سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)
ليکڪ خان محمد جروار
سنڌيڪار / ترتيب خان محمد جروار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-02-4
قيمت 250    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17050   ڀيرا پڙهيو ويو

عربي-سنڌي رسم الخط جي ابتدا لاءِ ويچار: ڊاڪٽر غلام علي الانا


سنڌي زبان، دنيا جي ٻين زبانن وانگر هميشه ۽ هر دور ۾ تحقيق ۽ تجسس جو موضوع رهي آهي. هر دور جي عالمن ۽ ودوالن، سنڌي زبان جي مختلف موضوعن تي کوجنا پئي ڪئي آهي. تحقيق مان معلوم ٿو ٿئي ته قبل مسيح ۾ آيل چيني سياحن کان وٺي پوءِ جيڪي به ماهر ۽ ودوان وادي سنڌ ۾ پهتا، انهن سنڌ جي ماڻهن، انهن جي ثقافت،، رهڻي ڪهڻي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن ۽ ٻوليءَ جي باري ۾ پنهنجا رايا ضرور ڏنا آهن. اهو سلسلو هر دور ۾ جاري رهيو آهي. سنڌي ٻولي جيئن ته قديم زماني ۾ روزمره جي استعمال، وڻج واپار، لوڪ ادب ۽ عوام جي وهنوار ۾ مروج ٻولي رهي آهي، انهيءَ ڪري سنڌ جي سماجي زندگيءَ تي سنڌي ٻولي به اثر انداز رهندي آئي آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته قديم زماني کان وٺي هن ٻوليءَ کي هڪ ۽ هڪ کان وڌيڪ رسم الخط حاصل رهيا آهن، جنهن ڪري هيءَ ٻولي سدائين لکيل صورت ۾ رهندي آئي آهي، جنهن ڪري هيءَ ٻولي زندهه ٻولين ۾ شامل رهي آهي ۽ هميشھ زنده رهندي . لکڻ واري صلاحيت حاصل ڪرڻ سبب، هن ٻوليءَ پنهنجي سماج جي قدرن ۽ ان ۾ جيڪي تبديليون اينديون رهيون آهن، تن کي رڪارڊ طور محفوظ رکيو آهي، مون پنهنجي هڪ مقالي بعنوان ”سنڌي لسانيات، صوتيات، لغت ۽ گرامر تي ٿيل تحقيق ۽ اشاعت ۾ عرض ڪيو هو: ”سنڌيءَ ٻوليءَ جي اڀياس اندر، سنڌ جي معاشي، معاشرتي زندگي، ذهني ۽ فڪري ترقيءَ جي تصوير چٽي نظر ايندي آهي. سنڌي ٻولي هڪ سماجي قوت، علم ۽ عقل جو اٿاهه مهاساگر، لغت، معنيٰ ۽ علم ادب، خيالن ۽ اظهار جو هڪ گنج آهي، ٻين انساني ٻولين وانگر، هيءَ ٻولي به ڪنهن هڪ ماڻهوءَ، ڪنهن هڪ عالم يا ڪنهن هڪ ماهر يا استاد ويهي ڪانه ٺاهي آهي، پر ٻين انساني ٻولين وانگر، هيءَ ٻوليءَ به قدرت طرفان عطا ٿيل آهي، ۽ هيءَ ٻولي سنڌ جي ڌرتي ۽ ڀونءَ سان گڏ وجود ۾ آئي ۽ جڳان جڳ جيئندي، ترقي ڪندي، منزلون طي ڪندي، مقابلن کي منهن ڏيندي، سختيون سهندي، ساڻيهه سان گڏ ساهه کڻندي، اڳتي وڌي رهي آهي، ۽ وڌندي رهندي؛ ۽ انهيءَ لحاظ سان هن جون پاڙون سنڌي سماج ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ اندر ايتريون ته اونهيون کُتل رهيون آهن، جن کي اکوڙڻ ۽ پَٽي ڪڍڻ مشڪل ڪم ۽ ناممڪن ڪوشش آهي. هيءَ ٻولي هر زماني ۾، عوامي ٻولي رهندي آئي آهي ۽ روزمرهه جي ماحول ۾ سدائين مروج، سدائين جاري ۽ استعمال واري ۽ سندس حيثيت مواتر ۽ مقام هر زماني ۾ سدائين مڃيل ۽ موثر رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته سنڌي ٻوليءَ جوسرچشمو سدائين عوام ئي رهيو آهي.“ (1)• سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ارتقا جي سلسلي ۾ اهو به عرض ڪيو ويو هو ته سنڌي ٻولي قديم سنڌ ۾ ، اسلام جي آمد کان به گهڻو اڳ، عوام جي روزمرهه جي زندگيءَ ۽ وهنوار ۾ ڪم ايندڙ ۽ روزانه استعمال ۾ ايندڙ زبان هئي، جنهن ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ کانسواءِ واپار ۾ تاجر پنهنجو ليکو چوکو لکت ۾ رکندا هئا ۽ دڪانن تي وکرن ۽ وڙن جا نالا به پنهنجي ماحول ۾ مروج رسم الخط ۾ لکندا هئا، ان زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکت لاءِ مختلف رسم الخط ڪم ايندا هئا، جن جو ذڪر ۽ نالا ڌار ڌار مقالن، مضمونن ۽ ڪتابن ۾ ملن ٿا. هن سلسلي ۾ موهن جي دڙي واري لکت جي باري ۾ جيستائين ڪا آخري راءِ، ثبوتن ۽ دليلن سان ظاهر ٿئي، تيستائين سنڌ ۾ رسم الخط جا ٻيا ڪئين نالا ۽ ڪي نمونا پڻ مليا آهن (2)، جن ۾ برهمي ۽ کروشٺيءَ کانسواءِ ارڌناگري نموني تي ٺاهيل رسم الخطن جا جيڪي نالا حاصل ٿيا آهن، اهي هي آهن: (i) لوهاڻڪو رسم الخط: هي رسم الخط ٺٽي ۽ برهمڻ آباد ۾ لوهاڻا استعمال ڪندا هئا. (ii) ڀاٽيا رسم الخط: هي خط ٺٽي جا ڀاٽيا ڪم آڻيندا هئا. (iii) لاڙائي يا لاڙي رسم الخط: هي رسم الخط لاڙ ۾ لاڙي بندر، فتح باغ، جوڻ، رڙي، بدين، رهموڪي بازار جا عام ماڻهو ۽ واپاري ڪم آڻيندا هئا. (iv) راجائي رسم الخط: هي رسم الخط دبي، ميرپورساڪري، جاکي بندر ۽ سنڊي بندر جا واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا. (v) ميمڻڪو رسم الخط: هي رسم الخط ٺٽي، حيدرآباد، راهموڪي بازار ۽ ٻين شهرن جا ميمڻ (واپاري ۽ عام ماڻهو) ڪم آڻيندا هئا. (vi) خواجڪا اکر: هي رسم الخط نو ملسم خواجه جيڪي اڪثر لوهاڻن مان مسلمان ٿيا هئا سي ڪم آڻيندا هئا، هي خط لوهاڻڪي خط ۾ تبديليون ۽ واڌارا آڻي ٺاهيو ويو هو. (vii) ڏاکڻي لهندا رسم الخط: هي رسم الخط چاچڪان سرڪار جي جوڻ، فتح باغ، بدين ۽ لاڙ جي ٻين حصن ۾ لوهاڻن ۽ ڀاٽين کانسواءِ ٻيا هندو واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا. (viii) لُنڊا يا واڻڪا اکر: هي رسم الخط ڀائيبند واڻيا، واپاري بدين ۾ ڪم آڻيندا هئا. (ix) ونگائي رسم الخط: هي رسم الخط بدين طرف جي ونگي پتڻ، ڪوڇي، باغ جي پتڻ، بنگهار جي شهر ۽ ولهار جا واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا ئا. (x) خداوادي رسم الخط (1)• :هي رسم الخط خداآباد جا واپاري ۽ عام ماڻهو ڪم آڻيندا هئا. (xi) سيوهاڻي ٻاٻڙڪا اکر: هي رسم الخط سيوهڻ ۾ هلندو هو، سيوهڻ جا ٻاٻڙا واپاري ڪم آڻيندا هئا. (xii) شڪارپوري رسم الخط: شڪارپور جا واپاري ۽ عام ماڻهو پنهنجو شڪارپوري رسم الخط ڪم آڻيندا هئا. (xiii) ساکرو رسم الخط: هي رسم الخط سکر ۾ عام هوندو هو. (xiv) گرمکي اکر: سنڌ ۾ گرو نانڪ جا پوئلڳ، نانڪ-پنٿي هندو، هي رسم الخط ڪم آڻيندا هئا. انهن کانسواءِ البيروني به ڪنهن رسم الخطن جا نالا ڏنا آهن، جيئن اڳتي بيان ڪيو ويو آهي. البيرونيءَ کان اڳ ۾ اسان کي عرب سياحن جي سفرنامن مان سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخطن جي فقط تعداد جي باري ۾ معلومات ملي ٿي. هن (البيروني) عالم کان پوءِ انگريز ماهرن نه فقط نالا ڏنا، پر انهن لکتن ۽ لپين جا نمونا پڻ پيش ڪيا. هن ڏس ۾ ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي کوٽاين مان حاصل ٿيل ٺڪرين تي لکيل اکرن، عرب سياحن جي دعويٰ کي دليل طور پيش ڪيو. ڀنڀور مان لڌل ٺڪرين کي پڙهڻ کانپوءِ نه فقط رسم الخط جي باري ۾ ڪجهه چيو ويو آهي پر، ان وقت ڪم ايندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ساخت، سٽاء، مواد ۽ ٻوليءَ جي مجاز جي باري ۾ به راءِ ڏني ويئي آهي (1)•؛ البته برهمڻ آباد (المنصوره) مان لڌل ٺڪرين تي لکيل اکرن (رسم الخط) جي باري ۾ اڃا ڪا راءِ يا رايو ڪونه ڏنو ويو آهي، جنهن جي آڌار تي ڪجهه چئي سگهجي، پر ايترو سو چئي سگهجي ٿو ته ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيندڙ ٺڪرين تي لکيل اکر ثابت ٿا ڪن ته هنن شهرن جا ماڻهو نه فقط پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا ڌڻي هئا، پر هو پنهنجي روزاني زندگي، وهنوار ۽ اٿڻي ويهڻي ۾ پنهنجي ٻولي ڪم آڻيندا هئا، جيڪا هو نه فقط ڳالهائي سگهندا هئا، پر هو اها ٻولي باقاعدگيءَ سان لکي به سگهندا هئا(2). سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سماجي، تجارتي، علمي، ادبي ۽ لساني ڪارج جي سلسلي ۾ اسان کي سڀ کان آڳاٽي ۾ آڳاٽي ۽ ان وقت جي لحاظ کان گهڻي ۾ گهڻي معلومات ، عرب سياحن جي سفرنامن مان ملي ٿي. انهن سياحن ۽ ماهرن ۾ سڀ کان پهرين جاحظ (864ع) (1)، پوءِ اصطخري (951ع) (2)، پوءِ مسعودي (957)(3)، پوءِ ابن حوقل (245هه/956ع) (4)، پوءِ بشاري مقدسي (958ع) (5)، پو ابن نديم (985ع ڌاري) (6)• ۽ پوءِ البيروني (1017ع کان 1030ع) پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۽ تذڪرن ۾، ان وقت جي ماڻهن جي حالت، ثقافتي ۽ سماجي پهلوئن، وڻج واپار ۽ ٻوليءَ لاءِ مستعمل رسم الخط جو ذڪر ڪيو آهي. انهن سياحن، ماهرن ۽ محققن ۾ البيرونيءَ ته ان وقت جي چالو رسم الخطن جا نالا پڻ ڏنا آهن. هو لکي ٿو: ”ڏکڻ سنڌ ۾“ کاري واري خطي تائين ”مالوَ شائو“ (Malwashau) نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، ان کي ”مالواڙي“ (ملقاري) به چئبو آهي، بَهمنوا (المنصوره) ۾ ”سئندو“ رسم الخط ڪم ايندو آهي. ”لاڙي خط“، ”لاڙ ديس“ ۾ ڪم ايندو آهي. ”اردناگري“ رسم الخط ”ڀاٽيا“ ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو آهي“ (7). البيرونيءَ جي هن راءِ، ٻين عرب سياحن طرفان رسم الخط جي باري ۾ ڏنل معلومات ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد (المنصوره) مان رسم الخط جا حاصل ٿيل نمونا، جارج اسٽئڪ (8) ۽ سرگريئرس جي جڳ مشهور تحقيق(9)• مان ائين نٿو معلوم ٿئي ته سنڌي زبان لاءِ عربي-سنڌي رسم الخط يا عربي حروف تهجيءَ جي ابتدا ڪڏهن ٿي؟ سنڌي صورتخطي ڪتاب (ڇاپي ٽئين) ۾ صفحي 27 تي، عربي-سنڌي صورتخطيءَ جي عنوان هيٺ، هڪ سوال ڪيو ويو هو. اهو سوال هو: ”هي سوال اڃا تحقيق طلب آهي ته سنڌ ۾ عربي-سنڌي صورتخطيءَ جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ڪڏهن ٿي (1)“ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جي خيال موجب: ”عربي-سنڌي خط جو قديم نمونو، شاهه ڪريم بلڙائيءَ (1537ع کان 1663ع) جي ڪلام ۾ ملي ٿو. شاهه ڪريم کانپوءِ ٻين بزرگن جو ڪلام به عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهي“ (2).• هن سلسلي ۾ البيرونيءَ جي راءِ جو جائزو وٺندي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”پنهنجي هن بيان ۾ بيرونيءَ ڪم از ڪم ٽن صورتخطين جو پتو ڏنو آهي، جيڪي 1020- 1030ع واري عرصي اندر رائج هيون، ڀاٽيھ (جيسلمير) ۽ سنڌ جي ڪن ڀاڱن ۾، يعني جيسلمير واري سرحد لڳ، سنڌ جي اڀرندين ڀاڱن ۾، ”اڌ-اکري ناگري“ هلندڙ هئي. انهيءَ مان ڀانئجي ٿو ته اندازن موجوده سکر، خيرپور، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي اڀرندين ڀاڱن ۾ ”اڌ-اکري ناگري“ هلندڙ هئي، سامونڊي ڪناري يعني موجوده ٺٽي ضلعي جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ”ملقاري“ رسم الخط رائج هئي. تاريخي اعتبار سان درياءَ کان اولهه طرف ميرپورساڪري واري علائقي ۾ آڳاٽي وقت کان ”نڱامرا“ قوم آباد هئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن جي صورتخطي ‎ ”نڱامري“ ڏانهن اشارو هجي.وچ سنڌ واري علائقي ۽ گاديءَ جي شهر بهمنوا يا منصوره ۾ ”سيندب“ يعني ”سئندو“ يا ”سنڌي صورتخطي“ هلندڙ هئي. اها ”عربي-سنڌي“ صورتخطي هئي، جيڪا پهريائين منصوره واري علائقي ۾ استعمال ٿي ۽ اتان آهستي آهستي سڄيءَ سنڌ ۾ رائج ٿي(3).“ ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو: ”عربي-سنڌي صورتخطيءَ جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو خود محقق بيرونيءَ جي لکيت ۾ ملي ٿو. هن ”ملقاري“ لفظ ۾ ”ق“ حرف ڪم آندو آهي؛ ”مڱر“ (منگر) ۽ ”اڱل“ (آڱر) لفظن ۾ ”ڱ“ جي اُچار لاءِ ”ڱ“ حرف ڪم آندو اٿس؛ يعني ته خود محقق بيروني، سنڌ جي مقامي اُچارن کي ادا ڪرڻ لاءِ عربي حرفن مٿان ٽٻڪا ڏيئي نوان اکر ڪڍيا (1).• عرب سياحن جي سفر نامن ۽ انهن کان اڳ جي لکيل تاريخي مواد جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته انهن ڪتابن ۾ سنڌ جي باري ۾ ، لکيل احوالن ۾ ڪيترن ئي مقامي سنڌي لفظن کي عربي رسم الخط ۾ لکڻ جو رواج يا ابتدا البيرونيءَ جي آمد واري دور (1010ع- 1030ع) کان گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي،البيروني 1017ع کان 1030ع واري عرصي ۾ هت آيو، جڏهن ته پهريون عرب سياح جاحظ هو، جنهن جو احوال 864ع ۾ ملي ٿو، يعني البيرونيءَ جي اچڻ کان 153 سال اڳ. جاحظ کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ٻيا سياح به آيا، جيئن اصطخريءَ جو سن 951ع آهي، ابن حوقل جو سن 245هه- 956ع جي لڳ ڀڳ آهي. جاگرافيدان مسعودي 303 هه/16- 915ع ڌاري سنڌ ۾ آيو؛ بشاري مقدسيءَ جي تصنيف جو سن 985ع/ 375هه آهي، ابن نديم 377 هه/ 86- 985ع ڌاري سنڌ جو احوال لکيو، پر البيرونيءَ جو احوال 1017ع کان 1030ع جو آهي، انهن سڀني سياحن، مورخن، ماهرن ۽ جاگرافيدانن جي سفرنامن ۽ تذڪرن مان نه فقط سفرنامن جي ثقافت، وڻج واپار، علم ادب ۽ ٻين ڳالهين کي لکت ۾ بيان ڪيو ويو آهي، پر انهن سفرنامن مان سنڌي ٻولي، ان لاءِ ڪم ايندڙ رسم الخط جي تعداد جي باري ۾ خبر پوي ٿي ۽ البيرونيءَ ته انهن رسم الخطن جا نالا به ڏنا آهن. انهن سفرنامن ۽ تذڪرن ۾ سنڌي ماڻهن، سنڌ جي ماڳن، مڪانن ۽ دريائن وغيره جا نالا عربي رسم الخط ۾ ڪجهه تبديليءَ کانپوءِ ڏنا ويا، ان ڪري سنڌي زبان ۾ ڪافي وسعت اچي چڪي هئي.، هزارن جي تعداد ۾ عربي ٻوليءَ جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويا ۽ سنڌي لغت جو حصو بڻيا. هڪ ڳالهه هيءَ به توجهه جي لائق آهي ته عرب سياحن ۽ جاگرافيدانن جي اچڻ واري عرصي جي لڳ ڀڳ ڪيترائي تاريخي ڪتاب قلمبند ٿي چڪا هئا، جن ۾ سنڌ ۾ اسلامي فتوحات جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو هو. هن وقت تائين جن تاريخي ڪتابن جا نالا مليا آهن، انهن مان ڪي هي آهن. (i)فتوح البلدان: هيءَ بلاذريءَ جي لکيل تاريخ آهي، جنهن ۾ هڪ باب سنڌ جي فتوحات جي عنوان سان آهي، بلاذريءَ جي وفات 80/279ع ۾ ٿي، يعني ابن حوقل کان 34/ 35 سال پوءِ. (ii) تاريخ يعقوبي: هن تاريخ ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ جي فتح جو احوال تفصيل سان ڏنل آهي. يعقوبيءَ جي وفات 284ع ۾ ٿي. (iii) تاريخ طبري: هن تاريخ جو مصنف ابوجعفر محمد بن جريد الطبري آهي. هيءُ 224هه ۾ ڄائو هو ۽ 310هه ۾ وفات ڪيائين. هن تاريخ ۾ سنڌ جي فتوحات جي باري ۾ ذڪر آهي ۽ حوالا ڏنل آهن، گويا هن تاريخ جو مصنف ابن حوقل جو هم عصر هو. (iv) الڪامل في التاريخ: هي ڪتاب ابن الاثير جو لکيل آهي. هي عالم 555هه کان 630هه تائين ٿي گذريو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اوائلي فتوحات جي باري ۾ ذڪر آهي. (v) فتح نامه سنڌ عرف چچنامو: سنڌ جي تاريخ بابت هي پهريون مڪمل ڪتاب آهي، هي ڪتاب اصل ۾ عربيءَ ۾ لکيو ويو هو، جنهن جو فارسي ترجمو 613هه (1216ع) ۾ ٿيو. هن ڪتاب ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جي ماڻهن، ماڳن، دريائن، ندين، ڍنڍن، قومن ۽ ذاتين جا نالا عربي-سنڌي حروف تهجيءَ ۾ ڏنل آهن. انهن سڀني تاريخي ڪتابن ۾ سنڌ جي ڳوٺن، ماڻهن، دريائن، ماڳن ۽ مڪانن جا نالا عربي- سنڌي رسم الخط جي نموني ۾ لکيا ويا آهن، پر هن ڏس ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪتاب چچنامو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا هزارين لفظ، عربي - سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهن، جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. عربي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي معيار، مقام ۽ شڪل جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو: ”عربي دور حڪومت ۾ ٻوليءَ ۾ مرڪزيت پيدا ٿي. سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۽ قبيلن جي ٻولين ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي، جنهن ڪري هڪ جامع سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل وجود ۾ آئي. سنڌ ۾ عربي دور جي ابتدا کان ئي عربن جون آباديون قائم ٿيون. سنڌ وارن جا عرب ملازمن، ڪاريگرن ۽ عالمن سان گهرا معاشرتي تعلقات پيدا ٿيا. عربن سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو، سندن دائمي سڪونت سبب، عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾ شادين مرادين ۽ مٽين مائٽين جا سلسلا قائم ٿيا. عرب ۽ سنڌي پاڻ ۾ ايتري قدر ته سـڱيڻا ٿيا، جنهن ڪري سنڌ وارن جي سماجي زندگيءَ تي اثر وڌيو. اسلام جي اثر ماڻهن جي روزانه زندگيءَ تي وڏو اثر ڪيو. انهيءَ اجتماعي نفسيات جو ٻوليءَ جي نفسيات تي اثر گهڻو پيو. بيشمار عربيءَ جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا، انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي لغت ۾ واڌارو ٿيو. انهن ۾ مذهب، معاشيات، معاشرتي زندگي، زراعت، تجارت، ابلاغ، صنعت، مواصلات (Communication)، جنگ، انتظامي اُمور ۽ ٻيا ڪيترائي لفظ داخل ٿيا“(1)• اسلامي حڪومت جي اثر ڪري، جتي هزارن جي تعداد ۾ عربي لفظ، سنڌي لغت جو حصو بڻيا، اُتي ٻنهي تهذيبن جي ميل جول ڪري، ڪيترائي سنڌي لفظ، عربي ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا. عرب سياحن ۽ محققن پنهنجي سفر دوران سنڌ ۾ بيشمار سنڌي لفظ، عربي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندي ٻڌا. سنڌي ٻوليءَ جي انهن ۽ اهڙن ٻين لفظن جي عربيءَ ۾ عام استعمال جو خاص سبب هي به هو، جو ڪيتريون ئي پسارڪيون شيون ۽ وکر، توڙي روزمره جي استعمال جا وڙ جهڙوڪ ’ٿوم‘، ’گرم مصالحو‘ ڪپڙو، ستيون ڦڪيون“ ۽ ٻيون شيون سنڌ جي مَنڊين ذريعي عربستان، ايران ۽ ٻين ملڪن ڏانهن اماڻيون وينديون هيون. سنڌي ويدن، ويڄن ۽ طبيبن، طب جي ڪتابن ۽ ويدن کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو، انهيءَ ڪري سَوَن جي تعداد ۾ سنڌي لفظ معمولي صوتي تبديل سان، عربيءَ ٻوليءَ ۾ جيئن جو تيئن رهيا ۽ رکيا ويا، جيڪي اڄ به سڃاڻي سگهجن ٿا؛ البته ڪي لفظ گهڻي صوتي تبديل سبب عربيءَ ۾ اهڙا ته مدغم ٿي ويا جو اهي هاڻ سڃاڻڻ ۾ ئي نٿا اچي سگهن؛ مثلا اهڙا لفظ آهن: سنڌي لفظ عربيءَ ۾ شموليت کانپوءِ سنڌي لفظ عربيءَ ۾ شموليت کانپوءِ ٿوم ثوم/فوم کنڊ قند (1)• سڙهه شرعھ ڪک ڪَخ جت زط گج قز ڪاٻارو/ڪاٻالو قبالھ ڪپور ڪافور ڦردو فَرضھ نيل نيلج ڪرمچ ڪرمز ڪرڻ ڦل قرنفل پوتي/پوتو فوطھ جاءِ ڦل جائفل هندورو هندول ٽِڦلو آطرفل بيانو هندول مِک مِخ ڇيٽ شِيٽ اهڙيءَ طرح هيٺ مثال طور اهي سنڌي لفظ ڏجن ٿا، جيڪي سنڌ ۾ رهندڙ عربن جي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا، جن کي هنن جيئن جو تيئن قائم رکيو. اهڙن لفظن مان ڪي هي آهن: سنڌي عربيءَ ۾ شموليت کانپوءِ سنڌي عربيءَ ۾ شموليت کانپوءِ انب انبھ، انبج سکاڻ سُڪان ڀَت بهطھ، بهطا ڪات قاطع ڪاسو ڪاسھ مُترڪو مطرقھ سنداڻ سندان (1)• هليلا هليلھ اَڪرو عاکره مٿي ڏنل لفظن توڙي اهڙن ٻين لفظن کي عربي حروف تهجيءَ ۾ لکڻ لاءِ ڪيترن ئي سنڌي آوازن کي، عربي اکرن ۾ لکيو ويو يا عربي اکرن ۾ واڌارو ڪري نوان اکر جوڙيا ويا ڇو ته عربي رسم الخط ۾ انهن سنڌي آوازن لاءِ حروف هئا ئي ڪونه؛ مثلا:ً سنڌي آواز عربي سنڌي حروف سنڌي آواز عربي سنڌي حروف ڦ ف ک ڪ ڙ ر پ ف ڻ ن ک ق/ک ڀ بهه ڱ نگ ٿ ف/ث ڃ نج ٻ ب سنڌيءَ جا اُهي لفظ جيڪي ”او“ پڇاڙيءَ وارا هوندا هئا، اهڙن لفظن کي عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ لاءِ ”او“ کي ”ـھ“ ۾ تبديل ڪيو ويو. مثلاً: سنڌي عربي مترڪو مطرقھ ڪاسو ڪاسھ بيانو بيانھ ڪاٻارو قبالھ ڦڙدو فرضھ توتيو توتيھ اٺين صدي عيسويءَ ۾ بغداد جي خليفن سنڌ مان ڪيترائي پنڊت، ودوان، طبيب ۽ ويد گهرايا ۽ کين تعليمي ۽ طبي عهدن تي مقر ڪيو(1)•. انهن مان ڪن جا نالا هئا: پنڊت ماڻڪ، پنڊت ڀلو، پنڊت ڌنو، پنڊت بکر ۽ پنڊت گنگو وغيره. انهن پنڊتن، ودوانن، ويدن ۽ حڪمين بغداد ۾ رهي، عربي زبان ۾ ويد، طب، ستارن جي علم ۽ ٻين علمن جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هنن جڙين ٻوٽين، پسارڪي وڙن ۽ وکرن ۽ دوائن جا ڪيترائي سنڌي لفظ ۽ نالا جيئن جو تيئن عربي ۾ قائم رکيا. اهڙن لفظن جا نالا اڳ ۾ ڏنا ويا آهن، ۽ اڳتي پڻ مثال طور ڏنا ويندا. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي ته: ”عربن ۽ سنڌين جي مسلسل ميل جول ۽ عرب عالمن جي سنڌي داني ۽ علمي تصنيفن جي اضافي سان، لفظن جي اُچارن جي صحت ۽ صورتخطيءَ تي توجهه ٿيو. سنڌ ۾ ئي اڪثر سنسڪرت ڪتابن جا ترجما شهر منصوره ۾ ٿيا. جيڪي قابل عالم ۽ اديب موجود هئا، ۽ سنڌيءَ سان گڏ ”هندي“، ٻولين جا پڻ ڄاڻو هئا تن يقيني طور ترجمن وقت لفظن جي صحت ۽ صحيح تلفظ تي ڌيان ڏنو هوندو. هن علمي ماحول ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي صحيح صورتخطيءَ مطابق لکيو ويو، جنهن ڪري اڄ به سنڌي لفظن جي ذريعي اصلي پراڪرت لفظن جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي پهريون ڀيرو عربي رسم الخط ۾ لکجڻ لڳي“(1).• سنڌ جي عالمن ۾ ابو عطا سنڌي ٻي صدي هجريءَ ۾ هڪ وڏو سنڌي عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي دور ۾ سنڌي لفظن کي عربي-سنڌي حروف تهجيءَ ۾ لکيو هوندو. اهڙيءَ طرح ابو معشر سنڌي تاريخ جو وڏو راوي ٿي گذريو آهي. هن به سنڌي ٻوليءَ جا لفظ عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکيا هوندا. اهڙيءَ طرح ابو ضلع سنڌي ۽ ٻيا سنڌي عالم به سنڌي ٻوليءَ جا لفظ عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکندا هوندا. هڪ طرف سنڌي نسل جي عالمن عربي علوم ۾ شهرت حاصل ڪئي ته ٻئي طرف وري عربي نسل جي عالمن، سنڌ ۾ سنڌي ۽ هندي ٻولين جي مطالعي ۾ مهارت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ هڪ طرف منصوره علم ادب جو مرڪز هو، ته ٻئي طرف ديبل به پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو: ”سر زمين سنڌ ۾ نه صرف عربيءَ جي اڀياس لاءِ درسگاهون هيون، مگر سنڌي بلڪه هند جي زبانن جي مطالعي لاءِ به جوڳو بندوبست ٿيل هو. سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي ٻنهي ٻولين کي وڏي اهميت هئي، ڇو ته عربن ۽ سنڌين جي گڏيل رهڻي ڪهڻيءَ سبب ٻئي، هڪ ٻئي جي ٻولي سمجهندا ۽ ڳالهائيندا هئا. سڀني عرب سياحن جو بيان آهي ته سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي ٻولي، ٻئي رائج هيون، جنهن مان ثابت آهي ته عرب حڪومت، سنڌي ٻوليءَ کي، وڏي اهميت ٿي ڏني ۽ ان جي ترقي ۽ واڌاري جو باقاعدي انتظام هو(1).“• سڀني محققن جو هي به رايو آهي ته ”سنڌي زبان“ جي هڪ شاعر، سنڌي زبان ۾ بغداد جي برمڪي وزيرن جي تعريف ۾ هڪ قصيدو ٺاهيو. هي قصيدو، يحيٰ برمڪيءَ جي درٻار ۾ پڙهيو ويو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي ته: ”جيئن ته هارون الرشيد، جعفر بن يحيٰ برمڪيءَ کي 187هه ۾ مارايو هو، انهيءَ ڪري ان مان ظاهر آهي ته هي بيت 187هه کان اڳ قلمبند ڪيو ويو هوندو (2).“• اهو بيت هو: اره بره کنکره کراکري مندره. هن مصرح مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ کي عربي-سنڌي رسم الخط ۾ پهريون ڀيرو 187هه کان به اڳ لکيو ويو هو، يعني ته سنڌي زبان ۾ چيل هن شعر جي عربي –سنڌي رسم الخط ۾ هيءَ پهرين لکڻي آهي، جيڪا هاڻ اهڙي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جو اصل لفظن جي مفهوم جو پتو ئي نٿو پوي. انهيءَ هوندي به بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب ته: ”هيءُ آڳاٽو حوالو، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لاءِ هڪ قيمتي وٿ آهي. هي سنڌي ٻوليءَ جو عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ سڀ کان پهريون لکيل نمونو آهي(3)“. چوٿين صدي هجري (ڏهين صدي عيسوي) جي وچ ڌاري، يعني ته عربي حڪومت جي قائم ٿيڻ کان ٻن اڍائي سون سالن واري عرصي ۾، سنڌي ۽ عربي ٻنهي ٻولين کي اهميت حاصل هئي. هن دور ۾ عربي سياح، جاگرافيدان سنڌ ۾ آيا، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن سنڌ ۽ سنڌي زبان جي باري ۾ اکين ڏٺا احوال قلبند ڪيا. انهن جي احوالن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ کان ملتان تائين، سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. هنن سنڌي زبان جي مختلف محاورن ۽ رسم الخطن جو به ذڪر ڪيو آهي. البيرونيءَ ته پنهنجي ڪتاب، ”ڪتاب الهند“ ۾ 1017ع کان 1030ع تائين واري عرصي ۾ پشاور کان وٺي ملتان تائين هند-سنڌ جي ماڻهن جي تهذيب ۽ ثقافت جومطالعو ڪيو ۽ ان جو ذڪر ڪيو. البيرونيءَ کان اڳ آيل سياحن ۽ جاگرافيدانن پنهنجن سفرنامن ۾ جابجا اصل سنڌي، هندي ۽ سنسڪرت وارا الفاظ ۽ فقرا، جدولون، ماڻهن، ماڳن، مڪانن، دريائن ۽ جڙين ٻوٽين جا نالا، ان وقت ۾ رائج مقامي ٻولين جا لفظ، عربي-سنڌي رسم الخط ۾ ڏنا آهن. البيرونيءَ سميت سڀني ماهرن خالص سنڌي حروف عربي رسم الخط جي حروفن ۾ تبديليون آڻي جوڙيا. اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جا ڪي لفظ، ان وقت عربي حروف تهجيءَ جي مدد سان جنهن نموني جوڙي لکيا ويا، ان نموني سان عربي –سنڌي حروف تهجي چئي سگهجي ٿو ۽ اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته عربي-سنڌي رسم الخط جي ابتدا 187هه کان اڳ ٿي چڪي هئي، جنهن جو هڪ نمونو ”اره بره کنکره، کراکري مندره“ مان ته ملي ٿو، پر ٻيا نمونا ابو عطا سنڌي، ابومعشر سنڌي ۽ ابو ضلع سنڌيءَ جي لکڻين ۾ به ڳولڻ کپن. ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا: علائقن/ملڪن جا نالا ڳوٺن، ماڳن،مڪانن ۽ شهرن جا نالا ماڻهن جا نالا حروف حروف حروف سنڌي مڪران عربي مڪران عربي سنڌي سنڌي عربي عربي سنڌي سنڌي عربي عربي سنڌي م م ک ڪ ٻُڌا بده ب ٻ راسڪ راسک ک ڪ ر ر ڪيچ کيز ز چ ن ن توران طوران ط ت ڪنزپور قنزپور ق ڪ - بلهرا - - ب پ رتن تن (رياضي دان جو نالو) سبي سيوي س س برهمڻ آباد برهناباد ن ڻ گنگو کنکه ک ک و ب ڀرج بهرج بهه ڀ (طبيب جو نالو) پنج آب بنج آب ب پ اروڙ الرور ر ڙ سنجهر سنجهل جهه جهه (طبيب جو نالو) ل ر مهراڻ مهران ن ڻ ڏاهر داٻر د ڏ بلڙي بلري ر ڙ ماڻڪ منکه ن ڻ (طبيب جو نالو) ک ڪ مستونگ مستنج ک ج ڌلو دهن دهه ڌ (طبيب جو نالو) گنگ/گننگو کنک ک ک ڀلو بهه بهه ڀ کنڀات کنبايھ ک ک (طبيب جو نالو) بڪار بکار ک ڪ جوڌو جودر در ڌ بکر باکهر کهه ڪ ميون جا نالا کاڌا،طعام ۽ داليون جڙين ٻوٽين جا نالا سنڌي عربي حروف سنڌي عربي حروف سنڌي عربي حروف عربي سنڌي عربي سنڌي عربي سنڌي ليمو ليمونه - - سنبوسا سموسک ڪرڻ ڦل قرنفل ن ڻ ف ڦ مختلف مفزن ۾ پڪل گوشت انب انبج - - نارنگي نارنج ج ک مڱ منج ج ڃ دارچيني دارصيني ص چ ميوو مهوا - - کچڙي کشري ک ک چندن صندل ص چ ش چ ر ڙ فتح نامو (چچنامو) اصل عربي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو هو، جنهن کي پوءِ علي ڪوفي نالي هڪ عالم سنه 613 هه (1216ع) ڌاري فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اُن ۾ نج سنڌي لفظن کي عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ هيٺ موجب لکيو ويو: موجوده سنڌي عربي سنڌي رسم الخط حروف عربي سنڌي ٻڌرکو بده رکهو ب ٻ دهه ڌ کهه ک ڀاٽيا بهاتيه بهه ڀ ت ٽ ڀٽي بهتي بهه ڀ ت ٽ ٿاڻو تانه ت ٿ ن ڻ جهم جهيم جهه جهه راوڙ راور ر ڙ ٻيٽ بيت ب ٻ ت ٽ ٺڪر تکر ک ڪ ت ٽ ڪاڪا راڄ کاکا راج ک ڪ ج ڄ ڍنڍ دندهه دهه ڍ د ڍ ڏاهر داهر د ڏ جوڻو جونه ڻ ن چڱي چنگي گ ڱ مرحوم عبدالڪريم لغاريءَ چچنامي ۾ نج سنڌي آوازن لاءِ ڪم آيل جيڪو عربي-سنڌي حروفن جو چارٽ ڏنو آهي، سو هيٺ نقل ڪري ڏجو ٿو: نج سنڌي آوازن لاءِ موجوده چچنامي ۾ ڪم آندل حرف سنڌي صورتخطي ۾ حرف ٻ ۽ ڌ ب+ دهه ڀ ۽ ڏ بهه + د ٻ ۽ د ب + د ٿ ۽ ڍ ت ‎+ دهه ٽ ۽ ڙ ت + ر ٺ ۽ ڪ ت + ک ڦ ۽ ڳ ؟ + گ ڄ ۽ گهه ج+ گهه جهه ۽ ڱ جهه‎ + نگ ڃ ۽ ڻ نج + ن لغاري صاحب لکي ٿو ته: ”مٿئين چارٽ کي ڏسڻ کانپوءِ هيءَ ڳالهه البته ڌيان ۾ رکڻي پوندي ته انوقت جي انهن عربي ۽ فارسيءَ جي مصنفين سنڌي لفظن کي لکڻ وقت سنڌي الف –ب ٺاهڻ جو قصد ڪري، نج سنڌي اُچارن لاءِ مٿيان حرف مقرر نه ڪيا، محض پنهنجي مقصد کي ظاهر ڪرڻ خاطر انهن اهي حرف مقرر ڪيا ۽ لکيا، تاهم اڳتي هلي ٻين فارسيدانن به اهائي واٽ ورتي ۽ نج سنڌي اچارن کي انهن ئي حروف ۾ تحرير ڪيو“ (1).• مٿي ڏنل لفظن جي لڙهين جي جائزي کانپوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته عرب ماهرن، سنڌيءَ جي خاص آوازن لاءِ عربي حروفن جي مدد ورتي ۽ انهن ۾ تبديليون آڻي سنڌي آوازن لاءِ عربي-سنڌي حروف جوڙيا. هنن اهي نوان ٺاهيل حروف ڪم آڻي، انهن جي مدد سان نج سنڌي آواز لکيا ۽ حروفن جون چارئي صورتون –ابتدائي، وچين، آخري ۽ سالم – ڪم آنديون؛ مثلاً ”ب“ جو مثال وٺو: ابتدائي صورت وچين صورت آخري صورت سالم صورت بـ ـبـ ـبـه ب حاصل مطلب ته عرب ماهرن، محققن ۽ مورخن سنڌي ماڻهن، ماڳن، مڪانن، جڙين ٻوٽين وغيره لاءِ عربي-سنڌي حروف تهجيءَ لاءِ 28 عربيءَ جا حروف ڪم آندا، جن ۾ 16 حروف اهي هئا، جيڪي عربي ۽ سنڌي زبانن ۾ عام طور ڪم ايندا هئا؛ (13) حروف اهي هئا، جيڪي خالص عربي آوازن لاءِ ڪم ايندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح نج سنڌي آوازن لاءِ ”22“ حروف عربي حروفن ۾ واڌارو يا ڦيرڦار آڻي، ٽٻڪا ڏيئي جوڙيا ويا؛ تفصيل هن ريت آهي: عربي ۽ سنڌيءَ ۾ هڪجهڙن آوازن لاءِ حروف: ا، ب، ت، ج، د، ر، ز، س، ش، ل، ڪ، م، ن، و، ه ۽ ي = جملي 16 حروف. عربن ”ک“، حرف ”ڪ“ لاءِ ڪم آندو. عربيءَ جي خالص آوازن لاءِ حروف: ث، ح، خ، ذ، ض، ط، ظ، ع، غ، ف ۽ ق = جملي 13 حروف. خالص سنڌي آوازن لاءِ جوڙيل عربي-سنڌي حروف: نج سنڌي آواز جوڙيل حرف نج سنڌي آواز جوڙيل حرف ٻ ب چ ش پ ف ڇ - ڀ بهه ڌ دهه ٿ ف/ت ڏ د ٽ تر ڊ در ٺ ت ڍ در ڦ ف ڙ ر ڄ ج ک ک جهه جهه گ گ ڃ نج ڳ گ گهه گهه ڱ نگ/نج جملي 23 حروف ڻ ن اهڙيءَ طرح عربي-سنڌي حروف تهجيءَ لاءِ جملي 52 حروف ڪم آندا ويا، جن جي مدد سان عرب سياحن، مورخن، ماهرن ۽ محققن سنڌي ٻوليءَ جا لفظ لکي، پهريون ڀيرو عربي-سنڌي رسم الخط جي شروعات عربن جي ابتدائي دور ۾ ڪئي. هنن جي لکيت مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي جي سُر صوتين لاءِ اَٺَ حروف ڪم آندا ويا، اهي آهن: اَ، اَ، اِ، اِي، اُ، اوُ، اي ۽ او. هن سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ مدد چچنامي، البيرونيءَ جي تحقيق ”ڪتاب الهند“ ۽ ٻين عرب عالمن ۽ ماهرن جي تذڪرن ۽ سفرنامن مان ملي ٿي، چچنامي ۾ ته هزارين نج سنڌي لفظ ڪم آندل آهن، جن ۾ ماڻهن جا نالا، ملڪن، ماڳن، مڪانن، ذاتين، قومن، قبيلن، دريائن، ڍنڍن، واهن ۽ شين جا نالا اچي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح عرب سياحن ۾ جاحظ، اصطخري، ابن حوقل، مسعودي، بزرگ بن شهريار ۽ ابن نديم به گهڻائي نج سنڌي لفظ، عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکيا آهن، جيڪي هن ڏس ۾ ڪا راءِ قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. چچنامي کانپوءِ گهڻي ۾ گهڻا نج سنڌي لفظ محقق البيرونيءَ بيان ڪيا آهن. هن جو ڪتاب ”ڪتاب الهند“ ته سنڌ ۽ هند جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ آهي، جنهن ۾ ڳاڻيٽي جي انگن کانسواءِ ڏينهن، هفتن، مهينن ۽ رنگن جا نالا، علم هيئت جا لفظ، گرهن ۽ سيارن جا نالا، طرفن ۽ ڏسين جا نالا، مهل ۽ گهڙيون، جدولون، مفاصلي جي ماپ لاءِ لفظن جون لڙهيون وغيره ڏنيون آهن، انهن مان ڪي هي آهن(1)• : سخاؤ جي ڪتاب البيرونيءَ جا موجوده سنڌي حروف جو صفحو لفظ لفظ البيروني سنڌي 19 مليج مليڇ ج ڇ 40 دهرم ڌرم دهه ڌ 42 وديُت وڄ ڌيَ ڄ 42 روپ روپ پ پ 70 موڪش موک -ڪش کسه 101 ڪشتري کتري ڪش ک 165 سموندر سمنڊ در ڊ 116 وِنتي وِٿي ست ٿ 117 چيتر چيٽ تر ٽ جيشت ڄيٺ شٽ ڄ 177 باگن ڦڳڻ ب ڦ گ ڳ ڻ ن اهڙيءَ طرح ٻيا بيشمار لفظ، ”ڪتاب الهند“ ۾ مطالعو ڪري سگهجن ٿا. البيرونيءَ جي طرفان ڏنل لفظن جي اڀياس مان اُن وقت جي سنڌي لفظن جو صوتياتي (Phonetics) ۽ اصواتي (Phonological) جائزو توجهه جي لائق آهي. هڪ ته هُن (البيرونيءَ) نج سنڌي آوازن لاءِ يا ته نوان حرف جوڙيا آهن ۽ يا ته اُن جي ويجهو عربي رکي پنهنجو مقصد ظاهر ڪيو اٿس؛ مثال طور: نوان جوڙيل حرف نج سنڌي آوازن جي ويجهو حرف سنڌي آوازجوڙيل حروف سنڌي آوازويجهو حرف سنڌي آواز ويجهو حرف ڌ دهه ڇ ج ٿ ت ڊ در ڦ ب گ گ ڳ گ ڻ ن ڄ ج چ ج اهڙيءَ طرح سنسڪرت ۽ هنديءَ جي مرڪب آوازن (Compound Sounds) لاءِ سنڌيءَ جي قانون (Law of assimilation) جو سهارو ورتو اٿس. سنڌيءَ جي قانون موجب، مرڪب آواز ۾ ڪم ايندڙ آواز هڪ ٻئي تي اثر ڪري، ڪنهن نئين آواز ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. هيٺ البيرونيءَ جا مثال کڻي اهو قانون سمجهايو ويو آهي: البيرونيءَ واري لفظ مرڪب آواز مرڪب آواز جا جزا آوازن ۾ جزن جي اثر کانپوءِ نئون ٺهيل آواز وديت ديَ د+ ي ڄ موڪش ڪش ڪ+ش ک ڪشتري ڪش ڪ‎+ش ک سموندر در د+ر ڊ(اُترادي لهجي ۾ ”در“ ۾ استعمال ٿيندو آهي) جيتر تر ت+ر ٽ جيست شت ش+ت ٺ وتسي ست س+ت ٿ سنڌي ٻوليءَ ۾ ”سنڌيءَ وارو مطالعو“ ڏاڍو دلچسپ آهي پر هن مقالي واري موضوع سان هن نئين موضوع جو واسطو ڪونهي(1).• ڊاڪٽر بلوچ صاحب البيروني طرفان ڏنل لفظن سان ڪن جي فهرست ڏيندي لکي ٿو: ”مٿين مثالن مان ڏسبو ته محقق البيروني خالص سنسڪرت لفظن کانسواءِ ٻيا جيڪي عام مروج مڪاني نالا ۽ الفاظ استعمال ڪيا آهن، تن مان اڪثر موجوده سنڌيءَ سان ملن ٿا. ايڊورڊ سخاو، جنهن ”ڪتاب الهند“ کي ايڊٽ ڪيو آهي، تنهن پنهنجي مقدمي ۾ البيرونيءَ جي استعمال ڪيل مڪاني لفظن خصوصاً ڳاڻيٽي جي انگن بابت لکيو آهي ته اُهي جنهن ٻوليءَ جا آهن، سا بنسبت ٻين جديد هند-آريائي ٻولين جي، سنڌيءَ سان وڌيڪ مناسبت رکي ٿي ۽ ملي ٿي(2) اهي ڳاڻيٽي جا انگ هن ريت آهن: عدد قطاري عدد قطاري حروف حروف البيروني موجوده سنڌي البيروني سنڌي البيروني موجوده سنڌي البيروني سنڌي برقھ برک، برڪت ق ک/ڪ نويه نائون د ڌ بيھ ٻيو ب ٻ دهين ڏهون - - تريھ ٽيو تر ٽ يارهي يارهون دوَ ٻ چوت چوٿون ت ٿ دواهي ٻارهون دوَ ٻ پنجيَ پنجون - - تروهي/ترهي تيرهون تر ت ست ڇهون س ڇ چودهي چوڏهون - - اتين اٺون ت ٺ پنچاهي پنجاهون - - مٿي پيش ڪيل مثالن کانپوءِ هي سوال ٿو پيدا ٿئي ته عربي-سنڌي رسم الخط جي شروعات ڪڏهن ٿي، ڪٿي ٿي ۽ پهرين پهرين هيءُ رسم الخط ڪنهن شروع ڪيو؟ هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”پنهنجي هن ڪتاب”ڪتاب الهند“، ۾ بيرونيءَ ڪم از ڪم ٽن صورتخطين جو پتو ڏنو آهي، جيڪي 1020ع – 1030ع واري عرصي ۾ سنڌ اندر رائج هيون. ڀاٽيھ (جيسلمير) ۽ سنڌ جي ڪن ڀاڱن، يعني ته جيسلمير واري سرحد لڳ سنڌ جي اُڀرندين ڀاڱن ۾ ”اڌ-اکري ناگري“ هلندڙ هئي. انهيءَ مان ڀانئجي ٿو ته اندازن موجوده سکر، خيرپور، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي اُڀرندين ڀاڱن ۾ ”اڌ-اکري ناگري“ ، هلندڙ هئي، سامونڊي ڪناري، يعني موجوده ٺٽي ضلعي جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ”ملقاري“ رسم الخط رائج هئي. تاريخي اعتبار سان درياء کان اولهه طرف ميرپورساڪري واري علائقي ۾ آڳاٽي وقت کان ”نڱامرا“ قوم آباد هئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن جي صورتخطي منصوره ۾ ”سيندَبَ“ يعني ”سينڌو“ يا ”سنڌي صورتخطي“ هلندڙ هئي، اها عربي-سنڌي صورتخطي هئي، جيڪا پهريائين منصوره واري علائقي ۾ استعمال ٿي ۽ اتان آهستي آهستي سڄي سنڌ ۾ رائج ٿي(1)“.• هي هڪ اهڙو رايو آهي جنهن تي بحث ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو قبول ڪري نٿو سگهجي ته سئندوَ رسم الخط عربي-سنڌي رسم الخط جو نالو هو. برهمڻ آباد(المنصوره) مان جيڪو ديسي رسم الخط ٺڪرين تي لکيل مليو آهي، احو لوهاڻڪي رسم الخط جهڙو آهي ۽ اهوئي ”سئندوَ رسم الخط“ هو. ”سئندوَ” عربي-سنڌي رسم الخط جو نالو نه هو، جنهن منصوره ۾ اها شڪل اختيار ڪئي. پر جيڪڏهن اهو قبول به کڻي ڪجي ته سئندوَ عربي-سنڌي رسم الخط جو نالو، ته اهو قبول ڪري نٿو سگهجي ته هي رسم الخط ڪو البيرونيءَ ايجاد ڪيو هو، ڇو ته البيرونيءَ کان گهڻو اڳ، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته جاحظ، اصطخري، مسعودي، ابن حوقل ۽ ٻين سياحن جي تاريخي ڪتابن ۾ ڪن نج سنڌي لفظن کي عربي سنڌي حروفن ۾ تبديليون آڻي، عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. اهي تاريخون، جن جا نالا مٿي ڏنا ويا آهن. البيرونيءَ جي آمد کان ٽي –چار سئو سال اڳ لکجي چڪيون هيون. انهن ۾ عربي–سنڌي رسم الخط ڪم آندو ويو هو، ۽ عربي حروفن جي مدد سان نج سنڌي آوازن لاءِ حروف –تهجي جوڙي ويئي هئي. انهيءَ دليل جي آڌار تي قابل احترام شخصيت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ سان، گهڻي معذرت سان، اتفاق نٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو: ”عربي-سنڌي صورتخطيءَ جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو خود محقق بيرونيءَ جي لکت ۾ ملي ٿو. هن ”ملقاري“ لفظ ۾ ”ق“ حرف آندو . ”مڱر“ (منگر) ۽ اڱل (اَڱر) لفظن ۾ ”ڱ“ جي اُچار لاءِ ”ڱ“ حرف آندو اٿس. يعني ته خود محقق بيروني سنڌ جي مقامي اُچارن کي ادا ڪرڻ لاءِ عربي حرفن تي ٽٻڪا ڏيئي نوان اکر ڪڍيا. اُن مان ظاهر آهي ته ”سنڌي-عربي صورتخطي“ جيڪا اسان تائين پهتي آهي، ان جا لکت ۾ تاريخي آثار 1025ع- 1030ع واري عرصي ۾ ملن ٿا“(1).• انهيءَ حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته محقق البيرونيءَ ڪن نج سنڌي آوازن لاءِ نوان حروف گهڙيا، اُن لاءِ هن عربي حروفن ۾ ٽٻڪا ڏيئي يا ٻئي طريقي سان نج سنڌي آوازن لاءِ حرف جوڙيا؛ پر البيرونيءَ کان لڳ ڀڳ ٽي-چار سئو سال اڳ، عرب ۽ مقامي ماهرن، نج سنڌي آوازن لاءِ حرف ٺاهڻ لاءِ، عربي حروفن ۾ تبديليون آنديون، يا اُن نج سنڌي آواز جي ويجهو عربي ٻوليءَ جا حروف مقرر ڪيا. منهنجي هن رايي کي خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾، اڳتي هلي، صفحي 75 تي قبول ڪيو آهي. هو لکي ٿو: ”عرب-اسلامي دور ۾ نئين علمي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي ماحول جي زير اثر، سنڌي ۽ عربيءَ جو پاڻ ۾ گهاٽو رشتو، عمل ۽ رد عمل پيدا ٿيو، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي لساني انفراديت مضبوط ٿي ۽ پڻ اها بين الاقوامي سطح تي تسليم ڪئي ويئي. انهيءَ انفرادي حيثيت ۽ اهميت سببان، سنڌي ٻوليءَ بابت بين الاقوامي سطح تي تحقيق شروع ٿي، جنهن ۾ جاحظ، ابن حوقل ۽ ٻين عالمن سنڌي ٻوليءَ متعلق حوالا قلمبند ڪيا. چوٿين صدي هجريءِ جي ٻئي نصف ۾ اسحاق ابن النديم انهيءَ تحقيق ۾ اڳتي وک وڌائي ۽ پڻ ساڳئي دور ۾ بشر بن عبدالوهاب الفزاري سنڌي لغت جو وڌيڪ گهرو مطالعو ڪيو. ان بعد پنجين صدي هجريءَ جي پهرئين اڌ ۾ بيرونيءَ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت وسيع پيماني تي معلومات قلمبند ڪئي“(1).• ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو: ”ٻين ٽين صدي هجريءَ کان وٺي عرب عالمن ”علم طب“ تي تحقيق شروع ڪئي ۽ دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ معدنيات، جڙين ٻوٽين ۽ پسارڪي وکر بابت ڪتاب لکجڻ لڳا. جدا جدا ملڪن ۾ جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جي سمجهه ۽ سڃاڻپ خاطر ضروري هو ته انهن جا نالا ٻين اهڙين ٻولين ۾ ڏنا وڃن، جن جي ان دور ۾ بين الاقوامي حيثيت تسليم ٿيل هئي، يا جن ۾ جڙين ٻوٽين ۽ پسار جي ڄاڻ جو علم ڪافي ترقي ڪري چڪو هو. سنڌ نه فقط ان وقت ۾ بين الاقوامي حيثيت رکندڙ هئي، پر سنڌ ۾ پسارڪي وکر جو واپار ايترو ته وڌيل هو، جو هند جي ٻين ڀاڱن جون جڙيون ٻوٽيون پڻ سنڌ مان اولهه طرف ٻين ملڪن ڏانهن موڪليون وينديون هيون. انهيءَ ڪري ٻين معاصر ٻولين سان گڏ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جڙين ٻوٽين ۽ پسارڪي وکرن جا نالا ڏيڻ ضروري سمجهيو ويو(2).“ ڊاڪٽر صاحب ساڳئي صفحي تي، اڳتي لکي ٿو: ”اهو چئي نٿو سگهجي ته سڀ کان پهريائين ڪڏهن کان وٺي پسارڪي وکر جا نالا سنڌي ۽ هنديءَ ۾ ڏنا ويا، غالبن اهو سلسلو ٻي صديءَ هجريءَ ۾ سنڌ ۾ ، منصوره جي عالمن کان شروع ٿيو ۽ پوءِ بغداد تائين پهتو(1).“ ڊاڪٽر صاحب جي، هن راءِ جي آخري پئراگراف مان صاف ظاهر آهي ته محقق البيرونيءَ کان لڳ ڀڳ ٻه سئو سال اڳ، سنڌي زبان ۾ پسارڪي وکرن، دوائن ۽ جڙين ٻوٽين جي نالن کي عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ شروع ڪيو ويو هو ۽ نج سنڌي آوازن لاءِ عربي حروفن ۾ ڦيرڦار ڪري، موزون حروف بنايا ويا هئا. ڊاڪٽر صاحب جي حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته: ”چوٿين صدي هجريءَ جي آخر ۾، بشر بن عبدالوهاب الفزاري، پنهنجي ڪتاب، ”تفاسير الادويھ“ ۾ پسارڪي وکر ۽ دوائن جا سنڌي ۽ هندي نالا وڌيڪ تفسير سان درج ڪيا. ان کانپوءِ محقق البيرونيءَ سن 1050- 1051ع (1) ۾ پنهنجو ڪتاب، ”الصيدنه في الطب“ لکيو، جنهن ۾ جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جا نالا يوناني، سرياني، عربي، فارسي، سنڌي ۽ هندي توڙي ٻين مقامي ٻولين ۾ قلمبند ڪيائين. بيروني منصوره پڻ آيو(2).• ”بيرونيءَ پنهنجي ڪتاب، ”ڪتاب الصيدنه في الطب“ ۾ مني سئو کن جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جا نالا سنڌيءَ ۾ ڏنا آهن، جن مان اڌ کان وڌيڪ بشر جي ڪتاب، ”ڪتاب تفاسير الادويھ“ جي حوالن سان ڏنا اٿس ۽ باقي پنهنجي طرفان تحقيق ڪري لکيا اٿس. اهي نالاي سنڌي ٻوليءَ جي انفرادي اهميت ۽ بين الاقوامي علمي حيثيت بابت هڪ تاريخي دستاويزي حيثيت رکن ٿا“. (3)• هيٺ بشر ۽ البيرونيءَ جي ڪتابن ۾ ڏنل انهن دوائن ۽ جڙين ٻوٽين جا نالا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب مان سندن حوالي سان ڏجن ٿا ته جيئن انهن لفظن جي صورتخطين جي باري ۾ خبر پوي: بشر جي ڪتاب تفاسير البيرونيءَ جي ڪتاب موجوده سنڌي لفظ حرفن ۾ ڦير ڦار ۽ تبديل الادويھ ۾ سنڌي ڪتاب الصيدونه ۾ عربي سنڌي سنڌي لفظ جي لکت لکت لکت لکت لِمُ لِمُ لمِ/نِمُ ڻ ن - وَنُ وَڻُ - جاماها جاماهو/ڊراماهو/ ڊر ڊ ڊاماهو ب ڀ بنج دهطورا ڀنگ/ڌاتورو نج ک دهه ڌ توتيھ توتيھ توتيو - - - منبهل ميڻ ڦل بهه ڦ حَرمُل هملو هرملو/هرمرو ل ر ح هه - هين هڱ ن ڱ - رفاقُطي رپاڪُٽي(چانديءَ ف پ جي ڪٽ) ط ت ق ڪ - بولو ٻُلهڻ ب ٻ - سند سنڍ د ڍ - ڪتوره کٿوري ت ٿ - شنکر سڱر ک ڱ مٿين مثالن مان ثابت ٿو ٿئي ته عربي-سنڌي رسم الخط جي ابتدا، 187هه کان اڳ (لڳ ڀڳ 898ع ڌاري)، 864ع ڌاري عرب سياح جاحظ ڪئي هئي، جنهن جا مثال جاحظ جي ڪتاب ”رسالته فخرالسودان علي البيضان“ مان ملن ٿا؛ يعني البيرونيءَ جي آمد پنجين صدي هجري) کان ٽي سئو کن سال اڳ ٿي چڪي هئي، البت اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته محقق البيرونيءَ اُن ۾ تبديليون آنديون ۽ اُن کي وڌيڪ مناسب ۽ معياري بنايو، جنهن کي نستعليق توڙي نسخ رسم الخطن ۾ لکيو ويندو هو. سنڌيءَ جي انهن ٻنهي قسمن جي لکت جا نمونا، ڪيترن ئي عربي ۽ فارسي ڪتابن توڙي ڪتبن تختين ۽ تحريرن ۾ ملن ٿا. حاصل مطلب ته عربي-سنڌي رسم الخط جا سڀ کان پهريان مثال 864ع ۾، جاحظ جي ڪتاب ”رسالة فخرالسودان علي البيضان“ ۾ ملن ٿا. ان کانپوءِ ترت عربي-سنڌي رسم الخط جو نموني اُن قصيدي ۾ ملي ٿو، جيڪو 187هه (898ع) کان اڳ قلمبند ڪيو ويو، جيڪو يحيٰ بن خالد برمڪيءَ جي درٻار ۾، پڙهيو ويو هو. بلوچ صاحب پڻ اهائي دعويٰ ڪئي ۽ لکيو هو ته: ”سنڌي زبان جي هڪ شاعر سنڌي زبان ۾ بغداد جي برمڪي وزيرن جي تعريف ۾ هڪ قصيدو ٺاهيو. هي قصيدو يحيِٰ بن خالد برمڪيءَ جي درٻار ۾ پڙهيو ويو هو. جيئن ته 187هه ۾ هارون الرشيد جعفر بن يحيٰ برمڪيءَ کي مارايو هو، انهيءَ مان ظاهر آهي ته هي بيت 187هه کان اڳ قلمبند ڪيو ويو هوندو. اهو بيت هو: اره بره کنکره کرا کري مندره ڊاڪٽر صاحب اڳتي فرمائي ٿو: ”سنڌي زبان ۾ چيل بيت جي، عربي رسم الخط ۾ هيءَ پهرين لکڻي آهي، جيڪا هاڻ اهڙي صورت اختيار ڪري چڪي آهي جو اصل لفظ جو پتو ئي نٿو پوي، انهيءَ هوندي به هيءُ آڳاٽو حوالو، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لاءِ هڪ قيمتي ”وَٿ“ آهي، سڀ کان اول ته هي سنڌيءَ ٻوليءَ جو عربي –سنڌي صورتخطيءَ ۾ سڀ کان پهريون لکيل نمونو آهي(1)“.• بهرحال مٿي ڏنل دليلن جي روشنيءَ ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ لاءَ عربي-سنڌي رسم الخط جي ابتدا 864ع ۾ جاحظ جي ڪتاب، ”رسالته فخر السودان في علي البيضان“ ۾ نج سنڌي لفظن کي عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ سان ٿي؛ انهيءَ عرصي کي سنڌ ۾ عربن جي حڪومت شروع ٿيڻ ۾ ( 93 هه ۾ عربن جي حڪومت سنڌ ۾ شروع ٿي هئي)، هڪ سئو کن سال گذريا هئا، هن رسم الخط ۾ اڳتي هلي چچنامي جي مصنف، البيروني ۽ ٻين ماهرن ۽ محققن پنهنجي نموني سڌارا ۽ واڌارا آڻي، اُن کي وڌيڪ معياري بنايو. مددي ڪتابن جي فهرست عربي ڪتاب (2) ابن نديم: ”الفهرست“، اردو ترجمو، جلد دوم، ”هندوستان عربون کي نظر مين“ اعظم ڳڙهه، دارالامصنفين، 1962ع، ص ص 3-4 (3) ابوالحسن مسعودي: مورج الذهب و معاون الجواهر، اردو ترجمو، حصو اول ”هندوستان عربون کي نظر مين“ حوالو ڏنل آهي، ص ص 288 ۽ 286. (4) اصطخري: ”المسالک الممالک“، اردو ترجمو، حصو اول، حوالو ڏنل آهي، ص ص 23- 74. (5) بشاري مقدسي: ”احسن التقاسيم في معرفته“، اردو ترجمو، حصو اول، حوالو ڏنل آهي، ص ص 385 ۽ 386. (6) بزرگ بن شهريار: ”عجائب الهند“، اردو ترجمو جلد اول، حوالو ڏنل آهي، ص ص 101 ۽ 202. (7) جاحظ: ”رسالته فخر السودان علي البيضان“، اردو ترجمو، حوالو ڏنل آهي، ص ص 55، 73 ۽ 74. اردو ڪتاب (8) سيد سليمان ندوي: ”عرب و هند کي تعلقات“ دهلي، هندوستان اکيڊمي، 30-1929ع، ص ص 67-69. سنڌي ڪتاب (9) ڀيرومل آڏواڻي: ”الف –ب ڪيئن ٺهي؟“، حيدرآباد ڀارتواسي پريس، ص 6. (10) عبدالڪريم لغاري: سنڌي ا-ب جي ارتقا، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1976ع ص ص 32 ۽ 33. (11) غلام علي الانا، ڊاڪٽر: ”سنڌي صورتخطي“، ڇاپو ٽيون، حيدرآباد سنڌ، سنڌي زبان پبليڪيشنس 1969ع ص ص 27، 93، 98. (12) ايضا: ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1979ع. (13) ايضا: مقالو، ”سنڌي لسانيات، صوتيات، لغت ۽ گرامر تي ٿيل تحقيق ۽ اشاعت“، سماهي مهراڻ، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ 1983ع، (14) ايضا: مقالي ”ڀنڀور جا آثار-سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جومطالعو“، سماهي مهراڻ، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ 84- 1983ع ص ص 61- 62. (15) ايضا: ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1987ع، (16) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مخصتر تاريخ“، ڇاپو ٻيو، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1980ع، ص ص 49، 60، 63، 65، 71، 44، 78. انگريزي ڪتاب (17) Aitken, E.H., Gazetteer of the Province of Sinh, Karachi, American Steam Press, 1907, P 472. (18) Burton, R.F., Sind and the Races that inhabit the Valley of River Indus, London W.H. Allen and Co: 1851,p 152. (19) Daudpota, U.M Dr: Article, “Sindhi Literature”, published in Cultural Heritage of Pakistan, Karachi, Oxford University Press, 1955, p 156 (20) Sachau, E. C., Alberuni’sIndia, London, Kegan Paul Trench, Trubner, 1910, p 173. (21) Stack, G., Grammar of Sindhi Language, 1849, pp.3-8. (مهراڻ 4-1990ع)