سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)
ليکڪ خان محمد جروار
سنڌيڪار / ترتيب خان محمد جروار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-02-4
قيمت 250    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17053   ڀيرا پڙهيو ويو

مرتب نوٽ


سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون سھيڙڻ جو خيال ان وقت آيو، جڏھن مختلف تحقيقي مامرن ۾ اڳڀرائي ۽ رھنمائي لاءِ اڳ ڇپيل تحقيقي مقالن ۽ مضمونن جي مطالعي جي ضرورت پيش ايندي ھئي، جنھن لاءِ اٿارٽيءَ جي علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي لائبرري سميت ڊاڪٽر دائود پوٽھ لائبرريءَ جا ٿلھا پيا ٽوڙبا ھئا. تنھن تي ويچار ڪيم تھ اھڙن مقالن ۽ مضمونن جي ھڪ جاءِ تي عدم دستيابي سبب جيڪڏھن مون کي ايتري مٿا ڪٽ ڪرڻي ٿي پوي تھ عام شاگردن ۽ نون محققن سان ڪھڙو حشر ٿيندوھوندو ۽ کين ان سلسلي ۾ ڪيترا ڪشالا ڪڍڻا پوندا ھوندا!. اھا سوچ من ۾ رکي ھڪ ڀيري اھڙي پچار روشني پبليڪيشن ڪنڊياري جي روح روان سائين علي نواز گھانگھري سان ڪيم، جنھن يڪدم آڇ ڏني تھ جيڪر آئون کيس اھڙا مقالا ۽ مضمون سھيڙي ڏيان تھ پاڻ اھي ڇپائڻ لاءِ تيار آھي. ڳالھھ چڱي ھئي، تنھن ڪري بسم لله ڪري کڻي ڪم جي شروعات ڪيم ۽ ڪجھھ مقالا گڏ بھ ڪري ورتم. تڏھن وري خيال آيو تھ اٿارٽيءَ جي ھڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ منھنجو ھيءُ پورھيو، جيڪڏھن منھنجي اداري جي نيڪ ناميءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي تھ ڪــر ڏاڍو چڱو. ان کان سواءِ اھڙن مقالن ۽ مضمونن جي اشاعت اٿارٽيءَ جي مول متن سان بھ بلڪل ٺھڪندڙ ھئي، تنھن ڪري بسم لله ڪري اھي مقالا اداري جي اشاعتي ڪاميٽيءَ آڏو منظوريءَ لاءِ پيش ڪيم. رب طرفان اتي بھ ڪا سڻائي لکيل ھئي، سو ڪاميٽيءَ جي معزز ميمبرن جھٽ ۾ کڻي مسودو ڇپائيءَ لاءِ منظور ڪري ورتو. جنھن لاءِ آئون سندن ٿورائتو آھيان. مضمونن ۽ مقالن جي ترتيب سال وار رکي وئي آھي، جيتوڻيڪ ڪوشش اھا ھئي تھ سڀئي مقالا ھڪ ئي وقت ھٿ ڪري تحقيق ڪندڙن لاءِ وڌيڪ آساني پيدا ڪجي. پر وقت جي قلت سبب اھڙي ترتيب ممڪن نھ ھئي، تنھنڪري جيڪي مقالا ان وقت دستياب ھئا تن تي اڪتفا ڪري اداري جي مقالن ۽ مضمونن واري سيريز جي ٻئي جلد طور پڌرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ھن سيريز جو پھريون جلد ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي صاحب جي ترتيب تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ ورھاڱي کان اڳ، سنڌ جي مختلف عالمن، اديبن ۽ تعليمي ماھرن، سنڌي ٻوليءَ بابت پنھنجي ڪيل تحقيق کي مقالن جي صورت ۾ پڙھندڙن آڏو پيش ڪيو آھي. زير نظر جلد جا مقالا سنڌ جي معتبر علمي ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ جي ٽھ ماھي ”مھراڻ“ رسالي تان ورتل آھن. جڏھن تھ ايندڙ جلدن جا مقالا ماھوار نئين زندگي، ڇھھ ماھي ”سنڌي ادب“، شاھھ لطيف چيئر جي تحقيقي جرنل”ڪلاچي“،سنڌ يونيورسٽيءَ سنڌي شعبي جي جرنل ”ڪينجھر“، ماھوار ”سھڻي“ ۽ ٻين ننڍن وڏن رسالن ۽ اخبارن تان ورتا ويا آھن، جيڪي ھر لحاظ کان تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا. آئون انتھائي ٿورائتو آھيان پنھنجي محسن سائين عبدالقادر جوڻيجي صاحب جو، جنھن اداري توڙي اشاعتي ڪاميٽيءَ جي چيئرمئن جي حيثيت ۾ نھ صرف منھنجي ھمت افزائي ڪئي پر منھنجي ھن پورھئي کي اداري طرفان ڇپائڻ جي منظوري پڻ ڏني، جنھن لاءِ سندس وڏا وڙ. اداري جي پبليڪيشن ڊائريڪٽر سائين امين محمد لغاري صاحب جون محبتون وسارڻ سان بھ نھ وسرنديون، جنھن اشاعتي معاملن ۾، وڏي ڀاءُ جيان نھ صرف منھنجي ڀرپور رھنمائي ۽ مدد ڪئي پر منھنجي ترتيب ڏنل ھن ڪتاب جي اشاعتي منظوريءَ تي دلي سرھائي جو اظھار ڪيو، جنھن لاءِ سندس ٿورا. سندم انتھائي پياري دوست ۽ اداري جي پبليڪيشن آفيسر خالد آزاد جا ٿورا تھ ڳائڻ کان بھ ڳرا، جنھن ڪتاب جي ترت اشاعت ۽ فني سٽاءَ تي دلچسپي ڏئي وڏا احسان ڪيا، جنھن لاءِ بخاريءَ صاحب جون ھي سٽون ئي آئون کيس ڀيٽا ڪري سگھان ٿو تھ: تـنھنجا مون تي ٿورا، ڪـي ٿورا تھ ناھن، ھـونــدي جـي حيـاتي، تـھ مـن! لاھـبا پـيا. ڪتاب جي ڪمپوزنگ، ٽائيٽل ۽ ٻين اشاعتي مرحلن جي تڪميل لاءِ منھنجي پيارن دوستن،محمد رمضان، اسد ڀـُٽي ۽ شاھنواز ارباب جا بھ ٿورا. سندن دلچسپيءَ ۽ سھڪار نھ ھجي ھا تھ ڪتاب جي تڪڙي اشاعت ممڪن نھ ٿئي ھا. تنھن ڪري کين بھ شاباس ھجي. ڪتاب جي پروفن لاءِ منھنجو پراڻو ساٿي ۽ دوست مختيار احمد بلوچ کيرون لھڻي، جنھن مختصر عرصي اندر چڱي نموني ڪتاب جا پروف پڙھي اداري جي حوالي ڪيا. سندس اھڙو تعاون بھ اشاعتي معاملن جي اڳڀرائي ۾ مددگار رھيو. آخر ۾ ٿورا اسان جي پياري دوست ڊاڪٽر ظفر عباسيءَ جا، جنھن ڪتاب کي وقت اندر سھڻي پني ۽ خوبصورت ڇپائيءَ سان، اوھان پڙھندڙن تائين پھچايو. اميد تھ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان چاھھ رکندڙ دوست منھنجي ھن پورھئي کي تحسين جي نظر سان ڏسندي قبول ڪندا. خان محمد جروار 30 مئي 2007