سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد II)
ليکڪ خان محمد جروار
سنڌيڪار / ترتيب خان محمد جروار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-02-4
قيمت 250    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     17049   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌ ۽ سنڌي زبان: مولانا دين محمد صاحب وفائي


سنڌي ٻولي، پنهنجي جهونائيءَ ۽ آڳاٽي هجڻ ڪري، پنهنجي مٿي هڪ اهڙي اَمٽ ٻولي آهي، جنهن جي پاسي ۾ هندستان (۽ پاڪستان) جي ڪا به ٻولي بيهي نٿي سگهي. عربي مسلمانن جي ڪاهن کان اڳ سنڌي زبان جو ڪهڙو روپ هو، ۽ ڪيئن ڳالهائي ويندي هئي، ان جي کوجنا ڪرڻ ۽ اپٽار ۾ وڃڻ ڪنهن ٻي صحبت تي اڇلائي هت هي ڏيکارڻو آهي ته هاڻوڪي سنڌي جا ڳالهائي ٻولهائي وڃي ٿي، تنهن جي ڄمار به هڪ هزار ورهين کان وڌيڪ آهي. پوءِ کڻي ان ۾ وقتن ۽ حالتن جي ايرڦير ڪري ڪجهه ڦيرو گهيرو آيو به هجي، عربن جي ڪاهن ۽ ان کان پوءِ غزنوي ۽ مغلن جي راڄن ۾ سنڌيءَ ڪي عربي ۽ فارسي لفظ به جهٽي ورتا، مگر ان هوندي به سنڌيءَ جو خزانو پنهنجي جهونائيءَ قدامت جي ڪري، ڪو اهڙو کُٽل ڪو نه هو. جهڙو هاڻي اسان جا نوجوان سمجهي ويٺا آهن. هڪ نج ۽ پنهنجي مٿي پيرن تي بيٺل زبان کي ريخته بنائڻ جون رٿون رٿي رهيا آهن. پاڪستان بنجڻ کان پوءِ هيءَ چرپر هلي رهي آهي ته ”سنڌي زبان“ کي بچايو وڃي. ان جو مقصد ڪڍيو وڃي ٿو ته پاڪستان مان جيڪي هندستاني حضرات، هت حڪمراني ۽ راڄ هلائڻ جي ارادي سان براجمان ٿيا آهن، تن کي سنڌي ٻوليءَ جي نه ٻوجهه آهي، ۽ نه ان تائين پهچ ۽ پرجهه، جنهن ڪري لازمي طرح هن کي ٺڪرائيندا ۽ سنڌيءَ جي جاءِ تي اڙدو زبان کي، جا پنهنجي ديس مان نيڪالي کائي، چڪي آهي، تنهنجو بچاءُ ڳوليندا ۽ رک رکاءُ ڪندا رهندا(1) • ترڪيءَ 1918ع ۾ انقلاب کان پوءِ، ترڪي ٻوليءَ جي سڌاري لاءِ جيڪو ڪم هٿ ۾ کنيو، تنهن ۾ سڀ کان پهريائين، هنن ترڪي ٻوليءَ جي هڪ لغت جوڙائي، ان کان پوءِ ڏٺائون ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌارين زبانن جا ڪيترا لفظ آهن، ۽ انهن جي معنيٰ وارا لفظ اسان جي لغت ۾ لڀن ٿا يا نه؟ ترڪيءَ ۾ جيڪي ساڳيا هم معنيٰ لفظ کين ملندا ويا،اهي قائم رکندي، باقي ڌارين ٻولين جا لفظ ڪڍندا ويا. پر جڏهن کين اهڙا لفظ نه ملي سگهيا، تڏهن ساڳيا عربي، فارسي لفظ، ائين جو ائين قائم رکيائون. ان ريت ترڪي ٻوليءَ کي سوڌي صفا ڪري، هڪ علمي زبان بڻائي ورتائون. رضا شاهه پهلويءَ جي راڄ ۾ فارسيءَ کي سوڌڻ جي مهم شروع ڪئي وئي، ته عربي يا ترڪي لفظن کي سوڌڻ تي مجبور ٿيا. هن وقت، هنديءَ جي سوڌ به ساڳيءَ صورت ۾ هندوستان وارا ڪري رهيا آهن. سنڌي زبان جي سوڌڻ لاءِ به ساڳي سڌريل قومن واري واٽ ورتي ويندي ته ان ريت نه فقط ٻوليءَ ۾ سڌارو ٿيندو، پر ايڏو وڏو واڌارو به ٿيندو، جهڙو ٻين جاندار قومن جون زندهه زبانون ڪري رهيون آهن. اسان جي سنڌي مسلمانن گذريل پنجاهه ورهين ۾ جيڪا پنهنجي مادريءَ ٻوليءَ جي خدمت يا چاڪري ڪئي آهي، اها به سامهون رکو. وري اسان جي هندو وطني ڀائرن جيڪو سنڌيءَ جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، سو به سامهون رکو! ته ٻنهين ڌرين ۾ ايڏو وڇوٽو نظر ايندو، جيڏو مسلمانن ۽ هندن جي شاهوڪاريءَ ۽ شهري زندگيءَ ۾ هوندو هو. پروفيسر ڀيرومل مهر چند، ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، ۽ مسٽر ڄيٺمل پرسرام جا ڪتاب ڏسو، سندن سنڌي ڏسو، سنڌي هندن جي شاعري ڏسو! اوهان سنڌي ساهتيه يا ادب جي لحاظ سان ڏسو! ته اوهان کي اچرج لڳندو ته هي ماڻهو، سنڌيءَ جي واڌاري لاءِ ڪيڏو نه قدم کڻي رهيا آهن. اسان جي سنڌي بزرگ مرزا قليچ بيگ، يا سنڌ جي اديب ۽ عالم مير عبدالحسين، ”سانگيءَ“ ۽ شمس الدين ”بلبل“ ۽ ٻين جي تصنيفن جي ڇپائڻ جي خدمت به هندن ادا ڪئي. گويا سنڌ ۾ ”سنڌيءَ ٻوليءَ“ جي واڌاري واري ڪم جو وڏو ڀاڱو هندن جي هٿان ادا ٿي چڪو آهي، مسلمان، به ڪجهه ڪندا رهيا آهن، مگر اهو ڄڻ ڪنهن ليکي ۾ آڻي ئي نٿو سگهجي. هندن ۾ ڪي اهڙا به تعصبي هئا، جن سنڌيءَ جي گردن تي سنسڪرت جي اڻوڻندڙ اکرن جون ڀريون رکي، ساڳيءَ ريت گلو گهٽڻ گهريو ٿي، جهڙيءَ ريت اسان جا مسلمان نوجوان، عربيءَ جي اڙانگن اکرن جي مٿس مارا ماري ڪري رهيا هئا. مگر هندن پاران اهو دور ٿورو وقت هليو. ڪن خاص اصلاحي هندي الفاظن کان سواءِ، هو صاف سنڌي لکڻ لڳا. خاص طرح سرڪار پاران سنڌي زبان جي نگرانيءَ لاءِ جيڪو ”بورڊ، موجوده سنڌي ادبي بورڊ) برپا ڪيو ويو، تنهن ۾ جيترن به هندو مصنفن جا ڪتاب اچڻ لڳا، سي هندي اکرن، جي اکاڙي کان آجا ٿي آيا ٿي. ”سنڌيءَ کي بچايو“، اهو فقط نعرو ئي نعرو رهجي ويندو، جيستائين، سنڌي مسلمانن پاران عملي رنگ ۾ ڪنهن ڏاڍي وڏي ڪارج ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي نه ويندي. هن ڪم لاءِ وڏن جاکوڙن ۽ جهد جي گهرج آهي، جيڪڏهن بنگالي مسلمان، پنهنجي بنگالي ٻوليءَ کي نٿو ڇڏي، بلڪه ان جي بچاءَ لاءِ سينٽرل حڪومت سان به جڌ، جوٽيون بيٺو آهي(1)• . جيڪڏهن پنجابي مسلمان پنهنجي ان ٻوليءَ کي جيئرو رکڻ گهري ٿو، جا لکپڙهه ۾ ئي ڪا نه ٿي اچي ته پوءِ ڪهڙو ڪارڻ آهي، ته سنڌ جو مسلمان، پنهنجي جهونيءَ ٻوليءَ جي ”ٻيڙي“ تارڻ لاءِ ٻانهون کنجي نه بيهي! سنڌ جو هندو جو ورهان ورهيه هزارن جي انداز ۾ ڪتاب ڇپائي، سنڌيءَ ۾ واڌارو ڪندو هو. ان سان سرڪار به ٻانهن ٻيلي ڪا نه ڪئي، پر هن قوم جو پنهنجي ٻوليءَ سان پريم هو ۽ پيار هو، جنهن ڪري ڪو رسالو يا ڪتاب يا ناول نڪرندو مس هو ته هٿون هٿ کڄي ويندو هو. جيڪڏهن اسان جا ”ڳڀرو مسلمان“ نوڪرين تان آسرو لاهي، هندو نوجوانن وانگي هن علمي ڪم کي لڳي وڃن ته سنڌ کان ٻاهريان تيرهن لک سنڌي هندو به سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. سنڌ جو هندو سنڌ کان ٻاهر آهي، پر وري به هو اُتي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت کي لڳو پيو آهي، هو اڄ به سنڌ کي ياد ڪري چئي رهيو آهي ته ”سنڌي جي ساڻيهه، کهه کٿوري ڀانئيان، (شاهه) سنڌ ساڻيهه جي مِٽيءَ چَپٽيءَ کي به ڀٽائي گهوٽ، کٿوريءَ (مشڪ) کان به مٿي سمجهي رهيو آهي، سنڌي مسلمانن، لاءِ شاهه جي هن شعر ۾ ڪو سبق ڪو نه آهي ڇا! (1) سنڌي مسلمان پنهنجي وطن، سان گذريل سالن ۾ جيڪو برو برتاءُ ڪيو آهي، تنهن جو ڏنڊ ڀوڳي رهيو آهي. سنڌي، ويچارو هڪ حيرت واري باند ۾ باندي آهي. هاڻي جڏهن ڪا چٽي، ڀريندو تڏهن هن لوڙائو، مان لنگهي پار پوندو.!(2) سنڌي مسلمان کي هن وقت شاهه ڀٽائيءَ کي پنهنجو اڳواڻ بڻائي ڪم ڪرڻو آهي جنهن کان پوءِ هو وڃي ڪنهن ڏَني ڪَني لڳندو. شاهه جو ارشاد آهي: الله ايِئَن، مَ هوءِ، جِيئنَ آءٌ مَران، بَندِ ۾، جُسو زَنجيِرَن ۾ راتو ڏِينهان روءِ، پَيرينءَ وَڃان لَوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِم، ڏِينهَڙا! - واجهائي وَطَن کي، ساري ساههُ ڏِيان، هي سِرُ ساڻيهه سامُهُون، مُنهنجو نِج مِيان، مُقامِياڻي مارُوئين، وَڃِي ٿَر ٿِيان، مُيائِي جيِان، جي وڃي مَڙُهه مَلير ۾.• (مهراڻ 4– 1964ع)