبو پيش ئي نٿو ڪري سگهي. انهيءَ حاصلات جو نتيجو هڪ طرف ”لطيف“ ۽ سندس پيغام آهي، ته ٻئي طرف سنڌيء ٻوليءَ جا هزارين پهاڪا آهن، جن جي رمزن ۽ اشارن ۾ دانائي سمايل آهي ۽ جي دنيا جي مهذب ترين ٻولين جي پهاڪن جي ڀيٽ ۾ هڪ امتيازي درجو رکن ٿا. تقيريباً ڏيڍ سئو سال اڳ، سنڌي ٻولي توڙي سنڌ جا باشندا هر خيال کان دنيا ۾ برک هئا. وڏي ۾ وڏا شاعر، عالم، گرامر جا ماهر ۽ لغت نويس هن ننڍڙي ايراضيءَ مان طلب ڪيا ويندا هئا. فقط پوين ڏيڍ سئو سالن ۾ ئي ڌارين جي غلاميءَ سببان، سنڌ جي ترقي ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي اهو اوهان جي همت ۽ حوصلي تي منحصر آهي، جو اوهان سنڌ جي زندگيءَ ۽ اجتماعي خوبين کي وري نئين سر جياريو ۽ سنڌ جي باشندن ۾ فڪر، عمل ۽ مقصد جي وحدت ۽ يگانگي پيدا ڪريو، ڇو ته انهيءَ وحدت ۽ يگانگيءَ کانسواءِ ڪنهن به قوم يا ٻوليءَ جو اسرڻ محال آهي، سنڌي ٻوليءَ جي بقاءَ ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيرڻ حماقت آهي، ڀائرو! سنڌي ٻولي فقط ايستائين زنده رهي سگهي ٿي، جيستائين اوهين زنده آهيو، ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهيو، حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوهان جي طفيل زنده ناهي، مگر اهي جي ٻه سئو ورهيه اڳ جيئرا هئا تن خاطر پئي پساهه کڻي. سنڌ انهن جي نيڪين سببان تڳي رهي آهي ۽ نه اسان جي عملن ڪري. جڏهن اوهان پنهنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ۽ پنهنجي فڪر ۽ تخليقي قوتن ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ جي بدران محض جامد جسم بڻجي ويندا، تڏهن فطرت جي قانون مطابق نه توهين رهندا، نه توهان جي ٻولي، ڪو به سياستدان يا داناءُ انهيءَ حالت ۾ اوهان کي جياري نه سگهندو ۽ ازلي آواز صدا ڏيندو ته ”ظالم قوم کي پري ڪيو وڃي“. ”فبعداللقوم الظالمين!“ شال ڌڻي تعاليٰ اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري.آمين (مهراڻ-2/1965ع)